تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

سچل سرمست جو پيغام

صوفي جي نظر ۾ انساني زندگيءَ جا ٻه پهلو رهيا آهن، هڪ جو واسطو ماديت سان آهي، ٻئي جو واسطو روحانيت يا اخلاقيات سان آهي. اڪثر مُلا مولوي، مُجاور پير دُنوي زندگيءَ کان لاتعلقي ڏيکاريندي سُونهاري (ڊگهي ڏاڙهي) تي هٿ ڦيريندي چوندا آهن، يار اسان کي ته الله رسول صلعم جي ڳالهه کان سواءِ ٻي ڳالهه وڻي ئي ڪانه، يا روزي نماز ڪلمي قرآن کان پري وڃون ئي ڪونه ٿا، نڪو وڃڻو ئي آهي وغيره وغيره. حقيقت ۾ ماديت ۽ روحانيت ٻنهي کي مرڪزي حيثيت مليل آهي، مذهب اسلام کي دين فطرت اُنهي ڪري چيو وڃي ٿو، جو ضرورت زماني تحت پنهنجي پاڻ ۾ سُڌاري جي گنجائش منجهس موجود آهي. حقيقت ۾ مُلن مولوين پير مجاورن جي انڌي تقليد جي ڪري ئي خواري خرابي پيدا ٿي آهي، مذهبي جهيڙا فساد وڌي وڻ ٿيا آهن، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ناحق انساني خون پيو وهي، اهڙن مُلن مولوين کي هُجري ۽ مسجد ۾ مذهب جي نالي ۾ چَھرا، مِٺا ۽ سَڻڀا طعام کائڻ مُئلن کي ختما ڏيڻ، پئسا وُصول ڪري اُنهن لاءِ بخشش جون دُعائون گهرڻ، جنت جون حُورون، غِلمان، مدرسي لاءِ چندي وٺڻ جون ڳالهيون ته ياد آهن، باقي اسلام ۾ امن امان، خدمت خلق افضل عبادت جون ڳالهيون الائي ڇو ياد ناهن! سچل سائين سان ظاهر پرست مُلن مولوين جو جهڳڙو اُنهيءَ ڪري هو، جو هو سندن مذهبي مڪارين کي بي نقاب ڪري رهيو هو، ۽ کين سمجهائيندي چيائين ٿي ته: اي مُلا مولويو، پيرؤ! اوهان پنهنجي جيئري ئي ٻيائي کي دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ سويري ئي مذهبي ڪٽرپڻي کان آجا ٿي وڃو، هندو مؤمن جا ويڇا وِساري پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃو، ڇو ته وِيَل وقت هٿ نه ايندو آهي، هندو مؤمن جي محبت ۾ ئي ڀلائي جو راز سمايل آهي، ملا! اوهان هن رمز کي سمجهو ته اول ڪم مڃڻ پوءِ اسلام، ڪُفر ئي اسلام جي آمد جو سبب بڻيو آهي، اوهان مُلا مولوي اِها حقيقت نٿا سمجهو، اهو ته محبوبن جو هڪ عام راز آهي! جيڪو نيچ کان اوچ تي ٿو آڻي، ڪُفر ۽ اسلام هڪ وڻ جي ٽاريءَ مثل آهن، محبت جي ميدان ۾ ڪُفر ۽ اسلام جو ڪو وجود ئي ڪونهي، چؤطر حق ئي حق جو آواز آهي، سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچ جو ويس ڍڪائي هن طرح بيان فرمايو آهي ته:
وَقت اِها ٿي ويل دَوئِي دُور ڪرڻ جو،
ڪَڍ مَذاهب مَن تَان، سَاجهو سَاڻ سَويل،
هِندو مؤمن سَان مِلي، مُحبت جا ڪَر مَيل،
مَتان ٿِئي اَويل، اولهه سِج نه اُلهي!
يا
اَول ڪُفر پوءِ مَڃڻ پوءِ مَنجهه اِسلام،
مُلا سمجهين ڪِينَڪِي، تُون مَحبوبن جي مَام،
ڪَھج هي ڪَلام، جيڪي ناقصئون نگيا.
سچل سائين ڏٺو ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ڏن اوڳاڙُو ٺڳ پيرن جا معتقد بنجي ويا آهن، وقت به وقت اُنهن کي دعوتون کارائين ٿا ۽ نذرانا ڏئي خوش ٿا ڪن، اِهو سڀ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي سادگيءَ جو سبب آهي، جو هُو ٺوڳي پيرن کي وڏي ڪرامت وارو سمجهي، اُنهن وٽ ڦُرجي رهيا آهن، اهڙن پيرن جي اهڙي مڪاريءَ جي ڪري، سنڌ جا غريب اٻوجهه سنڌي ماڻهو روز بروز غُربت جي گهاڻي ۾ پيڙجي تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ڦورو پير روز بروز ترقي ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو ڪو پينو، سرکٿو ڪُلهي تي رکي، سنڌ جي سرحد ٽپي، سنڌ ۾ داخل ٿي، هروڀرو به ڪنهن امام جي نسل مان ٿو سڏائي ته سوين ماڻهو سندس سلامي ٿي، سندس مريد خادم ٿي ٿا وڃن ۽ اهو جُڙتو مرشد اُنهن غريبن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ۾ پَٽي، کائي، چند مهينن ۽ چند سالن ۾ ماني مڇيءَ وارو بنجي ٿو وڃي، سندس مُريد بُکن بيمارين ۾ تباهه پيا ٿين، اهڙيءَ طرح نام نهاد مرشد سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ وڏا وڏا تونگر ۽ وڏا گادي نشين بنجي ويا ۽ سندن مريد قرضن مرضن جي ڌبڻ ۾ ڦاسي پِنڻ جهڙا ٿيندا ٿا وڃن، سنڌ ۾ اهڙن پيرن وڏي تباهي آندي آهي، اهڙا ٺڳ پير جيڪي پنهنجي گذران لاءِ غريب مريدن جا محتاج آهن، ته پوءِ ڪاني ڪرامت ڇا جي؟
اٻوجهه غريب سنڌي ماڻهن کي ڪاني ڪرامت جي دڙڪي دهمان ۾ آڻي، کين پٽي کائڻ کان اُهي پير ٻُڏي مري وڃن ته سُٺو آهي! سنڌي ماڻهو صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪن ۽ اهڙن مَڪار مُرشدن جي مڪاريءَ کي سمجهي، اُنهن وٽ نه ڦُرجن ته فريبڪارين جا اهي هيڏا سارا بُت ڊهي مِليا ميٽ ٿي وڃن. سچل سائينءَ اهڙن ٺڳ مرشدن کي لُٽيرو سڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ملڪ کي اِهي لُٽيرا لُٽي رهيا آهن، هُو اِهو نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ مَڪر وارن کان وڌيڪ مَڪر ڄاڻي ٿو، اُهي الله پاڪ سان به اَٽڪلون ٿا ڪن، هن، مُريد ڪري ماڻهو ڦُرڻ واري عمل کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته مريد ڪرڻ جو خيال نه رکو ۽ عاشق بنجي نروار ٿيو! ٻيائي ٻوڙي ختم ڪريو، مذهبي ڪٽرپڻي فِرقا پرستي ڇڏي ڏيو، مان ۽ مون واري طلسم کان بچو، جو پاڻ ڀائڻ سان انسان جي اندر جو ڏيو اهو نڪري ويندو آهي. سچل سائين پنهنجي سچ جو سَنيھو هن ريت ڏنو آهي ته:
مَڪر سان مُلڪ کي ٿا لُٽيرا لُٽين،
وَالله خَير الماڪرين، سچل نا سمجهين،
ڪَريو پِيا ڪَرين، اَٽڪلون اَلله سان!
يا
مُريد ڪَرڻ جو خيال نه رَکجانءِ عاشق ٿِج نِرالو،
دِين مَذهب ٻوڙ ٻِيائي، مَست فَرح مَنوالو،
مَان ۽ مُون جي سودي اَندر مَتان ڪَڍين ڏيوالو.
سچل حق آهي، سچل سارو سچ آهي، سچل عاشق آهي، سچل عاشقن جو اڳواڻ آهي، سچل سنڌ جو منصور آهي، سنڌ اندر صوفي سلسلي ۾ سچل سائين هڪ يگاني رُوپ وارو بزرگ آهي، هن بزرگ تعصب پرست مُلن مولوين تي جيڪي ڀرپور وار ڪيا، اهڙا وار سچل کان نه اڳ ڪنهن صوفي ڪيا، نه وري سچل کان پوءِ ڪنهن ڪيا! اهڙيءَ طرح سچل سائين بي شمار وصفن جي مالڪ هُجڻ سان گڏ وڏو وطن پرست، وڏو قوم پرست هو، سندس وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جا مثال هن کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، جو پاڻ عام مسلمانن وانگر مقدس جاين تي وڃي مرڻ جون دُعائون ڪونه گُهريون اٿس، نه وري اُتان جي ڀترن کي گهوٽي، سُرمو ڪري اکين ۾ پائڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس، هن رسول صلعم جي هن حديث ته ’حُب الوطن مِنَ الاِيمان!‘ کي نرت ۽ سُرت سان سمجهي، بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو ته منهنجو ديس سهي نموني سان درازا آهي، آءٌ نه مڪي جو رهواسي آهيان نه وري مُلتان جو ملتاني آهيان! بلڪل صاف صاف چيائين ته:
ديس سَچل دا دَرس دَرازا، نامَڪا، نا مُلتانا!
سچل سائين سنڌ جي ڪُک مان جنم ورتو هو، ديس واسيءَ کيس ڏاڍا پيارا هُئا، جيئن جسم جي ڪنهن عُضوي ۾ درد پيدا ٿيندو آهي ته سڄو جسم بيقرار ٿي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سچل سائين هر سنڌيءَ جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ٿي سمجهيو، پاڻ سنڌ واسين کي دُعائون ڪري چيائين ٿي ته هُو سدائين سَرها هُجن ۽ سدائين پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي آباد هُجن، ٻئي ڪنهن ملڪ جا محتاج نه ٿين، هن ڌرتيءَ تي ئي خوش گذارين. پاڻ سنڌين ۾ شعور ۽ سُجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مست رهيو، کين قوم پرستيءَ جون رمزون سيکاريندي چيو ته غيرت وارا انسان ٻنيون ۽ ونيون نه ڇڏيندا آهن، جوان اُن کي چئبو آهي، جيڪو ننگن ۽ دنگن تان قربان ٿئي! ٻني (ڌرتي) ۽ وني ڇڏڻ وارا انسان ديس ۽ ديسي لڄائيندا آهن! سچل سائين قومي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيندي چوي ٿو ته:
سَنگهاري سَاڻيهه شَل هُئَن سَدائِين سَرها،
وَڃن نه پرڏيهه خُوش گُذارِين اُتَھِين.
يا
هِڪ جُوءَ ٻِي جوءِ، ڇَڏين ڪِين جُوان،
اُهي ئي انسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
يا
هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، مَرد نه ڇَڏين مينڌرا،
تو پڻ پِرين پوءِ، ڪَوه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
سچل سرمست جو پيغام هر دَور ۽ هر زماني لاءِ سچ جو سنيھو سمجهيو وڃي ۽ اُهو به سمجهيو وڃي ته اُهو ڪٽر مذهبي مُلو، جنهن سچل سائينءَ جي مخالفت ڪري، مٿس ڪُفر جي فتويٰ جاري ڪئي هُئي، سو اڃا جيئرو آهي، جيڪو سچل ۽ سندس مُريدن تي ڏند پيو ڪُرٽي، اُهو پير به زنده آهي، جيڪو سچل تي ڪاوڙيو هو، سمجهجي اِهو ٿو ته جيستائين ’حجاج بن يوسف‘ جو وارث زنده هوندو، تيستائين سچل سائينءَ جو ڏنل تصور مڪمل پورو نه ٿيندو، شل خدا خير ڪري! شل مالڪ رحم ڪري!! آمين.
[روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، آچر 30 سيپٽمبر 2007ع ۾ ڇپيل]