تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

وطن جي حُب ۽ شاهه لطيف!

مهراڻ جي ماٿري پنهنجي گود ۾ باڪمال شاعرن بزرگن کي پاليو آهي، اُنهن مان شاهه عبداللطيف اِئين آهي، جيئن گُلن ۾ گلاب جو گل، پنهنجي لازوال خوشبوءِ ۾ ساري سنڌ واسجي پئي، اُنهيءَ ڪري ئي دنيا سنڌ کي چڱي طرح ڄاڻي سُڃاڻي ٿي. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ زندگيءَ جون رمزون نهايت چِٽيءَ طرح اُجاگر ٿيل آهن، جن مان وطن جي حُب جو هڪ ذري جيترو ذڪر هِت ڪجي ٿو. شاهه سائين مارئي جي زباني هينئن ٿو چئي ته:
سَهسِين سِبيا ڪَنجرِي، لوئي لِيڙُون لِيڙ،
وَاسي وَار نَه وَيڙهيَا، مُون چَڳُون رَهن چِيڙهه،
مَاروءَ جي مهاڙ ري، اَندر رَهي اُڪير،
ههڙو حَال حَمير! وَٺي شَاهه ويڙهه وَڃان!
مارئي ويچاري چوي ٿي ته مُنهنجي چولي کي سهسين ٽوپا آيل آهن ۽ منهنجي لوئي ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي، وارن کي سرهو ڪري چوٽي ٿي ڪريان ڀَل ته چَڳُن ۾ چِيڙهه رَهي ۽ وار مُنجهيل رهن. ماروئڙن جي مُنهن ڏسڻ ڌاران ٻي ڪابه سِڪ وغيره ڪانه اٿم، اي حمير سومرا! شل اهڙي حَال سان وطن ملير موٽي وڃي، پنهنجن مٺڙن ماروئڙن سان مِلان. مرشد لطيف مارئي جي رُوپ ۾ اسان جي پنهنجي ديس ۽ ديسين سان، جن سنڌ سونهاريءَ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، تن کي وڏي اُتساهه ۽ پيار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي، مطلب ته مرشد لطيف صاف صاف چيو آهي ته اوهان سنڌ ڄاوا سڀئي پنهنجي سنڌ سان مارئي واري سڪ ۽ محبت رکو، ۽ اوهان کي به اهڙيءَ طرح ڌارين کان نفرت ۽ ڌڪار ڪرڻ گهرجي، جهڙي طرح مارئي ويچاريءَ کي ڌارئي کان نقصان پُڳو، اهڙيءَ طرح اوهان کي به هر ڌارئي کان نقصان پهچندو رهيو آهي، ۽ ڀلي ڪهڙي رُوپ ۾ به اچي، پر ڌاريو، ڌاريو ئي آهي، اوهان جو استحصال ڪندو، نقصان ڏيندو، اوهان اُن مان ڪنهن به ڀلائي جي اُميد نه رکو! اوهان ڀُلجي به اُن مان ڀلائي جي اُميد رکندؤ ته دوکو ضرور کائيندؤ! سنڌي سٻاجهڙا اک کول، ڪُجهه ڌيان ڌَر!
ڌَريائِي ڌَاريَا، مِٽ مُئي جَا نَه ٿِيا!
جيڪي اصل کان ئي ڌاريا آهن، سي ڪڏهن به اوهان جا مِٽ نٿا ٿي سگهن، جي تو پنهنجن ۽ پراون ۾ فرق نه سمجهيو ته پوءِ اِها تنهنجي وڏي ڀُل چئبي، ۽ اُنهيءَ ڀُل جو نتيجو ضرور ڀوڳڻو ئي پوندو! مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
ڪَارا ڪَارايَن ۾ سَون اَسَان کي سوءِ،
وَر جَيڏين سِين جَوءِ، فَاقو فَرحت ڀَانئِيَان!
هت مرشد لطيف مارئي جي زباني وطن جي پيار جو اظهار هن ريت ٿو ڪري ته، اسان کي ڪاراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌل آهن، ۽ سون اسان لاءِ ماتم جي نشاني آهي! پنهنجي وطن ۾ هڪ جيڏين سرتين سان بُک به مون لاءِ نعمت آهي، اُنهن جي صحبت ۾ لَنگهڻ ڪاٽڻ مُون لاءِ فرحت آهي، هت مارئي جو پنهنجي وطن سان ڪيڏو نه لطيف سائين پيار ڏيکاريو آهي، جو بُکن ۽ ڏُکن ۾ به پنهنجي وطن ۾ هڪ جيڏين سان گڏ رهڻ کي تمام بهتر ٿي سمجهي، ۽ هن کي پنهنجي وطن (ملير) ۽ اُتي رهندڙ ماروئڙن کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نٿي وڻي، هر وقت سندس دل ۽ دماغ تي ملير ۽ ماروئڙن جو تصور ويٺل آهي، ۽ ڌارئي سان ڌاري هنڌ رهڻ هُن لاءِ وڏو عيب هو، ۽ ڌارين سان گڏ رهڻ کان هن کي نفرت هُئي، هو چوي ٿي ته:
سِيل ڀَڃَڻ جِي سُومرا، مُون کي مَت مَ آڇِج مِير،
ٿورين گهڻين ڏِينهَڙين وِينديَس هُت حَمير،
مَڇڻ مَنجهه مَلير، ڪَنڌ مَٿاهون نَه کَڻان!
اي سومرا حاڪم! مون کي ست ۽ مت ڀڃڻ جي صلاح نه ڏج، اي امير! مان ٿورين گهڻين ڏينهن موٽي هُت ملير وڃڻي آهيان، متان ملير ۾ مُنهن مٿي کڻي نه سگهان! مارئي ويچاري وڏن ڪوٽن ۾ بند هُجڻ جي حالت ۾ پنهنجي هِمت نه هاري، هُن کي پڪ هُئي ته هڪ ڏينهن آءٌ هن ظلم جي قيد مان ضرور آزاد ٿينديس، هر ڪنهن کي مارئي جي ڪردار مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جيئن سَيڻُ مَٽائِين سَون تي،
اَچي عُمرڪوٽ ۾ ڪَنديَس ڪَانه ڪُريت،
پَکن جِي پِريت، مَاڙين سِين نَه مَٽيَان.
مرشد لطيف مارئي جي زباني، ڪهڙو نه سُٺو سبق ڏنو آهي، ماروئڙن جو اهو دستور نه آهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ (هم وطني) بدلائي ڇڏين، مان عمر ڪوٽ ۾ اچي اهڙي ڪُڌو رويو اختيار نه ڪنديس، اَباڻن پَکن لاءِ جيڪا محبت اَٿم، سا محلن ماڙين تي نه ڇڏينديس، ماروئڙن جا جُهوپڙا مون کي ماڙين کان وڌيڪ پيارا آهن، مارُن جي محبت ۽ پنهنجي وطن سان پيار جي ڪري، مارئيءَ جو نالو روشن آهي، هن کي پنهنجي وطن ملير ۽ ماروئڙن سان اُتساهه ۽ پيار هو، هُو چوي ٿي ته:
وَاجَهائي وَطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
گَور مُنهِنجي سُومرا، ڪَج پَنهوارَن پَاس،
مُيائِي جِياس، جَي وَڃي مَڙهه مَلِير ڏي.
عُمر، مارئيءَ کي سخت اَهنج ايذاءُ ڏيڻ لڳو، پر مارئي ٿر ڄائي، عمر جي ڪنهن به دڙڪي دهمان، لالچ لوڀ ۾ نه آئي، رات ڏينهن پنهنجي وطن ملير کي ياد ڪري پئي رُئندي رَڙندي هُئي، آخر مجبور ٿي، عمر بادشاهه مارئيءَ جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري کيس آزاد ڪيو، جنهن سان ٿري ماروئڙن جو ڳاٽ اُوچو ٿي ويو، مرشد لطيف مارئيءَ جي عظمت بيان ڪندي فرمايو آهي ته:
ڀَلي ڄَائي مَارئي، جَنهن مَارُو مَلهَايَا،
سُتي سَامَائِي، جَنهن ٻَڌا مَوڙ مَلير کي.

[روزاني جاڳو ڪراچي، تاريخ 29 جولاءِ 1978ع ۾ ڇپيل]