تصوف

شاهه ۽ سچل جا سنيها

سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.

Title Cover of book Shah & Sachal ja Saneha

شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت پچار!

مهراڻ جي ماٿري قديم دَور کان وٺي، علم ادب جو سرسبز مرڪز پئي رهي آهي، هن ڀلاري ڀُونءِ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن پوري دنيا لاءِ اَمن، پيار، محبت، غيرت، شرافت، صداقت، عزت، آزادي ۽ انسانيت جو پيغام پئي ڏنو آهي، اُنهن حق پرست بزرگن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي. شاهه سائينءَ جو سارو ڪلام معاشري کي معياري بنائڻ ۽ انسانن کي انسانيت واري ناتي نڀائڻ وارن سهڻن سخنن سان ڀريو پيو آهي، سندس روحاني ۽ اخلاقي قدرن جو ڏنل پيغام ڪِن خاص ماڻهن لاءِ نه پر ڪُل ڪائنات جي ڪُل مخلوق لاءِ برابر درس جو درجو رکي ٿو. شاهه سائين اهل سنڌ کي ذات، پات، اُوچ، نيچ، نسلي مت ڀيد ۽ مذهبي ڪٽرپڻي مان آزاد ٿي، مٿانهين سوچ سوچڻ ۽ عالمي برادريءَ سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي زندگي گذارڻ جو سبق ڏنو آهي، هن هر دَور جي جديد ايجاد کي خدا تعاليٰ کان هڪ نئون پيغام آيل ٿي سمجهيو ۽ اُن جي حاصل ٿيڻ کي مالڪ وٽان مليل ڏات ٿي سمجهيو، اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪنهن به ذات بات جي قيد يا پابنديءَ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، بس مالڪ مهربان جي حُضور ۾ اچڻ سان اَگهامڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
راڻي وَٽان رَات، مُون کي نَئُون نِياپو آيو،
لَڌي سُون لطيف چَئي ڪَنان ڏَاتر ڏَات،
ڪو نه پُڇي ٿو ذَات، جي آيا سي اَگهيا.
جيڪڏهن عالمي برادريءَ واري تخيل کي حقيقت واري رُوپ ۾ ڏِسڻو آهي ته اُهو نُسخو شاهه سائينءَ جي بيتن مان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، نه ڪنهن ٻي هنڌ! شاهه سائين جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، اکين اڳيان نمايان نظر پيو اچي، جنهن ۾ موهن جو دڙو به نظر پيو اچي، موهن جي دڙي جون ناچڻيون ۽ موهن جي دڙي جا بُت به نظر اچي رهيا آهن. مرشد لطيف جي شاعريءَ تي نظر ٿا ڪريون ته اُن ۾ اسان کي هندو به نظر اچي ٿو، مسلمان به نظر اچي ٿو، ڀورو به نظر اچي ٿو، ته ڪارو به نظر اچي ٿو، وڏو به نظر اچي ٿو ته ننڍو به نظر اچي ٿو، مسجد به نظر اچي ٿي ته مندر به نظر اچي ٿو، مندر مان گهنڊ گهڙيال جو آواز پيو اچي، ٻئي طرف مسجد مان الله اڪبر جي صدا جو آواز، ٻئي هڪ ئي وقت پيا ٻُڌجن، سبحان الله چَوطرف تُون ئي تُون آهين! هڪ ڀيري شيڪسپيئر چيو هو ته: ”اي انگلستان! آءٌ تنهنجي غدان سان به پيار ڪريان ٿو!“ اڪثر ڏٺو ويندو ته غدار هميشه وڏا ماڻهو ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، جن جي غداري سان قومن کي غلاميءَ جا ڳرا ڳٽ ڀوڳڻا پوندا آهن ۽ قومون تباهه برباد ٿي وينديون آهن. شيڪسپيئر اُنهن وڏن ماڻهن سان محبت جي هام هنئين آهي، پر اسان جي جڳ مشهور شاعر ڀٽائي گهوٽ ’جيھا سي تيھا مارو مُون مڃيا!‘ چئي، پنهنجن اَڀرن سَڀرن غريبن کي ناهي ڇڏيو، اُهي اَڀرا سَڀرا سڀئي غريب پورهيت طبقي جا ماڻهو ٿيندا آهن، جن ۾ ڪوري، واڍو، لوهار، ڪنڀار، مهاڻا، سونارا، اوڏ ۽ هاري ناري اچي وڃن ٿا. شاهه سائين اُنهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي کين امر بڻائي ڇڏيو آهي، سندس بيتن پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ وطن جا سچا سپاهي سنڌي ماڻهن جا وفادار ۽ انسان ذات جا هڏ ڏوکي هُئا، هن بزرگ هستيءَ جو جنم 1689ع ڌاري هالا حويليءَ ۾ ٿيو، اُن وقت سنڌي حاڪم ڪلهوڙا ذهني توڙي جسماني طرح هندوستان جي مغل حڪمرانن جا غلام هئا، شاهه سائين غلام ڌرتيءَ تي هڪ غلام جي حيثيت سان جنم ورتو هو، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن تازو پنهنجي پيءُ کي هٿ ڪڙيون پارائي جيل موڪليو هو، ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شڪوه، ننڍن ڀائرن مراد، ڪامران ۽ حضرت صوفي سرمد کي شهيد ڪرائي ٺهي ٺڪي حڪومت تي قبضو ڪيو هو، شاهه سائين، جيڪو ڄمندي ڄام هو، جو شايد ڄمڻ وقت ئي اُوئان اُوئان جو آواز ڪري، اُن ڪري ٿي رُنو، جو هُن کي ديس ۽ ديسي ماڻهن جي غلاميءَ جو احساس ٿيو هو، جو ڄمڻ وقت ئي دانهون ڪري روئي پنهنجي ڏک جو اظهار ٿي ڪيائين. شاهه سائين اُنهن عاشقن ۽ اُنهن صوفين هيئن فرمايو آهي ته:
سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻُ،
ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ، هُونئين وَتن هَلندا.
آءٌ هاڻ اچان ٿو هن مضمون جي اصل موضوع ’شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت پچار‘ تي! ڏٺو ويندو ته پورهيت طبقي جي ماڻهن جو تعداد وڏن ماڻهن جي طبقي کان گهڻو رهيو آهي، اُنهن گهڻائي وارن پورهيت ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ اُنهن مُٺ جيترن وڏن ماڻهن جو ڦاهو پيل آهي، جن کي جاگيردار، ڀوتار، رئيس وڏيرا، زميندار، سردار، پير، مير ۽ ٻيو الائي ڪهڙن ڪهڙن نالن ۽ لقبن سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪي حقيقت ۾ سڀ جا سڀ مُفت خور، حرام خور، زيان خور، ظالم ۽ وحشي درندن سميت سڀ ڪُجهه آهن، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن جي مٿان رُڳو هينئر ناهن، اهي چَٽيون هزارين سالن کان هلنديون پيون اچن، ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي سڄي تاريخ گهڻي ڀاڱي اُنهن رت پياڪ چورن جي تاريخ آهي، جو اُنهن چند مفت خور ماڻهن جي نڪ نرڄائي، بي حيائي، بي شرمائي، خود غرضي، بزدلي، غداري، مڪاري، فنڪاري ۽ نااهليءَ جي ڪري ئي سنڌ مٿان جڳ جهان جا رولاڪ، ڀڳوڙا، ڦورو، لوفر، لُٽيرا ۽ ٺڳ لامارا ڏئي، سنڌين کي پَٽيندا کائيندا رهن ٿا، سنڌ جي پورهيت طبقي جا اصل دشمن اُهي وڏا ماڻهو آهن، جيڪي سدائين ڌارين ڌاڙيلن سان مِلي، پنهنجن جو رت چُوسيندا رهندا آهن ۽ ماريندا ڪُٽيندا ڪمزور ڪندا رهندا آهن. شاهه سائينءَ جي زماني ۾ به سنڌ جا پورهيت هاري ناري ڦُرلٽ جو شڪار هُئا، اڄ وانگر هر وڏي ماڻهو، پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ پئي گُهريا، اُنهي لاءِ پورهيت غريب ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي مارائي ڌارين جي دلالي ڪري، سندن حق غضب ڪري، کين انگ اگهاڙو، پيٽ بُکيو، قرضن ۽ مرضن ۾ مجبور ۽ لاچار ڪيو ويو هو، غريب سنڌي ماڻهن جي اهڙي ڏکوئيندڙ حالت تي شاهه سائينءَ کي ماٺ ڪري ويهڻ نه آيو ۽ ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال هٿ ۾ کڻي نڪري پيو، مصبيت ۾ گهيريل طبقي کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ناصحانن نُڪتن سان اِشارن اِشارن ۾ سمجهائڻ شروع ڪيائين، کين پنهنجن حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي واٽ ڏيکاريندي چيو ته، اي ڏکي! ايترا سارا مينهن پيا آهن ۽ پوءِ به تو وٽ ڏڪار ڇو لڳو پيو آهي؟ اي پورهيت! سُڪار تنهنجن پورهيت هٿن ۾ ته آهي، اِهي هٿ تنهنجي وس ۾ آهن، غفلت ڇڏي هِمت ڪري پورهيو ڪر ته ڏُڪار کان بچي سگهين، تُنهنجا هٿ ته سون پيدا ڪري سگهن ٿا، ته پوءِ تون مجبور ڇو ٿيو آهين؟ اُٿي همت ڪر! شاهه سائين پورهيت سان هن طرح مخاطب ٿيو آهي ته:
ڏُکي توءِ ڏُڪار، توڙي وَسَن مِينهَڙا،
پورهيئي هَٿ سُڪار، تو وَس آهن هٿڙا!
1. ڪوري:
شاهه سائين ڪيڏي نه پيار ۽ پاٻوهه سان، اسان کي فڪر ۽ عمل جي دعوت ڏيندي، وڏي واڪ فرمائي ٿو ته اچو اچو، هلو هلو! مُرشد سائين ڪيڏانهن؟ ڪورين ڏانهن! قبلا سائين ڇا لاءِ؟ پيار ۽ محبت جي ونڊ وٺڻ لاءِ، جو اُهي ئي نِينهن جا نمائندا آهن، سارو ڏينهن ٽٽل تندون وَر وَر ڏئي پيا ڳنڍين، سندن اها ڳنڍ ڳنڍان واري جُستجو ڏاڍي سُٺي آهي، ڇِنڻ واري مَنجهن ڳالهه ئي ڪانهي، سندن هن عمل ۾ وڏو راز ڀلائي آهي! مرشد لطيف ڪوري پورهيتن کي محبت ۽ دلي لڳاءُ سان پورهئي ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته محبت سان ڪيل ڪم ۾ ڪا اُوڻائي ٿئي ٿي ته محبت جي صدقي ئي اجائي سجائي ٿيو پوي، پر محبت کان خالي ٻيائيءَ سان ڪيل ڪم، جنهن ۾ ٺاهه ٺوهه چمڪ ڌمڪ گهڻي آهي، پوءِ اُهو ڪم محبت سان ڪيل ناهي ته اهو ڪم نٿو اَگهامي ۽ بيڪار ٿيو پوي. انهيءَ لاءِ مرشد لطيف پنهنجي روشن خياليءَ جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
هَلو هَلو ڪَوريين، نَازڪ جِنين جو نِينهن.
ڳَنڍِين سارو ڏِينهن، ڇِنَڻ مُور نَه سِکيا!
يا
مُحبت پَائي مَن ۾، رَنڍا رَوڙيا جِن،
تِن جو صَرافَن، اَڻ تَوريو ئِي اَگهائيو.
يا
چَائِت پَائي چت ۾، سَنهون ڪَتيو جِن،
تِن جو صَرافن، دُڪو ئي دَاخل نَه ڪَيو.
شاهه سائين ءَجي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دراني، سنڌ ملڪ تي حملو ڪري تباهي مچائيندي، وونئڻن جو فصل تباهه ڪري ڇڏيو، شهرن کي باهيون ڏئي بازاريون ساڙي ويران ڪيون، جن ۾ ڪَتڻ جا اڏا به تباهه ٿيا ۽ ڪتڻ واريون بيروزگار بنجي ويون هُيون، شاهه سائين پورهيت ماڻهن جون تباهه ڪاريون ڏسي، پنهنجي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته:
نَه سي وونئڻ وَڻن ۾، نَه سي ڪَاتَارِيُون،
پَسِئو بَازاريُون، هِينئڙو مُون لُوڻ ٿِئي.
2. پورهيت واڍو ۽ مهاڻو:
شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ واڍي ۽ مهاڻي کي نه وساريو، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته، ٻيڙي وچ درياهه ۾ اچي لوڏا لَما پئي ٿي کائي، پوءِ ٻُڏي يا تري، واڍي جيڪي نپ نپن ۾ ملائي چيڙيون چاڙهيون هُيون، سي گهڻو وقت پاڻيءَ ۾ رهڻ جي ڪري ڳري سڙي ويون آهن، ملاح (مهاڻا) پنهنجين اڳين جاين تي ڪونهي، يعني جيئن اڳ ۾ مضبوط ۽ چوڪس هُئا، هاڻ ائين ڪونهي رهيا، سندن پاليسيون ڦلهڙيون ٿي ويون آهن، اُنهيءَ ڪري ئي ٻيڙي کي ڦرنگي (ڌاريا) گهيرو ڪري ويا آهن. اي ملاح! تُنهنجي ٻيڙي تي چور اچي چڙهيا آهن، اي منهنجا مالڪ! اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري وڏاوڏا ٻيڙا به ٻُڏي ويندا آهن، اهڙين حالتن ۾ تنهنجي ٻاجهه ۽ رحم جي ضرورت آهي، شاهه سائينءَ جو هي اشارو مُلڪ سنڌ جي حاڪم ڏانهن آهي، جنهن ۾ سندس پاليسيون به اچي وڃن ٿيون، شاهه سائين سنڌ کي هڪ ٻيڙي سان مشابهت ڏني آهي ۽ وقت جي بادشاهه کي مير ملاح سان مشابهت ڏني اٿس، ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اي ملاح! توکي هي ڳالهيون زيب نٿيون ڏين، جو تُون پنهنجي ٻيڙي (سنڌ ملڪ) لاءِ ڪجهه نٿو سوچين، رُڳو غفلت ۽ لالچ ۾ اچي، هن ٻيڙيءَ ۾ رهڻ جي باوجود به سِر ٽڪيو سُتو پيو آهين، ڇا هن ٻيڙيءَ کي ڪجهه ٿيو ته تُون بچي سگهندين؟ سنڌ جون سرحدون محفوظ نه رهيون آهن، اُتي ڌارين جو مانڌاڻ متل آهي، انهي صورتحال ۾ مرشد لطيف سجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو آهي ته:
دَنگِي مَنجهه درياهه، ڪِين ٻُڏي، ڪِين اُپڙي
هو جي واڍي واڻيا، سي سوهَڻ سَڀ سَريا،
مُعلم مَاڳ نه اڳهين، فرنگي مَنجهه ڦِريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تني تاري تنهنجي!
يا
بَندر جَان ڀَئي تان، سُکاڻيا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُن ڪَري، جيئن مَاٽي مَنجهه مَھي،
ايڏو سُور سَھي، نِنڊ نَه ڪَجي نَاکُئا!
3. پورهيت لوهار:
شاهه سائين لوهار جهڙي سخت جان پورهيت کي ته خاص ياد فرمايو آهي، هن جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته باهه جي سختيءَ سان ڪُٽ پگهرجي ٿو ۽ لوهه ڄڻ ٻرڻ شروع ڪيو ڏئي، اُن لوهه مٿان لوهارن جي مُترڪن جي ڌڪن جي مار ماران هوندي آهي، اُن وقت اهڙو منظر هوندو آهي، ڄڻ مُترڪا ٿڪجيو ٿا پون ۽ سانداڻيون تيز هلي هلي سهڪيو ٿيون پون، اُن وقت آڳڙين (توهان) جو مچ مٿان ميڙو متل هوندو آهي ۽ وڌيڪ فرمائي ٿو ته، جيئن لوهار لوهه مان ڪَڙا ڪُنڍا ٺاهي، هڪ ٻئي سان ملائي قابو ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح منهنجي سڄڻ، منهنجي ساهه کي پنهنجي ساهه سان ملائي سوگهو کڻي ڪيو آهي. شاهه سائين پورهيت لوهار کي پنهنجي بيتن ۾ ياد فرمائي، هُن کي امر بڻايو آهي ته:
ڪَٽ ڪَڙهي لوهه ٻَري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مُترڪن مُنهن ڪڍيو، جِت سَانداڻيون سَهڪن،
اَڄ پڻ آڱرين، ميڙو آهي مَچ تي!
يا
ڪَڙو مَنجهه ڪَڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
تيئن منهنجو جيءُ جَڙي سُپيريان سوگهو ڪَيو!
4. پورهيت سونارو:
سچ ۽ ڪُوڙ (سون ۽ روپي) کي سُڃاڻڻ جو ڪهڙو قدر هوندو؟ شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
جي صَرافن لَڏيو ته تُون به لڏسون،
قَدر ڪَندئي ڪونه، ٽيئي گڏيندئي گڏون سان،
يا
قَدردان ڪَم ٿِيا، کُٽا خريدار،
سون، رُوپي جي، سَالڪ لَھن نَه سَار،
جي لوهه ڪُٽين لوهار، تِن ڪهڙو قدر سون جو.

5. پورهيت ڪنڀار:
شاهه سائين مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاهيندڙ ڪنڀار کي پنهنجن بيتن ۾ آڻي خاص اهميت ڏني آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس اي عاشق! تون پنهنجي عشق کي ڪنڀار جي آويءَ جي نِهائين وانگر پوشيده رک، ڇو ته جيئن باهه جي تَئو گهٽجڻ سان ٿانوَ سُٺا نه پچندا آهن ۽ ڪچا رهجي ويندا آهن! تون اِئين ڪر، جيئن ڪنڀار باهه کي ڍڪيندو آهي ته جيئن ٿانوَ سُٺا پچي راس ٿين، تُون عشق ڪرڻ نِهائين کان سِک، جو ڏينهن جا ڏينهن پئي ٿي سڙي، پر ٻاڦ ٻاهر ڪا نه ٿي ڪڍي ۽ ٿانوَ سُٺا پچي راس ٿا ٿين، تُون به پنهنجي عشق جي باهه کي نِهائين وانگر سيني ۾ سانڍي رک، جي ٻاهر ٻاڦ ڪڍيئي ته تُون عشق ۾ ڪچو رهجي ويندين. ڏسو ته شاهه سائينءَ جي جادو بياني سان ڪيئن نه عام فهم وارا الفاظ معنيٰ جي معراج تي وڃي پهتا آهن:
نِهَائِين کان نِينهن، سِک مُنهِنجا سُپرين،
سَڙي سَارو ڏِينهن، ٻَاهر ٻَاف نَه نِڪري.
يا
نِينهن نِهائين جِيئن، ڍَڪيو ڪَوهه نه ڍَڪين،
جِن چهڙي ڇڏي، رَڇ پَچندا ڪِيئن،
تُون پڻ ڪَريج تِيئن، جيئن ڪُنڀار ڪَن ڪَم سِين.
6. پورهيت اوڏ:
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ! ڪٿي به زمين کوٽبي آهي، ته اُتان ننڍا ننڍا ڪوڏ نڪرندا آهن، جيڪي مٽيءَ سان مليل هوندا آهن، اوڏ به سڄو ڏينهن مٽيءَ جي ڪم ۾ رُڌل رهندا آهن، مٽيءَ کان جُدا ٿين ئي ڪونه، ان ڪري ئي هي چوڻي ايجاد ٿي ته ’اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!‘ جيئن ڪوڏ مٽيءَ سان مليل هوندا آهن، مٽيءَ جي ڪم سان محبت ڪندڙ اوڏن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته، پورهيت اوڏن کي ڇنل ڇڄ هٿن ۾ آهن ۽ ڪُلهن تي ڪوڏر اٿن ۽ اُنهن جي پورهئي سان اهڙو پيار آهي، جو سوير ئي اُٿي، پنهنجي مٽيءَ جي ڌنڌي سان لڳي وڃن ٿا، لاکا! اهڙا عظيم پورهيت، جيڪي ٻين کي اڏي ڏيڻ لاءِ هيٺيان، هِتان! هُتان هت لڏو ٻڌيو وتن، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي! اهڙيءَ طرح پنهنجي لاءِ ڪو خاص اَجهو ڪونه اٿن، ڪٿي ڪٿي ڪي نِشانيون پيون ڏسجن. شاهه سائين سندن محنت ۽ عظمت جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
ڇِنل ڇَڄ هَٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،
پورهيئي ڪارڻ پيٽ جي، اُٿين سَوارا،
اوڏ به ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو.
يا
اَڏي اَڏي اوڏ، ڇَڏي وِيا ڀيڻيُون،
ڪوڏار ۽ ڪوٽ، پيا آهن پَٽ تي!
7. پورهيت هاري:
شاهه سائينءَ جي زماني ۾ سنڌ جا پورهيت هاري هينئر وانگر ڦُرلٽ جو شڪار هُئا، ڌارين ۽ ميرن پيرن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري، پنهنجو طرفدار بنائي رکيو هو، غريب هاري طبقو بلڪل هينئر وانگر حاڪم طبقي جي عذاب ۾ پيڙجي رهيو هو، اصل ’بيداد نگري، چرٻٽ راجا!‘ وارو مثال هو، فرق رُڳو اِهو آهي، جو شاهه سائينءَ جي زماني ۾ قديم وڏيرو هو، هينئر جديد وڏيرو آهي، پر ڪم ٻنهيءَ جو ساڳيو غريب هارين کي انگ اگهاڙو، پيٽ بُکيو، قرضن ۽ مرضن ۾ مبتلا ڪري مارڻ جو، ٻيو ٿيو خير، اُن ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ڀٽائي گهوٽ پورهيت هارين جي حقن جي ڳالهه سان گڏ، سندن خوشحاليءَ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ته: اڄ اتر طرف تاڙي تنوارڻ شروع ڪيو آهي، ۽ هارين هَر سنڀايا آهن ۽ مالوند ماڻهو ڏاڍا خوش ٿا ڏسجن، منهنجي حقيقي مالڪ، جُهڙ ڪري ڄڻ آسمان کي مينهن پوڻ جو لباس پهرايو آهي، ۽ برسات کان پوءِ خوشحاليءَ جا منظر روشن ٿيا آهن، جو غريبن جي جُهوپڙين مان ولوڙي جا آواز پيا اچن، غريب عورتن جي هٿن ۾ مَکڻ جا چاڻا آهن ۽ کير جا ساڙها آهن، مال پڻ خوش ٿو ڏسجي، ٻايون توڙي ٻانهيون، پنهنجن پکن ۾ پيون ٻَھڪن. شاهه سائين سنڌ جي خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ ڌڻي در هٿ کڻي دعا گهرڻ سان گڏ، ساري جھان ۽ سڄي سنسار لاءِ دُعائون گهريون آهن:
اَڄ پُڻ اُتر پَار ڏي، تَاڙي ڪَئي تَنوار،
هَارين هَر سَنڀايا، سَرها ٿِيا سَنگهار،
اَڄ پُڻ مُنهنجي يَار، وَسڻ جَا ويس ڪَيا.
يا
بَر وُٺا ٿَر وُٺا، وُٺيون تَرائِيُون،
پِرهه جو پَٽن تي، ڪَن وِلوڙا وَايُون،
مَکڻ ڀَرين هَٿڙا، سَنگهاريُون سَايُون،
ٻَانهيون ۽ ٻَايون، پکي سُونهن پَانهنجي.
يا
سَائينم سَدائين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.

[روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 22 فيبروري 2008ع ۾ ڇپيو]