لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جي خوشبو!
تو ۾ آهيان مان، مُون ۾ آهين تُون!
يعني پاڻ ٻئي هڪ آهيون، جو چيو، صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جو چئي، امن امان جي ڳالهه ڪئي، ٺلهن اکرن اُچارڻ بدران اندر اُجارڻ جو چيو، سڄڻ ۽ ساڻيهه کي وِسارڻ واري کي اڻاسو چيو، ’هلو هلو! ڪَورين، جِت نِپجي نِينهن!‘ چئي، محبت جي تلاش جو لاءِ چيو، ’رنڍاروڙڻ ۽ چرخي چورڻ‘ جو چيو، لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ لاءِ سِر گهورڻ جو چيو، اهڙن عظيم بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف جي عظمت هڪ حقيقت آهي. سنڌ جي ادبي تاج جي لاثاني گوهر جو جنم 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي، هالا ويجهو ڀئين پور هالا حويليءَ ۾ ٿيو. سندس شروعاتي پالنا، سندس والد بزرگ شاهه حبيب جي دست شفقت سان ٿي، عام ماڻهن جي اِها راءِ آهي ته شاهه سائين ڪنهن وٽ به ظاهري تعليم ڪانه ورتي هُئي، پر پوءِ به سڀني عِلمن ۽ فنن جو وڏو ڄاڻو هو، کيس دُنوي علمن تي قدرت حاصل هئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سندس واضح لفظن ۾ هي گواهي آهي ته:
سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻُ،
ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ، هُونئين وَتن هَلندا.
هِن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس علم جي عنايت خود خدا کان ٿي هُئي، جنهن کي ڄمندي ڄام چئبو آهي. شاهه سائينءَ جو رسالو ٽيٽيهن سُرن تي مشتمل آهي، سندس هر هڪ سُر ۾ مضمون جي لحاظ کان ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، سندس هر هڪ سُر، هر هڪ سر جي هر هڪ سِٽ، بلڪه هر هڪ حرف ۾ وڏي معنيٰ جا موتي مِلندا، شاهه سائين جون سَت سُورميون آهن، جن ۾ هن پنهنجي شخصيت پلٽي پڌري ڪئي آهي. هُو وڏو شاعر، وڏو محبتي ۽ وڏو عاشق هو، سندس سُورمين جي سَتن سُرن ۾ خاص طرح عشق ۽ محبت جي سڀاءَ جا جام ڇُلڪندي نظر ايندا، آءٌ هتي اُنهن سبق آموز عشق محبت جي ڪردارن متعلق وت ۽ وس آهر مختصر عرض ڪندس. شاهه سائين پنهنجين سُورمين کان اهو ثابت ڪرايو آهي ته، عشق محبت کي ڏِسڻ ۽ پرکڻ لاءِ، اُن دُوربينيءَ جي درڪار ٿي پوي، جيڪا انساني ڳوڙهن جي ٺهيل هُجي، ڇو ته انساني اکين جو آب ئي آهي، جيڪو انسان کي عشق ۽ محبت جي رنگين اِنڊلٺ ڏيکاري ٿو! جنهن زمين جي انساني ڳوڙهن سان آبياري ٿئي ٿي، اُن مان سچ جا سُٺا سَلا اُڀري سگهن ٿا، حقيقت ۾ اُهي ڏک ئي آهن، جيڪي سُکن جو سير ٿا ڪرائين، عشق ۽ محبت جي راهه ۾ ڏُک ڏِسڻا ٿا پون، ڏُکن ڏسڻ کان سواءِ عشق محبت جو معراج نٿو ٿي سگهي، جهڙيءَ طرح سونارو سون جي سچائي کي پرکڻ لاءِ کيس باهه ۾ وِجهندو آهي، تهڙيءَ طرح عاشق کي به محبت لاءِ ڏکن مان گذرڻو ٿو پوي، ڏک ئي سُکن جي سُونهن آهن، ڏُکن کان سواءِ سُک بيڪار آهن. شاهه سائين عشق محبت وارن کي ٻُڌائي ٿو ته، اوهان کي محبتي هجڻ جي آزمائش لاءِ ڏکن عذابن جي آگ مان گذرڻو پوندو! اُن لاءِ شاهه سائين پنهنجي دل جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
ڏُک سُکَن جِي سُونهن، گهوريا سُک ڏُکن ري!
يا
جي تُون ڪَالهه مُئي، تَه ڪَالهه ئي گڏي پرينءَ کي،
ڪَڏهن ڪَا سُئي ته ڪَا سِگهي گَڏي سَڄڻين!
اهڙيءَ طرح شاهه سائين عشق محبت ڪندڙن کي، عشق محبت جي راهه ۾ ڏکن سُورن جي آگاهي ڏيڻ کانپوءِ کين اڳواٽ تيار ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي. چوي ٿو ته، عشق محبت ڪا ٻاراڻي راند ڪانه آهي، سِر جو سانگو لاهي سِسيءَ کي نيزي تي چاڙهڻ جو چيو آهي، عِشق جي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پوڻ جو چيو آهي، عِشق کي نانگ جي ڏَنگجڻ سان مُشابهت ڏني اٿس، ۽ اها خبر عشق جي نانگ کاڌل کان وٺڻ جو چيو اٿس، پاڻ عشق جي ڏنگيل جي حيثيت سان عشق محبت وارن سان هن طرح سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته:
عِشق نَه آهي رَاند، جِيئن کيڏنس ڳَڀرُو،
سِسي نيزي پَاند، اُڇل تَه اَڌ ٿِئي!
يا
محبت جي مَيدان ۾ ڪُڏي پَئو ڪَاهي،
ڇَڏيون سَانگو سَاهه جو، لاهوتي لاهي،
عِشق آهي نانگ، خَبر کَاڌن کان پَوي.
شاهه سائينءَ جي نظر ۾ محبت جو درجو نهايت بُلند آهي، اُن جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻي ڪابه شيءِ برابري ڪري نٿي سگهي. هن دنيا جون سڀ شيون محبت جي سھاري هيٺ تِڳن ٿيون، سڀني شين جي پشت پناهي محبت ئي ڪري ٿي، محبت جي طفيل ئي زمين ۽ آسمان قائم آهي، سج چنڊ تارا محبت جي ڪري ئي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي بيٺا آهن، محبت جي ڪري ئي هي ڪائنات قائم ٿي! محبت هڪ نادر شيءِ ۽ هڪ بي بھا جوهر آهي، محبت هڪ پاڪ جذبو آهي، جوهر نفس جي دِل ۾ خدا جي خاص وديعت آهي، محبت فراخ دليءَ ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت آهي، آسمان کان زمين ڏي ايندڙ سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شيءِ آهي، محبت جي شاهراه کي ئي صراط مستقيم چئجي ٿو، محبت روح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخيل جو سبب آهي، هن ساري دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ئي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه نٿو گُهري، رُڳو محبت محبت پيو ٿو چوي! ڪهڙي نه افسوس جي ڳالهه چئجي، جو اهڙي پاڪيزه ۽ لُطف اندوز شيءِ کان انسان غافل رهي ٿو، جڏهن ته عجب اهو آهي ته محبت جو چشمو سندس ئي اندر ۾ موجود آهي! انهيءَ چشمي تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن ڪشالي ڪڍڻ جي ضرورت نه آهي، نه ڪنهن وڏي محنت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا قلب جي اندر آهي، اُن کي روشن رکڻو آهي. شاهه سائين پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿيندي کيس چوي ٿو ته، اي منهنجا محبوب! تُون منهنجي اکين ۾ اَچي ويهه، ته آءُ توکي اکيون ٻُوٽي بند ڪري توکي لِڪائي ڇڏيان ته جيئن تو کي ڏيهه وارا نه ڏِسن، نه وري آءٌ تو کان سواءِ وري ڪنهن ٻئي کي ڏِسي سگهان! ٻئي هنڌ وري چوي ٿو ته: منهنجا محبوب تو جيئن اڳ ۾ اکيون اکين ۾ مِلائي گهوري نهاريو هو، جيئن اکيون اکين ۾ کُپي ويون هُيون، تيئن وري به اکيون اکين ۾ ملائي ۽ اها اکين مِلائڻ جي عادت نرڙ تائين نڀاءِ! مون ۾ ته گهڻائي عيب آهن پر تو ۾ ته ڪو عيب ئي ڪونهي! شاهه سائين پنهنجن محبت وارن لفظن کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان محبت جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
اَکين ۾ ٿي ويهه، تَه واري ڇپر ڍَڪيان،
توکي ڏِسي نَه ڏَيهه، آءٌ نه پَسان ڪِي ٻِيو!
يا
جيئن کوڙي کنيون هئي، تيئن وري به کوڙ
اها عادت اکين، نيئي نڀائج توڙ
مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف نه ڀانيان هڪڙو.
شاهه سائين عشق ۽ محبت جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن، هڪڙو مجازي عشق ۽ ٻيو حقيقي عشق، جيڪو خدا جي طالبن جو عشق آهي، ظاهري طرح مجازي عشق کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اُها عشق جي پهرين منزل آهي، المجاز قنطره الحقيقت عشق ٻئي ڀلا آهن، پر شرط اُهو آهي ته اُنهن ۾ ڪابه لالچ نه هجي، محبت محض محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي، سِر ڏي سِر وٺ سودو سرو بدر هجي! انهيءَ لاءِ ته اُن جي ابدي فضا ۾ مالڪ حقيقيءَ جي محبت جو نغمو ڪڏهن خاموش ٿي نه وڃي، اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي محبت ٿي سگهي ٿي. تنگ دل انسان محبت نٿو ڪري سگهي، محبت بُلند ترين انساني صِفت آهي، جنهن ۾ جانثاري ۽ نفس جي قربانيءَ جي ضرورت هوندي آهي، پر جيڪڏهن محبت مان مراد ڪنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ جي لوڀ لالچ آهي ته پوءِ اُن کان وڌيڪ ذليل شيءِ ٻي ڪانه آهي، بس اِهو ئي سچي محبت ۽ ڪُوڙي محبت ۾ فرق آهي، سچي محبت ۾ ڪابه لالچ وغيره نه هوندي آهي. سسئي عشق ۽ محبت جي جدوجهد جو بُلند ڪردار آهي، پُنهل جي پُٺيان جبل جهاڳيندي، حال کان بي حال ٿي ڪري مري رهي هُئي ۽ عزرائيل سندس ساهه وٺڻ لاءِ پهتو ته هڪدم سُرت ۾ اچي وئي، سمجهيائين ته پُنهل ماڻهو موڪليو آهي، سو عزرائيل کان پُڇيائين ته ڇا تو کي پُنهل موڪليو آهي؟ شاهه سائين انهي ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
اَچي عِزرائيل، سُتي جَاڳَائي سَسئِي،
ٿِي ڊوڙائي دَلِيل، تَه پُنهون ماڻهو موڪليو.
هن دنيا ۾ عجيب و غريب رنگ به رنگي گوناگون خوبصورتي ۽ ڪشش نظر ايندي، جنهن کي ڏسي، انسان خود به خود اُن طرف مائل ٿي وڃي ٿو، اهو انهيءَ ڪري جو، هي ڪائنات ۽ انسان کي ٺاهڻ وارو هڪ ئي آهي، انهيءَ ڪري ئي اُنهن ٻنهي شين جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق آهي، اُنهيءَ خالق دنيا ۽ انسان ۾ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي، انهيءَ محبت جي صدقي ئي دنيا قائم آهي، دنيا ۽ انسان جي ٺاهڻ وارو خود هڪ مجسمه محبت آهي، انسان انهيءَ خالق مالڪ جو هن دنيا ۾ نائب ٿي آيل آهي، تنهن ڪري پنهنجي خالق جي صفت اُن ۾ پڻ موجود آهي. الله تعاليٰ خود محبت آهي ۽ پنهنجي دنيا ۾ محبت ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو، انساني محبت جو حامل ٿي ڪري، محبت ڀري دنيا جي طرف ڇِڪجي وڃي ٿو!
سنڌ جو ناليوارو حاڪم ڄام تماچي، نُوريءَ جي صورن ۽ سِيرت تي موهجي پيو ۽ سندس محبت ۾ اچي ساڻس شادي ڪري کيس پَٽ راڻيءَ بنائي ٿو ۽ هر وقت ساڻس گڏ ٿو رهي، ايتري قدر جو مڇيءَ جو شڪار به نُوري نماڻيءَ سان گڏجي ٿو ڪري، يعني محبت جي ڪري نُوريءَ جي منزل ڄام تماچي آهي، ۽ ڄام تماچيءَ جي منزل نُوري آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي محبت ۾ هڪ ٿي ويا هُئا، نوريءَ ٻيڙي ٿي هلائي ته، ڄام تماچي وري ڄار هٿ ۾ ڪري، هُو بھو مُهاڻن وانگر مڇيءَ جو شڪار ٿي ڪيو، خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته هُو هڪ مڇي ماريندڙ مهاڻو آهي يا اُن وقت جو سنڌ جو بادشاهه آهي، اهڙيءَ طرح محبت ۾ سالن جا سال گذريا، آخر دنيا فاني آهي، ڄام تماچيءَ جي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا ۽ هن دنيا مان موڪلائڻ وارو هو، جنهن تي نُوريءَ ڏاڍي پريشان ٿي ۽ پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ جي وڏي ڄمار لاءِ دُعائون ٿي گُهريائين ۽ ڏُک ۾ ڀرجي چيائين ٿي ته منهنجا کِلڻا وَر! تون ته نه مَر، منهنجي اکين جو ٺار آهين! مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ، ڪو وقت ته ڪينجهر ۾ رهه ته محبت ۾ گڏجي گذاريون! شاهه سائين، نُوريءَ جي محبت جي منظرنگاري هن طرح ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
مُئي هَٿ مَڪڙي، ڄَام هَٿ ۾ ڄَار،
سَڄو ڏِينهن شِڪار، ڪِينجهر ۾ ڪَالهه هو.
يا
سِر سَلامت سُپرين، مُرڪَڻ تُون نَه مَريج،
آهين ٺَارُ اَکين جو، وَٽان مَ وَڃيج،
تَماچي تَڳيج، ڪي ڏِينهن ڪِينجهر ڪَنڌئين!
عشق محبت انسان جو فطري جذبو آهي، هر ماڻهو محبت ضرور ڪري ٿو، محبت هڪ روشن صُبح آهي، جنهن جي شام پيدا ئي ڪانهي ٿي، محبت آبِ حيات جي اُها بُوند آهي، جيڪا مرده دلين کي زنده ڪري ٿي، محبت زندگيءَ جي سڀ کان پاڪ ۽ مُبارڪ برڪت آهي، محبت هڪ قُدرتي اَڪسير آهي، جو دل ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ڪري ٿو، محبت اُهو نشو آهي، جنهن سان دل کي اهڙو سُڪون مِلي ٿو، جو دنيا جا سڀئي خوف خطرا ختم ٿي وڃن ٿا!
ٿر ڄائي مارئيءَ کي پنهنجي ٿري ماروئڙن سان دلي محبت هئي، هن عصمت جي زره چاڙهي رکي هُئي، جنهن ڪري عمر بادشاهه جي هر شيءِ کي ٺُڪرائي ڇڏيو هو، عمر بادشاهه آخري حربو هلائيندي کيس دڙڪا دهمان ڏئي، پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مارئي کيس مُخاطب ٿي چيو ته: اي عمر بادشاهه! تُون منهنجي جسم کي چِيري لُوڻ وِجهي ڇڏ، پوءِ به تُنهنجي ڪانه ٿينديس، ڇو ته مون اهڙو گندو ڪم نه ڪيو آهي، نه هاڻ ڪنديس، جيستائين منهنجي سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين پِرت پنهوارن سان آهي. شاهه سائين، مارئيءَ جي لاثاني لَڇڻ کي بيان ڪندي چوي ٿو ته:
جي لُوڻ لِڱين لاَئين، چِيري چِيري چَم،
مُون ڪُر اَڳي نَه ڪَيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم.
جَان جَان دَعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوار سِين.
عشق يا محبت فطرت آهي، جيڪا شيءِ فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي اُها دائم قائم رهي ٿي، جيڪا شيءِ فطرت کان بي پرواهه رهي ٿي، سا هميشه خطري ۾ رهي ٿي. انسان هِن دُنيا ۾ خدا جو خليفو آهي، سندس خلافت تڏهن قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن هن مالڪ حقيقيءَ جي قانون فطرت کي قائم رکندو، اهو قانون سواءِ محبت جي ٻيو ڪونهي، انهيءَ محبت جي باعث دنيا جون سڀ شيون پنهنجي نائب جي حوالي ڪيون آهن، تنهن ڪري اُهو سندس نائب ايستائين سندس منظور نظر رهي سگهي ٿو، جيستائين هُو سندس محبت جي قانون کي پُوري طرح هلائي ٿو، پر انسان اهڙو ته ڪج فهم آهي، جو فطرت جي قانون کان مُنهن موڙي غافل ٿو رهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ ڪِري ٿو پوي، انسان هوڏانهن ٿو چاهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سُڪون قلب حاصل ٿئي ۽ کيس معلوم به آهي ته اِهي سڀ ڳالهيون فطري اُصول محبت جي ذريعي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون، پر پوءِ به هي نادان، جنهن محبت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، اُن کي سوراخ ڪري، پاڻ ته ٻُڏي ٿو، پر ٻين کي به ٻوڙي ٿو! اِهو آهي مايا جو موهه، جو چوي ٿو ته اڃا به کپي! هي جهيڙا جهڳڙا نفرتون ۽ مصيبتون، سڀ جون سڀ انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهن، جو انسان محبت جو دامن ڇڏي ڪُلفت ۾ ڪاهي پيو آهي، مِڙني مصيبتن جو ڇوٽڪارو، شاهه سائينءَ جي ڏنل محبت جي پيغام ۾ موجود آهي، جيڪو اَهل سنڌ سان گڏ بي نوع انسان لاءِ راهه هدايت جي حيثيت رکي ٿو. مرشد لطيف مھان محبتي هو، هن سنڌ جي خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دُعائون گُهريون ۽ اُن سان گڏ ڪُل ڪائنات لاءِ دُعا خير گُهري، اُن جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪونه ٿو مِلي. مرشد لطيف اَٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري، ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته:
سَائِينم سَدائِين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوست تُون دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.
عشق سلامت سدا سلامت!
[روزاني مقدمو، ڪراچي، ڇنڇر 30 جنوري 2010ع ۾ ڇپيل.]