ڀٽائي باضمير ماڻهن جو شاعر
سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ مٽ جيترن ماڻهن جو ڦاهو پيل آهي، جن کي جاگيردار ڀوتار، رئيس، وڏيرا، سردار، زميندار، پير، مير ۽ ٻيو الائجي ڇاڇا سڏيو وڃي ٿو، جيڪي حقيقت ۾ مُفت خور ڪچور، حرام خور، زيان خور، نِڪما ۽ وڌ کان وڌ ظالم ۽ قوم دشمن آهن، ٻيو ڪُجهه نه آهن، اُهي وحشي درندا، صدين کان وٺي، سنڌي قوم مٿان چَٽيون ٿيا پيا آهن، جيڪي غريب قوم جي ساري ڪمائي ۽ هَڏن جو نِچوڙ، بنا اوگرائيءَ جي هضم ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا، انهن مفت خور لٽيرن جي هميشه اها سوچ هوندي آهي ته سڌي قوم کي ڪهڙي نالي ۾ لٽجي ڦرجي؟ انهن پنهنجن جي ئي خود غرضيءَ جي ڪري ئي سنڌ مٿان پرمار ڦورو لامارا ڏئي، سنڌي ماروئڙن جي اَڀري جِسم مان ٻُوٽيون ۽ چَم پَٽيندا رهيا آهن، جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن مٿان ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل ڪا مصيبت بَرپا ڪئي آهي، ته سنڌ جو اُهو غدار جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرو، بيماريءَ جو بهانو بڻائي، ٻاهر ڀاڄ کائي وڃي لِڪو آهي، يا وري مُرڳو، چنيسر، قاضي قادن، وسايو ۽ نائونمل جو عملي پيرو ڪار بنجي، اُن وٽان ڪُجهه نه ڪُجهه حاصل ڪري، اُن جو چڳ وڍيو مُريد ۽ دلال بنجي مُڇون وٽي آڪڙجي سِيٽجي وري به اڌ مُئل ۽ ماريل پنهنجي سنڌي ماروئڙن مٿان اچي ڪَڙڪندا آهن، پوءِ ڪنهن کي گار، ڪنهن کي بُجو، ڪنهن کي ٿُڪ، ڪنهن کي مُڪ، ڪنهن کي لَت، ڪنهن کي جيل ته ڪنهن کي ٿاڻو! هروڀرو به پنهنجي کي ماري ڪُٽي پنهنجو تابعدار پيا بنائيندا آهن، هُو ڌارين اڳيان ڳالهائي به ڪونه سگهندا آهن، پر پنهنجن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندا آهن، اهڙن فرعون صِفت ظالمن لاءِ ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته:
هِي مُنهن ڏيئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
تَان جي مَلير ڄَايُون، تو سِين سَڱ نَه ڪَن،
پَوءِ تُون ڪِيئن مَنجهان تِن، پَاڻ ڪَوٺَائِين مَارئي.
يا
مَتو آهِين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻِين،
تَو جَا ڀَائِين اَڇ، تَنهن پَاڻِي پُنا ڏِينهَڙا.
سنڌ اندر پنهنجن پراون جي ڦُرمار ۽ ڏاڍ ڏمر جي خلاف، سنڌ مان ڪيترائي جوڌا جوان پيدا ٿيا آهن، جن کي شاهه سائين کاهوڙي جي نالي سان سڏيو آهي، سندس رسالي ۾ هڪ سُر جو نالو ئي کاهوڙِي آهي، جنهن ۾ ظُلم ۽ بربريت خلاف وڙهندڙ جوڌن جو ذڪر ٿيل آهي، هِن جَھان ۾ جلالي جوڳي به آهن ته جمالي به، هنن جي ڪچهريءَ ۾ حق سچ جي نعري کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪونهي، هنن جي ڪچهري پارس جو ڪم ڪندي آهي، يعني هنن جي ڪچهريءَ جو رنگ جنهن کي لڳو، سو سون بڻجي ويو. (قوم جو همدرد) پوءِ قوم جي ڀلائيءَ جي سوچ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه وڻندس، هنن ماڻهن قوم پرستيءَ جي جيڪا دُونهين دُکائي آهي، سا اُجهامڻ جي آهي ئي ڪانه، اُنهيءَ کي دائم قائم رکڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڪوشش ڪندا پيا اچن، اُنهن جي محبت ۽ سچائي اهڙي ته پياري آهي، جو اُنهن قُربدارن ۽ ڀلارن کان سواءِ جيئرو رهڻ ئي مُشڪل ٿيو پوي، اُنهيءَ لاءِ مرشد لطيف هن طرح فرمايو آهي ته:
نُورِي ۽ نَارِي، جَوڳِيئَڙا جَھان ۾،
ٻَري جِن ٻَارِي، آءٌ نه جِيئَندِي اُن ري..
يا
جِت نَه پَکيءَ پير، تِت ٽِمڪي بَاهِڙِي،
ٻِيو ٻَارِيندو ڪَير، کَاهوڙڪي کِير ري!
اهڙا سچا سامي قوم پرست هميشه حق جا طرفدار هوندا آهن، هُو ظُلم، زيادتي، اِستحصال ۽ پَرماريت جي خلاف جنگ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن، هِنن سچن سامين جي بيراڳڻ، (ڪندري) ظالم پرمار جي خلاف اُڀي هوندي آهي، هر ڌارئي ڌاڙيل کي نظر ۾ رکندا آهن، ڪڏهن به ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل وِک وڌائي ديس ۾ اچي ظُلم ڪيو ته ساميءَ جو سوٽو (ڏنڊو) سندس پليت پيشانيءَ ۾ ٺَڪاءُ ٿو ٿئي، ديس يا ديس واسين تي ظُلم ٿيڻ وقت سامي (قوم پرست) ڪڏهن به سُک سان نه سُتو، اهڙي سامي (قوم پرست) جڏهن هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو يا ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل سان ويڙهه ۾ شهيد ٿي ٿو وڃي ته اُن ساميءَ جو شاهه سائينءَ کي ڏاڍو ڏُک ٿي ٿيو، اُنهيءَ درد مان دانهون ڪري ٿي چيائين ته اي سامي! تُنهنجي بيٺل مَڙهي، تو کان سواءِ مُون کي ڪنڊا ٿي لڳي، اي جوڳي! تو اها مَڙهي ٺاهي ڇو؟ جو تُون اُن مان جلد ئي ڪُوچ ڪري (لڏي) وئين، هاڻ ته تُنهنجي اُها مَڙهي خالي ڏسي، مُنهنجو هِينئون (دل) ڳريو ڳچ ٿيو ٿي پوي. شاهه سائين کي ديس جي هڏ ڏوکيءَ جي جُدائي سخت ٿي ستايو ۽ اُن ساميءَ کي هن ريت ياد ٿي فرمايو ته:
سَامِي! مَڙهِي سَنديَاءِ سَامهين مُون سيلهه ٿِي،
سَا تَان ڪَوهه! ڏِياءِ جَان نَاگنا وَئين نِڪري؟
سَچا سَامي وَطن سان پيار ڪندڙ آهن، جيڪي هر وقت ديس ۽ ديسي ماروئڙن جي سُک ۽ ڀلائيءَ لاءِ پيا سوچين ۽ لوچين، اُنهن سامين کي سُٺن طعامن جي ڪا طلب ڪانه ٿي رَهي، ڇو ته اُنهن جي ديسي ماروئڙن کي سُڪل ماني به مشڪل سان ٿي مِلي ته پوءِ هُو سچا سامي پاڻ ڪيئن ٿا سَڻڀن، چَهرن، مِٺن طعامن جي طلب رکن، هنن کي ته وڌ مان وڌ پنهنجي ديس واسين جي درد دُور ڪرڻ جو اَونو آهي، جيڪي سَڻڀن طَعامن، پَلنگ پَٿراڻين، پئسن، ڏوڪڙن ۽ ٻين سھوليتن جي لالچ رکن ٿا، سي قوم سان سچا نه چئبا، اُهي لَٻاڙي شوبازي ڪري، ليڊري چمڪائي، قوم کي وڌيڪ دوکو ڏئي، وڌيڪ پَٽڻ کائڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اهڙن ٺڳن کي ديس ۽ ديسي ماڻهن جو ڪو اونو ڪونهي، هُو ڪُوڙي عزت جا گداگر، عدل ۽ انصاف جا دُشمن آهن، هُو زور ۽ ظُلم جا حامي آهن، جو پنهنجي ذاتي لالچ لاءِ پُوري قوم کي مُڏي ڪاتي سان ڪُهي، اُنهن جون زبانون ڪپي، ڦٿڪندي ڏسي پاڻ مزن جي معراج ماڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اهڙن لالچي ۽ مفاد پرست ليڊرن لاءِ شاهه سائين فرمايو آهي ته:
گولا جي گِراهه جَا، جُوٺا سي جوڳي،
ڦِٽلَ سي ڦوڳِي، جَنين سِڪَم سانڍيا.
سچا سامي جوڳي (وطن دوست) اُهي چئبا جي پنهنجي وطن وارن جي، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي خدمت ڪَن، اُنهيءَ کي وات تي ئي نه آڻين، ته ڪو اسان ڪم لاءِ هِيئن ڪيو! هُونئن ڪيو! هنن جي دلين ۾ اُها لالچ ڪانه هوندي آهي ته اُنهيءَ خدمت جي بدلي ۾ بهشت وغيره مِلي، اهڙن سچن سامين، جوڳين جو بِهشت ۽ دوزخ سان ڪو پري جو واسطو به ڪونه هُوندو آهي، هنن جي دلين ۾ نه ڪُفر آهي، نه مُسلماني، هُو ڪنهن به ڌرم يا مذهب سان ڪو واسطو ئي ڪونه رَکن، هنن جي منزل تمام مٿاهين آهي. هنن جو ڪم آهي، پنهنجن ديسي ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ، پوءِ اُن ۾ هندو - مسلم جو ڪو ويڇو ڪونه رکن، هنن جو مطلب خدمت خلق افضل عبادت آهي. شاهه سائينءَ اهڙن جذبن رکندڙن لاءِ هن ريت فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
ڪيهِي ڪَام ڪَاپڙي، ٿَا اهڙي رَوَش رُون،
نَه ڪَا دِل دَوزخ ڏي، نَه ڪي بهشت گُهرن،
نَه ڪو ڪَم ڪُفار سِين، نَه ڪَا مُسلمانِي مَن،
اُڀا اِئين چَون، تَه پِرين ڪَجو پَنهنجو.
يا
پُڇي جان ٻروچُ، تان پاسي ڪَر پرهيز کي،
جَن ڏٺو هوتُ، تن دِينُ سڀ دُورِ ڪيا.
سچا سامي، سچا جوڳي، ساڻيهه جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندڙ اُهي چئبا جيڪي اُڃ بُک ۾ رهي ڪري، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ٿا ڪن، ڪنهن به ڌارئي جي لالچ ۾ نه اَچن ۽ ڪيڏي به وڏي آڇ ٿيئي ته اُنهيءَ کي ٺُڪرائي ڇڏين، مطلب ته:
اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جي سَيڻ مَٽَائِين سَون تي!
جا عملي پيروڪار هُجن، هن عظيم مقصد تي اهڙا ته پُختا بيٺل هُجن، جو ڪابه طاقت، ڪابه لالچ، هنن کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نه ٿي سگهي، ڪنهن به قومپرست کي، ڪنهن به لالچ ۾ اچڻو ناهي، نه ئي وري ڪنهن لالچ لاءِ سوچڻو آهي، ڇو ته ڌارئي ڌاڙيل کي اهڙي قسم جا ماڻهو ڏاڍا ڏُکيا لڳندا آهن، پوءِ هُو، اهڙن ماڻهن کي ڪيئي لالچون ڏيندا آهن ته هُو جيئن عظيم مقصد تان هٿ کڻي وڃن، اهڙن ماڻهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڌاريو ڌاڙيل ڪيئي هيلا هلائيندو آهي، مال، دولت جون آڇون ٿينديون آهن، سُهڻين سُهڻين ڇوڪرين جون آڇون ٿينديون آهن. شاهه سائين سَچن سامين کي خبردار ڪندي فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
طَمَع جي تَنوَار، متان ڪريين منڱڻا،
ڌِڪي ڪندءِ ڌَار، مَاڻَڪ ڏئي مُٺ ۾.
يا
ڪَاڪَ نَه جَهليَا ڪَاپِڙِي، مَوهيَا ڪَنهِن نَه مَال،
جَي ڇوريَن ڏِنا ڇَالُ، تَه به لاَهوتِي لَنگهي وِيا.
سچو سامي ۽ سچو لاهوتي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي مُلڪ ۽ مُلڪي ماڻهن تان هٿ نه کڻي، ڪيتريون به آڇون ٿين، ڪيتريون به لالچون مِلن، پر قومپرستيءَ کي سڀني ڳالهين کان مٿانهون سمجهي، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندو رهي، اهڙا سچا سامي بلڪل گهٽ ٿا ٿين، جيڪي سڀئي امتحان پاس ڪريو ويٺا هُجن، ڪنهن به ڌارئي جي لوڀ لالچ ۾ نه آيا هُجن، اهڙا جُنگ جوڳي اڄ به پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ تڙپي رهيا آهن، ڪنهن به لالچ ۾ نه ٿا اچن، اُنهن جي ڪچهري وارا محبتي به عظيم انسان آهن، جو پنهنجي رهبر جي ڏِنل ڏس تي ثابت قدم رهيا، ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه آيا، گُروءَ جي گس کان نه ٿِڙيا، اڄ جو نوجوان الائي ڪاڏي توائي ٿي ڀٽڪندو ٿو رهي، جي گُروءَ وٽ نه وڃي سگهي ته سندس چيلي وٽ وڃي ڪا گهڙي ويهي حقيقت جو سبق حاصل ڪري، ڇو ته اُنهن جو ڏِنل ڏس ئي هن اُونهي ساگر ۾ ترهي جو ڪم ٿو ڏئي ۽ اُنهيءَ ترهي سان ئي پٽي پائريو، اُنهن جُهونن جوڳين لاءِ مرشد لطيف فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
مُون سي ڏِٺا مَاءُ، جِنين ڏِٺو پِرِينءَ کي،
رَهي اَچجي رَاتِڙِي، تِن جُنگَن سَندِي جَاءِ،
تِنين جِي سَاڃَاءِ، ترهو مَٿي تَار ۾.
يا
تَان وَنئُن ويهِي آءٌ، اَڱڻ کَاهوڙين جي،
جَوش ڏِنائون جِيءُ کي، لِڪائي لَوڪان،
ڏََوٿِين ڪَنهن ڏُکان، سُمهي سُک نَه مَاڻيو!
[روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ڇپيو]