سچل سائينءَ کي مليل ڀٽائيءَ جي وِرڇ!
پِيھي جَان پَاڻ ۾، ڪَيَم رُوحَ رِهَاڻ،
تَه نَه ڪَو ڏُونگَر ڏيهَه ۾، نَه ڪَا ڪَيچَن ڪَاڻ،
پُنھون ٿِيَس پَاڻ، سَسئِي تَان سُور هُئا.
ساڳي ڳالهه سچل سائين، پنهنجي جادو بيانيءَ سان هن طرح ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
پيھي پَروڙِيوم، تَان پُنهون پَاڻ ئِي آهيان،
پَاڻ ئِي مَنجَهان پَاڻ کي، هِي پَڙلاءُ پِيوم،
صَحِيح ڪَن ڪَيوم، تَه غَير گُمان اُٿي ويا!
يا
عَاشق عِشق ۽ مَعشوق، اُهو ئِي ڏَاءُ ڏاڍو ڪَيو ڏاهي،
پَنهنجي پَاڻ پَسَائِڻ ڪَارَڻ، ٺَاهه لَکين ٿو ٺَاهي،
اُهو اَندر ٻَاهر، ڪِيئن چَوان اِئين نَاهي!
يا
ذَات صَفات هڪائي آهي، ڀول نَه وِجهين ڀولي
سوئي اَندر سوئي ٻَاهر، سوئي تنهنجي چولي،
تَو ۾ مُون ۾ هَر جَاءِ، سَچل سَچ ٿَو ٻولي،
سنڌي سماج ۾ ظُلم ڏاڍ ۽ بربريت کي ڏسي سندن دل تڙپي ٿي اُٿي، اُن بابت شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
ڪَڍي ڪَان ڪَمان مَان، مِيَان مَار مَ مُون،
مُون ۾ آهين تُون، مَتان تُنهنجو ئِي توکي لَڳي.
سچل سائين به ساڳي ڳالهه هن طرح ڪئي آهي چوي ٿو ته:
مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مان،
جِيئن بِجلي بَادل سَان، شَامل آهي سُپرين!
غور ۽ فڪر سان ڏٺو ويندو ته مٿين ٻنهي شعرن ۾ مقصد ۽ مضمون جي لحاظ سان هڪ جهڙائي موجود آهي، پر اُن جي باوجود به سچل سائين پنهنجي فطري ڏات ۽ شاعرانه قُوت سان نيت نَيون نَيون راهون گهڙيندي ساڳي مضمون ۽ مقصد کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪري شاهه سائين جي ڪُني جو ڍڪڻ لاهي، جِدت ۽ اِنفراديت کان ڪم وٺي، پُراثر ۽ چِٽو بيان ڪيو آهي، آءٌ هتي ٻنهي شاعرن جي هڪ جهڙين خوبين ۽ خصوصيتن سان گڏ، سچل سائين جي جِدت ۽ انفراديت جو تجزيو پيش ڪندس. شاهه سائينءَ جا رومانوي داستان، مومل راڻو، نُوريءَ ڄام تماچي، مارئي، سورٺ راءِ ڏياچ جا قصا شامل آهن. شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ سُر مومل راڻي جو داستان موجود آهي، جيڪو هڪ عشقيه داستان مشهور آهي. مومل جنهن ڪمري ۾ راڻي سان رهي، جنهن پلنگ تي راڻي مينڌري سان ليٽي، جنهن وِهاڻي تي ساڻس گڏ ڪنڌ رکي، مُنهن، مُنهن سان ۽ اکيون، اکين سان مِلائي پريم ۽ محبت جون ڳالهيون ڪري، خوش ٿي گذاريو ۽ راڻي جي وڇوڙي کان پوءِ سخت پريشان ٿي وئي. سچل سائين جي رِسالي ۾ به ساڳيو قصو موجود آهي، پر سندس ڪلام جُدا گانه رنگ ۽ ڍنگ سان چيل آهي. شاهه سائينءَ جي ڪيل ڳالهه محتاط انداز سان نظر ايندي، شاهه سائينءَ مومل جي جذبات، احساسات ۽ جاڳي راتيون گذارڻ ڪاڪ جو ڪانگ اُڏارڻ جو ذڪر سندس ئي زبان، هن طرح بيان ڪرائي آهي ته:
شَمَع ٻَاريندي شَب، پِرهه بَاکُون ڪَڍيون،
موٽ مَرَان ٿِي مينڌرا، راڻا ڪَارڻ رَب،
تُنهنجِي تَات طَلب، ڪَانگ اُڏايم ڪَاڪَ جَا.
سچل سائينءَ جي ساڳي ڪيل ڳالهه پُراثر نوع نظر ايندي. هن مُومل جي جذبات ۽ احساسن کي مختلف انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ مُومل کي راڻي سان مُخاطب ٿيندي، هن طرح چَوِرايو اٿس ته:
هِڪ جُوءِ ٻِي جَوءِ ڇَڏِين ڪِين جوان،
اُهي ئي اِنسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
يا
هِڪ جُوءِ ٻِي جَوءِ مَرد نَه ڇَڏين مينڌرا،
تو پڻ پِرين پَوءِ، ڪَوهه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
يا
سُومل سَان سُمهڻ جَا، ڏاڍا ڏِٺم ڏُک،
سوڍي وارا سُک، مِلڻ مُون مُشڪل ٿِيا،
يا
مَرد ٿِي مينڌرا، سوڍا سَڱَ سُڃاڻ،
ڪَوهه لَڄَائين پَاڻ، نَاحق ويٺو نِينهن کي.
يا
سوڍا هِن سَڙيءَ جو، لَھِي وَڃ سَماءُ
ويري وِڌو وِچ ۾، آهي وير وَڌاءُ
مون تي لڳندو ڪو نه ڪو، پيارا پاڻي پاءُ
هيڪر هيڏي آءُ، تَه پِرولي پَڌر ٿِئي.
شاهه سائينءَ جي رُومانوي داستان نوريءَ ڄام تماچي جي سُر ڪاموڏ ۾ ڪافي بيت چيل آهن، ۽ سچل سائينءَ جي رِسالي ۾ به کوڙ سارا بيت مِلن ٿا. شاهه سائينءَ سُر ڪاموڏ ۾ نُوريءَ جي واتان هن طرح چَوِرايو آهي ته:
تُون سَمُون آءٌ گَندري، مُون ۾ عَيبن جُوءِ،
پَسي رَاڻين روءِ، مَتان مَانگر مَٽئين!
يا
مُهاڻيءَ جي مَن ۾، نَه گيرب نه گَاءُ
نيڻَن سِين نَاز ڪَري، رِيجَهايَائِين رَاءُ
سَمو سَڀنين مِلاءِ، هيريائين حَرفت سِين.
ٻئي هنڌ وري شاهه سائين نوري نماڻي جي مائٽن گندرن مهاڻن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي ته:
ٻَارا ۽ کَارا، مَال جِنين جو مَڪڙيون،
تَماچي جي تَڪئي، اَچن سَويرا،
هِي مَڇيءَ مَارا، سَمي سي سيڻ ڪَيا.
سچل سائين وري نُوريءَ کان هن ريت چَوِرايو آهي ته:
تُون سَمون سَائين، آءٌ مِي مُهاڻي آهيان،
مُون لَڄ رَهائِين، جو پَلئو لَڳي اَوهانجي.
سچل سائين ڪينجهر جي گندرن مُهاڻن جو وڌيڪ ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: اُهي مهاڻا، جيڪي پيرن اُگهاڙا ۽ ميرن پيرن سان پيا گُهمندا هُئا ۽ پاڻيءَ ۾ پيا تُڙڳندا هُئا، سي ڄام تماچيءَ سان مِٽيءَ ڪرڻ کان پوءِ ڏاڍي ٺَٺ ٺَانگر ۽ شان شوڪت سان زندگي گُذارڻ لڳا آهن ته:
پير ائون منهن مير، پاڻي پوندي جن هئا
سي اڄ ٻڌيو وتن سر تي چاهه منجها جيرا
ماڻڪ موتي منهن تي، هئا تنين هيرا
ڪات سڀ ڪيرا، سگهڙ سمي ڄام جا
يا
تُون سَمون، آءٌ گَندري، تُون ڄَامن سَندو ڄَام،
ڄَام سَما تو سَام، نِڌر نُورِي آهي پي.
نُوريءَ نماڻيءَ راجائي رنگ محلن ۾ رهي ڪري ’کِکي هَاڻيون کَاريون، ڇِڇِيءَ هَاڻا ڇَڄ‘ ياد ڪرڻ، رنگ به رنگي هِندورن ۾ لُڏندي پُراڻن پکن ۽ جُهوپڙين وارا ڏينهن نه وِسارڻ، نرم بسترن تي ليٽندي سخت کهرا تڏا سَنڀالڻ، رُپين سان رانديون ڪندي ۽ لَعلون لٽيندي گذريل مسڪيني حال کي اکين اڳيان آڻڻ، شاهي سَت رَڇيون کائيندي، کِکين وارن کَاڄن جون، يادگيريون دل ۾ ڌَرڻ، پَٽ راڻيءَ ٿي ڪري به مُهاڻين واريون ڄَاريون ۽ مڇين واريون کاريون خيال ۾ رکڻ، سُٺي زندگي ماڻيندي به ڏُکن وارو وقت نه وِسارڻ بي عيب هُوندي به پاڻ کي عيبدار سمجهڻ ۽ حَيا ۽ شَرم وِچان سدائين ڪَنڌ هيٺ ڪري هلڻ، اُهو آهي اعليٰ سِيرت وارين عورتن جو اُهڃاڻ! جڏهن ڄام تماچي، نُوريءَ کي نوازيو، تڏهن ئي ڄام تماچي ناميارو حاڪم ٿيو. سنڌ ۾ ڪيترائي سما وڏا حاڪم ٿي گُذريا آهن، جن جو ڄام تماچيءَ کان وڏو دٻدٻو هو، پر اُهي ياد به ڪونه آهن، پر اڄ ڄام تماچيءَ جي ياد تازي آهي، سچ ته نُوريءَ ئي ڄام تماچي کي اهو بنايو، شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
مُئي هَٿ مَڪڙي، ڄَام هَٿ ۾ ڄَار،
سَڄو ڏِينهن شِڪار، ڪِينجهر ۾ ڪَالهه هو.
شاهه سائين پنهنجي سُر مارئي ۾ جيڪا منظر نگاري ڪئي آهي، سا نهايت حيرت ۾ وِجهندڙ آهي. شاهه سائين، مارئي جي حُب الوطنيءَ جي ڪيفيت کي موضوع بنائي، وطن جي محبت جو مثال پيش ڪيو آهي، يعني مارئي کي وطن جي محبت جي علامت طور پيش ڪيو آهي. مارئي پنهنجن عملن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته غريبن جي سچي محبت ئي سچي دولت آهي، سادگي دلي بهادري، اخلاقي قُرباني ۽ خدا ۾ ڀروسو، جيڪو وڏن ماڻهن ۾ نه ٿو مِلي. شاهه سائين، مارئي جي سِيرت دوران عورت جي اندر جو نهايت عجيب نقش چِٽيو آهي، سندس جذبن جي تصوير پيش ڪندي چيو آهي ته، مارئيءَ جو جِسم ڪوٽ ۾ بند آهي، پر سندس رُوح ملير ۾ هو، سندس تصور ۾ ملير جي زندگي ڦِرندي ٿي رهي ۽ دل جو دل ۾ ٿي چيائين ته جيڪر، منهنجي ٿري مارُن جي مُلڪ مان ڪو اوٺي اچي، مُون کي پنهنجي ملڪي ماروئڙن جون خبرون ٻُڌائي ته اُنهن خبرن سان عمر ڪوٽ جون ڀِتيون به جيڪر خوشبودار بنجي وڃن ۽ آءٌ اوٺيءَ جا پير اکين سان اُگهي چُمنديس، ڇو جو، هُو، مُنهنجي ملڪ ملير جي ٿڌڙي واريءَ جي مٿان پير گُهمائي آيو هوندو، سندس ٿر جي واريءَ وارا پير چُمڻ جي لائق ٿي سمجهان. شاهه سائين پنهنجي جادو بيانيءَ سان پنهنجن لفظن کي معنيٰ جي معراج تي هن ريت پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
اوٺي! ڳوٺي آڻِيين، ڪو هِتي جو هت هير!
ته ڪنا جي ڪوٽن جا، ٿِين سُرها سَير،
آءٌ ته اَکيين اُگهان، جي پَائر ڏِنئي پير،
اَلله لَنگهه لَطيف چَئي، لاَءِ مَ تُون اَوير،
ڪوٽيين گهاري ڪير؟ محلين منجهي مون هِنيون!
يا
اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جو سَيڻ مَٽائين سَون تي،
اَچي عُمر ڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪَانه ڪُريت،
پَکن جِي پِريت، مَاڙين سِين نَه مَٽيان!
مارئي جو رُوحانوي داستان، سنڌ جي تاريخ ۾ ناقابلِ فراموش داستان آهي. سچل سائين، مارئي جي اندر جو احوال نهايت نئين انداز ۾ چِٽيو آهي. سچل سائين به ميڊاس بادشاهه وانگر، جنهن شيءِ کي هٿ لاتو آهي، تنهن کي نِجو سون بنائي ڇڏيو اٿس، مارئي جي جذبن ۽ احساسن جي تصوير ڪڍڻ سان سچل سائين ڪمال ڪيو آهي، سندس شاعري پڙهندي، وات مان از خود ائين پيو نِڪري ته خدا تعاليٰ، مارئي جي دل اَلائي ڪيئن جوڙي هُئي؟ هي عمر بادشاهه وٽ قيدياڻي هُئي، پر هن عضمت جي زرهه پائي ڇڏي هُئي، هن ڳوٺاڻي نينگريءَ جي همت، بهادري ۽ وطن لاءِ محبت ته ڏسو! سچل سائين سندس بيان ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
رَات وَري آئِيا، مَاروئڙا مَلير ۾،
جو لَڌم خواب خُوشيءَ مَئون، ڄَڻ مولا مِلائِيا،
وَري وَسائِيا ڀَلي پَاڻ ڀِٽَن جَا!
-
توڙي هوءِ ڇني تا ڀي لوءِ لوئي سان وڃان
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪين ڪني
سائي سانڍيم ساهه سان، جا ڏاڏاڻن ڏني
اها نينديس ڀاڻ ڀني، مينهن وسندي سومرا!
سورٺ: سورٺ شاهه سائينءَ جي هڪ سورميءَ جو نالو آهي، سندس رِسالي ۾ انهيءَ نالي سان هڪ خاص سُر جو نالو آهي، سُر سورٺ. سچل سائينءَ جي رِسالي ۾ به سُر سورٺ موجود آهي، ڀٽائي گهوٽ ۽ سچل سائين ٻئي راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، ۽ ٻنهيءَ جو سماع سان بيحد پيار هو. شاهه سائين جي جان جو جياپو ۽ روح جي راحت راڳ ويراڳ هو، ايتري قدر جو پاڻ زماني مان موڪلاڻي به هلندي راڳ سان ڪيائين. سچل سائين جو به ساز آواز سان بيحد لڳاءُ هو، طبلي تي هٿ لڳندو هو ته هُو هڪدم بي خُوديءَ جي عالم ۾ هَليو ويندو هو ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس، مستي ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ شعر چوندو ويندو هو، مطلب ته ٻئي شاعر راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، راجا راءِ ڏياچ به راڳ جو وڏو عاشق هو، جنهن راڳ تي سِر ڏنو!
شاهه سائين سُر سورٺ ۾ هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
سُونهَارا سورٺ وَر، ڪَا مُنهنجي ڪَر،
ڀَلا ڀيري ڀر، ڀالهو پَانڌ پنيار جو!
ساڳي ڳالهه سچل سائين ساڳي سُر ۾ لفظن جي ڦيرڦار ڪري روايت ۾ جِدت ۽ اِنفراديت پيدا ڪري، شاهه سائين جي ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاٿو آهي، چوي ٿو ته:
آهي سَدائِين سورٺ جي سُر ۾ سر جو سوال،
تَند نَه تَنوارين هَڏهين، مَايا مَڏيون مَال،
وَحدت جو وِصال، سَدا سورٺ سُر ۾.
هڪ ٻئي هنڌ سچل سائين پنهنجي جُدا گانه رنگ ۾ فرمايو آهي، جنهن ۾ انسان جي رهبريءَ لاءِ ڄڻ معنيٰ جا موتي سمايل آهن، پاڻ فرمائين ٿا ته:
مَٿي ري مَنگتي، موٽڻ آ مِهڻو،
لَنگهي آ لَهڻو، سَچل سِر سَردار جو.
سچل سائين کي پنهنجي مرشد عبدالحق ۾ مڪمل ايمان هو، هن لاءِ چيو اٿس ته، هُو ئي هر جاءِ تي حاضر آهي ۽ اهو عبدالحق ئي حق الحق آهي، کيس لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
لانَفِي جو ڪَلمُو مُون کي، مُرشد پَاڻ پَڙهايو،
نَابُودِي جي نَشي اَندر، ستگر سر ڪرايو،
هَٿيو ڏَئي هِمت وَارو، سَارو بَار کَڻايو،
صَدق سَچل مَان ستگر تان، جَنهن جَانب جوش جَڳايو.
اُن کان پوءِ چوي ٿو ته:
سِيني ۾ صَنم، سَچل کي سَدا،
بُت جو بُت خُدا، پُوڄَاري جي پرکئين.
سچل سائين، شاهه سائينءَ جي چاڙهيل ڪُنيءَ جو ڍڪڻ جو لاٿو ته اُتان نڪتل خوشبوءِ سان هِنڌ سنڌ واسجي وئي، عام جون اکيون کُلي ويون ۽ سچ پڌرو پَٽ پِيو ۽ سڀني چيو ته، سچل سارو سچ، سارو سون آهي. سچل عاشق آهي ۽ عاشقن جو اڳواڻ آهي. سچل سرويچن جو سردار ۽ سنڌ جو منصور آهي، هُو حق جو علمبردار آهي، اِها ڳالهه ڪَٽر مَذهبي مُلن مولوين کي ڪانه وڻي ۽ سندن پيٽ ۾ وٽ پوڻ شروع ٿيا ۽ سچل سائينءَ جي خلاف ڪُفر جون فتوائون ڏِنائون ۽ سڀئي عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، سندس پُٺيان پئجي ويا، پر سچل سائينءَ کين مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي لاجواب بنايو. مذهبي مُلن ۽ مذهبي پينو پيرن سچل سائينءَ کي، جنهن شدت سان پنهنجي مذهبي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، اوترو ئي شدت سان سچل سائين پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿي چيو ته:
عِشق اَلله دا زورون زور، ڪٽ مُلن جون ٺوڙهون ٺوڙ.
[روزاني عبرت حيدرآباد، ڇنڇر 13 آگسٽ 2011ع ۾ ڇپيو]