شاهه جي شاعريءَ ۾ راڳ جي رُوحاني برڪت جو بيان!
جِن ويراڳ وُجود ۾، روحل سي رَاڻا،
اَچي دَر دوستن جي، سُرن سَاماڻا،
اُهي اَگهاڻا، جِن وَرتي وَاٽ ويراڳَ جِي.
تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته گذريل زماني ۾ راجائن جي درٻارن ۾ اڪثر وڏا وڏا راڳيندڙ رهندا هُئا، ۽ جڏهن به اُهي راڳيندڙ، بادشاهن جي ڪچهرين ۾ داخل ٿيندا هُئا، تڏهن کين وڏي عزت مِلندي هُئي، هُو توڻي جو غريب هوندا هُئا، پر سندن راڳ جي فن جو فيض راجائن کي به سندن محتاج بڻائيندو هو. سَسئي توڙي سُهڻيءَ جون قربانيون پنهنجي جاءِ تي لاثاني آهن، پر راڳ جي قدرداني ڪندي، راجا راءِ ڏياچ، جنهن پنهنجو سِر پنهنجي هٿن سان ڪَٽي، ٻِيجل کي ڏنو! اهڙي قربانيءَ جو ٻُڌي مرشد لطيف حيرت ۾ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته مرشد لطيف جي جان جو جياپو ۽ رُوح جي راحت راڳ هو ۽ راجا راءِ ڏياچ کي سُورميءَ سڏجڻ جو لائق سمجهيائين. ٻئي راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، اصل اِئين کڻي چئجي ته هڪڙي راڳ جي عاشق، ٻئي راڳ جي عاشق جي دل جي ڪئميرا سان تصوير ڪڍي پيش ڪئي آهي. شاهه سائينءَ سُر سورٺ ۾ راجا راءِ ڏياچ جي دل جا نقش پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي چِٽيا آهن، اُن جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي، جو راڳ جي صدقي، ڪنهن سُر جي قرباني، پنهنجي هٿن سان ڏني هُجي! راجا راءِ ڏياچ، جنهن کي راءِ کنگهار به چوندا آهن، سو گِرنار جو راجا هو، جنهن کي پيار محبت مان گِرنار جو گُل به چوندا هُئا، راجا جي امڙ جو نالو روري هو، ’مُرڪي مَر مَاتا، روري راجا راءِ ڏياچ جي.‘ راجا جي پَٽ راڻيءَ جو نالو سورٺ هو، جنهن کي مايون ٻايون ڏايون گهڻي ئي هُيون، ۽ راجا راءِ ڏياچ جھڙو ڏاتار سندس وَر هو، جو حاتم طائي جھڙو مشهور سخي به هن کان سخاوت ۾ سرس ڪين هو:
سَوين سُوالي سَگهيا، دَاتا ڏَئي دَانُ!
هن سخيءَ وٽان ڪنهن به سُواليءَ جو هٿ خالي نه موٽيو، هي راجا نه رُڳو ڏاتار هو، پر راجائي بدن ۾ فقيري رُوح سمايل هُئس، هروڀرو جهڙي تهڙي ساڌو ڀائي جي ور چڙهڻ وارو ڪين هو، پر رَندن ۽ عارفن جو طلبگار هو، مطلب ته:
دِل بَه يَار، دَست بَه ڪَار
جي زنده تصوير هو، وڌيڪ اِئين کڻي چئجي ته پنهنجي جياپي ۾ راز رُوحاني جو طالب هو، ڪنهن ڏينهن راجا جي شهر جُهونا ڳڙهه ۾ هڪ عجيب و غريب عطائي آيو، نالو سچل ڏاڍو سُھڻو سيبتو نمڪين چهري وارو هو، جوڳين وارو لباس پهريل هوس، هڪ ساز همٿ ۾ هوس، جنهن کي چَنگ ٿي چيائون، جوڳي جي چَنگ ۾ ڪو راڳ جو راز سمايل هو، جو اُن جو آواز ٻُڌي جهنگل جا مِرونءَ به شوخي ڇڏي، ڪنڌ نمائي سندس اڳيان اچي بيهندا هئا، اهڙو به هو ٻيجل راڳيءَ جو چنگ، هُو جهنگ جبل جهاڳي، پيرين پنڌ ڪري گِرنار جي قلعي وٽ راجا راءِ ڏياچ جي ڏيڍيءَ وٽ ڪئي نوڪر چاڪر دربان پُٺيان هُئا، پر سڀني تي اهڙي ڇايا وِجهي ڇڏيائين، جو ڪير ڪُڇيو به ڪونه، ڏيڍيءَ تي بيهي ڏاڍي ميٺاج سان چيائين ته: ’دَربان دَر کول، آءٌ پرديسي مَڱڻو!‘ دربان در کوليو ۽ چارڻ ڏيڍيءَ کان اندر ٿي، راجا جي رنگ محل جي هيٺان اچي بيٺو، فجر مهل راجا رنگ محل ۾ سُتل هو، ٻيجل چنگ کي چوريو، سُرندي جي مڌر آواز، يعني رُون رُون يا تُون تُون جي آواز راجا جي اکين مان ننڊ کي تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ راجا وڏو ڇِرڪ ڀري اُٿي کڙو ٿيو، هيٺ جهاتي پائي ڏِٺائين ته هيٺ هڪ سُهڻو سبيتو عطائي بيٺو ڳائي وڄائي، راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس مٿي اچڻ لاءِ چيو، ٻيجل چيو ته:
اُونچو تُون عَرش تي، آءٌ ڀُورو مَٿي ڀُونءِ!
راجا چيو ته هِن منگتي منهنجي دل اندر درد جا درياهه وَهائي ڇڏيا آهن، ۽ پوءِ حُڪم ڪري، ٻيجل کي مٿي پاڻ وٽ گُهرائي ورتو. شايد راجا راءِ ڏياچ جي دل جي دري کُلي پئي، اڳئين جنم جي ناتي جو روشن نِشان پِيس ۽ ٻيجل کي عزت سان پاڻ سان گڏ ويهاريائين ۽ چيائينس اي چارڻ! اهڙو بِره جو آواز ڪيئن ٿو ڪڍين، جو اسان جون دليون کٽيو ٿو وڃين؟ اڙي مڱڻهار! تُون ڀَلين آئين، جيءُ آئين! ته پوءِ چڱو ڀلا هاڻ الله جي ڏِني مان ڪجهه ٻڌاءِ! ڳائڻو به ڪو اسراري هو، تنهن راجا کي چيو ته، حُضور! مون ته اوهان کي اڃا هڪڙو سُر ٻُڌايو آهي، منهنجي سُر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اسراري آلاپ آهن، جيڪي حُڪم ڪريو سو ٻُڌايان! پر مون کي ٻُڌايو ته ڏيندؤ ڇا؟ راجا ته وڏو سخي مرد هو، تنهن ٻيجل کي چيو ته ٻُڌ منهنجا ٻيجل! مُون وٽ ته مال متاع جي ڪابه ڪمي ڪانهي، تو کي ايترو ته ڏيندس، جو بلڪل راضي ٿي ويندين، پوءِ راجا حُڪم ڪيو ته هن راڳيءَ کي ايترو ته ڏيو، جو پاڻ چوي ته هاڻ بس! سو خزاني جا در کُلي ويا، ڪئي تازا گهوڙا، سونن سنجن سان اچي ويا، پلنگ پٿراڻيون، پالڪيون، نوَ لک ناڻي نيل يعني ڪئي ارب کرب رُپيا ڏنائونس، پر راجا جي چڙهيءَ جو هڪ سهڻو هاٿي هو، اهو به ڏنائونس، راجا چيس راڳي! جيڪي وڻئي سو کڻ، ٻيجل راجا راءِ ڏياچ ڏي گُهوري نهاري چيو ته، اي راجا! تو ڀانئيو ته آءٌ ڪو پينو فقير آهيان، جو پئسن لاءِ ٿو تَند هڻان! مرشد لطيف راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ٿيل گُفتگو کي موتين جي مالها وانگر پوئي، هن طرح پيش ڪيو آهي ته:
مُون وَٽ مَال مَتاع جِي، ڪَمي ڪانهي،
تَو دَس ڏِيان مَڱڻا، رُوح رَچندا دَانُ!
يا
پَائي پَٽ ڪَڻا، مُون تَان مُور نَه مَڱيا،
تَازي طَنبيلن ۾ گهوڙا گَهر گَهڻا،
هَاٿي ڪَارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪَا تَند هَڻان!
ٻيجل، راجا راءِ ڏِياچ سان اکيون اکين ۾ مِلائي مخاطب ٿي چيو ته:
پَلئه ڀيري ڀَر، پَالهو پَاند پينار جو!
اي راجا! تُون ظاهر ۾ ته راجا آهين، پر دل فقيرن واري ٿو رکين، منهنجي اندر جي صدا توکي معلوم آهي ته آءٌ تو وٽ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهيان، پر ڪن ڏينم ته ٻُڌايائين! راجا جون اکيون کُلڻ لڳيون، پَر پَوَڻ لڳس ته، هي مڱڻو ته ڪو مون کان به وڏي دل وارو آهي، پر ڇا لاءِ آيو آهي؟ پُڇي پڪ ڪريان! راجا سِرڪي اڳڀرو ٿي ڪَن ڏِنس ۽ مڱڻي به سَرٻاٽ ڪري ڪُجهه ڪَن ۾ چيس، ڳالهه ٻُڌي راجا مُشڪيو، سندس هي مُرڪ ڏاڍي مزيدار ٿي لَڳِي، امير، وزير، اَمراءُ عاقل، وڏا وڏا دانا ويٺا هُئا، جِن اُهو سڀ ڪُجهه ويٺي ڏِٺو ۽ سڀئي مُنجهي پيا ته مڱڻو، راجا سان ڪهڙيون راز ۽ رَمز جون ڳالهيون پيو ڪري، جو سندس مُنهن تان مُرڪ ئي نه ٿي لھي، ڇا ماجرا آهي! مايون، دايون، ٻايون ۽ ٻانهيون سڀني اهو رنگ ويٺي ڏٺو، پر سمجهه ۾ ڪُجهه نه ٿي آين ته، ڪهڙو راز آهي؟ هڪڙي خبر ٻيجل کي هُئي ۽ ٻي خبر راجا راءِ ڏِياچ کي هُئي، ٻيا سڀ حيرت ۾ حيران هُئا، کين ڪا ڪَل ئي ڪانه هُئي، تڏهن راجا راءِ ڏياچ، اوچتو ٻيجل جي پيرن تي ڪِري پيو ۽ هٿ جوڙي چيائينس ته اي ٻيجل! تُنهنجي قدم قدم تان قُربان ٿيان، تو جيڪا ڳالهه مُون سان ڪَن ۾ ڪئي، تنهن سڀني کي وِسوَسي ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، هاڻ اها ڳالهه کُلم کُلا چئو ته سڀ ٻُڌن ته تو کي ڇا کپي؟ تڏهن ٻيجل چيو ته: ’عثمان نه گُهري مَڱڻو، جَا جڪ گُهري جِيءُ! اِهو ٻُڌي سورٺ جي پيرن هيٺان زمين نِڪري وئي، امير وزير، مايون، دايون، ٻايون پريشانيءَ جي عالم ۾ اچي رَڙيون ڪيائون! هوڏانهن راجا راءِ ڏياچ ته ڪنهن ٻئي حال ۾ داخل هو، تنهن جي دل ۾ ذَري برابر به ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو، ٻيجل سان مُخاطب ٿيندي چيائين ته اي ٻيجل! تُنهنجي چنگ ۾ توحيد جي تنوار آهي، اُن هيڪڙائي ۽ لاشرڪت جي تنوار ته مُون کي فَنا ڪري ڇڏيو آهي، آءٌ چوان ٿو ته مُنهنجي مٿي تي جي ڪوڙئين ڪپار (سِر) هُجن ته آءٌ هڪڙي هڪڙي سِر کي سئو سئو ڀيرا ڪَپي تُنهنجي حوالي ڪريان، ڇاڪاڻ ته تُنهنجيءَ تند جي تنوار، مُنهنجي سِر کان گهڻو وڌيڪ آهي، راجا راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت کي مرشد لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
وَحدَهُ لاَشَريڪَ لَھُ تَندَن اِيءَ تَنوار،
مُون کي تُنهنجِي وار، فِڪر کَڻي فَنا ڪَيو.
يا
مَٿي تي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُئن ڪَپار،
تَه وَاري وَاري وَڍيان، سسي سَئو وَار،
تَه پڻ تَند تَنوار، تُنهنجي مَٿاهِين مَڱڻا!
راجا راءِ ڏياچ ٻيجل سان مخاطب ٿيندي چيو ته، اي ٻيجل! مون کي سئو سِر هُجن ته لاهي هِڪ هِڪ ڪري تو کي ڏئي ڇڏيان، پر ڌڙ مٿان سِر هڪڙوئي آهي، جو ’توکي ڏِيندي لَڄ پئي ٿئي،‘ ڇاڪاڻ ته تُون اُهو راڳي آهين، جو تو کي جيترو گهڻو ڏِجي، اوترو ٿورو ٿو سمجهان. منهنجي سِر ۾ هَڏي ۽ چَم کان سواءِ ٻيو ته ڪُجهه ناهي، اصل هڪ مرچ جيترو به مال ڪونهي، اها تِڇ جهڙي شيءِ توکي ٿي گُهرجي، ته پوءِ آءٌ اهو سِر هڪ ڀيرو نه. پر وِيهه ڀيرا وَڍي ڏيان! منهنجا اهڙا سئو سِر هڪ پاسي هُجن، ٻئي پاسي تُنهنجي تَند هُجي ته تارازو جي تند وارو پاسو ڳَرو هُوندو. شاهه سائين، راجا راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
جَنهن ۾ مَال نَه مِري جيترو، تَنهن تُون طَمعدار،
جي اَچئي ڪَم ڪَپارُ، تَه وِيهه ڀيرا وَڍي ڏِيان.
يا
تَند بَرابر توريان، جي سَئو سِرن پَائي،
تَان اُٽل اَوڏانهن ٿِئي، جَيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
هِي سَکڻو هَڏ آهي، سر ۾ سَڄڻ نَاهه ڪني!
ٻيجل، راجا راءِ ڏياچ جي اهڙي درياهه دلي ڏِسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ راجا کي چيائين ته ’تُنهنجي حالت اِها آهي ته پوءِ راڳداريآءَ جي راز ٻُڌائڻ لاءِ آءٌ به تيار آهيان، سو واڄو هٿ ۾ ڪري وڄائڻ شروع ڪيائين، واڄو بِرهه جو ڪينرو هو، سو هٿ لڳڻ سان ڪِنجهڻ لڳو! اهڙي تند راجا جي اڳيان هَنيائين، جو هُو هر ڳالهه کان واقف ٿيو، جڏهن قادر مطلق جي هستيءَ کان واقف ٿيو ته سڀ وَهم گُمان ختم ٿي ويس، وجود وڃائڻ واري رمز لڳيس:
ڪنجهي ڪِيرت ڪينرو، وَاڄو ولائتي،
هَنيائِين تَند حُضور ۾ پَارس پيرائتي،
سُڻندي سلطان کي، ظاهر ٿيو ذاتي،
ڪَڍندي ڪَاتِي، وِڌائِين ڪَرٽ ڪَپار ۾.
ٻيجل، راجا راءِ ڏياچ جو سِر کڻي ويندو هو، سُورٺ وَر جي وِڇوڙي سبب سخت پريشان ٿي ۽ سندس زندگي بي مزي بنجي وئي، آخر سورٺ پنهنجي وَر جو وِڇوڙو سهي ڪانه سگهي ۽ وَر سان گڏ ساڳي چِکيا تي چڙهي اَگنيءَ ۾ سڙي خاڪ درخاڪ ٿي وئي.
[روزاني عبرت حيدرآباد، اربع 19 جنوري 2011ع ۾ ڇپيو.]