ديباچو
ترجمي جي دوران مون کي جيڪي مشڪلاتون پيش آيون، تن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:
-1 ڇاڪاڻ ته ابن بطوطه، تقريبن سڄيءَ دنيا جو سفر ڪيو آھي، تنهن ڪري ھن ھر ملڪ جا لفظ ھر ھنڌ استعمال پئي ڪيا آھن، نتيجو اھو ٿو نڪري، جو پڙھڻ وارو انهن جي ڳولا عربي ڊڪشنرين ۾ ڪندو ٿو رھي، پر اھي لفظ ملي ڪين ٿا سگھن. انهيءَ خاص تڪليف لاءِ مون کي جناب مولانا عبدالعزيز عرب جي مدد وٺڻي پيئي، جنهن ھر وقت مون کي مفيد مشورو ڏيئي، منهنجي ھن ڪم ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي.
-2 ڪيترن شھرن جا نالا ھن وقت گھڻو ڪري بدلجي ويا آھن ۽ ڪي شھر اصل بلڪ نابود ٿي ويا آھن، جن جو ڪٿي نشان به نٿو ملي سگھي. پر تنهن ھوندي به انڊين امپيريل گزيٽيئر، ابو الفضل جو آئين اڪبري، تاريخ معصومي، چچ نامو، تاريخ رشته ۽ تحفة الڪرام جھڙين تاريخن ۾ڪننگھام جي رپورٽن، جيڪي ھن آثار قديم متعلق لکيون آھن ۽ ٻين ڪن سندس ھمعصر مورخن ۽ سياحن جا ڪتاب ھٿ ڪري، انهن مان انهن شھرن جا نشان ۽ پتا ھٿ ڪيم، پر جيڪڏھن اڃا به ڪجھه رھجي ويا ھجن ته پڙھندڙ حضرات انهن بابت مون کي ڪا معلومات ڏيندا ته سندن نوازش ۽ پنهنجي ھمت افزائي سمجھندس.
-3 ابن بطوطه جو اصل لکيل سفر جو احوال ته سندس بيان مطابق کانئس دريائي ڊاڪن ڦري ورتو، تنهنڪري جيڪي ڪجھه به لکيو اٿم، سو رڳو پنهنجي يادگيريءَ ۽ ذھن مان لکيو اٿس، ان لاءِ به ڪوشش ڪري، ھن جي ڪن ڳالھين کي فوٽ نوٽن وسيلي ڪجھه درست ڪيو ويو آھي.
-4 ابن بطوطا ڪيترن ھندستاني لفظن کي عربي جيءَ اچارن موجب لکي ويو آھي ۽ وري عربي ڪاتبن ته اصل انهن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي آھي، مثلن گواليار کي ڪاليور (ڪيالير)، گجرات کي الجورات ڪري لکيو ويو آھي، تنهن لاءِ پڻ ڪٿي ڪٿي اصل متن وارو لفظ لکي، اتي ئي ڏنگين ۾ صحيح لفظ لکيو ويو آھي.
مطلب ته ھن ڪتاب جي دقيق محاورن کي سلجھائڻ ۽ سوليءَ ۽ با محاوره سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ٻه سال ڪافي نه ھئا، پر مون محنت ڪري، سنڌيءَ جي علم ادب جي خدمت ڪرڻ خاطر، ھن ڪتاب ۾ پنهنجي حتي المقدور ڪوشش صرف ڪئي آھي. اميد ته ھيءُ ڪتاب تاريخي ذوق رکندڙ حضرات ۽ سنڌي علم ادب جي شائق سڄڻن لاءِ ڪافي دلچسپ ثابت ٿيندو.
و آخر دعوانا ان الحمدالله رب العالمين.
[b] محمد ابراھيم عباسي
[/b]بي اي، بي ٽي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ
19 اپريل 1959ع