فصل پھريون
[/b] سنه ٧٢٤ ھجري جي ماھ محرم الحرام جي پھرين تاريخ اسين سنڌو دريا تي اچي پھتاسين، ان درياءَ کي پنج آب (پنجاب) به ڪري چوندا آھن. ھيءُ درياءَ دنيا جي تمام وڏن دريائن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. گرمي جي مند ۾ ھن کي چاڙھه ٿيندو آھي ۽ جھڙيءَ طرح مصر جي باشندن جي زراعت جو مدار نيل نديءَ جي چاڙھه تي آھي، اھڙي طرح ھن ملڪ جي رھاڪن جي زندگي به ھن درياءَ جي چاڙھه تي منتصر آھي. ھتان کان وٺي سلطان محمد شاھه (1) ھندستان ۽ سنڌ جي مسلمان بادشاھه جي حڪومت شروع ٿئي ٿي.
جڏھن اسين ھن درياءَ تي پھتاسين، تڏھن بادشاھه جا اخبار نويس اسان وٽ آيا ۽ اسان جي اچڻ جي خبر يڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏياري موڪليائين . بادشاھه جي طرفان انهن ڏينهن سنڌ جو امير سرتيز(1) ھو. ھي شخص بادشاھه جو غلام ۽ فوج جو سپھه سالار ھو، جڏھن اسين سنڌ ۾ پھتاسين، تڏھن شھر جو امير سيوستان(1) ۾ ترسيل ھو.
سيوستان کان ملتان تائين ڏھن ڏينهن جو رستو آھي ۽ ملتان کان دارلخلافه دھلي تائين پنجاھه ڏينهن جو رستو آھي. اخبار نويس جيڪا خبر بادشاھه کي لکندا آھن، اھا ھن وٽ ٽپال جي ذريعي پنجن ڏينهن ۾ پھچي ويندي آھي.
ٽپال کي ھن ملڪ ۾ بريد(2) چوندا آھن جيڪا ٻن قسمن جي ٿيندي آھي، ھڪ گھوڙي واري ۽ ٻي پيادي. گھوڙي واري ٽپال کي ”اولاق“ چوندا آھن ۽ ھر چئن ڪوھن کانپوءِ گھوڙو بدلايو ويندو آھي، ھي گھوڙا بادشاھه جي طرفان مليل ھوندا آھن، پيادي ٽپال جو انتظام وري ھيئن ٿيندو آھي، جو ھڪ ميل ۾، جنهن کي ھتي جا ماڻھو ”ڪروهه“(3) چوندا آھن، ٽي چونڪيون پيادن جون ھونديون آھن، ان چونڪي کي ”داوھه“(4) ڪري سڏيندا آھن وري ھر ھڪ ميل جي ٽئين حصي جيتري فاصلي تي ھڪ ڳوٺ ٻڌل ھوندو آھي ۽ اھڙي ھر ڳوٺ جي ٻاھران پيادن لاءِ ھڪ حاطو (چونڪي) ٺھيل ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ پيادي وٽ ھڪڙي ٻه گز ڊگھي لٺ ھوندي آھي، جنهن جي ھڪ مٺئي تي ٽامي جا گھنگھرا ٻڌل ھوندا آھن.
جڏھن شھر مان ٽپال نڪرندي آھي، تڏھن مقرر ٿيل پيادو ھڪ ھٿ ۾ لفافو جھليندو آھي ۽ ٻئي ھٿ ۾ لٺ کڻي وٺي پنهنجي پوري طاقت سان ڊوڙندو آھي، ٻيو پيادو وري ھن جي گھنگھرن جو آواز پري کان ٻڌي، تيار ٿي بيھندو آھي، ۽ ھن کان لفافو وٺندي ئي يڪدم اڳتي ڊوڙندو آھي، اھڙي طرح سان جنهن طرح خط وغيرھ پھچائڻو ھوندو آھي، پھچايو ويندو آھي ھن قسم جي ٽپال گھوڙن کان به جلد پھچي ويندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن ٽپال جي ذريعي خراسان جا تازا ميوا پڻ رڪابين ۾ رکي، خاص بادشاھه لاءِ پھچايا ويندا آھن ۽ ڪڏھن ته ڪي سنگين مجرم کٽ تي (سھاري چوکنڀو ٻڌي)، اھڙي طرح چونڪي به چونڪي پيادا کڻي وڃي پھچائيندا آھن. بادشاھه جڏھن دولت آباد ۾ ھو، تڏھن ان لاءِ گنگاندي (جيڪا ھندن جو حج يعني ياترا جي جڳھه آھي،) جو پاڻي پڻ ٽپال ۾ موڪليو ويندو ھو، دولت آباد گنگا ندي کان چاليھن ڏينهن جي مفاصلي تي آھي.
اخبار نويس ھر ڪنهن مسافر جا احوال تفصيل وار لکندا آھن، مثلن ھن جي شڪل (حليو) ھيءَ آھي، لباس ھي پھريل اٿس، نوڪر، رفيق ۽ جانور ھن قسم جا ساڻ اٿس، اٿڻي ويھڻي ھن نموني جي اٿس، وغيرھ، مطلب ته ڪا به ڳالھه باقي ڪين ڇڏيندا آھن، جڏھن ڪو به مسافر ملتان جي شھر ۾ (جيڪو سنڌ جو دارالخلافه آھي) پھچندو آھي، تڏھن جيستائين بادشاھه جي طرف کان، ھن جي روانگيءَ، مھمان نوازي جي انتظام ٿيڻ ۽ اخراجات مقرر ٿيڻ جو حڪم نه اچي، تيستائين ھن کي اتي ئي (ملتان ۾) ترسڻو پوندو آھي، ھر ڪنهن مسافر جي آجيان، ھن جي ساز و سامان ۽ اٿڻي ويھڻي مطابق ٿيندي آھي، ڇو ته ان وقت تائين سندس حسب ۽ نسب جي خبر پئجي ڪين سگھندي آھي.
ھندستان جو بادشاھه محمد شاھه تغلق پرديسين جي عزت ۽ آبرو تمام گھڻي رکندو آھي ۽ انهن سان ڏاڍي محبت ڪندو آھي، ايتري قدر جو کين وڏا وڏا عھدا پڻ بخشيندو آھي، سندس خاص درٻاري، حاجب (خط رکندڙ) وزير، قاضي ۽ نائي گھڻو ڪري غير ملڪي ماڻھو ھوندا آھن ھن جو حڪم آھي ته ”پرديسيءَ کي ھميشه عزيز ڪري سڏيو وڃي، انهي ڪري ٻاھڙيان ماڻھو سڀ عزيز جي لقب سان سڏيا ويندا آھن.
جيڪو شخص بادشاھه جي سلام تي ويندو آھي، سو ھن لاءِ ڪو نه ڪو تحفو ضرور وٺي ويندو آھي، ڇو ته اھو سڀني کي معلوم آھي ته بادشاھه انهن تحفن جي عيوض ٻيڻو يا ٽيڻو انعام ضرور ڏيندو آھي، انهي ڪري سنڌ جي ڪن سوداگرن جو اھو پيشو ٿي ويو آھي ته ھو اھڙي شخص کي ھزارھا دينار قرض ڏيندا آھن، ان لاءِ تحفا تيار ڪندا آھن، کيس نوڪرن گھوڙن ۽ (شانائتي) سواري جو انتظام ڪري ڏيندا آھن، ۽ نه رڳو ايترو بلڪه پاڻ به نوڪرن وانگر ان جي اڳيان ھٿ ٻڌيو بيٺا ھوندا آھن، پوءِ جڏھن اھو شخص بادشاھه جي سلام کان شرفياب ٿيندو آھي ۽ کيس انعام ملندو آھي تڏھن ھو انهن سوداگرن جو سمورو قرض ادا ڪري ڇڏيندا آھن، اھڙي طرح ھي سوداگر تمام گھڻو نفعو حاصل ڪندا رھندا آھن.
مان به جڏھن سنڌ ۾ پھتس تڏھن اھو ئي طريقو اختيار ڪيم ۽ اھڙن سوداگرن کان گھوڙا، اٺ ۽ غلام خريد ڪيم، ھڪ عراق جو سوداگر جنهن جو نالو محمد دوري ھو ۽ تڪريت(1) جو رھواسي ھو، تنهن کان شھر غزنيءَ ۾ ٽيھه گھوڙا ۽ ھڪ اٺ، جنهن تي تير ۽ ڪمان لڏيل ھئا، خريد ڪيم، ڇو ته اھڙيون ئي شيون بادشاھه کي تحفي طور ڏنيون وينديون ھيون، جڏھن اھو سوداگر خراسان کان واپس آيو، تڏھن اچي مون کان پنهنجو قرض گھريائين ۽ تمام گھڻو فائدو حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو ھو فقط منهنجي ڪري ئي ھڪ وڏو واپاري بنجي ويو. اھو ئي شخص ڪيترن سالن کانپوءِ وري مون ساڻ حلب جي شھر ۾ مليو. اتي جي ڪافرن(2) مون کان منهنجي تن جا ڪپڙا به ڦري ورتا ھئا، پر ھن شخص منهنجي ڪا به مدد ڪا نه ڪئي.
_________
(1) ھيءُ، غياث الدين تغلق، جيڪو تغلق گھراڻي جو پھريون حاڪم ھو، تنهن جو پٽ ھو، سندس اصل نالو جونا خان ھو، ۽ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ محمد شاھه تغلق جي لقب سان تخت تي ويٺو.
(1) سرتيز (عمادالملڪ) ، پنهنجي قوم جو سردار ۽ بادشاھه محمد شاھه تغلق جو ناٺي ۽فوج جو سپھه سالار ھو، سنه ٧٤٨ ھجري ۾، ھو جڏھن دکن ۾ حسن ڪاڪوئي بهمنيءَ جي بغاوت بند ڪرڻ ۾ مصروف ھو، تڏھن ھڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. (1) شھر سيوستان مان بطوطا جو مطلب سيوھڻ (ضلعو دادو) آھي.
(2) عربي ۾ قاصد يا ٻارنهن ميلن جي مفاصلي کي بريد چوندا آھن. گب صاحب لکي ٿو ته ھن قسم جي پوسٽل سروس رڳو سرڪاري ڪمن لاءِ مقرر ھوندي ھئي ۽ اھا عام ماڻھو خانگي طرح سان انهن وقتن ۾ ڪڏھن به استعمال ڪري ڪين سگھندا ھئا.
(3) ڪروهه ۽ ڪوھ ھڪ ئي لفظ. سنڌ ۾ ھن وقت ٻن ميلن جي مفاصلي کي ڪرھ چوندا آھن.
(4) داوھه دابه = ڊاٻه (من جانب مڪرمي جناب مھربان استاد صاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
(1) ) عراق ۾ بغداد ۽ موصل جي وچ تي ھڪ وڏو شھر آھي.
(2) حلب جي ڪافرن مان ابن بطوطه جو مطلب دريائي ڊاڪو ٿي سگھي ٿو، جيڪي ان وقت ڪٿي ڪٿي قابض ھئا.