فصل ٻيو
[/b]بلبن پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري، پاڻ بادشاھه بڻجي ويٺو ۽ ويھن سالن تائين حڪومت ڪندو رھيو، ان کان اڳ ويھه سال نائب ٿي رھندي به سلطنت جا سڀ اختيارات سندس ھٿ ۾ رھندا ھئا، ھي بادشاھه منصف مزاج، بردبار ۽ نهايت نيڪ بخت ھو ۽ عالم ۽ فاضل پڻ ھو، ھن ھڪ جاءِ ٺھرائي ھئي، جنهن جو نالو دارالامن (ڇوٽڪاري جو گھر) رکيو ھئائين جيڪو به مقروض ان گھر ۾ ايندو ھو، تنهن جو قرض بادشاھه ادا ڪري ڇڏيندو ھو ۽ جيڪو ماڻھو خون ڪري يا ڪو ٻيو سنگين ڏوھ ڪري ان ۾ گھڙي ايندو ھو، ته مقتول يا مظلوم جي وارثن کي ان جو عيوض ڏيئي راضي ڪري ڇڏيندو ھو، ھن بادشاھه جي قبر به انهي جاءِ (دارالامن) ۾ ٺھيل آھي، مون به اھا قبر وڃي ڏٺي ھئي، ھن بادشاھه لاءِ ھڪ عجيب ڪھاڻي بيان ڪندا آھن.
[b]بادشاھه جي ڪھاڻي
[/b]چون ٿا ته بخارا جي بازار ۾ کيس ھڪ فقير مليو، بلبن قد جو بندرو، ڪجھه قدر ڪٻڙو ۽ بدصورت ھوندو ھو، فقير چيس ته ”اي ترڪڪه“ (ترڪڙا)! ڄڻ ته نفرت سان سندس نالو ورتائين، جنهن جي جواب ۾ ھن چيو ”حاضر منهنجا سائين“ فقير جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ”مون کي ڏاڙھون وٺي ڏي“ ھن چيو ته چڱو، ۽ کيسي مان، جيڪي ھن وٽ پئسا ھئا سي ڪڍيائين، جيتوڻيڪ انهن پئسن کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ڪو نه ھئس، تڏھن به ھڪدم ڏاڙھون خريد ڪري فقير کي ڏنائين، فقير اھو ڏاڙھون وٺي چيو ته ”اسان توکي ھندستان جو ملڪ بخشش ۾ ڏنو“ بلبن پنهنجو ھٿ چمندي، چيو ته مون کي قبول آھي ۽ اھا ڳالھه ھن جي دل تي ويھي وئي.
اتفاق سان سلطان شمس الدين التمش ھڪ سوداگر موڪليو ته بخارا، ترمز ۽ سمرقند مان وڃي ھن لاءِ غلام خريد ڪري اچي. ھن ھڪ سئو غلام خريد ڪيا ۽ انهن ۾ بلبن به ھڪڙو ھو. جڏھن اھي غلام بادشاھه جي سامھون حاضر ڪيا ويا، تڏھن ٻيا سڀ غلام کيس پسند آيا پر فقط بلبن کي ناپسند ڪيائين ۽ چيائين ته ھي مون کي نه گھرجي، بلبن تنهن تي عرض ڪيو ته ”اي آخوند عالم، ھي سڀ غلام حضور جن ڪنهن جي واسطي خريد ڪيا آھن؟“ التمش انهي مذاق تي کلي ڏنو ۽ ھن کي به کڻي خريد ڪيائين، ڇاڪاڻ ته ھو ڪٻڙو ھو، تنهن ڪري کيس پاڻي ڍوئڻ جي ڪم تي لڳايو ويو، جلدي نجومين بادشاھه کي اطلاع ڏنو ته تنهنجي اولاد کان تنهنجو ھڪ غلام سلطنت وٺندو ۽ ان تي قابض ٿي ويندو، نجومي ھميشه پيا اھا ڳالھه ڪندا ھئا پر بادشاھه پنهنجي نيڪ بختي ۽ انصاف پروريءَ جي ڪري انهن جي ڳالھين تي توجھ ئي ڪو نه ڏيندو ھو.
آخر ھنن بادشاھه جي بيگم سان اھا ڳالھه ڪئي، جنهن جڏھن بادشاھه کي چيو، تڏھن وڃي بادشاھه جي دل تي ڪجھه اثر ٿيو، ۽ نجومين کي گھرائي چيائين ته ”توھان انهي شخص کي سڃاڻي سگھندا؟“ انهن چيو ته ”سندس ڪي نشانيون آھن جن تي اسان کيس سڃاڻي سگھنداسين.“ بادشاھه حڪم ڪيو ته سڀ غلام منهنجي سامھون لنگھن، بادشاھه ويھي رھيو، غلام ٽوليون ٽوليون ڪري سامھون لنگھندا ويا ۽ نجومي ڏسندا چوندا رھيا ته ھنن ۾ اھو شخص ڪونهي، ظھر جو وقت ٿي ويو، پاڻي ڀرڻ وارن غلامن جو اڃا وارو نه آيو ھو.
ھو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسان ته بک مري وياسين ۽ پئسا جمع ڪري بلبن کي مانيون وٺڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪلي ڏنائون، ھن کي ويجھي بازار ۾ مانيون ملي نه سگھيون تنهن ڪري ٻي بازار ڏانهن ھليو ويو، جيڪا ڪجھه پرڀرو ھئي، جڏھن پاڻي وارن جو وارو آيو ۽ بلبن واپس نه آيو، تڏھن ھنن ھڪ ڇوڪر کي ڪجھه ڏيئي بلبن جي مشڪ ۽ ھن جو ٻيو سامان سندس ڪلھي تي رکي، کيس بلبن جي بجاءِ پيش ڪيو، جڏھن بلبن جو نالو پڪاريو ويو تڏھن اھو ڇوڪرو سندس جاءِ تي اٿي بيھي رھيو، ھي سڀ ڪجھه ٿي چڪو، پر نجومين کي اھو شخص ملي نه سگھيو، جنهن جي کين تلاش ھئي، بلبن انهي وقت آيو جڏھن سڀ پيش ٿي چڪا ھئا.
ڇو ته تقدير الاھي پوري ٿيڻي ھئي، بلبن پنهنجي لياقت سان ترقي ڪندي، پاڻي وارن جو امير مقرر ٿيو، پوءِ لشڪر ۾ داخل ٿيو ۽ آھستي آھستي سردار ٿي ويو، سلطان ناصر الدين بادشاھه ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح ھن سان ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن کيس پنهنجو نائب مقرر ڪيائين ويھه ورھيه ھو نائب رھيو ۽ پوءِ سلطان ناصر الدين کي قتل ڪري خود بادشاھه بڻجي ويو، بلبن کي ٻه پٽ ھئا.
سندس وڏو پٽ خان شھيد ھو، جو سندس ولي عھد پڻ ھو، ھو پيءُ جي طرفان سنڌ جو حاڪم ھو ۽ ملتان ۾ رھندو ھو، ھڪ دفعي ھو ”تاتارين“ (منگولين) سان لڙندي ھڪ لڙائي ۾ شھيد ٿي ويو، ھن جا ٻه پٽ ھئا، ھڪ ڪيقبان ۽ ٻيو ڪيخسرو، بلبن جي ٻئي پٽ جو نالو ناصر الدين ھو، جو پنهنجي پيءُ جي وقت ۾ لڪنوتي(لکنوتي) ۽ بنجال(بنگال) جو حاڪم ھو، جڏھن خان شھيد مارجي ويو تڏھن بلبن سندس پٽ ڪيخسرو کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پٽ ناصرالدين کي ولي عھد نه ڪيائين ۽ ان ناصرالدين جو معزالدين نالي ھڪ پٽ ھو، جو ان وقت بادشاھه وٽ رھندو ھو.
[b]سلطان معزالدين بن ناصر الدين بن سلطان ۽ غياث الدين بلبن
[/b]جنهن رات سلطان غياث الدين بلبن وفات ڪئي، تنهن رات سندس پٽ ناصر الدين(بغرا خان) بنگال ۾ ھو، بادشاھه پنهنجي پوٽي ڪيخسرو کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو، پر بادشاھه جو نائب ڪيخسرو سان عداوت رکندو ھو، بادشاھه جي مرڻ کان پوءِ ھو ھڪدم ھڪ تجويز سوچي ڪيخسرو وٽ لنگھي ويو، ۽ ساڻس ھمدردي ۽ غمگيني ظاھر ڪندي، ھڪ جعلي دستاويز ڏيکاريائين، جنهن ۾ سڀني اميرن اتفاق راءِ سان معزالدين جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس پنهنجو بادشاھه تسليم ڪيو ھو ۽ ائين به چيائين ته مون کي ته تنهنجي سر جو به خير ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جنهن تي ڪيخسرو ڊڄي ويو ۽ پڇيائينس ته ”ھاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ نائب صلاح ڏنيس ته توھان ھن ئي وقت سنڌ ڏانهن ھليا وڃو، ڪيخسرو چيو ته ”ھينئر ته دروازو به بند ھوندو“ جنهن تي نائب چيو ته ”ڪُنجون مون وٽ آھن ۽ توھان کي دروازي مان لنگھائي وري دروازو بند ڪري ڇڏيندس.“ ڪيخسرو سندس احسان مڃيو ۽ راتو واه ملتان ڏانهن ڀڄي ويو. جڏھن ڪيخسرو شھر کان ٻاھر نڪري ويو، تڏھن نائب معزالدين وٽ ويو ۽ کيس جاڳائي چيائين ته سڀ امير توھان جي بيعت لاءِ تيار آھن، معزالدين جواب ڏنو ته ”منهنجو سوٽ، جو ولي عھد آھي، تنهن جو ڇا ٿيو؟ ۽ منهنجي بيعت جو مطلب آخر ڇا آھي؟“ تنهن تي نائب سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايس، معزالدين سندس شڪريو ادا ڪيو. پوءِ سڀني اميرن ۽ خاص ماڻھن کان راتو واه بيعت ورتي وئي ۽ ٻئي صبح جو اعلان ڪيو ويو، ان بعد سڀ عام و خاص بادشاھه جي بيعت ۾ داخل ٿي ويا، معزالدين جي پيءُ کي جڏھن تخت نشيني جي خبر پئي، تڏھن چيائين ته اھو حق منهنجو آھي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو پٽ بادشاھه ٿي نٿو سگھي، يڪدم ھن پنهنجو لشڪر جمع ڪيو ۽ وڏي ڪٽڪ سان ھندستان ڏانهن روانو ٿيو، ھوڏانهن نائب، بادشاھه کي ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ نڪتو، ٻيئي لشڪر گنگا ندي جي ٻنهي ڪنارن تي ھڪٻئي جي سامھون ڪڙا(1) شھر جي ڀرسان اچي خيمه زن ٿيا، لڙائي شروع ٿيڻ تي ھئي ته خدا تعاليٰ ناصرالدين جي دل ۾ خيال وڌو ته آخر معزالدين تنهنجو پٽ آھي، توکان پوءِ ھو ئي بادشاھه ٿيندو، تنهن ڪري ماڻھن جي خونريزيءَ مان ڪھڙو فائدو، ھوڏانهن پٽ جي دل ۾ به محبت جوش ۾ آئي ۽ آخر ٻئي بادشاھه پنهنجي ٻيڙين ۾ ويھي، درياءُ جي وچ ۾ اچي پاڻ ۾ مليا، بادشاھه پنهنجي پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو، ناصر الدين کيس اٿاري، گلي لڳائيندي چيو ته ”جيڪو منهنجو حق ھو، سو مون توکي بخشيو، ۽ سندس ھٿ تي بيعت ڪيائين، ھن ملاقات لاءِ شاعرن گھڻيئي قصيدا(2) لکيا آھن، ھن ملاقات جو نالو لقاءُ السعدين(3) رکيو ويو، پوءِ بادشاھه پنهنجي پيءَ کي دھلي وٺي ويو، سندس پيءَ کيس تخت(1) تي ويھاري، سندس سامھون بيھي رھيو.
پوءِ ناصر الدين واپس بنگال ھليو ويو ۽ ڪجھه عرصو حڪومت ڪري مري ويو، اتي سندس اولاد به ھو، انهيءَ مان سندس ھڪ پٽ(اھو ئي) غياث الدين بهادر”ڀورو“ ھو، جنهن کي سلطان غياث الدين تغلق قيد ۾ رکيو ھو، پر سلطان محمد تغلق پنهنجي پيءَ جي مرڻ کانپوءِ کيس ڇڏي ڏنو ھو، معزالدين چئن سالن تائين حڪومت ڪئي، اھو عرصو ھن بادشاھه لاءِ ھر روز عيد ۽ ھر رات شب بارات ھئي، ھيءُ بادشاھه تمام سخي ۽ رحمدل ھو، جن ماڻھن کيس ڏٺو ھو، تن مان ڪن سان منهنجي ملاقات ٿي، جي سندس نهٺائيءَ، انسانيت ۽ سخاوت جي گھڻي تعريف ڪري رھيا ھئا، ھن جامع مسجد دھليءَ جو ھڪ مينار(2) ٺھرايو آھي، جنهن جو مثال سڄي دنيا ۾ مشڪل آھي، عياشيءَ ۽ ڪثرت شراب خوري جي ڪري کيس اڌرنگ جي بيماري ٿي پئي، طبيبن گھڻيئي علاج ڪيا، پر ڪجھه فرق نه ٿيو.
________________________________________
(1) ڪڙا شھر؛ ھيءُ ھندستان ۾ الھھ آباد جي ضلعي ۾ گنگا نديءَ جي ڪناري تي آھي.
(2) خاص طرح سان امير خسرو جا فارسي شعر، ان موقعي جي خاصيت متعلق قابل ذڪر آھن. (وڌيڪ ڏسو سندس شعر، جون ڪي جھلڪيون هيٺ صفحي تي.)
(3) لقاءُ السعدبن جي باري ۾ امير خسرو طوطيءَ ھند جو ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ھن ئي موقعي تي ڏنو ھئائين؛
بافت خبر خسرو مشرق پناھه-ناصر حق وارث اين تخت گاھه
کھ افراد را پسر انبار گشت- دين شرف ازوئي به پسر باز گشت
خشم بسر کرد و علم برکشيد-ساخته کين شد و لشکر کشيد
تند چوباد آمد ازان خار خار- از پئي گلگشت بسوئي بهار
(1) اليٽ صاحب”اسڊيز ان انڊين ھسٽري“صفحي ٣٣١ تي امير خسرو جي ھڪ شعر جي انگريزي ترجمي ۾ لکي ٿو؛
“He then seized his sons hand and seated him on the throne, and when he had descended again from it, he stood with his hands, joined, and all were astonished at the scene the son sat but a short time on the throne when he descended and approached his father. The officers of the state stood on each side, holding trays of jwels in their hands, which they poured upon the heads of two kings, and the ground before them was strawed with rubies, pearls, silver and gold.
(2) ھتي ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، جنهن جو سبب آھي: سندس معزالدين مال (محمد غوريءَ) ۽ مٿئين معزالدين کي (جيڪو ڪيقباد ڪري سڏيو ويندو ھو) ھڪ ئي ڪري سمجھڻ اصل ۾ اھو مينار محمد غوريءَ ٺھرايو ھو.