فصل ٽيون
[/b]مان شيخ صاحب جي زيارت کان واپس پئي آيس، ته مون ڏٺو ته ڪيترائي ماڻھو، جن مان ڪي اسان جا ماڻھو پڻ ھئا، اسان جي تنبن جي طرف کان ڀڄندا پئي آيا. مون پڇيو مان ته ڪھڙي ماجرا آھي؟ جواب ڏنائون ته ھڪ ھندو مري ويو آھي، ۽ ان جي ساڙڻ لاءِ جيڪا چکيا تيار ڪئي وئي آھي، انهيءَ ۾ سندس زال به ساڻس گڏ سڙندي، جڏھن اھي ٻئي سڙي ويا، تڏھن اسان جا ھمراھه واپس آيا ۽ ٻڌايائون ته عورت ڪيئن ميت سان چنبڙي، سڙي مري وئي، ٻئي دفعي مون ڏٺو ته ھڪ ھندو عورت، ٺھي ٺھڪي، سينگار ڪري، گھوڙي تي سوار ٿي وڃي رھي ھئي، ھندو ۽ مسلمان، سندس پٺيان ھئا، اڳيان دھل دماما وڄندا پئي ويا، برھمڻ جيڪي ھنن جا مذھبي اڳواڻ ھوندا آھن، سي ھن سان گڏ ھئا، اھو علائقو بادشاھه جو ھو، تنهن ڪري بادشاھه جي اجازت کانسواءِ، ھو کيس جلائي نٿي سگھيا، جڏھن بادشاھه جي طرفان اجازت ملين، تڏھن کيس وڃي ساڙيائون، ڪجھه عرصي کان پوءِ ھڪ ٻيو اتفاق ٿيو، جو مان ھڪڙي اھڙي شھر ۾ ھيس، جنهن جا گھڻا رھاڪو ھندو ھئا، انهن کي ابرجي به ڪري ڪوٺيندا ھئا، ھڪ دفعي انهن رستي تي ڦر ڪئي، تنهن ڪري اھو امير، ھندن ۽ مسلمانن جو گڏيل لشڪر وٺي انهن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ ويو، تمام سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ست ھندو رعيتي ماڻھو مارجي ويا، جن مان ٽن کي زالون ھيون، انهن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ستي ٿيڻ ھندن ۾ ڪو واجب ڪونهي، پر جيڪي رنون زالون پنهنجن مڙسن سان گڏ سڙنديون آھن، انهن جو خاندان عزت وارو ليکيو ويندو آھي، ۽ عورتون وفادار سمجھيون وينديون آھن، جيڪي زالون ستيون نه ٿينديون آھن، انهن کي ٿلھا ڪپڙا پائڻ ۽ طرح طرح جي خواري سان زندگي بسر ڪرڻي پوندي آھي. از انسواءِ انهن کي بي وفا پڻ سمجھيو ويندو آھي، پر ڪنهن کي ستي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪو نه ڪيو ويندو آھي.
جن ٽن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو ھو، اھي ٽي ڏينهن اڳ ڳائن وڄائڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويون. ڇو ته ھو ھن دنيا مان وڃي رھيون ھيون، انهن وٽ ھر طرف کان زالون پئي آيون، چوٿين ڏينهن انهن وٽ ھڪ ھڪ گھوڙو آندو ويو ۽ ھر ھڪ بيواھ، سينگار ڪري، خوشبوءِ لڳائي، ان تي سوار ٿي، انهن جي ساڄي ھٿ ۾ ناريل ھئا، جن کي اڇلائي ۽ جھٽي رھيون ھيون ۽ کاٻي ھٿ ۾ آئينو ھو، جنهن ۾ ھر ھڪ منهن پئي ڏٺو، برھمڻ انهن جي چوڌاري جمع ھئا، سندن مائٽ مٽ به ساڻن گڏ ھئا، اڳيان دھل دمان وڄندا پئي ويا ۽ ھندن مان ھر ھڪ انهن کي چئي رھيو ھو ته منهنجي فلاڻي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا دوست کي سلام چئجان، ۽ جنهن تي ھو کلنديون، ھائو ڪنديون پئي ويون، مان به پنهنجي دوستن کي وٺي سندن سڙڻ جو منظر ڏسڻ ويس، اسان انهن سان ٽي ميل کن گڏ وياسين ۽ ھڪ اھڙي جڳھه تي پھتاسين، جتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ گھاٽي وڻراھ ھجڻ ڪري انڌيرو ٿي رھيو ھو، اھڙيءَ جڳھه جي ٺيڪ وچ تي چار گنبذ ٺھيل ھئا، جن مان ھر ھڪ گنبذ ۾ ھڪ بت رکيل ھو ۽ وچ تي ھڪ حوض ٺھيل ھو، جنهن تي وڻن جي ڇانو ھجڻ سبب ۽ اس جي نه پوڻ ڪري اھو اونداھو ائين پئي معلوم ٿيو، جو ڄڻ ته جھنم جو ٽڪرو ھو، جڏھن ھي عورتون انهن گنبذن وٽ پھتيون، تڏھن انهيءَ حوض ۾ لھي غسل ڪيائون، پوءِ پنهنجا ڪپڙا ۽ زيور لاھي، انهن جي جاءِ تي ھڪ ٿلھي ساڙھي ٻڌائون، حوض جي ڀرسان ھڪ ھيٺاھين زمين تي باھ ٻاري وئي، جنهن ۾ سرنهن جي تيل وجھڻ سان باھ ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي، پندرھن کن ماڻھن جي ھٿن ۾ ٻڌل ھلڪين ڪاٺين جون ڀريون ھيون ۽ ڏھاڪو کن ماڻھو وڏا وڏا بُنڊ کنيون بيٺا ھئا، دھلن ۽ شرناين وارا، عورتن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا، باھ جي اڳيان ڪپڙي جي اوٽ ڪئي وئي ھئي، ته جيئن عورتن جي نظر ان تي نه پوي، انهن مان ھڪ عورت زبردستي انهن ماڻھن کان اھو ڪپڙو ڦري ورتو ۽ چيائين ته ”ڇا، مون کي خبر نه آھي ته اھا باھ آھي؟ مون کي ڊيڄاريو ٿا؟“ پوءِ جلھ ڪري باھ ڏانهن وڌي ۽ پاڻ کي باھ ۾ اڇلائي وڌائين، انهي وقت دھل ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿيون، جيڪي ماڻھو سنهيون ڪاٺيون کنيون بيٺا ھئا، تن اھي باھ ۾ وجھڻ شروع ڪيون ۽ انهن جي مٿان وڏا بنڊ وجھي ڇڏيائون، جيئن اھا عورت چري پري به نه سگھي، اتي بيٺل ماڻھن وٺي گوڙ ڪيو، مان ھي سڀ ڏسي، بيھوش ٿي ويس ۽ گھوڙي تان ڪرڻ تي ھوس ته منهنجي دوستن مون کي سنڀالي ورتو ۽ پاڻيءَ سان منهنجو منهن ڌوئاريائون، پوءِ مان اتان موٽي آيس، اھڙيءَ طرح ھندو پاڻ کي درياءَ ۾ به ٻوڙي ڇڏيندا آھن، گھڻو ڪري اھي گنگا نديءَ ۾ ٻڏندا آھن، گنگا ڏانهن ھندو حج لاءِ ويندا آھن ۽ پنهنجي مردن جي خاڪ به انهيءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن، ڇو ته ھنن جو گمان آھي ته اھا ندي بهشت مان ٿي نڪري، جيڪڏھن ڪو شخص انهيءَ درياءَ ۾ ٻڏڻ چاھيندو آھي ته حاضرين کي چوندو آھي ته مان ڪنهن به دنياوي تڪليف يا مفسليءَ کان تنگ اچي، ائين نٿو ڪريان، پر پنهنجي ڪسائيءَ (گوسائين) جي رضامندي لاءِ ائين ڪري رھيو آھيان.”ڪسائي“ انهن جي زبان ۾ خدا جو نالو آھي. جڏھن اھو شخص ٻڏي مري ويندو آھي، تڏھن کيس ڪڍي ساڙي، سندس خاڪ گنگا نديءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن.
ان بعد اجوڌن کان ھلي اسان سرستي(1) پھتاسين. جيڪو ھڪ وڏو شھر آھي ۽ منجھس چانور تمام گھڻا ۽ سٺي قسم جا ٿيندا آھن، جيڪي اتان دھليءَ ڏانهن پڻ موڪليا ويندا آھن، ھن شھر مان آمدني به گھڻي ٿيندي آھي. حاجب شيخ شمس الدين بوشنجيءَ مون کي آمدني جو حساب ٻڌايو ھو، پر اھو مون کي ياد نه رھيو آھي.
اتان کان پوءِ اسان حانسي(1) جي شھر ۾ وياسين، ھيءُ ھڪ خوبصورت ۽ مضبوط شھر آھي ۽ منجھس وڏيون وڏيون عمارتون آھن. ھن شھر جي پناھه جي ديوار به ڪافي وڏي آھي، چون ٿا ته ھيءُ شھر ھڪ ھندو راجا ”تور“ ٻڌايو ھو ۽ ان راجا جي متعلق اتي جا ماڻھو، ڪيتريون ئي حقيقتون بيان ڪري رھيا ھئا، قاضي ڪمال الدين صدر جھان قاضي القضات، ھندستان، ۽ ان جا ڀائر قطلو خان، بادشاھه جو استاد، ۽ شمس الدين، جو ھجرت ڪري مڪي ھليو ويو ھو، اتي ئي وفات ڪئي ھئائين، ھن ئي شھر جا رھاڪو ھئا، پوءِ اتان ٻن ڏينهن جي سفر بعد مسعود آباد(2) پھتاسين، ھي شھر دھلي کان ١٠ ميل اوري آھي. اتي اسان ٽي ڏينهن ترسياسين، حانسي ۽ مسعود آباد ملڪ ھوشنگ ابن ملڪ ڪمال گزگ جي جاگير ۾ آھن، جڏھن اسان اتي پھتاسين، تڏھن بادشاھه دارالخلافه ۾ ڪو نه ھو ۽ قنوج جي طرف ويل ھو. قنوج دھلي کان ١٠ ميل پري آھي، دھلي ۾ بادشاھه جي والدھ مخدومه جھان ۽ وزير احمد بن غياث رومي موجود ھئا. وزير اسان مان ھر ھڪ لاءِ سندس شان ۽ مرتبي مطابق ماڻھو استقبال لاءِ موڪليا، منهنجي استقبال لاءِ شيخ بسطامي شريف مارندراني، جو پرديسي مسافرن جو حاجب ھو ۽ فقيه مولوي علاؤ الدين فند ملتاني آيا ھئا. وزير اسان جي اچڻ جي خبر بادشاھه کي ٽپال ذريعي موڪلي ۽ ٽئين ڏينهن کيس جواب اچي ويو، انهي سبب ڪري اسان کي ٽي ڏينهن مسعودآباد ۾ ترسڻو پيو، ٽن ڏينهن کان پوءِ اسان جي استقبال لاءِ قاضي، فقيه، مشائخ ۽ امراءُ آيا. مصر ۾ جن ماڻھن کي امير چوندا آھن، تن کي ھتي ملوڪ ڪري سڏيندا آھن. شيخ ظھيرالدين رنجاني به استقبال لاءِ آيو، جيڪو سلطان جي معزز مقربن مان ھڪ ھو، پوءِ اسان مسعود آباد کان ھلي، ھڪ ڳوٺ جي ڀرسان اچي لٿاسين، جنهن کي پالم (1) ڪري چوندا آھن، ھي ڳوٺ سيد شريف ناظر الدين مطھر اوھريءَ جي جاگير آھي. ھي سيد صاحب بادشاھه جي مصاحبن مان آھي ۽ بادشاھه جي سخاوت مان تمام گھڻو فائدو ڪيو اٿائين، اتان ھلي، ٻپھرن جي وقت اچي دار الخلافه دھلي ۾ پھتاسين جيڪو ھڪ عظيم الشان شھر آھي، ھتي عمارتن ۾ خوبصورتي ۽ مضبوطي، ٻئي موجود آھن، ھن جي شھر پناه اھڙي مضبوط آھي، جو دنيا ڀر ۾ سندس نظير ملي ڪين سگھندو، مشرق ۾ ڪوبه شھر، اسلامي خواه غير اسلامي، ھن شھر جي عظمت جي مقابلي جو نه آھي.
____________
(1) سرستي:قديم تاريخن ۾ سرستي جو نالو”سرسھ“ لکيل آھي. تاريخ فرشته ۾ به ”سرسھ“ لکيل آھي، ممڪن آھي ته سرسوتي درياءَ جي ڪناري تي ھجڻ ڪري سندس اصلي نالو”سرستي“ ھجي. مترجم
(1) حانسي؛ ھي ھندستان ۾ ھڪ چڱو شھر آھي، ھتي ابن بطوطه جو اشارو شايد اننگ پال تور ڏي آھي، جنهن ھيءُ شھر ٻڌايو ھو، آئين اڪبري ۾ ھن شھر لاءِ فقط ھيترو لکيل آھي. قلع دارد از خشت پخة- مترجم
(2) مسعود آباد؛ اڪبر بادشاھه جي وقت تائين ھي شھر آباد ھو، ۽ ائين اڪبري ۾ لکيل آھي ته ھي ھڪ پراڻو قلعو آھي، شايد ھيءُ اھو ئي ڦٽل شھر آھي، جنهن جا کنڊر اڃا تائين نجف ڳڙھھ جي ويجھو، دھلي کان ١٢ ملي پري موجود آھن.---مترجم
(1) پالم : ھي شھر دھلي کان ٿورو ئي پري، اٽڪل ڏھاڪو ميلن جي مفاصلي تي، دھلي کان ريواڙي طرف ويندڙ ريلوي لائين تي، پھرين اسٽيشن آھي.