سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو

[b]بادشاھه جي ڦڦاٽ جي بغاوت
[/b]سلطان تغلق کي ڀاڻيجو بهاءَ الدين گشت اسپ نالي ھوندو ھو، جنهن کي ھن ڪنهن علائقي جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو ھو. جڏھن ھن جو مامون وفات ڪري ويو تڏھن ھن بادشاھه (محمد شاھه تغلق) جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھو ھڪ وڏو بهادر انسان ھوندو ھو، (تنهن ڪري) بادشاھه ھڪ لشڪر جنهن ۾ ملڪ مجير ۽ خواجه جھان امير عليءَ جھڙا وڏا وڏا امير شامل ھئا، ھن تي چاڙھي موڪليو. زبردست لڙائيءَ ۾ بهاءُ الدين شڪست کائي، راءِ ڪنبيلھ جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. راءِ جو لفظ ھت ائين آھي جيئن روم ۾ بادشاھه لاءِ استعمال ڪندا آھن ۽ ڪنبيلھ ان ملڪ جو نالو ھو جنهن تي ھن بادشاھي ٿي ڪئي، ھن راجا جو ملڪ تمام ڏکين جبلن ۾ ھو ۽ اھو راجا سڀني ھندو راجائن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪري ليکيو ويندو ھو.
جڏھن بهاءُ الدين انهيءَ راجا وٽ ڀڄي ويو، تڏھن شاھي لشڪر به ھن جي پٺيان وڃي شھر کي گھيرو ڪيو. جڏھن راجا جو اناج اچي کٽو تڏھن اچي خوف ٿيس ته ڄاڻ ته ھاڻي قيد ٿيو. ان وقت راجا بهاءُ الدين کي گھرائي چيو ته ”اسان جو حال توکي معلوم آھي، جو تون خود ڏسي رھيو آھين. مون پنهنجي ۽ پنهنجي سڄي خاندان جي موت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، تنهن ڪري ھاڻي تون فلاڻي راجا وٽ ھليو وڃ“.ان بعد ھن کي انهيءَ راجا وٽ (سلامتيءَ سان) پھچائي ڇڏيائين. آخر راءِ ڪنبيلھ ھڪ وڏي باھه ٻارائي، پنهنجو سڀ مال ۽ متاع ان ۾ وجھائي، ساڙائي ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجين زالن ۽ ڌيئرن کي سڏائي چيائين ته ”مون مرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آھي، توھان مان جنهن کي به مون وانگر ڪرڻو ھجي سو (بيشڪ) ڪري.“ ان بعد ھر ھڪ عورت وھنجي، مقاصري صندل بدن تي ملي، سندس اڳيان اچي زمين چمي، پنهنجو پاڻ باھه ۾ آڻيو ٿي اڇلايو ۽ موت ٿي حاصل ڪيو. پوءِ ھن جي اميرن، وزيرن ۽ عوام به جن چاھيو تن پاڻ کي باھه ۾ اڇلائي ماريو. ان بعد راجا غسل ڪري، بدن تي صندل لائي، زرھ کان سواءِ ٻيا سڀ ھٿيار ٻڌي پنهنجي ماڻھن کي وٺي، اچي شاھي لشڪر جي سامھون ٿيو ۽ وڙھندي وڙھندي سڀني سان گڏ مارجي ويو.
پوءِ بادشاھه جي لشڪر شھر ۾ داخل ٿي، اتي جي سڀني رھواسين کي گرفتار ڪيو . انهن ۾ راجا جا يارنهن پٽ به پڪڙيا، جن کي بادشاھه وٽ وٺي آيا. بادشاھه سندن خاندان ۽ پيءُ جي بهادريءَ جو لحاظ ڪيو، ۽ ھنن اسلام به قبول ڪيو، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالھين کي خيال ۾ رکي، کين وڏا عھدا عطا ڪيا ويا. مون به انهن مان ٽن ڄڻن کي ڏٺو ھو، جن مان ھڪ جو نالو ناصر ھو، ٻئي جو بختيار ۽ ٽئين کي مھردار پئي سڏيائون. ھن (مھردار) عھديدار وٽ بادشاھه جي مھر(منڊي) رھندي ھئي، جيڪا بادشاھه جي انهيءَ پاڻيءَ تي لڳائي ويندي ھئي، جيڪو پاڻ بادشاھه استعمال ڪندو ھو. ھن جي ڪنيت ابو مسلم ھئي ۽ منهنجي ھن سان خاصي دوستي به ٿي ويئي ھئي.
جڏھن ڪنبيلھ جو راجا مارجي ويو، تڏھن شاھي لشڪر وري انهيءَ راجا جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو، جتي بهاءُ الدين ڀڄي وڃي پناھه ورتي ھئي ۽ وڃي اتي جو گھيرو ڪيائون. اھو حال ڏسي، اتي جي راجا بهاءُ الدين کي چيو ته ”مان راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪري ڪين سگھندس.“ تنهن ڪري ھن ڇا ڪيو، جو بهاءُ الدين کي ٻڌي، اچي شاھي لشڪر جي حوالي ڪيائين. لشڪر وارن ھڪدم ھن کي زنجير ۽ ھٿڪڙيون وجھي بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو. جڏھن ھو بادشاھه جي سامھون پيش ٿيو تڏھن بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن کي (حرم ۾) سندس عزيز عورتن ڏانهن موڪليو وڃي. اتي انهن عورتن کيس گھڻو ئي گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ڪن ته کيس ٿڪون به ھنيون . ان بعد بادشاھه حڪم ڪيو ته ھن جي جيئري کل لاٿي وڃي. ان کان پوءِ ھن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجھه ھن جي اھل ۽ اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالھيءَ ۾ وجھي، ھڪ ھاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو ھن نه کاڌو. ازانسواءِ سندس لٿل کل ۾ بهه ڀرائي، بهادر ڀوري جي کل سان گڏ ساري ملڪ ۾ ان کي گھمايو ويو.
جڏھن ھي ٻيئي کلون سنڌ جي ملڪ ۾ پھتيون، تڏھن ان وقت سلطان تغلق جو دوست”ڪشلو خان“ سنڌ جو حاڪم ھو. بادشاھه انهيءَ ڪري سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ کيس چاچا ڪري سڏيندو ھو ۽ جڏھن ھو دارالخلافه ڏانهن ايندو ھو تڏھن خود ھن جي استقبال لاءِ ويندو ھو. ڪشلو خان انهن کلن کي (ھڪدم) دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏھن اھا خبر بادشاھه کي پھتي تڏھن ھن کي ان تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪشلو خان کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيائين.

[b]ڪشلو خان جي بغاوت ۽ سندس قتل
[/b]جڏھن کلن کي دفن ڪرائڻ جي واقعي جي خبر بادشاھه کي ملي تڏھن بادشاھه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ھڪدم ڪشلو خان کي گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائين، جنهن تي ڪشلو خان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته کيس خبر ھئي ته بادشاھه جو ارادو کيس سزا ڏيڻ جو آھي. ان بعد بادشاھه جي خلاف کلي عام بغات جو جھنڊو بلند ڪري، گھڻا رپيا خرچ ڪري، وڏو لشڪر گڏ ڪيائين. نه رڳو ايترو پر ترڪن، افغانن ۽ خراسان جي رھواسين کان پڻ مدد ورتائين. جڏھن کيس انهن جي مدد پھتي تڏھن سندس لشڪر بادشاھه جي لشڪر جيترو بلڪ اڃا به وڌيڪ ٿي ويو.
بادشاھه خود ھن لڙائيءَ لاءِ ويو ۽ ابوھر جي صحرا ۾ ملتان کان ٻه منزلون اوري، ٻنهي جو مقابلو ٿيو، ان ڏينهن بادشاھه ھڪ چالاڪي ڪئي، ڇا ڪيائين جو شاھي ڇٽ جي ھيٺان، پنهنجي بدران شيخ عماد الدين کي، جيڪو شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جو ڀاءُ ھو ۽ بادشاھه جي شڪل جھڙو ھو، کڻي بيھاريائين، ۽ جڏھن لڙائي زور شور سان ھلي رھي ھئي، تڏھن پاڻ پنهنجا چار ھزار ماڻھو وٺي، ھڪ پاسي ھليو ويو. ھوڏانهن ڪشلو خان جي لشڪر شاھي ڇٽ تائين پھچي، عماد الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ سڄي لشڪر ۾ مشھور ٿي ويو ته بادشاھه مارجي ويو. ھيءُ ٻڌي ڪشلو خان جو لشڪر وڃي لٽ مار ۽ مال گڏ ڪرڻ کي لڳو ۽ ڪشلو خان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا. بادشاھه ھن موقعي جو فائدو وٺي يڪدم پنهنجن ماڻھن سان اچي ھن تي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ڪشلو خان جي لشڪر ھيءَ خبر ٻڌي وٺي ڀاڄ کاڌي.
پوءِ بادشاھه ملتان جي شھر ۾ وڃي، اتي جي قاضي ڪريم الدين کي پڪڙائي، سندس کل لھرائي، ۽ ڪشلو خان جو سر وڍائي شھر جي دروازي تي ٽنگائي ڇڏيو، جو مان جڏھن ملتان ۾ پھتس تڏھن ھن جو سر اتي لٽڪيل ڏٺو ھوم. بادشاھه پوءِ عماد الدين جي ڀاءُ شيخ رڪن الدين ۽ سندس پٽ شيخ صدرالدين کي ھڪ سئو ڳوٺ انعام طور جاگير ۾ ڏنا ته پنهنجو گذران ڪندا رھن ۽ پنهنجي ڏاڏي شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خانقاه جو خرچ ھلائيندا رھن. ان بعد بادشاھه پنهنجي وزير خواجه جھان کي حڪم ڏنو ته ڪمال پور(1)جي شھر ڏانهن وڃي،جتي جي رھواسين به بغاوت مچائي ڏني ھئي.
ھيءُ شھر تمام وڏو آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھڪ فقيه مون سان ڳالھه ڪئي ته ان وقت ھو ڪمال پور جي شھر ۾ ھو. جڏھن وزير خواجه جھان اتي پھتو ۽ شھر جو قاضي ۽ خطيب وزير جي سامھون پيش ڪيا ويا تڏھن ھن حڪم ڪيو ته ھنن جي کل لاٿي وڃي . ھنن وزير کي چيو ته اسان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان ڇو نٿو ماريو وڃي. وزير جواب ڏنو ته ڀلا توھان کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي. تنهن تي ھنن چيو ته بادشاھه جي نافرمانيءَ ڪرڻ ڪري. ھيءُ ٻڌي وزير جواب ڏنو ته پوءِ مان ڪيئن بادشاھه جي حڪم جي نافرماني ڪريان، بادشاھه جو حڪم آھي ته توھان کي اھڙيءَ طرح سان بي جان ڪيو وڃي. پوءِ وزير کل لاھڻ وارن کي حڪم ڏنو ته ھنن جون کلون لاھين ۽ سندن منهن جي ھيٺان به کڏون کوٽين جيئن ھو ساھھ کڻي سگھن، ڇو ته کل لاھڻ وقت ڏوھين کي منهن ڀر ليٽائي پيرن کان کل لاھڻ شروع ڪندا آھن. ان کانپوءِ سنڌ ۾ بلڪل صلح سانت ٿي ويئي، ۽ بادشاھه پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويو.

[b]قراجيل(2) جي جبل ۾ بادشاھه جي لشڪر سان ھڪ واقعو
[/b]قراجيل جبل ھڪ وڏو جبل آھي، جنهن جي ڊيگھه اٽڪل ٽن مھينن جي پنڌ جيتري ٿيندي ۽ دھليءَ کان ڏھن منزلن جي مفاصلي تي آھي. اتي جو ھندو راجا تمام وڏن راجائن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. بادشاھه ملڪ نڪبه جي سرداريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر ان جبل تي لڙائيءَ لاءِ ڏياري موڪليو. ان لشڪر ۾ ھڪ لک گھوڙي سوار ۽ ٻيا ڪيترائي پيادا ماڻھو شامل ھئا. ھنن وڃي جريھ جي شھر تي جيڪو جبل جي ھيٺان آھي. قبضو ڪيو ۽ ملڪ کي ساڙي برباد ڪري ڇڏيائون. ازانسواءِ ڪيترن ھندن کي به گرفتار ڪيائون. ھيءُ ڏسي، ڪافر پنهنجي ملڪيت، مال ۽ خزانا ٻڌي مٿي جبل تي چڙھي ڀڄي ويا.
ھن جبل ۾ صرف ھڪ لڪ ھو، ھيٺ ھڪ ندي وھندي ھئي ۽ مٿي رڳا جبل ئي جبل لڳا پيا ھئا ۽ ھڪ دفعي سان ھڪ ماڻھوءَ کان وڌيڪ مٿي چڙھي نٿي سگھيو. بادشاھه جي لشڪر اتان چڙھي وڃي شھر درلڪل(دارنگل) تي، جيڪو جبل جي مٿان آھي، قبضو ڪيو ۽ بادشاھه کي فتح جي مبارڪ لکي موڪلي. بادشاھه وري ھڪ قاضيءَ ۽ ھڪ خطيب کي اتي ڏياري موڪليو ۽ انهن کي حڪم ڏنائين ته انهن سان وڃي شامل ٿيو. ان کان پوءِ جڏھن برسات جي موسم شروع ٿي تڏھن لشڪر ۾ اچي بيماري پيئي، جنهن سپاھين کي ھيڻو ڪري ڇڏيو، گھوڙا مرڻ لڳا ۽ تيرن جون ڪمانون گھم جي ڪري بيڪار ٿي پيون، اتي اميرن بادشاھه کي درخواست ڪئي ته جيستائين برسات جي موسم آھي تيستائين اسان کي جبل تان ھيٺ لھي ترسڻ ۽ ان موسم جي ختم ٿيڻ تي وري مٿي چڙھي وڃڻ جي اجازت ملي.
بادشاھه جي اجازت ملڻ تي ملڪ اڪبر سڄو خزانو جواھرات سميت ھيٺ کڻائڻ لاءِ ماڻھن کي ورھائي ڏنو. ھندن کي جو ھيءَ خبر پئي سو ڇا ڪيائون جو غارن ۽ سوڙھن لنگھن ۾ سندن گھٽ جھلي ويھي رھيا. تنهن کان سواءِ وڏا وڏا وڻ ڪپي جبل جي ھر طرف پکيڙي ڇڏيائون. نتيجو اھو نڪتو، جو جيڪو به ماڻھو انهيءَ ڪنهن وڻ جي لپيٽ ۾ ٿي آيو سو وڃي ٿي ھيٺ کڏن ۾ ڪريو، ۽ اھڙيءَ طرح سان ڪيترائي ماڻھو ائين مري ويا ۽ ٻيا وري انهن جي ھٿان گرفتار ٿيا. آخر سڄو خزانو، ھٿيار ۽ گھوڙا انهن جي ھٿ لڳا ۽ سڄي لشڪر مان فقط ٽي ماڻھو وڃي بچيا، جن مان ھڪ ھو ملڪ نڪبه، ٻيو ھو بدرالدين ملڪ دولت شاھه باقي ٽئين جو نالو ھينئر ياد نه اٿم.
ھن واقعي جو شاھي لشڪر تي تمام گھڻو اثر پيو ۽ اھو تمام گھڻو ڪمزور ٿي ويو. آخر بادشاھه انهن جبلن جي اڙانگائي خيال ۾ آڻي، اتي جي ماڻھن کان ڪجھه ڏنڊ طور وٺي، ساڻن صلح ڪري، اتان ٽريو ۽ ھنن ماڻھن به ان کي غنيمت ڄاتو، ڇو ته سندن زمينون وغيره به جبل جي ھيٺان ھيون، جن کي ھو بادشاھه جي اجازت کان سواءِ آباد ڪري نٿي سگھيا.
شريف جلال الدين جي معبر جي ملڪ ۾ بغاوت ۽ وزير جو پنهنجي ڀاڻيجي کي جيڪو انهيءَ سان شامل ھو، قتل ڪرڻ جو بيان
ھڪ دفعي بادشاھه معبر جي ملڪ تي جيڪو دھليءَ کان ڇھن مھينن جو پنڌ تي آھي، شريف جلال الدين احسن شاھه کي حاڪم ڪري موڪليو. ھو اتي وڃي، بادشاھه کان باغي ٿي، بادشاھه جي نائب ۽ ٻين عملدارن کي قتل ڪري خودمختيار حاڪم ٿي ويٺو ۽ ھن پنهنجا سڪا ۽ درھم جاري ڪيا، جن جي ھڪ پاسي ”سلالته طه و ياسر ابو الفقراءَ والمساڪين جلال الدين والدين“ ۽ ٻئي طرف ”الوائق بتائيد الرحمان احسن شاھه السطان“ ڇپارايو. بادشاھه ھن جي بغاوت جي خبر ٻڌي، ھن جي قتل جو ارادو ڪري، پاڻ ھن تي سون جو محل، اٺن ڏينهن تائين سامان ۽ ٻين ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ ترسي پيو. انهن ڏينهن وزير خواجه جھان جي ڀاڻيجي ۽ ٻين چئن ڀائن اميرن کي گرفتار ڪري، بادشاھه جي سامھون آندو ويو. بادشاھه وزير کي پاڻ کان ڪجھه اڳ ۾ روانو ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن ھو طھار (ڏار) جي شھر ۾ پھتو، جيڪو دھليءَ کان ڇويھن منزلن جي مفاصلي تي آھي، تڏھن اتي ڪجھه وقت لاءِ ترسي پيو. اتي سندس ڀاڻيجي، جيڪو تمام ھمت ڀريو ۽ بهادر ھوندو ھو، ڪن اميرن سان سازش ڪئي ته وزير کي قتل ڪري، سڀ خزانو ۽ مال کڻي، شريف جلال الدين ڏانهن معبر جي ملڪ ۾ ڀڄي ھلجي. ان صلاح ۾ ھڪ ماڻھو ملڪ نصرت نالي حاجب پڻ شريڪ ھو، جنهن اچي سڄي حقيقت وزير کي ٻڌائي ۽ ثابتيءَ لاءِ ٻڌايائين ته ھينئر به ڪپڙن جي ھيٺان فولادي زرھون پھريل اٿن، جيڪا سندن ارادي جي پوري پوري ثابتي آھي. وزير يڪدم ھنن کي گھرايو ۽ جيئن ملڪ نصرت ٻڌايو ھئس تيئن سندن ڪپڙن جي اندران فولادي زرھون نڪري پيون، وزير پوءِ ھنن کي گرفتار ڪري بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو.
ان وقت مان به بادشاھه وٽ ويٺو ھئس. جڏھن ھو سڀ اتي پھتا تڏھن انهن مان ھڪ امير کي مون ڏٺو ته ھن جي ڏاڙھي وڏي رکيل ھئي ۽ ڊپ ۾ڏڪندي سورة ياسين پڙھي رھيو ھو، بادشاھه وزير جي ڀاڻيجي کي موٽائي وزير ڏانهن موڪليو ته ھن کي قتل ڪرائي، باقي ٻين اميرن لاءِ حڪم ڪيائين ته ھنن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو وڃي، انهن ھاٿين، جن کان ماڻھن جي مارائڻ جوڪم ورتو ويندو آھي، تن جي ڏندن تي ڏندا لڳل پٽ چڙھيل ھوندا آھن. اھي ڏندا وري ھر جي چونيءَ وانگر ٻنهي پاسي تيز ھوندا آھن، ھاٿين جي مٿان وري فيل بان چڙھيل ھوندا آھن ۽ جنهن ماڻھو کي ھاٿيءَ جي ھيڍان ڦٽو ڪيو ويندو آھي، تنهن کي ھاٿي پنهنجيءَ سونڍ ۾ ويڙھي وٺي مٿي اڇلائيندو آھي ۽ پوءِ اتي جو اتي وري ان کي ڏندن تي جھٽي وٺندو آھي، پوءِ کيس زمين تي پنهنجي سامھون رکي، اڳيون پير ان جي سيني تي رکي وٺي زور ڏيندو آھي، اتي فيلبان جيڪڏھن کيس چوندو آھي ته ھن جا ٻه اڌ ڪر، ته ھڪدم پنهنجن تيز ڏندن سان ھن جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندو آھي، پر جي فيلبان چوندو اٿس ته ان کي اتي ڇڏي ڏي ته ڇڏي ڏيندو اٿس. جنهن کي ٻه اڌ نه ڪرائيندا آھن، ان جي وري جيئري کل لھرائي ويندي آھي.
ھنن اميرن جي به کل لھرائي ويئي ۽ مغرب کان پوءِ بادشاھه جڏھن محل مان نڪتو ٿي ته ان وقت ھنن جو گوشت ڪتن پئي کاڌو ۽ سندن کلن ۾ مٽي پئي ڀريائون، توبه، خدا پناھه ڏئي. ان کان پوءِ بادشاھه معبر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کي دارالخلافه ۾ رھڻ جو حڪم ڏنائين. اڃا بادشاھه دولت آباد مس پھتو ته وري امير حلاجون پنهنجي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ۽ وزير خواجه جھان دارالخلافه ۾ لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ ترسي پيو.

[b]امير حلاجون جي بغاوت
[/b]جڏھن بادشاھه دولت آباد ۾ پھتو ۽ پنهنجي ملڪ کان ڪافي پري نڪري ويو، تڏھن لاھور ۾ امير ھلاجون بغاوت ڪئي ۽ خودمختيار بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين، امير قلجند، (ڪلچند) به ھن جي مدد ڪئي، تنهن ڪري حلاجون کڻي کيس پنهنجو وزير ڪيو. ھيءَ خبر خواجه جھان کي پئجي ويئي جيڪو ان وقت دھليءَ ۾ ھو. ھن ماڻھو گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ جيڪي خراساني اتي ھئا تن کان سواءِ ٻيو به جيڪو لشڪر دھليءَ ۾ موجود ھو، سو وٺي لاھور روانو ٿيو. منهنجا ساٿي به ھن سان گڏجي ويا ھئا. بادشاھه وري ھن جي مدد لاءِ ٻه امير، ھڪ قيران ملڪ صفدار يعني لشڪر جون صفون درست ڪندڙ ۽ ٻيو ملڪ تحور شربدار يعني ساقي روانا ڪيا.
ھوڏانهن حلاجون به مقابلي لاءِ سنبري آيو ۽ ٻنهي جو مقابلو ھڪ وڏي درياءَ جي ڪناري تي ٿيو، جنهن ۾ حلاجون شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ ھن جو ڪيترو ئي لشڪر درياءَ ۾ غرق ٿي ويو، وزير شھر ۾ اتي جي ڪن رھواسين جون جيئري کلون لھرايون، ۽ ڪن کي ٻيءَ طرح سان قتل ڪرايو، ۽ باقي رھيل ڪم محمد بن نجيب، نائب وزير جي حوالي ڪيائين، ھن شخص کي اجر ملڪ به ڪري سڏيندا ھئا ۽ سندس خطاب ھو صڪ (سگ) السلطان ۽ صڪ(سگ) ھن ملڪ ۾ ڪتي کي چوندا آھن. ھو تمام ظالم ۽ سخت دل انسان ھوندو ھو. بادشاھه ھن کي بازارين جو شينهن پڻ ڪري سڏيندو ھو، ھو ڇا ڪندو ھو، جو ڇتو ٿي، ڏوھين کي پنهنجن ڏندن سان چڪ پائي، زخمي ڪري ڇڏيندو ھو.
پوءِ وزير باغين جي اٽڪل ٽي سئو کن عورتن کي ڪاليور(گواليار) جي قلعي ڏانهن قيد ڪري موڪليو. انهن زالن ۾ ھڪ فقيه جي زال پڻ ھئي، جيڪو ھن زال وٽ ايندو ويندو ھو، ايتري قدر جو ھن کي انهيءَ جيل خاني ۾ ٻار به ڄائو ھو.

[b]بادشاھه جي لشڪر ۾ وبا پوڻ
[/b]جڏھن بادشاھه ملڪ تلنڪ(تلنگانه) ۾ پھتو، جيڪو معبر جي رستي تي آھي، تڏھن بدر ڪوٽ جي شھر ۾ ترسي پيو. بادشاھه معبر ڏانهن شريف جلال الدين جي بغاوت بند ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. ھن شھر کان معبر جو ملڪ اڃان به ٽن مھينن جي پنڌ جيترو پري آھي. اوچتو اتي بادشاھه جي لشڪر ۾ اچي وبا جو مرض پکڙيو، جنهن ۾ لشڪر جا ماڻھو، غلام ۽ امير جن مان ملڪ دولت شاھ جنهن کي بادشاھه چاچا ڪري چوندو ھو، ۽ امير عبدالله ھروي جھڙا وڏا وڏا امير به ھئا، مري ويا. ھي امير عبدالله ھروي اھو آھي، جنهن جو بيان مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان ته ڪيئن بادشاھه چيو ھو ته خزاني مان جيترو مال کڻي سگھين سو کڻي وڃ. ۽ ھو تيرنهن ناڻي جون ٿيلھيون پاڻ سان ٻڌي کڻي ويو ھو. ھيءُ حال ڏسي بادشاھه دولت آباد ڏانهن موٽي ويو. ھن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ بغاوت ۽ بدانتظامي پکڙجي ويئي، ايتري قدر جو جيڪڏھن بادشاھه جي قسمت چڱي نه ھجي ھا ته ھوند حڪومت سندس ھٿان ھميشه لاءِ ھلي وڃي ھا.

[b]بادشاھه جي موت جو افواهه ۽ ملڪ ھوشنج (ھوشنگ) جو ڀڄي وڃڻ
[/b]بادشاھه جڏھن دولت آباد واپس اچي رھيو ھو تڏھن رستي تي بيمار ٿي پيو ۽ ماڻھن وٺي افواهه اٿاريو ته بادشاھه مري ويو. ھيءَ خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي ۽ ھر ھنڌ فتنو، فساد شروع ٿي ويو. ان وقت ملڪ ڪمال الدين کرلڪ(گرگ) جو پٽ ملڪ ھوشنگ دولت آباد ۾ ھو . ھن کان بادشاھه انجام وٺي ڇڏيو ھو ته بادشاھه جي زندگيءَ ۾ يا موت کان پوءِ، ٻنهي صورتن ۾، ھو ڪنهن جي بيعت نه ڪندو. ھن، جو بادشاھه جي موت جي خبر ٻڌي، سو ھڪ بربرڌ نالي ھندو بادشاھه وٽ جبلن ۾ ڀڄي ويو. ھن ھندو بادشاھه جو ملڪ، دولت آباد ۽ ڪوڪن تانه (ڪوڪن ٿاڻي) جي وچ ۾ ھو.
بادشاھه ملڪ ھوشنگ جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي، انهيءَ خيال کان ته ڪٿي فتنو وڌي نه وڃي، تڪڙو تڪڙو ھلي اچي دولت آباد پھتو، جتان يڪدم ملڪ ھوشنگ جي پٺيان ويو ۽ وڃي ان ھنڌ راجا جي شھر کي گھيرو ڪيائين ۽ ان کي چوائي موڪليائين ته ملڪ ھوشنگ کي منهنجي حوالي ڪيو وڃي. ھن جواب ڏنو ته ”مان پنهنجي پناھه ۾ آيل ماڻھوءَ کي ھرگز تنهنجي حوالي نه ڪندس، چاھي مون کي به راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪرڻو پوي. ھنن ڳالھين ھلندي، ملڪ ھوشنگ کي جو اچي خوف کنيو سو بادشاھه سان خط و ڪتابت شروع ڪري ڏنائين، جنهن ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ته بادشاھه دولت آباد ڏانهن ھليو وڃي ۽ پٺيان پنهنجي استاد قطلو خان کي ڇڏي وڃي، جنهن وٽ ملڪ ھوشنگ وڃي حاضر ٿئي، جنهن تي بادشاھه روانو ٿي ويو ۽ ملڪ ھوشنگ قطلو خان وٽ اچي پيش پيو.
قطلو خان ھن سان واعدو ڪيو ته بادشاھه ھن کي قتل ڪرائيندو، نه ئي ھن جي مال ۽ مرتبي مان ڪجھه گھٽائيندو. ان کان پوءِ ملڪ ھوشنگ پنهنجو مال، اھل و عيال ۽ ساٿي وغيرھ وٺي بادشاھه وٽ ھليو آيو. بادشاھه ھن جي واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خلعت ڏيئي کيس راضي ڪري ڇڏيائين. ھيءُ قطلو خان وعدي جو ڏاڍو پڪو ھوندو ھو، تنهن ڪري ماڻھو ھن ۾ گھڻو ويساھھ رکندا ھئا. بادشاھه به ڏاڍي عزت ڪندو ھوس ۽ جڏھن به ھو بادشاھه وٽ ويندو ھو تڏھن بادشاھه اٿي بيھي سندس آجيان ڪندو ھو. ھو انهيءَ سبب جي ڪري به بادشاھه وٽ گھڻو ڪو نه ويندو ھو ته متان بار بار اٿڻ جي تڪليف وٺي. ھو صدقو ۽ خيرات به تمام گھڻي ڪندو ھو ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻو ئي ڪجھه ڏيندو ھو.

[b]شريف ابراھيم جي بغاوت
[/b]ھيءُ شريف ابراھيم خريطھ دار جي لقب سان مشھور ھوندو ھو، يعني بادشاھه جي لکڻ جو سامان ھن وٽ رھندو ھو. ازانسواءِ ھو سرستيءَ ھانسيءَ جو والي به بادشاھه جي طرفان مقرر ٿيل ھو. ھن شريف ابراھيم جي پيءُ (شريف جلال الدين) جڏھن معبر ۾ بغاوت ڪئي، ۽ بادشاھه معبر تي ڪاھي ويو ۽ جتي ان وقت بادشاھه جي موت جي افواهه جو ٻڌي شريف ابراھيم کي به اچي بادشاھت جو حرص لڳو. ھو ڏاڍو بهادر، سخي ۽ شڪل جو سھڻو ھوندو ھو. منهنجو نڪاح به ھن جي ڀيڻ حورنسب سان ٿيو ھو، جا ڏاڍي نيڪ ۽ پرھيزگار ھوندي ھئي. ھوءَ رات جو اٿي تهجد پڙھندي ھئي ۽ گھڻو ڪري خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رھندي ھئي. ھن جي پيٽ مان مون کي ھڪ نياڻي به ٿي ھئي. پر ھاڻي خبر نه آھي اتي ھنن ٻنهي جو ڪھڙو حال ٿيو! ھوءَ پڙھي سگھندي ھئي، باقي لکي ڪا نه ڄاڻندي ھئي.
جڏھن ابراھيم بغاوت جو ارادو ڪيو تڏھن ھڪ امير، جيڪو سنڌ مان بادشاھه جو خزانو کنيو، ھن جي علائقي مان ٿي لنگھيو، تنهن کي ھن پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو ۽ چيائينس ته”ھينئر رستي تي تمام گھڻو خوف ۽ خطرو آھي، تنهن ڪري ڪجھه وقت ھتي ترس ته امن امان قائم ٿئي، پوءِ ڀلي وڃجانءِ.“ اصل ۾ ھن جو ارادو ھو ته ايتري ۾ ڀلي بادشاھه جي موت جي حقيقت معلوم ٿئي، ته پوءِ خزانو مان ڦٻائي وڃان. پر جلدي خبر پيس ته بادشاھه اڃا زندھ آھي، تنهن ڪري ان امير کي ڇڏي ڏنائين. ان امير جو نالو ضياءُ الملڪ بن شمس الملڪ ھو.ھن واقعي کان اڍائي سال پوءِ بادشاھه جڏھن دارالخلافه ۾ موٽي آيو تڏھن شريف ابراھيم سندس سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيو. ھن جي ھڪ غلام وڃي بادشاھه وٽ جوڻي کنئين ۽ سندس ارادي بابت بادشاھه کي سڄي ڳالھه ٻڌائي ڇڏيائين. جنهن تي بادشاھه کيس مارائڻ چاھيو، پر ھن سان ڪجھه پيار ھوندو ھئس تنهن ڪري پنهنجي ارادي کي في الحال درگذر ڪري ڇڏيائين.
ھڪ دفعي ڇا ٿيو، جو بادشاھه وٽ ھڪ ڪٺل ھرڻ آندو ويو، جنهن کي بادشاھه خود ڪسندي ڏٺو ھو. بادشاھه چيو ته ھيءُ پوريءَ طرح سان ذبح نه ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري ھن کي ڦٽو ڪيو وڃي. ابراھيم جڏھن انهيءَ ذبح ٿيل ھرڻ کي ڏٺو تڏھن چيائين ته ھي صحيح طريقي سان ذبح ڪيو ويو آھي، ۽ مان ھن کي کائڻ لاءِ تيار آھيان. ھيءَ خبر جڏھن بادشاھه کي پيئي تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس ۽ ھن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ھن تي الزام لڳايو ويو ته ھن اھو شاھي خزانو جيڪو ضياءُ الملڪ سنڌ مان آڻي رھيو ھو، ڦٻائڻ ٿي چاھيو. اتي ابراھيم کي پتو پئجي ويو ته منهنجي پيءُ جي بغاوت جي عيوض بادشاھه مون کي قتل ڪرائڻ ٿو گھري. تنهن ڪري ڪو به حيلو بهانو ڪرڻ بيڪار آھي ۽ ناحق عذاب ۽ سختيون سھڻيون پونديون.
پوءِ ھن موت کي عذابن جي سختين کان آسان سمجھي کڻي پنهنجو ڏوھه قبول ڪيو. بادشاھه پوءِ ھن کي ٻه اڌ ڪري مارڻ جو حڪم ڏنو. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي ته جنهن ماڻھوءَ کي بادشاھه قتل ڪرائيندو آھي، ان جو لاش ٽن ڏينهن تائين انهيءَ جاءِ تي پيو ھوندو آھي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪافر جيڪي انهي ڪم تي مقرر ٿيل ھوندا آھن، سي انهيءَ لاش کي کڻي وڃي شھر جي ٻاھر خندق ۾ ڦٽو ڪندا آھن. اھي ماڻھو رات جو خندق جي نگھياني ڪندا رھندا آھن، جيئن مقتولن جا وارث انهن جا لاش کڻي نه وڃن. پوءِ مقتولن جا وارث ڇا ڪندا آھن، جو انهن ماڻھن کي ڪجھه رقم ڏيئي اھي لاش سڃاڻي کڻي ويندا آھن ۽ وڃي دفن ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ طرح سان شريف ابراھيم جو لاش به حاصل ڪيو ويو ۽ ان کي دفن ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

[b]تلنگانا ۾ بادشاھه جي نائب جي بغاوت
[/b]جنهن وقت بادشاھه تلنگانا کان واپس ٿي آيو ته پٺيان تاج الملڪ نصرت خان ترڪ کي، جيڪو سندس ديرنيو خاص دوست به ھو، پنهنجو نائب مقرر ڪندو آيو. اڃا ھو واٽ تي ھو ته سندس موت جو افواهه اٿاريو ويو. نصرت خان کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن رسم موجب بادشاھه جو پٿر ڪيو ۽ پوءِ بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. ماڻھن اتي جي (تلنگانا جي) دارالخلافه بدر ڪوٽ(بيدر جي قلعي) ۾ ھن جي بيعت ڪئي. بادشاھه کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن پنهنجي استاد قطلو خان کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي ھن تي چاڙھي موڪليو.
قطلو خان سخت لڙائيءَ کان پوءِ(جنهن ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا) اچي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو. ھي تمام مضبوط قلعو ھوندو ھو؛ تنهن ڪري وڃي ان جي پٺيان سرنگ کوٽائڻ شروع ڪيائين. ھيءُ حال ڏسي نصرت خان اچي امان گھريو، جنهن تي قطلو خان کيس امان ڏنو. پوءِ ھن کي بادشاھه وٽ موڪليو ويو. اھڙي طرح سڀئي شھر واسي ۽ لشڪر جا ماڻھو بچي ويا.

________________________________________
(1) ڪمال پور – انگريز مورخ ھنٽر موجب ھي شايد اھو ڪمال پور شھر آھي، جيڪو ڪاٺياواڙ ۾ پائو ننگر ۽ ڪولڊن جي لمري ريلوي اسٽيشن کان سترھن ميل پري اڀرندي پاسي ھڪ ڳوٺ آھي. انهيءَ وقت ھي سڄو سنڌ جو ملڪ ڪري ليکيو ويندو ھو.
(2) قراجيل جبل”ابن بطوطه“ھن ھماليه جبل جو بيان ٿو ڪري ڇو ته ايترو ڊگھو جبل سواءِ ھماليه جي ٻيو نٿو ٿي سگھي.