فصل ٽيون
[/b]قاضي علاؤ الملڪ وٽ ھڪڙو جھاز ھو، جنهن کي ”اھورة“ پئي سڏيائون جيئن اسان جي ملڪ ۾ ”طريرة“ ٿيندو آھي، اھڙي ئي نموني جو ھي جھاز ھو، پر ان کان ”طريرة“ ڪجھه وڌيڪ ڊگھو ۽ ڪشادو ھو، ان جھاز جي اڌ کي ڏاڪڻ وانگر ٺاھي ڪجھه مٿانهون ڪيو ويو ھو، جنهن تي وري تختا لڳائي ويھڻ جي جڳھه ٺاھي وئي ھئي، ان جا ءِ تي قاضي ويھندو ھو ۽ سندس نوڪر وري ساڄي کاٻي ۽ سامھون ويھندا ھئا، ھن جھاز کي چاليھه ملاح ھلائيندا ھئا ۽ ان سان گڏ چار ننڍيون ٻيڙيون پڻ ان تي موجود ھيون، جيڪي ٻه ان جي کاٻي طرف ۽ ٻه ساڄي طرف رک : ل ھيون، انهن مان ٻن ٻيڙين تي ڳائڻ وارا ويھندا ھئا ۽ باقي ٻن تي نقارا، شرنايون ۽ جھنڊو وغيره ھئا، جڏھن ھي ٻيڙي ھلندي ھئي تڏھن ڪنهن وقت رڳو وڄت ٿيندي ھئي ۽ ڪنهن وقت ڳائيندڙ راڳ شروع ڪندا ھئا، اھڙيءَ طرح صبح کان وٺي ناشتي جي وقت تائين ڳائيندا وڄائيندا ھلندا ھئا، جڏھن کاڌي جو وقت ٿيندو ھو، تڏھن سڀ جھاز تي پھچي ويندا ھئا، ان بعد دستر خوان وڇايو ويندو ھو ۽ جيستائين امير علاؤ الملڪ ماني کائيندو ھو تيستائين راڳيندڙ ڳائيندا رھندا ھئا ۽ سڀ کان پوءِ ھو کائي پي وري پنهنجي پنهنجي ٻيڙين ۾ ھليا ويندا ھئا.
جڏھن رات ٿيندي ھئي تڏھن جھاز کي درياءَ جي ڪناري تي بيھاري زمين تي طنبو لڳايا ويندا ھئا، جن مان ھڪ ۾ امير علاؤ الملڪ رات بسر ڪندو ھو، جڏھن سڄو لشڪر رات جي ماني کائي پوري ڪندو ھو ۽ سڀ عشا جي نماز کان فارغ ٿيندا ھئا تڏھن سڀ آرام ڪندا ھئا ۽ چوڪيدار واري واري سان پھرو ڏيندا ھئا، جڏھن ھڪڙو چوڪيدار پنهنجو وارو ختم ڪندو ھو، تڏھن وڏي آواز سان پڪاري چوندو ھو ته يا آخوند ملڪ ھيتري رات گزري چڪي آھي، صبح جي وقت نقارا ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿينديون ھيون، پوءِ صبح جي نماز پڙھي، ماني کائي، وري اٿي ھلندا ھئا، جڏھن امير درياءَ جي رستي ھلڻ چاھيندو ھو ته وڃي جھاز ۾ ويھندو ھو پر جيڪڏھن خشڪي جي رستي ھلڻ تي دل ٿيندي ھيس ته سڀ کان اڳ ۾ لقارن وارا ھلندا ھئا، ان کانپوءِ حاجب (پوليس جا عملدار) ھوندا ھئا، جن جي اڳيان ڇھه عدد گھوڙا ھوندا ھئا، انهن مان ٽن گھوڙن تي نقارا ۽ ٽن تي شرناين وارا ھوندا ھئا.
سواريءَ جي ڪنهن ڳوٺ يا شھر وٽان گذرڻ وقت خاص طرح سان نقارا وڄايا ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ھلندي ھلندي، منجھند جي مانيءَ مھل منزل انداز ٿيندا ھئا، مان پڻ امير علاؤ الملڪ سان پنج ڏينهن رھيس، آخر پنجين ڏينهن اسين اچي لاھڙي شھر ۾ پھتاسين، ھيءُ نهايت خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي ۽ دريا سنڌ (سنڌو ندي) پڻ ان جي ئي ڀرسان اچي ٿو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، اصل ۾ ھيءُ شھر ھڪ وڏو بندرگاھه آھي، جتي يمن ۽ فارس جا جھاز ۽ واپاري تمام گھڻا ٿا اچن، انهيءَ ڪري ئي ھيءُ شھر تمام مالدار آھي، ھتي محصول تمام گھڻو وصول ڪيو ويندو آھي.
علاؤ الملڪ مون کي ٻڌايو ته ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي ۽ کيس ان جو ويھون حصو ملندو آھي، يعني ڏھين حصي جو اڌ، انهي حساب سان بادشاھه (محمد شاھه تغلق) پنهنجي ڪاردارن کي جدا جدا علائقا سپرد ڪندو آھي.
[b]عجيب کنڊر
[/b]ھڪ ڏينهن مان امير علاؤ الملڪ سان گڏجي سير تي نڪتس، شھر کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ڪشادو ميدان آھي، جنهن کي ”نازنه“ چوندا آھن، اتي بيشمار انسانن ۽ حيوانن جون پٿر مان تراشيل ڀڳل ٽٽل ۽ ڪي سالم مورتيون پکڙيون پيون ھيون، انهن ۾ اناج جي قسم جون شيون جھڙوڪ ڪڻڪ، چڻا، مھري ۽ اھڙي قسم جون ٻيون شيون پڻ پٿر مان تراشيل موجود ھيون، ازانسواءِ شھر پناھه ۽ گھرن جي چوديواري جا سامان پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيا.
انهن کنڊرن(1) ۾ پٿر اندر ھڪ جاءِ ھئي، جنهن جي پوري وچ تي ھڪ ٿَلھو ٺھيل ھو، جو ھڪ ئي پٿر مان ٺاھيو ويو ھو، ھن ٿَلھي تي پٿر جو تراشيل، ھڪ ماڻھو جو بت رکيل ھو، جنهن جو گردن ڪجھه ڊگھو، وات ھڪ طرف ڦريل ۽ ٻئي ھٿ ڪمر جي پٺيان ٻڌل ھئا، انهي ھنڌ تمام بدبودار بيٺل پاڻي پڻ موجود ھو، اتي ڪيترين ئي ديوارين تي سنڌي زبان ۾ ڪي اکر لکيل ھئا، امير علاوءُ الملڪ مون کي ٻڌايو ته ھن ملڪ جي تاريخ دانن جو خيال آھي ته ھي شھر برباد ٿي ويو ھو ۽ ٿلھي تي جيڪو بت آھي سو انهي وقت جو بادشاھه ھو، اھو ئي سبب آھي جو ھاڻي به ھن جاءِ کي ”نرجا جو محل“ ڪري چوندا آھن، ۽ ڪن ديوارين تي لکيل اکرن مان معلوم ٿو ٿئي ته اھا بربادي تقريبن ھڪ ھزار سال اڳ ۾ ٿي گذري ھوندي. مان ھن امير وٽ پورا پنج ڏينهن ٽڪيس، ھن حد کان وڌيڪ منهنجي خاطرداري ڪئي، پوءِ اتان بکر(1) ويس، ھيءُ ھڪ چڱو ۽ خوشنما شھر آھي، درياءَ سنڌ جي ھڪ شاخ ھن شھر جي بلڪل وچ مان لنگھي ٿي، جنهن جو وڌيڪ بيان مان اڳتي ھلي ڪندس، مذڪور شاخ جي وچ ۾ ھڪ خانقاھه آھي، جتان مسافرن کي کاڌو ملندو آھي، ھيءَ خانقاھه، ڪشلو خان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) پنهنجي دور حڪومت ۾ ٺھرائي ھئي، ھن شھر ۾ منهنجي ملاقات فقيه (مولوي) امام الدين حنفي، شھر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شيخ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي ھئي، جن مان شيخ شمس الدين جي عمر سندس بيان مطابق ھڪ سئو ويھه سال ھئي،
پوءِ اسان بکر کان ھلي اچي اُچ(1) جي شھر ۾ پھتاسين، ھيءَ سنڌو ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ منجھس تمام عمدي بازار ۽ مضبوط عمارتون آھن، انهن ڏينهن ھن شھر جو حاڪم جلال الدين ڪيجي ھو، جو بهادريءَ ۽ سخا جي ڪري مشھور ھو.
__________________
(1) جنرل ڪننگھام جي تحقيقات موجب اھي کنڍرن جا نشان ديبل بندر جا ھئا ۽ لاھڙي بندر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي ھئا، ابن بطوطه ستن ميلن جو مفاصلو لکيو آھي، سوالاجي ڪئين.
(1) ھن وقت بکر فقط ان قلعي کي چوندا آھن جو سنڌو ندي جي وچ ۾ سکر ۽ روھڙي جي وچ تي آھي. مترجم
(1) ھيءُ ھن وقت اچ بهاول پور رياست ۾ آھي ۽ ملتان کان ستر ميل پري آھي، ڪنهن زماني ۾ پنجاب جون پنج ئي نديون سنڌو نديءَ سان اچ وٽ اچي ملنديون ھيون، پر ھاڻي چاليھه ميل ھيٺ مٺن ڪوٽ وٽ اچي ٿيون گڏجن، ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ ھيءُ شھر سنڌ جو دارالخلافه ھو، سادات بخاري ۽ جيلاني ھن شھر ۾ رھندا آھن، سيد جلال الدين بخاري ۽ مخدوم جھانيان جا مزار پڻ ھن شھر ۾ آھن.- مترجم