فصل ٽيون
[/b]ھنن ٻيٽن ۾ ناريل جا وڻ گھڻي انداز ۾ ٿيندا آھن. تنهن ڪري ھتي ناريل جام ٿيندو آھي، جنهن کي ھتي جا ماڻھو مڇيءَ سان کائيندا آھن. ناريل جو وڻ به عجيب ٿيندو آھي. مال ۾ ٻارھن دفعا ڦر جھليندو آھي. يعني ھر مھيني سندس ڦر تيار ٿيندو رھندو آھي. ناريل مان وري کير، تيل ۽ ماکي ٺاھي ويندي آھي. جنهن جو بيان پھرئين حصي ۾ تفصيل سان ڪري آيو آھيان. ناريل جي ماکيءَ مان حلوو ٺاھي، ناريل جي گوري سان گڏ کاڌو ويندو آھي. ناريل جي مٿين سڀني شين ۽ انهيءَ مڇيءَ ۾ جنهن جو بيان مان مٿي ڪري آيو آھيان، عجيب قوت باھه ٿيندي آھي ۽ ھن ٻيٽ جا ماڻھو به ھن ڪم ۾ عجائبات ظاھر ڪندا آھن. خود منهنجي نڪاح ۾ اتي چار زالون ھيون ۽ ٻانهيون تنهن کان سواءِ ھيم، جن سان رات ڏينهن ھم بستري ٿيندو رھندو ھئس ۽ ڏيڍ سال تائين اتي رھندي، مون اھو دستور جاري رکيو.
ھنن ٻيٽن ۾ ناسپاتيون، نارنگيون، ليمان ۽ قلقاس(سائي ڀاڄيءَ جو قسم) به ٿيندا آھن. قلقاس جي پاڙن کي ڪڍي، ان جو اٽو پيھي، ان مان اطريھ (سيون) ٺاھي، ناريل جي کير ۾ رڌيندا آھن، جيڪو ڏاڍو مزيدار کاڌو ٿيندو آھي. مون کي به ھي کاڌو ڏاڍو وڻندو ھو ۽ اھو گھڻو ڪري کائيندو ھوس.
[b]ھنن ٻيٽن جا باشندا ۽ انهن جي رھائش
[/b]ھن ٻيٽ جا ماڻھو نيڪو ڪار، ديندار، پرھيزگار ۽ ايماندار ٿيندا آھن. ھو حلال جي روزي کائيندا آھن، تنهن ڪري ھنن جي دعا ھميشه قبول پوندي آھي. جيڪڏھن ڪو به ماڻھو ھنن ڏانهن ڏسندو آھي ته چوندا آھن، ”الله منهنجو رب آھي، محمد صھ منهنجو نبي آھي، ۽ مان ھڪ غريب جاھل آھيان.، ھو بدن ۾ ضعيف ۽ ھيٺان ٿيندا آھن. لڙائي جھڳڙي مان ھو ڪين ڄاڻن، ۽ سندن ھٿيار فقط سندن دعا آھي. ھڪ دفعي مون ھڪ چور جي ھٿ ڪپڻ جو حڪم ڏنو ته اتي ويٺلن مان ڪيترائي بيھوش ٿي ويا ھئا.
ھندستان جا چور ۽ ڊاڪو، ھنن کي ڪو نقصان ڪو نه پھچائيندا آھن. ڇو ته ھنن کي تجربو ٿي ويو آھي ته جيڪو به ھنن جو مال ٿو چورائي يا زبردستيءَ ٿو ڦري، ته يڪدم ان تي مصيبت ٿي نازل ٿئي. جڏھن ھندن جا جھاز ھن طرف ايندا آھن، تڏھن ھنن کان سواءِ ٻيو جيڪو به ماڻھو ملندو اٿن، تنهن کي يڪدم پڪڙي ويندا آھن، باقي ھن ٻيٽ جي باشندن کي ڪجھه به ڪين چوندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھندو انهن جو رڳو ھڪ ليمون به چورائيندو آھي، ته سندن سردار عذاب الاھيءَ جي خوف کان ھن کي سخت سزا ڏيندو آھي. جيڪڏھن ھنن کي اھو خوف نه ھجي ھا ته پوءِ ھنن ويچارن جو خدا حافظ ھجي ھا، ڇو ته ھي ماڻھو بدن جا ضعيف ٿي ڪري، اصل سندن مقابل ڪري ڪين سگھن ھا.
ھر ھڪ ٻيٽ ۾ مسجدون آھن، جيڪي گھڻو ڪري ڪاٺ جون ٺھيل آھن. ھي ماڻھو ھميشه پاڪ ۽ صاف رھندا آھن. ۽ ھر روز ٻه دفعا غسل ڪندا آھن، ڇو ته اتي گرمي تمام گھڻي ٿيندي آھي، تنهن ڪري پگھر گھڻو نڪرندو آھي. ھو خوشبوءِ ۽ عطرن جو استعمال تمام گھڻو ڪندا آھن. مقدشو(1) مان جيڪو غاليه (2) ايندو آھي، سو لڳائيندا آھن. ھنن ۾ رواج آھي ته صبح جو نماز کان پوءِ ھر ھڪ عورت پنهنجي مڙس يا پٽ وٽ سرمي داني، گلاب ۽ غاليو کڻي ايندي آھي ۽ ھن جي اکين ۾ سرمون پائي، گلاب ۽ غاليي سان ھن جو بدن ۽ منهن مھٽيندي آھي، جنهن ڪري ھن جي بگڙيل چھري تي رونق ۽ بدن ۾ سينگار اچي ويندو آھي.
ھو فقط ھڪ چادر، سلوار جي بجاءِ، چيلهه تي ٻڌندا آھن ۽ پٺيءَ تي ھڪڙو ڪپڙو رکندا آھن، جيڪو احرام جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. انهن مان ڪي مٿي تي عماسو(پٽڪو) رکندا آھن ۽ ڪي انهيءَ جي بدران رڳو رومال ٻڌي ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن انهن مان ڪو ماڻھو، خطيب يا قاضيءَ سان رستي ۾ ملندو آھي، ته ڪلھن تان ڪپڙو لاھي، پٺي اگھاڙي ڪري، ھن کي گھر تائين پھچائي ايندو آھي.
ھنن جو اھو به دستور آھي ته جيڪڏھن ڪنهن جو نڪاح ٿيندو آھي ۽ پنهنجي زال جي گھر ويندو آھي، تڏھن سندس زال جي گھر جي ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين ڪپڙو وڇايو ويندو آھي ۽ ھن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. سندس زال وري اندرئين دروازي وٽ سندس انتظار ڪندي آھي. پوءِ جڏھن اھو گھوٽ ھن وٽ پھچندو آھي، تڏھن ھو سندس پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي، جيڪو گھوٽ يا خادم کڻي وٺندا آھن. وري جڏھن ڪا زال پنهنجي گھوٽ جي گھر ۾ ايندي آھي ته به اھڙيءَ طرح فرش وڇائي، ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. ان وقت به زال پنهنجي مڙس جي پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي.
ھنن جا گھر ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن،۽ سندن گھرن جا فرش زمين جي سطح کان ڪجھه اوچا رکيل ھوندا آھن . ڇاڪاڻ ته اتي جي زمين ھميشه سرطوب رھندي آھي، تنهنڪري سيمي وغيره کان بچڻ لاءِ ٽي گز ڊگھا پٿر تراشي، انهن جي قطار ٺاھي، انهن جي پٺيان ناريل جو ڪاٺ وڇائيندا آھن، جنهن تي وري ڪاٺ جون ڀتيون کڙيون ڪري بيھاريندا آھن. ھو پنهنجي گھرن ٺاھڻ وقت ڪمال درجي جي صنعت ڪندا آھن. ھو ڏيڍيءَ تي ھڪ ڪوٺو ٺاھيندا آھن، جنهن کي ”مالم“ چوندا آھن. ان جو ھڪ دروازو ڏيڍيءَ طرف ھوندو آھي، ته ٻيو گھر جي طرف . ھوندو آھي. ان ڏول کي ”ولنج “ ڪري چوندا آھن، جنهن سان کوھ مان پاڻي پڻ ڀريندا اھن – ڇو ته ھتي کوھ گھڻا اونها ڪونه ٿيندا آھن .
ھتان جا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرن گھمندا آھن. ھو وڏ گھراڻا ھجن يا ڪم ذات، پر پنهنجاگھر ۽ گهٽيون بلڪل صاف رکندا آھن، جن ۾ ٻهاري ڏنل ۽ ٻنهي طرفن کان وڻ رکيل ھوندا آھن، جو ڇانو ۾ ھلڻ وارو ائين سمجھندو آھي ته ڄڻڪ ڪو باغ مان پيو وڃي. انهيءَ صفائيءَ کان پو۽ به گھر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ھر شخص انهيءَ رکيل مٽ مان پاڻي ڪڍي، پنهنجا پير ڌوئي، ناريل جي وارن مان ٺھيل ٿھليءَ ٻهاري سان، جيڪو اتي پيو ھوندو آھي، پنهنجي پيرن کي چڱيءَ طرح سان رڳڙيندو آھي . مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ائين ڪندا آھن.
ھن ملڪ ۾ اھو به دستور آھي ته جڏھن ڪو جھازھتي ايندو آھي تڏھن ھتي جا ماڻھو نڍين ٻيرين، جن کي ڪندر. ڪري چوندا آھن، ويھي جھاز وارن جو استقبال ڪندا آھن. پو۽ پان ۽ ناريل جا گورا به ساڻ کڻي ويندا آھن ۽ جنهن شخص کي وڻين، تنهن کي ڏيندا آھن . پو۽ اھو شخص ان جو مھمان سمجھيو ويندو آھي . پو۽ ھنجو سامان پنهنجي گھر کڻي ويندا آھن،ڄڻ ته ھو ڪو سندن ويجھو عزيز آھي . جيڪڏھن اھو مسافر نڪاح ڪرڻ گھرندو آھي ته سندس نڪاح به ڪري ڇڏيندا آھن ۽ جڏھن ھو واپس ويندو آھي ته ان زال کي طلاق ڏيئي ويندو آھي، ڇو ته ھن ٻيٽ جون زالون پنهنجي ملڪ کان ٻاھر ڪونه وڃن. پر جيڪڏھن ڪو نڪاح ڪرڻ نه چاھيندو آھي ته سندس ميزبان جي زال ان مسافر لاءِ ماني ڪندي آھي ۽سندس خدمت به اھا ئي زال ڪندي آھي . جڏھن ھو سفر تي ويندو آھي ته اھا عورت رستي لاءِ ماني به ٻڌي ڏيندي اٿس ۽ ڏاڍي خوش ٿيندي آھي. جيڪڏھن ڪو ڪجھه به نه ڏيئي ته ان مان جيڪو فائدو خزاني کي ٿئي، تنهن کي ئي ڪافي سمجھندا آھن.
خزاني کي ”بندر “ چوندا آھن، جھاز جي مال جو ڪجھه حصو ھڪ مقرر رقم جي عيوض خوا اھو مال جو حصو ان قيمت جو ھجي يا ان کان وڌيڪ، بندر جي لاءِ خريد ڪيو ويندو آھي ۽ ان کي،شروع بندر، ڪري چوندا آھن . سڀ ڪنهن ٻيٽ ۾ بندر جي لاءِ ڪاٺ جو ٺھيل گھر ٿيندو آھي جنهن کي ”بجھ قبا “ ڪري چوندا آھن. ان ۾ والي، جنهن کي ”ڪردوري “ چوندا آھن، سڀ سامان گڏ ڪري رکندو آھي، پو۽ اتي ئي ان جي خريد فروخت ٿيندي آھي.
ھنن ٻيٽن جا باشنده مرغين جي عيوض مٽيءَ جا برتن خريد ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھڪ ڪنيءَ جي قيمت پنج، يا ڇھه مرغيون ھونديون آھن. جھاز ھنن ٻيٽن مان مڇيءَ جو گوشت، ناريل، چادرون، دليان(ڪپڙي جو قسم)، سٽ جا عماما(پٽڪا)، ٽامي جا برتن، ڪوڏيون ۽ ڪنبر يعني ناريل جون سپون ٻاھر کڻي ويندا آھن. ناريل جون مٿين کلون لاھي، سمنڊ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پسائي، پوءِ انهن کي سوٽن سان ڪٽيندا آھن، ان بعد عورتون ان کي ڪٽي ان مان جھازن جي لاءِ رسيون ٺاھينديون آھن، جيڪي ھندستان، چين ۽ يمن ۾ وڪامڻ لاءِ وينديون آھن. ھيءَ رسي قنب (ھڪ گاھه جو قسم) جي رسيءَ کان سٺي ٿي ٿئي، تنهن ڪري انهن ۾ لوھه جون ڪليون استعمال ڪو نه ڪندا آھن. ڇو ته لوھه جون ڪليون پٿر سان ٽڪرائجي ڀڄي پونديون آھن، پر رسين سان جڪڙيل تختن کي، خواهه جھاز کي ڪيترو به ٽڪر لڳي، نقصان پھچي نٿو سگھي.
ھنن ٻيٽين ۾ ڪوڏيون (خريد فروخت لاءِ)ھلنديون آھن، ڪوڏي ھڪ جانور آھي، جنهن کي سمنڊ مان ڪڍي،ڪناري تي ھڪ غار ۾ گڏ ڪندا آھن، جڏھن اھو سڪي ويندو آھي، تڏھن ان جي سفيد ھڏي وڃي بچندي آھي. ھڪ سئو ڪوڏين کي ”سباه“، ست سئو ڪوچين کي ”قال“ ٻارھن ھزارن ڪوڏين کي “ڪي “ ۽ ھڪ لک ڪوڏين کي ”بستو“ ڪري چوندا آھن . اھڙا چار بستو ھڪ طلائي دينار جي عيوض وڪڻندا آھن، پر ڪڏھن ته اھڙيون سستيون ٿينديون آھن، جو ڏهه بستو به ڏيئي ڇڏيندا آھن، بنگالي جا ماڻھو وري انهن جي عيوض جانور ڏيندا آھن . بنگالي ملڪ ۾ به ڪوڏيون ھلنديون آھن . يمن جا ماڻھو پڻ ڪوڏيون خريد ڪندا آھن ۽ پنهنجن جھازن تي اھي ريتيءَ جي بجاءِ وڇائي ڇڏيندا آھن، سوڊان جي ملڪ ۾ به اھي ڪوڏيون ھلنديون آھن، ۽”مالي “ ۽ ”جوجو “ جي مڪ ۾ ته ھڪ طلائي دينار جي عيوض ٻارھن سئو پنجاھ ڪوڏيون وڪامنديون آھن.
[b]ھتي جون عورتون
[/b]ھنن ٻيٽن جون عورتون پنهنجو مٿو ڪين ڍڪين، ايتري قدر جو سندن ملڪه پڻ مٿو ڪا نه ڍڪي. ھو وارن کي ڦڻي ڏينديون آھن، ۽ وارن جو جوڙو مٿي جي ھڪ پاسي ٻڌي ڇڏينديون آھن. انهن مان ڪيتريون فقط چادر ڍڪينديون آھن، جنهن سان دن کان وٺي ھيٺ پيرن تائين جسم ڍڪي ڇڏينديون آھن ۽ باقي سڄو بدين اگھاڙو رکنديون آھن. ھو بازارين ۽ گھٽين ۾ به اھڙيءَ طرح سان گھمنديون رھنديون آھن. جڏھن مان اتي جو قاضي مقرر ٿيو ھئس، تڏھن مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ھنن کان اھو رواج ڇڏايان ۽ ھنن کي لباس پھرڻ جو حڪم به ڏنم، پر مان ڪامياب ٿي نه سگھيس. آخر مون حڪم ڏنو ته مون وٽ ڪا به عورت مقدمي جي حاضريءَ وقت ننگي بدن نه اچي، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ مان ڪجھه ڪري نه سگھيس.
ڪي عورتون ساڙھيءَ جي مٿان ننڍڙين ۽ سوڙھين ٻانهن سان ننڍڙي چولي به پائينديون آھن. منهنجين ٻانهين جو لباس دھليءَ جي باشندن جھڙو ھوندو ھو ۽ ھو پنهنجو مٿو به ڍڪينديون ھيون. پر اتي جون عورتون انهيءَ کي عيب ڪري سمجھنديون ھيون. انهن جو زيور ڪنگڻ آھي، جنهن سان ھو ٻيئي ٻانهون ڪرائيءَ کان وٺي ٺونٺ تائين ڀري ڇڏينديون آھن، اھي ڪنگڻ چانديءَ جا ٺھيل ھوندا آھن، ڇو ته بادشاھه ۽ ان جي عزيزن جي عورتن کان سواءِ ٻي ڪا به عورت سون جا ڪنگڻ پھري نٿي سگھي. ھو پيرن ۾ ڇيريون ٻڌنديون آھن، جنهن کي پايل ڪري چوندا آھن. ھن ٻيٽ ۾ ھڪ عجيب رسم آھي ته ھتي جون عورتون فقط پنج دينار يا اڃا به گھٽ رقم وٺي، کاڌي ۽ ڪپڙي تي گھرن ۾ پورھيو ڪنديون آھن؛ ۽ انهيءَ کي عيب ڪين سمجھنديون آھن ته ان جي قيمت پيشگي وٺي پاڻ گروي ڪري ڇڏين. جيڪڏھن ھو ھڪ گھر ڇڏي ٻئي گھر ۾ وڃڻ چاھينديون آھن ته جيڪو گھر انهن کي حاصل ڪرڻ گھرندو آھي، سو پھرئين گھر واري کي اھي دينار جن جي عيوض ھوءَ گروي ھوندي آھي، يعني(پيشگي رقم) ڀري ڏيندو آھي ۽ آئينده لاءِ اھا رقم ھن عورت تي قرض سمجھيو ويندو آھي. اھڙي قسم جون عورتون گھڻو ڪري ”ڪنبر“ يعني ناريل جون رسيون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون آھن.
ھن ٻيٽ ۾ نڪاح تمام آسانيءَ سان ٿي سگھندو آھي، ڇو ته حق مھر تمام ٿورو آھي ۽ ھي عورتون حسن معاشرت جي ڪري مشھور آھن. گھڻو ڪري ماڻھو سندن مھر مقرر ڪندا آھن ۽ اھڙيءَ صورت ۾ کين واجبي مھر ڏياريو ويندو آھي. جڏھن ڪو جھاز ھتي ايندو آھي ته جھاز وارا ھتي جي عورتن سان نڪاح ڪندا آھن ۽ واپس وڃڻ وقت انهن عورتن کي طلاق ڏيئي ويندا آھن . ھي ھڪ قسم جو متعو ٿيندو آھي. ھي عورتون پنهنجي ملڪ کان ٻاھر بلڪل ڪو نه وڃن.
ھتي جي عورت پنهنجي خاوند جي رڳو ھڪ ئي خدمت ڪا نه ڪندي آھي، بلڪه اھا ئي ھن لاءِ کاڌو آڻيندي ۽ (برتن) کڻي ويندي آھي، سندس ھٿ ڌئاريندي آھي، وضوءَ جي لاءِ پاڻي آڻيندي آھي ۽ سمھڻ وقت کيس زور به ڏيندي آھي. ھتي عورتون پنهنجي خاوند سان ڪڏھن به ڪين کائين. نه رڳو ايترو پر خاوند کي خبر به ڪين پوندي آھي ته ھوءَ ڇا ٿي کائي. مون به اتي ڪيترين عورتن سان نڪاح ڪيو ھو، جن مان ڪن تي زور بار آڻڻ کان پوءِ ھنن مون سان کائڻ منظور به ڪيو ھو، پر ڪن ته اصل نه کاڌو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ھنن کي کائيندي ڏسان پر ناڪام رھيس.
[b]ھنن ٻيٽن ۾ اسلام پکڙڻ جو سبب ۽ ھڪ خوفناڪ جن جي ڳالھه
[/b]جنهن سڀني شھرن کي تباھه ڪيو ھو:
ھنن ٻيٽن جي ڪن معتبر ماڻھن جھڙوڪ فقيه عيسيٰ يمني، فقيه معلم علي ۽ قاضي عبدالله وغيره مون کي ٻڌائيندا ھئا ته اصل ۾ ھن ٻيٽ جا ماڻھو بت پرست ھوندا ھئا ۽ ھر مھيني سمنڊ جي طرف کان ھڪ جن ايندو ھو، جنهن جي شڪل اھڙي ھوندي ھئي جو ڄڻ ڪو جھاز آھي ۽ ان ۾ بتيون پيون ٻرن. ھتي جي ماڻھن جو دستور ھو ته ھڪ ڪنواريءَ ڇوڪري کي بنائي سينگاري ھڪ بت خاني ۾ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ھوندو ھو، وڃي ڇڏي ايندا ھئا ۽ صبح جو ان ڇوڪري کي مئل ڏسندا ھئا. نه رڳو ايترو پر سندس عصمت به لٽيل ھوندي ھئي. ھو ھر مھيني پاڻ ۾ ڪڻان وجھندا ھئا ۽جنهن جو نالو نڪرندو ھو، تنهن کي پنهنجي ڌيءُ موڪلڻي پوندي ھئي.
ھڪ دفعي ھنن ٻيٽن ۾ ھڪ مغربي البرڪات بربريءَ نالي مسافري ڪندي اچي نڪتو. ھيءُ شخص قرآن شيف جو حافظ ھو ۽ مھل(مال)جي ٻيٽ ۾ ھڪ پوڙھيءَ زال جي گھر ۾ اچي ترسيو. ھڪ ڏينهن جيئن ئي ھو گھر ۾ گھڙيو تيئن ڏٺائين ته اھا پوڙھي زال ۽ ان جا مائٽ روئي پٽي رھيا آھن، ڄڻ ته ڪو ماتم ٿي ڪيائون. ھن حال احوال پڇين، پر ھن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه آيو. آخر ترجمان گھرايو ويو، جنهن ھن کي سڄو حال ٻڌائيندي چيو ته ھن پوڙھيءَ زال جو نالو ڪڻي ۾ آيو آھي ۽ ھن کي رڳو اھا ھڪڙي ڌيءَ آھي، جنهن کي ھاڻي جن ماري ڇڏيندو. اتي ابوالبرڪات انهيءَ زال کي چيو ته تنهنجي ڌيءَ جي بدران مان ويندس.
ھو ڪجھه ٻچي ھو، تنهن ڪري ڏاڙھي ۽ مڇون ڪو نه رکندو ھو ۽ حسب دستور ھن کي وٺي وڃي انهيءَ بت خاني ۾ڇڏي آيا. ھن اتي ڇا ڪيو، جو وضو ڪري، ڪلام الله کڻي ويھي، پڙھڻ لڳو. جڏھن جن ظاھر ٿيو ۽ ھن کي ڪلام الله پڙھندي ڏٺائين، تڏھن سمنڊ ڏانهن واپس ھليو ويو، صبح ٿيو ته به مغربي ساڳئي حال ۾ رھيو. جڏھن پوڙھي زال ۽ ان جا عزيز حسب معمول ھن جو لاش کڻڻ آيا، تڏھن مغربيءَ کي زنده ڏٺائون.
پوءِ ھن کي پنهنجي بادشاھه وٽ، جنهن جو نالو ”شنوراز“ ھو، وٺي ويا، ۽ ھن کي سمورو حال وڃي ٻڌايائون. بادشاھه کي اھو ٻڌي ڏاڍو عجب لڳو. اتي مغربيءَ ھن کي مسلمان ٿيڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي ھن جواب ڏنس ته ايندڙ مھيني تائين ترس، ۽ جيڪڏھن ايندڙ مھيني به تون اھڙيءَ طرح سلامت رھئين ته پوءِ مان مسلمان ٿيندس. ان کان پوءِ مغربي اتي ترسي پيو ۽ اڃا مھينو به پورو ڪو نه ٿيو ھو، ته بادشاھه جي دل ۾ اسلام لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ ھو پاڻ، پنهنجي خاندان ۽ اميرن سميت مسلمان ٿيو.
جڏھن مھينو پورو ٿيو، تڏھن مغربيءَ کي وري وڃي انهيءَ بتخاني ۾ ڇڏي آيا، ”جن“ ھن دفعي به سندس ويجھو ڪو نه آيو ۽ ھو صبح تائين ويٺو قرآن شريف پڙھندو رھيو. جڏھن بادشاھه ۽ عوام اتي آيا، تڏھن مغربيءَ کي تلاوت قرآن ۾ محو ڏٺائون. ھنن انهيءَ دم سڀ بتخانا ڀڃي ڇڏيا ۽ ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مسلمان ٿي ويا. انهن پوءِ ٻين ٻيٽن جي ماڻھن کي به مسلمان ڪري ڇڏيو. ھي ماڻھو مغربيءَ جي تمام گھڻي تعظيم ۽ تڪريم ڪندا ھئا ۽ ھن جي ڪري ھي سڀ ماڻھو به امام مالڪ جي مذھب جا پيروي ڪندڙ ٿي رھيا.
ھي ماڻھو اڃا تائين به ”مغرب“ جي ماڻھن جي تمام گھڻي عزت ڪندا آھن. ھنن ان وقت ھڪ مسجد به تعمير ڪرائي ھئي، جيڪا اڃا به ان شخص جي نالي سان مشھور آھي ۽ انهيءَ مسجد جي محراب تي ھي ڪتبو اڪريل آھي؛”سلطان احمد شنورازه ابو البرڪات مغربيءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو.“ ان بادشاھه پوءِ ھنن ٻيٽن جي آمدنيءَ جو ٽيون حصو مسافرن جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ھن جي مسلمان ٿيڻ جو سبب به ھڪ مسافر ھو، ۽ اڃا تائين به اھو دستور ھليو ٿو اچي.
انهيءَ ”جن“ جي سبب کان ڪيترائي ٻيٽ غيرآباد ٿي ويا ھئا ۽ جڏھن مان انهن ٻيٽن ۾ ويس ته ھڪ رات مون ڏٺو ته ماڻھو تڪبيرون ۽ ڪلما وڏي آواز سان پڙھي رھيا ھئا، ٻار مٿن تي ڪلام الله کنيو بيٺا ھئا ۽ زالون وري ٿالھيون ۽ ٽامي جا برتن وڄائي رھيون ھيون. مون کانئن انهيءَ جو سبب پڇيو، ته جواب ڏنائون ته ”سمنڊ ڏانهن نهار“ مون ڏٺو ته ھڪ وڏو جھاز جنهن ۾ چراغ ۽ مشعلون ٻري رھيون ھيون، اچي رھيو ھو. ھنن چيو ته اھو ”جن“ مھيني ۾ ھڪ دفعو ايندو آھي ۽ اسان اھڙيءَ طرح ڪندا آھيون ته واپس ھليو ويندو آھي ۽ ڪو به نقصان ڪو نه ڪندو آھي.
[b]ھنن ٻيٽن جي حڪمران ملڪه
[/b]ھيءَ به ھڪ عجيب ڳالھه آھي ته ھنن ٻيٽن جي حڪمران خديجه نالي ھڪ عورت آھي. ھوءَ سلطان جلال الدين عمر بن سلطان صلاح الدين صالح بنگاليءَ جي ڌيءَ آھي. ھن جو ڏاڏو بادشاھه ھو. پوءِ سندس پيءُ بادشاھه ٿيو. جڏھن ھن جو پيءُ مري ويو، تڏھن سندس ڀاءُ شھاب الدين بادشاھه ٿيو، جيڪو اڃا صغير ھو، تنهن ڪري وزير عبدالله بن محمد خذريھ ھن جي ماءُ سان نڪاح ڪري، سلطنت جي سمورن ڪمن ڪارين ۾ خودمختيار ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ھن وزير جمال الدين جي مرڻ کان پوءِ ھن ملڪه خديجه سان پڻ نڪاح ڪيو ھو، جنهن جو اڳتي بيان ڪنداسين.
جڏھن شھاب الدين بلوغت کي پھتو، تڏھن وزير عبدالله کي سندس عھدي تان ھٽائي، سويد جي ٻيٽ ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ مستقل بادشاھه ٿي، پنهنجي غلام ”ڪلڪي“ کي کڻي وزير ڪيائين، ٽن سالن کان پوءِ ان کي به جلاوطن ڪري ڇڏيائين.
ڳالھه ڪندا آھن ته ھي شھاب الدين پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن جي گھرن ۾ رات جو گھڙي پوندو ھو، تنهن ڪري ھن کي معزول ڪري ھلرمتيءَ جي ٻيٽ ۾ موڪليو ويو، جتي ھڪ ماڻھوءَ کي موڪلي کيس قتل ڪرايو ويو.
ھاڻي شاھي خاندان ۾ فقط ٽي ڀيڻون وڃي رھيون، جي ھيون؛ خديجه، مريم ۽ فاطمه ماڻھن خديجه کي پنهنجي ملڪه منتخب ڪيو. جيڪا سندن خطيب جمال الدين جي نڪاح ۾ ھئي، جنهن ڇا ڪيو جو پنهنجي پٽ محمد کي پنهنجي جاءِ تي خطيب مقرر ڪري، پاڻ بادشاھه بنجي، حڪومت جي سڄي ڪاروبار تي قابض ٿي ويو. پر تنهن ھوندي به سڀئي حڪم ملڪه خديجه جي نالي سان جاري ٿيندا ھئا. ھن ٻيٽ ۾ سڀ حڪمناما کجيءَ جي پترن تي، ھڪ لوھه جي ڏانگي ڪپ سان لکندا آھن ۽ ڪاغذ تي فقط ڪلام الله ۽ نوان ڪتاب لکندا آھن. خطيب اھي جمعي يا ٻئي ڪنهن ڏينهن پڙھي ٻڌائيندو آھي، جنهن جي شروعات ھن طرح ڪندو آھي؛ ”او خدا! پنهنجي بنديءَ جي مدد ڪر، جنهن کي تو سندس علم جي طفيل سڄي عالم جي ماڻھن کان بلند مرتبي ڪيو آھي ۽ ان کي سڀني مسلمانن جي لاءِ ذريعو رحمت جو بڻايو آھي. اھا ڪير آھي! سلطانه خديجه سلطان جلال الدين جي ڌيءُ، جيڪو سلطان صلاح الدين جو پٽ ھو.“
ھن ملڪ ۾ اھو به دستور آھي ته جيڪڏھن ڪو مسافر ھتي ايندو آھي، تڏھن شاھي محل ۾ ٻه ڪپڙا ساڻ کڻي ايندو آھي. جن مان ھڪ ملڪه کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي ۽ ٻيو جمال الدين وزير کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي. ھن ملڪ جو لشڪر اٽڪل ھڪ ھزار کن سپاھين جو آھي، جيڪي گھڻو ڪري غيرملڪي آھن ۽ انهن ۾ ڪي ٿورا ھن ملڪ جا باشندا به آھن. ھو ھر روز شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام ڪري وري ھليا ويندا آھن. ھنن کي پگھار جي عيوض چانور ملندا آھن، جيڪي ھنن کي ھر مھيني سرڪاري خزاني مان ڏنا ويندا آھن. جڏھن مھينو پورو ٿيندو آھي تڏھن لشڪر وارا شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام کان پوءِ وزير کي چوندا آھن ته اسان جا سلام وڃي ملڪه کي پھچاءِ ۽ ٻڌائينس ته اسان پنهنجي پگھار گھرڻ آيا آھيون. پوءِ وزير حڪم ڏيندو ته ھنن جو مقرر ماھيانو کين ڏنو وڃي. اھڙيءَ طرح قاضي ۽ سڀ وزير به ھر روز ايندا ھئا، غلام انهن جا سلام ملڪه تائين پھچائيندا ھئا ۽ پوءِ ھو موٽي ويندا ھئا.
[b]وزير، ان جون خلعتون ۽ٻيا عھديدار
[/b]ھتي جي وزيراعظم کي، جيڪو ملڪ جو نائب پڻ آھي، ”ڪلڪي“ ڪري چوندا آھن. قاضيءَ کي ”فند يار ڦالو!“ آھن، قاضيءَ جو عھدو سڀني کان به وڌيڪ ھلندو آھي،جو ھميشه شاھي محل ۾ ھڪ مسند تي ويھندو آھي. ۽ قاضيءَ جي ٽن ٻيٽن جي ڍل، سلطان احمد شنورازه جي وقت کان وٺي، معاف رھندي ٿي اچي. خطيب کي ”ھنديجري“، ديوان کي ”فاملداري“، صاحب اشغال(فوجدار) مافاڪلوا، حاڪم کي ”فيتايڪ“، ۽ اميرالبحر کي ”مانايڪ“ ڪري چوندا آھن، ۽ اھي سڀ عھديدار وزير سڏبا آھن. ھن ملڪ ۾ قيد خانا ڪو نه ٿين، پر جيڪڏھن گھڻا قيدي گڏ ٿي وڃن ته انهن کي ڪاٺ جي جاين ۾ جيڪي سوداگرن جي مال رکڻ لاءِ ٺھيل آھن، بند ڪري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھڪ قيدي ھوندو آھي ته ان کي اھڙيءَ طرح ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيندا آھن، جھڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ رومي قيدين کي بند ڪيو ويندو آھي.
[b]مان ھنن ٻيٽن ۾ ڪيئن آيس
[/b]پھريان مان ڪنلوس جي ٻيٽ ۾ پھتو ھوس، جيڪو ڏاڍو سھڻو ٻيٽ آھي ۽ منجھس مسجدون تمام گھڻيون آھن، اتي مان ھڪ نيڪ انسان جي گھر ۾ وڃي ترسيو ھوس، جتي فقيه عليءَ جيڪو ھڪ وڏو فاضل ھو، منهنجي مھماني ڪئي. ھن جا پٽ طالب العلم آھن، ھن ٻيٽ ۾ مون کي ”طفار“ جو باشندو مليو، جنهن جو نالو محمد ھو. ھن پڻ منهنجي مھماني ڪئي ۽ مون کي ٻڌايائين ته جيڪڏھن تون مھل (مال) جي ٻيٽ وڃين ته وزير توکي اتي ضرور رکندو، ڇو ته اڄڪلھه ھن وٽ ڪو به قاضي ڪو نه آھي.
منهنجو ارادو ھو ته ھيءُ ٻيٽ ڏسندو معبر، سرانديپ ۽ بنگالھ کان ٿيندو، چين ھليو وڃان ۽ ھتي ناخدا عمر ھنوريءَ جي جھاز ۾ آيو ھئس، جيڪو ھڪ حاجي ۽ فاضل شخص ھو. ھو ”ڪنلوس“ جي ٻيٽ ۾ ڏهه ڏينهن ترسيو، پوءِ ھن ھڪ ”ڪنوره“ ٻيڙي ڀاڙي ڪئي، جنهن ۾ ملڪه ۽ وزير لاءِ تحفا کڻي ٿي ويو. مون ھن سان گڏ وڃڻ جو ارادو ظاھر ڪيو، جنهن تي ھن چيو ته تنهنجي ساٿين جي لاءِ جڳھه جو انتظام ٿي ڪو نه سگھندو، باقي جيڪڏھن تون اڪيلو ھلڻ گھرين ته ھليو ھل. مون اڪيلو وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھو ھليو ويو. پر مخالف ھوا جي تڪليف جي ڪري، ھو چوٿين ڏينهن وري موٽي آيو ۽ اچي مون سان عذر ڪرڻ لڳو. آخر ھو مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي وٺي ھليو.
اسان صبح کان ٻن پھرن تائين سفر ڪندا ھئاسين ۽ ٻپھر ڪنهن ٻيٽ تي لھي، سڄي رات اتي ترسندا ھئاسين. پوءِ ٻئي ڏينهن سفر ڪندا ھئاسين. اھڙي طرح ھلندي ھلندي، اسان چوٿين ڏينهن اچي”ليم“ جي ٻيٽ تي پھتاسين. اتي جو والي جلال نالي ھو، جنهن مون کي سلام ڪيو ۽ منهنجي مھماني ڪئي. جڏھن مون وٽ آيو، تڏھن ھن سان گڏ چار ماڻھو ھئا، جن مان ٻن جي ڪلھن تي ھڪ لٺ ھئي، جنهن ۾ چار مرغيون ٽنگيل ھيون. ٻين ٻن ماڻھن جي ڪلھن تي پڻ ھڪ لٺ ھئي، جنهن ۾ وري ڏهه ناريل ٽنگيل ھئا. مون کي ڏاڍو عجيب لڳو ته ھيءَ ڪھڙي نه خسيس شيءَ آندي اٿن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته ھيءَ ھن ملڪ ۾ تمام وڏي مان ۽ شان رکڻ جي نشاني سمجھي ٿي وڃي.
ان کان پوءِ ڇھين ڏينهن اسان عثمان جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھيءُ شخص وڏو فاضل ۽ نيڪ بخت ھو، ھن اسان جي مھماني به ڪئي. اٺين ڏينهن اسين وزير جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جنهن کي ”تلمدي“ چوندا آھن ۽ ڏھين ڏينهن اچي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ملڪه ۽ ان جو وزير رھندا ھئا. اسان اتي اچي لنگر ھنيو. ھتي جو دستور آھي ته اجازت کان سواءِ ڪو به شخص جھاز تان لھي نٿو سگھي. جڏھن اجازت اچي ويئي تڏھن مون ڪنهن مسجد ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر خادمن چيو ته پھريائين توکي وزير وٽ وڃڻو پوندو.
مون نا خدا کي اڳئي سمجھائي ڇڏيو ھو ته جيڪڏھن تو کان منهنجي باري ۾ ڪجھه پڇن، ته تون لاعلمي ظاھر ڪجانءِ، ڇو ته مون کي ڊپ ھو ته ڪٿي مون کي ھن ٻيٽ ۾ ترسائي نه ڇڏين. پر مون کي اھا خبر ئي نه رھي ته منهنجي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي، ڪنهن فضول شخص ھنن کي اھو لکي موڪليو ھو ته ھيءُ فلاڻو شخص آھي ۽ دھليءَ ۾ قاضي رھي چڪو آھي. جڏھن اسان شاھي محل ۾ پھتاسين، تڏھن ٽئين دروازي واري جاءِ ۾ ترسي پياسين.
قاضي عيسيٰ يمني مون وٽ آيو ۽ اچي مون کي سلام ڪيائين. پوءِ مون وزير کي سلام ڪيو. نا خدا ابراھيم پاڻ سان ڏهه ڪپڙا کڻي آيو ھو، جن مان ھڪ ملڪه جي تعظيم ڪرڻ وقت سندس پيرن تي وڌائين، پوءِ وزير جي تعظيم ڪري، ان جي پيرن تي پڻ ڪپڙو رکيائين، اھڙيءَ طرح جڏھن واري واري سان ڪپڙا وجھي پورا ڪيائين، تڏھن کانئس مون بابت پڇيو ويو، جنهن تي ھن چيو ته ”مون کي ڪا به خبر ڪا نه آھي.“ پوءِ ھنن مون ڏانهن پان ۽ گلاب جو پاڻي موڪليو، جو ھن ملڪ ۾ وڏي تعظيم سمجھي ويندي آھي. پوءِ مان شاھي محل ۾ ئي ترسي پيس. ان کان پوءِ مون لاءِ کاڌو آيو. وڏي ٿالھيءَ جي وچ ۾ چانور پيل ھئا، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي پيالا ھئا، جن ۾ خليع گوشت(1) ڪڪڙ جو گوشت، گيھه ۽ مڇي وغيره ھئا.
ٻئي ڏينهن مان نا خدا ۽ قاضي عيسيٰ يمنيءَ سان گڏ، ھڪ خانقاه جي زيارت لاءِ ٻيٽ جي ھڪ ھنڌ ويس، ھيءُ خانقاه شيخ نجيب جو ٺھرايل آھي. رات جو اسان اتان واپس آياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير وزير مون ڏانهن خلعت ۽ مھماني موڪلي، جنهن ۾ چانور، گيھه، خليع گوشت ۽ ناريل جي ماکي خاص شيون ھيون. ناريل جي ماکيءَ کي ھتي جا ماڻھو”قوباني“ ڪري سڏيندا آھن، جنهن جي معنيٰ آھي کنڊ جو پاڻي. ان کان سواءِ خرچ لاءِ مون ڏانهن ھڪ لک ڪوڏيون به موڪليون ھئائين.
ڏھين ڏينهن کان پوءِ سيلان جي ٻيٽ مان ھڪ جھاز آيو، جنهن ۾ عرب ۽ عجم جا فقير پڻ ھئا، جيڪي مون کي سڃاڻندا ھئا، ھنن وزير جي نوڪرن کي سڄي ڳالھه ٻڌائي ڇڏي. ان کان پوءِ ھو منهنجي عزت اڳي کان وڌيڪ ڪرڻ لڳو. رمضان جي چنڊ واريءَ رات وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو. مان ويس ته اتي سڀ امير ۽ وزير موجود ھئا. کاڌو آيو ته دستر خوان تي پڻ ڪيترائي ماڻھو موجود ھئا، وزير مون کي پنهنجي ڀر ۾ کڻي ويھاريو ۽ ھن وٽ قاضي عيسيٰ يمني، وزير ”فاملداري“ ۽ وزير ”ڪريھري“ يعني سپھه سالار به موجود ھئا. پوءِ چانور، ڪڪڙ، گيھه، مڇي، خليع گوشت ۽ ڪيلي جي ڀاڄي آڻي دستر خوان تي رکيون ويون، کاڌي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو ناريل جي ماکي، جنهن ۾ خوشبوءِ ملايل ھونديون آھن، پيئندا آھن، جيڪا کاڌي کي ھضم ڪندي آھي.
رمضان جي نائين تاريخ وزير جو ناٺي مري ويو، ان ڇوڪريءَ جو پھريون مڙس سلطان شھاب الدين ھو ۽ ان کان پوءِ ھن شخص سان نڪاح ٿيو ھو، پر ھيءَ ڇوڪري اڃا تائين بلوغت کي نه پھتي ھئي. ھن جي پيءُ ھن کي پنهنجي گھر موڪلي ڏنو ۽ اھو گھر رھڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائين، ھيءُ گھر ڏاڍو سھڻو ھو، مون وزير کان اجازت گھري ته جيڪي فقير سيلان کان واپس آيا آھن، تن جي مان مھماني ڪرڻ ٿو گھران، وزير يڪدم اجازت ڏني ۽ پنج ٻڪريون، جيڪي ھن ملڪ ۾ ڳريءَ قيمت واريون ھوندي آھن، ڇو ته اھي معبر، ملبار ۽ مقدش مان آنديون وينديون آھن، موڪيائين. ازانسواءِ چانور، گيھه ۽ گرم مصالحا به مون کي موڪلي ڏنائين. اھي سڀ شيون مون امير البحر سليمان جي گھر موڪلي ڏنيون، جنهن تمام عمدو کاڌو تيار ڪرايو ۽ ڪجھه پنهنجي طرفان به ان ۾ وڌيڪ شامل ڪيو ھئائين. وزير مون کي گلم ۽ ٽامي جا برتن به موڪلي ڏنا ھئا.
دستور موجب اسان شاھي محل ۾ وزير سان گڏ روزو افطار ڪيو. مون وزير کي عرض ڪيو ته ھو فقيرن کي ھن مھمانيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏئي. ھن اجازت ڏيندي چيو ته ”مان به ايندس،“ جنهن تي مون سندس شڪرانا ادا ڪيا ۽ پنهنجي گھر ھليو آيس، ڪجھه وقت کانپوءِ وزير، پنهنجي ٻين وزيرن سان گڏ، اچي نڪتو ۽ ڪاٺ جي ھڪ اوچي حجري ۾ اچي ويٺو، جيڪو به امير يا وزير آيو ٿي، سو وزيراعظم کي سلام ڪندو، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙو وجھندو ٿي ويو. اھڙيءَ طرح سان ھڪ سئو ڪپڙا گڏ ٿي ويا، جيڪي فقيرن کي ڏنا ويا، پوءِ کاڌو آيو ۽ سڀني گڏجي کاڌو، ان کان سواءِ قارين تمام سھڻي آواز ۾ ڪلام الله پڙھيو ۽ تنهن کان پوءِ سماع ۽ رقص شروع ٿيو، جنهن لاءِ باھه ٻاري ويئي. فقير ان باھه م ٽپي ٿي پيا ۽ پيرن سان ٽانڊن کي لتاڙيائون ٿي؛ ڪي وري اھي کڻي اھڙي طرح وات ۾ وجھڻ لڳا ته ڪو حلوو ھو، ايتري قدر جو اھي ٽانڊا وسامجي ٿي ويا.
[b]وزير جا مون تي ڪي احسان
[/b]جڏھن رات ختم ٿي، تڏھن وزير پنهنجي گھر ڏانهن واپس ويو ۽ مان ھن سان گڏ ويس. اسان بيت المال جي ھڪڙي باغ وٽان ٿي لنگھياسين ته وزير مون کي چيو ته ھي باغ مون توکي ڏنو ۽ ھن ۾ تنهنجي لاءِ ھڪ گھر به ٺھرائيندس. مون ھن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ھن لاءِ دعا گھريم. ٻئي ڏينهن ھن منهنجي لاءِ ھڪ ٻانهي موڪلي ۽ چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن ھيءَ ٻانهي توکي پسند اچي ته رکجانءِ، نه ته ھڪ ٻي مرھٽي ٻانهي تو ڏانهن موڪلي ڏيندس. مون کي مرھٽي ٻانهيون تمام گھڻيون وڻنديون ھيون، تنهن ڪري مون چيو ته مون کي مرھٽي ٻانهي موڪلي ڏيو ۽ وزير مون کي اھا موڪلي ڏني، جنهن جو نالو ”گلبستان“ ھو ۽ پارسي پڻ ڳالھائي سگھندي ھئي. مان ھنن ٻيٽ وارن جي ٻولي سمجھي ڪو نه سگھندو ھوس. ٻئي ڏينهن وري مون کي معبري ٻانهي موڪليائين، جنهن جو نالو (عنبري) ھو.
ٽينءَ رات عشا جي نماز کان پوءِ وزير پنهنجي چند مصاحبن سان گڏ منهنجي گھر آيو ۽ ھن سان گڏ ٻه ننڍي عمر وارا غلام ھئا. مون ھن کي سلام ڪيو. ھن مون کان حال احوال پڇيو، جنهن جي جواب ۾ مون کيس دعا ڪئي. ان کان پوءِ ھڪ غلام منهنجي اڳيان ھڪ ”بقشت“ جيڪا سنيت(ڳوٿري) جي شڪل جھڙي ھئي، آڻي رکي، ھن انهيءَ مان ريشمي ڪپڙن ۾ ڍڪيل ھڪ داٻلو ڪڍيو، جنهن ۾ موتي زيورات پيل ھئا، ھن اھو سمورو مال منهنجي حوالي ڪندي چيو ته ھي شيون جيڪڏھن توکي ٻانهين سان گڏ موڪلي ڏيان ھا، ته ھو (ٻانهيون) سمجھن ھا ته اھو مال ھنن جو آھي ۽ اسان جي آقا اھو اسان کي عطا ڪيو آھي. ھاڻي ھيءُ مال تنهنجو آھي ۽ تون پنهنجي طرفان ھنن کي ڏيئي ڇڏ. مون ھن جي حق ۾ دعا گھري ۽ سندس شڪرانا ادا ڪيا، ڇو ته ھو شڪريي جو مستحق ھو – خدا ھن تي رحمت ڪري.
فصل چوٿون
[b]وزير جو رخ بدلجڻ ۽ منهنجو اتان ھليو وڃڻ جو ارادو ڪرڻ:
[/b]وزير سليمان ”مانايڪ“ (امير البحر) مون ڏانهن پيغام موڪليو ته مان سندس ڌيءُ سان نڪاح ڪريان، مون وزير جمال الدين کان ان جي اجازت گھري، ته ھن ناراضگي ظاھر ڪئي ۽ چوائي موڪليائين ته مان خود پنهنجي ڌيءُ، جيڪا سلطان شھاب الدين جي بيواه آھي، توکي ڏيڻ ٿو گھران ۽ سندس عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ توسان ان جو نڪاح ڪرائيندس. مون ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته مان ھن کي منحوس سمجھندو ھوس. ھن جا ٻه مڙس ته اڳيئي مري چڪا ھئا ۽ ھن وقت مون کي به بخار اچڻ لڳو ھو.
ھن ٻيٽ ۾ جيڪو به نئون مسافر ايندو آھي، تنهن کي بخار اچڻ ته ضروري آھي، تنهن ڪري مون سفر ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مون ڪي زيور ڪوڏين جي عيوض وڪڻي ڇڏيا ۽ بنگالھ وڃڻ لاءِ ھڪ جھاز به ڀاڙي ڪري ڇڏيم. جڏھن مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ويس، تڏھين قاضيءَ اچي مون کي وزير جو نياپو ڏنو ته جيڪڏھن تون سفر ڪرڻ ٿو گھرين ته جيڪي ڪجھه اسان توکي ڏنو آھي، سو واپس ڪر. مون جواب ڏنو ته ”ڪي زيور وڪڻي مون ڪوڏيون خريد ڪيون آھن، سي ڀلي کڻي وڃو“ قاضي وري مون وٽ موٽي آيو ۽ چيائين ته ”وزير ٿو چوي ته اسان توکي سون ڏنو ھو، تنهن ڪري ڪوڏيون اسان نه وٺنداسين“ تنهن تي مون جواب ڏنو ته ”مان ڪوڏيون وڪڻي وري توھان کي سون وٺي ٿو ڏيان“ پوءِ مان سوداگرن ڏانهن لنگھي ويس ته ڪوڏيون مون کان وٺو، وزير اڳيئي انهن کي چوائي موڪليو ھو ته ھن شخص کان ڪوڏيون ھرگز نه وٺجو، ھن مان وزير جو ارادو ھو ته مان نه وڃان پوءِ ھن مون ڏانهن پنهنجو ھڪ مصاحب موڪليو ۽ ان جي معرفت چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن اسان وٽ ترسندين ته جيڪي به گھرندين سو تنهنجي لاءِ حاضر ڪنداسين.
مون دل ۾ خيال ڪيو ته ھن وقت مان انهن جي حڪومت ۾ آھيان ۽ جيڪڏھن خوشيءَ سان رھڻ منظور ڪندس ته اھو انهيءَ کان بهتر آھي، جو رھڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃان. تنهن ڪري مون ان مصاحب کي چيو ته چڱو مان ترسي ٿو پوان، ھن وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم مون کي پاڻ وٽ گھرايائين. جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن منهنجي تعظيم لاءِ ھو اٿي بيٺو ۽ مون سان ڀاڪر پائي، ملندي چيائين ته ”اسان توکي پنهنجي قريب آڻڻ ٿا گھرون، پر تون ڇو اسان کان دور ٿيڻ ٿو چاھين؟“ تنهن تي مون ڪجھه عذر ڪيو، جو ھن منظور ڪيو.
ان بعد مون ھن کي ته ”جيڪڏھن مون کي ھتي ترسائڻ ٿو گھرين ته منهنجا ڪي شرط آھن. “ وزير جواب ڏنو ته ”تنهنجا سڀ شرط منظور آھن، ٻڌاءِ اھي ڪھڙا آھن؟“ مون چيو ته ”مان پيدل ھلي نٿوس سگھان، ۽ ھن ملڪ جو دستور آھي ته وزير کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به شخص کي گھوڙي تي سوار ٿيڻ جي اجازت نه آھي.“ جنهن تي وزير مون کي ھڪ گھوڙي ڏياري، جڏھن مان ان گھوڙي تي سوار ٿيندو ھوس، تڏھن ماڻھن جا ٻار مون کي تمامشو بنائڻ لاءِ اچي منهنجي پٺيان پوندا ھئا. مان اھا شڪايت وڃي وزير سان ڪئي، جنهن ”دنقرت“ (ڍنڍورو) گھمارايو ته ڪو به شخص منهنجي پٺيان نه ھلي. ھي دنقرت ھڪ وڏو پتل يا ٽامي جو ٺھيل ٿالھھ آھي، جنهن تي ھڪ لوھه جي سيخ ھڻندا ته ان جو آواز تمام پري ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، جيڪڏھن ڪنهن شخص کي ڪو اعلان ڪرڻو ھوندو آھي ته ھواھڙيءَ طرح ڍنڍورو گھمارائيندو آھي.
پوءِ وزير مون کي چيو ته ”جيڪڏھن تون ڏوليءَ ۾ سوار ٿيڻ چاھين ته اھا به موجود آھي، نه ته گھوڙو يا گھوڙي ٻنهي مان جيڪو تون پسند ڪرين، سو ڀلي رک“ مون ھڪ گھوڙي پسند ڪئي، جيڪا انهي وقت حاضر ڪئي ويئي ۽ ان سان گڏ خلعت به کڻي آيا، ان کان پوءِ مون وزير کي چيو ته ”ھي ڪوڏيون مان ڪيڏانهن ڪريان؟“ ھن جواب ڏنو ته ”پنهنجي ساٿين مان ڪنهن کي کڻي بنگالھ موڪل ته اتي وڃي اھي وڪڻي اچي.“ مون چيو ته ”چڱو“ پوءِ انهي ئي وقت مون پنهنجي ھڪ رفيق ابو محمد بن فرحان کي بنگالھ روانو ڪيو ۽ ان سان گڏ حاجي علي نالي ھڪ شخص کي پڻ موڪليو.
اتفاق اھڙو ٿيو جو سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. تنهن ڪري جيڪي ڪجھه به ھنن وٽ ھو، سو سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو کاڌي پيتي جون شيون، پاڻي، مستول ۽ مشڪ وغيره به اڇلائي ڇڏيائون، ۽ سڄا سارا سورھن ڏينهن بغير بادبانن ۽ لنگر جي سمنڊ ۾ ھئا، ان کان پوءِ ٻيٽ تي وڃي پھتا. ھو اھو سمورو وقت بک ۽ اڃ جي سخت تڪليف سھندا رھيا، ھڪ سال کانپوءِ ابو محمد، حضرت آدم جي قدم جي زيارت ڪري واپس موٽي آيو ۽ پوءِ وري به مون سان گڏ ٻئي دفعي زيارت ڪيائين.
[b]منهنجي ھنن سان عيد ڪرڻ
[/b]جڏھن رمضان جو مھينو پورو ٿيو، تڏھين وزير مون ڏانهن ھڪ خلعت موڪلي، ان بعد اسان عيد گاھه ڏانهن وياسين، وزير جي گھر کان عيد گاھه تائين سڄو رستو سينگاريو ويو ھو، ان تي ڪپڙا وڇائي ان جي ساڄي ۽ کاٻي ڪوڏين جا ڍير لڳاياويا ھئا، رستي ۾ جتي به ڪنهن امير جو گھر ھو، اتي ان جي دورازي تي ناريل، سوپاري ۽ ڪيلي جا وڻ لڳايا ويا ھئا ۽ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين رسيون ٻڌي انهن ۾ سبز ناريل ٽنگايا ويا ھئا، ۽ ھر ھڪ گھر جو مالڪ وري پنهنجي دروازي تي بيٺو ھو ۽ وزير جڏھين اتان لنگھيو ٿي، تڏھن ريشمي يا سوٽي ڪپڙو سندس پيرن تي وجھندو ٿي ويو.
رستي تي جيڪي ڪپڙا ۽ ڪوڏيون پيل ھيون، سي سڀ غلامن پئي کنيون. وزير پيادو ٿي ھليو ۽ ھن کي ”مرڪز“ جو ٺھيل مصري چوغو ۽ مٿي تي وڏو پڪٽو پھريل ۽ حمائل جي بدران ھڪ ريشمي چادر پيل ھئس. ھن جي مٿان چار ڇٽ ھئا، ۽ پيرن ۾ جتي ھئس، ٻيا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرين پئي ھليا ھن جي اڳيان نوبت، نقارا ۽ نفيريون وڄنديون پئي ھليون ۽ لشڪر به اڳيان اڳيان پئي ھليس، سڀ ماڻھو تڪبيرون پڙھندا ٿي ھليا، عيد گاھه ۾ وزير جي پٽ نماز کان پوءِ خطبو پڙھيو، ان کانپوءِ وزير وڃي محفل ۾ ويٺو ۽ سڀيني وزيرن ۽ اميرن سندس تعظيم بجا آڻيندي، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙا وڌا، ھن کان اڳ ۾ ھي وزير ڪڏھين به محفي تي سوار ڪو نه ٿيو ھو، ڇو ته بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به محفي تي سوار ٿي نٿو سگھي.
پوءِ اھو محفو کڻي ھليا ۽ مان وري گھوڙي تي سوار ٿي، محل ڏانهن ويس، اتي وزير ھڪ مٿانهين جاءِ تي وڃي ويٺو ۽ ان وٽ امير ۽ وزير به اچي ويٺا، پوءِ غلام تلوارون، ڍالون، ۽ لٺيون کڻي بيھي ويا، ان بعد کاڌو آيو، تنهن کان پوءِ پان ۽ سوپاريون آندائون، آخر ۾ ھڪ ٿالھيءَ ۾ مقاصري صندل پيل ھو، آڻي رکيائون ۽ جڏھن ڪا جماعت کاڌو کائي بس پئي ڪري ته انهن تي اھو صندل مليو ٿي ويو.
ان ڏينهن مون ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ھڪ سرذين جي قسم جي لوڻيل مڇي ڏٺي، جيڪا ڪچي ھئي، ھيءَ مڇي ڪولم مان ڪنهن سوکڙيءَ طور موڪلي ھئي، ڇو ته ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ مڇي جام ٿيندي آھي، وزير اھا مڇي مون کي ڏيندي چيو ته ”ھي کاءُ“ مون جواب ڏنو ته ”ھيءُ ته ڪچي آھي، تنهن ڪري ڪيئن کائبي، پر وزير ضد ڪري چيو ته ”نه پڪل آھي.“ تنهن تي مون جواب ڏنومانس ته ”مون کي ھن جي سڄي خبر آھي، ڇاڪاڻ ته اھا منهنجي ملڪ ۾ به گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي.“
[b]منهنجي شادي ڪرڻ، ۽ منهنجو قاضي مقرر ٿيڻ
[/b]شوال جي ٻي تاريخ وزير سليمان (امير البحر) سان سندس ڌيءُ جي سڱ جي باري ۾ منهنجي ڳالھه ٻولھه ٿي، جنهن چيو ته اڄ ئي نڪاح ٿي وڃڻ گھرجي. مون وزير کي چوائي موڪليو ته سندس محل ۾ ھن جي روبرو نڪاح پڙھيو وڃي، جيڪو وزير منظور ڪيو، اتي دستور موجب پان ۽ صندل آندو ويو ۽ ماڻھو به اچي گڏ ٿيا، پر وزير سليمان کي دير ٿي ويئي، ھن پنهنجي جلد اچڻ جو چوائي موڪليو، پر تڏھين به نه آيو. اسان ٻيو دفعو ھن ڏانهن ماڻھو موڪليو ته ھن چوائي موڪليو ته سندس ڌيءُ جي طبيعت ٺيڪ نه آھي، وزير مون کي ڪن ۾چيو ته ”اصل ۾ سندس ڌيءُ نڪاح ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته ھوءُ پنهنجي نفس جي مالڪياڻي آھي، پر جنهن صورت ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا آھن، تنهن ڪري جي تنهنجي مرضي ھجي ته ملڪه جي پيءُ جي بيواه سان جنهن جي ڌيءُ سان منهنجي پٽ جو نڪاح ٿيو آھي، کڻي ٿا تنهنجو نڪاح ڪريون. منهنجي ھائو ڪرڻ تي وزير انهيءَ وقت قاضي ۽ گواھن کي گھرايو ۽ نڪاح ٿي ويو، جنهن ۾ منهنجي طرفان وزير مھر جي ادائگي ڪري ڇڏي. ھو ڪجھه ڏينهن کان پوءِ منهنجي گھرآئي، ھو نهايت نيڪ بخت ۽ سليقي شعار زال ھئي ۽ پھرئين ئي ڏينهن ھن منهنجي بدن تي خوشبوءِ ملي، منهنجي ڪپڙن کي خوشبوءِ جو واس ڏنو، ھوءَ ھميشه کلمک رھندي ھئي ۽ ڪڏھن به ان جي منهن مان رنج معلوم نه ٿيو.
ھن نڪاح کان پوءِ وزير مون کي قاضي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن جو سبب ھي ھو، جو اتي جو قاضي ترڪي جي ملڪيت جي ورھاست وقت ان ملڪيت جو ڏھون حصو پاڻ کڻندو ھو، مون ھن ڳالھه تي اعتراض ڪندي، کيس چيو ته تنهنجو اھو حق آھي، جيڪو وارث خوشيءَ سان توکي ڏين. ازانسواءِ ھو چڱيءَ طرح سان ڪم به ھلائي ڪين سگھندو ھو.
جڏھن مان قاضي ٿيس تڏھن شرعي ڪمن جي لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪيم، ھن ٻيٽ ۾ اسان جي ملڪ وانگر گھڻا جھيڙا جھڳڙا ڪو نه ٿين. ھن ملڪ جو ھڪ دستور ھو ته طلاق کان پوءِ به عورتون ان وقت تائين پنهنجي اڳئين مڙس جي گھر ۾ رھنديون ھيون، جيستائين ڪو ٻيو ساڻن نڪاح نه ڪري، مون اھڙا پنجويھه ماڻھو پنهنجي روبرو گھرائي، انهن کي درا ھڻائي، سندن شھرت ڪرائي ۽ عورتن کي سندن گھرن مان ڪڍارائي ڇڏيو. نماز جي پابندي ۾ سختي ڪيم ۽ حڪم ڪيو ته جمعي جي نماز جي اذان کان پوءِ جيڪو به ماڻھو بازار يا گھٽيءَ ۾ ڏسو، تنهن کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي، پيش امامن ۽ ٻانگن جون پگھارون مقرر ڪيم ۽ سڀني ٻيٽن ۾ اھڙيءَ طرح حڪم جاري ڪيم. عورتن کي به ڪپڙن پھرڻ جو حڪم ڏنم پر ڪامياب ٿي نه سگھيس.
[b]وزير عبدالله بن محمد الحرضرميءَ، جنهن کي سلطان شھاب الدين ”سويد“ جي ٻيٽ ۾ جلاوطن ڪري موڪليو ھو، جو اچڻ، ۽ منهنجي ۽ ھن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ:[/b]
ھن وزير عبدالله جي زال جي ڌيءُ منهنجي نڪاح ۾ ھئي، تنهن ڪري مان ساڻس تمام گھڻي محبت رکندو ھوس، جڏھن وزير جمال الدين ھن کي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ واپس گھرايو، تڏھن مون ھن ڏانهن تحفا موڪليا ھئا ۽ سندس استقبال لاءِ وڃي، محل تائين ساڻس گڏ ويو ھوس، وزير مون کي سلام ڪيو ۽ ھن کي ھڪڙي سھڻي گھر ۾ ترسايائين، جتي ھن وٽ مان ايندو ويندو ھوس. اتفاق سان رمضان شريف جي مھيني ۾ مان اعتڪاف ۾ ويس ته سڀ ماڻھو مون سان ملڻ لاءِ آيا . وزير عبدالله نه آيو ۽ پوءِ جڏھن وزير جمال الدين آيو، تڏھن ان سان گڏجي آيو. ان ڪري مون کي ڏاڍو رنج ٿيو، جڏھن مان اعتڪاف مان ٻاھر آيس، تڏھن منهنجي زال، جيڪا جمال الدين سنجريءَ جي ڌيءَ ھئي، جو مامو، جنهن جو سنڀاليندڙ وزير عبدالله ھو، مون وٽ شڪايت کڻي آيو ته اسان جي ڪجھه ملڪيت اڃا به ھن وٽ (وزير عبدالله وٽ) رھيل آھي ۽ ڇاڪاڻ ته ھاڻي اسين بالغ ٿي ويا آھيون، تنهن ڪري اھا اسان کي ڏياري وڃي.
مون ھيءُ قاعدو مقرر ڪري ڇڏيو ھو ته ڪو به متولي گھرائڻ وقت، ھن کي ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر موڪليندو ھوس، جنهن ۾ لکيل ھوندو ھو ته “جنهن وقت اھو ڪاغذ توکي ملي، تنهن وقت ھڪدم اچي حاضر ٿي.“ پوءِ جيڪڏھن ھو ائين حاضر نه ٿيندو ھو ته ان کي سزا ڏيندو ھوس. اھڙيءَ طرح سان ھن ڏانهن پڻ مون اھڙو ڪاعذ موڪليو، جنهن تي ھو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ منهنجو دشمن ٿي پيو، پر ھن اھا ڳالھه دل ۾ رکي، ۽ پنهنجي طرفان ھڪ وڪيل ڏياري موڪليو، مون کي اھا به خبر پيئي ته ھو مون کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو ٿو رھي.
ماڻھو به ھن جي اھڙي تعظيم ڪندا ھئا، جھڙي وزير جي ھن ٻيٽ ۾ تعظيم جو قاعدو آھي ته تعظيم ڪرڻ وارو پنهنجي ڏسڻي آڱر زمين تي رکي، اھاچمي کڻي مٿي تي رکندو آھي، پر مون پڙھو ڏياريو ھو ته ”ڪو به شخص وزير کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص جي اھڙي تعظيم نه ڪري، ۽ ڪو به شخص جيڪڏھن وزير عبدالله جي اھڙي تعظيم ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي.“ ھن کي به حڪم موڪليم ته پنهنجي سامھون اھڙي تعظيم ڪنهن کي به ڪرڻ نه ڏي. ان کان پوءِ دشمني اڳي کان به وڌي ويئي.
ان بعد مون ٻئي ھڪ وڏي وزير جي ڌيءَ سان ٻي شادي ڪئي، ان وڏي وزير جو ڏاڏو سلطان داؤد، سلطان احمد شنورازه جو ڏوھٽو ھو ۽ ان کان پوءِ مون سلطان شھاب الدين جي بيواه سان به نڪاح ڪري ڇڏيو. مون ان باغ ۾ جيڪو وزير مون کي ڏنو ھو، ٽي گھر ٺھرايا ۽ منهنجي چوٿين زال، جيڪا وزير عبدالله جي زال جي ڌيءَ ھئي پنهنجي گھر ۾ الڳ رھندي ھئي، ھيءَ زال مون کي سڀني کان وڌيڪ پياري ھوندي ھئي، جڏھن مون اھي سڀ مائٽيون ڪيون، تڏھن وزير ۽ ان ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مون کان ڊڄڻ لڳا ۽ وزير سان منهنجون شڪايتون ڪرڻ ۽ مون تي چغليون ھڻڻ لڳا، ھن ڳالھه ۾ سڀ کان وڌيڪ بهرو وزير عبدالله ورتو ۽ آخر اسان جي وچ ۾ بغض پيدا ڪرائي ڇڏيائين.
[b]منهنجي ھنن کان جدائي ۽ ان جو سبب
[/b]ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو، جو وزير جي زال ھن سان سلطان جلال الدين جي غلامن مان ھڪ غلام جي شڪايت ڪئي ته ھو سلطان جي ھڪ ٻانهيءَ وٽ ويندو آھي ۽ ھن سان زنا ڪندو آھي. وزير يڪدم شاھد موڪليا، جي وڃي ان ٻانهيءَ جي گھر ۾ گھڙيا ته ڏٺائون ته غلام ۽ ٻانهي ھڪ ئي بستري تي آرام ڪري رھيا ھئا. ھنن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏھن صبح ٿيو ۽ مون کي اھا خبر پيئي، تڏھن شاھي محل ۾ وڃي پنهنجي بيٺڪ تي ويھي رھيس.
مون ان غلام ۽ ٻانهيءَ جي باري ۾ ڪا به ڳالھه ڪا نه پڇي. پوءِ مون وٽ ھڪ خاص ماڻھوآيو ۽ اچي مون کان پڇيائين ته وزير صاحب چوي ٿو ته توھان ڪنهن ڪم سان آيا آھيو؟ مون جواب ڏنومانس ته نه. اصل ۾ ھن جي پڇڻ جو مطلب ھو ته مان ان غلام ۽ ٻانهيءَ جي ڪيس جي باري ۾ ڪجھه چوان، ڇو ته منهنجو دستور ھو ته جيستائين مان حڪم نه ڏيان، تيستائين ڪنهن به ڪيس جو فيصلو ٿيڻ نه ڏيندو ھوس. پر ڇاڪاڻ ته مان ناراض ھوس، تنهن ڪري فقط ائين چئي پنهنجي گھر ڏانهن واپس آيس ۽ پنهنجي ڪچھريءَ ۾ وڃي ويٺس. پوءِ وزير مون ڏانهن ھڪ ٻئي وزير ھٿان چوائي موڪليو ته ڪالھھ رات ھيءُ واقعو ٿي گذريو آھي، ان ۾ جيڪو به شرعي حڪم ھجي، سو ٻڌايو. مون ھن کي چيو ته ھن ڪيس جو فيصلو شاھي محل ۾ ٿيڻ گھرجي. مان به اوڏانهن ويس. ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. مون حڪم ڏنو ته ٻنهي کي ھڪ پاسي وٺي وڃي درا ھڻو، ان بعد عورت کي ڇڏي ڏنم ۽ غلام کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي گھر ھليو آيس.
وزير مون ڏانهن ڪي وڏا وڏا ماڻھو موڪليا جن اچي سفارش ڪئي ته ھن غلام کي به ڇڏيو وڃي. جنهن تي مون چيو مان ته وزير ھڪ انهيءَ بدڪار غلام جي سفارش ٿو ڪري، جنهن پنهنجي مالڪ جي عزت جو به خيال نه ڪيو ۽ اڃا ڪالھھ جي ڳالھه آھي، جو توھان سلطان شھاب الدين کي رڳو انهيءَ ڪري تخت تان لاھي قتل ڪري ڇڏيو ھوس، جو ھو پنهنجي غلام جي گھر ۾ گھڙي ويو ھو. مون يڪدم حڪم ڏنو ته غلام کي بيد ھنيا وڃن. جيڪي دري کان وڌيڪ سخت ٿيندا آھن، ۽ سندس ڪنڌ ۾ رسي وجھائي،سڄي ٻيٽ ۾ سندس تشھير ڪرايم. امير وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ٻڌي غصي کان ڪڏھن اٿيو ٿي ته ڪڏھن ويٺو ٿي ۽ انهيءَ وقت پنهنجي سڀني وزيرن ۽ فوج جي سردارن کي گڏ ڪري، مون کي به اتي گھرايائين.
مان اوڏانهن ويس ۽ دستور موجب، ان جي تعظيم نه ڪري، فقط اسلام عليڪم چئي ويھي رھيس. پوءِ مون سڀني حاضرين کي چيو ته ”توھان سڀئي شاھد ھجو ته اڄ کان مون قاضيءَ جي عھدي تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجي پاڻ کي معزول ٿو ڪريان، ڇو ته منهنجو حڪم ھلي نٿو سگھي.“ تنهن تي وزير ڪجھه چيو، پر مان سندس مقابلي ۾ ھڪ مٿانهين جاءِ تي وڃي ويٺس ۽ سخت لفظن ۾ کيس ان جو جواب ڏنم، ايتري ۾ مغرب جي اذان آئي ۽ وزير ھيئن چوندي پنهنجي محلي ۾ ھليو ويو ته ”مان ھنن جو بادشاھه آھيان. مون ھن شخص کي انهيءَ لاءِ گھرايو ھو ته ھن تي مان پنهنجو غصو ظاھر ڪريان، پر اٽلو ھو مون تي غصو ڇنڊي ويو.“ ھتي جا ماڻھو منهنجي انهيءَ ڪري به گھڻي عزت ڪندا ھئا جو کين معلوم ھو ته مان ھندستان جي بادشاھه جو مقرب آھيان، جيتوڻيڪ ھنن جو ٻيٽ ھن کان گھڻو پري ھو، پر تڏھن به ھو ڊڄندا ھئا. وزير پنهنجي گھر وڃي مون ڏانهن اڳئين معزول ٿيل قاضي کي موڪليو، جيڪو ڏاڍو زبان دراز ھو، ھن اچي مون کي چيو ته وزير چيو آھي ته تو ڀريءَ درٻار ۾ منهنجي تعظيم ڇو نه ڪئي. مون جواب ڏنو مانس ته جيستائين منهنجي دل صاف ھئي، تيستائين تعظيم ڪندو رھيس؛ جڏھن اھا صفا ئي نه رھي، تڏھن تعظيم نه ڪيم ۽ فقط مسلمانن وارو معمولي سلام ڪيم.
اھو قاضي وري ٻئي دفعي اچي مون کي چوڻ لڳو ته جيڪڏھن تنهنجو مطلب ھن ٻيٽ مان ھليو وڃڻ جو ھجي ته پنهنجو قرض ۽ عورتن جو مھر ادا ڪري ڀلي ھليو وڃ. مون چيو ته چڱو پوءِ مان گھر ڏانهن ويس ۽ وڃي سڀ قرض ادا ڪيم. انهن ئي ڏينهن وزير مون ڏانهن گھر لاءِ ڪي گلم غاليچا، برتن ۽ ٻيو سامان موڪليو ھو، ٻيو به جيڪي گھرندو ھوس، سو موڪلي ڏيندو ھو، ڇاڪاڻ ته مون سان محبت رکندو ھو، پر ھينئر ھن جي دل صاف نه ھئي. اصل ۾ ھو مون کان ڊڄڻ لڳو ھو، جڏھن ھن کي معلوم ٿيو ته مون پنهنجو سڀ قرض به ادا ڪري ڇڏيو آھي، تڏھن وري سفر جي اجازت ڏيڻ ۾ دير ڪيائين. مون گھڻا ئي قسم کنيا ته مان ھتي ھرگز ڪو نه ترسندس، ۽ پنهنجو سڀ سامان کڻي ھڪ مسجد ۾ ھليو ويس. مون ھڪ زال کي طلاق ڏني، ٻي حامله ھئي، تنهن ڪري نون مھينن ۾ ميعاد مقرر ڪيم ته جيڪڏھن انهيءَ عرصي ۾ مان نه آيس ته پوءِ ھوءَ آزاد آھي. سلطان شھاب الدين جي بيواه کي پاڻ سان کنيم ته ھن کي ھن جي پيءُ وٽ، جيڪو ملوڪ جي ٻيٽ ۾ رھندو ھو، ڇڏيندو ويندس ۽ پنهنجيءَ پھرين زال کي، جنهن جي ڌيءَ ملڪه جي ڀيڻ ھئي، پاڻ سان کنيم.
وزير سپھه سالار ۽ وزير امير البحر سان مون انجام ۽ اقرار ڪيا ته مان معبر جي ملڪ ۾ وڃان ٿو، جتي جو بادشاھه منهنجو سنڍو آھي ۽ مان ان جو لشڪر ھنن ٻيٽن ۾ آڻي ھڪ دفعو وري ھيءُ ٻيٽ سندس زير حڪومت آڻيندس ۽ پوءِ مان سندس نائب ٿي رھندس. اسان پنهنجي نشاني مقرر ڪئي ته جنهن وقت اسان جھازن تي سفيد جھنڊا کڙا ڪريون، تنهن وقت ھو وٺي ٻيٽ ۾ بغاوت مچائين، اھا ڳالھه منهنجي دل ۾ ان وقت تائين ڪو نه ھئي، جنهن وقت تائين اسان جي کلم کلا مخالفت نه ٿي ھئي.
وزير مون کان ڏاڍو ڊڄندو ھو ۽ چوندو رھندو ھو ته ھي شخص منهنجي زندگيءَ ۾ يا موت کان پوءِ ضرور وزير ٿيندو. ھو گھڻو ڪري منهنجي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو رھندو ھو ۽ چوندو ھو ته ”مون ٻڌو آھي ته ھتي بغاوت ڪرڻ لاءِ ھندستان جي بادشاھه ھن ڏانهن مال موڪليوآھي.“ ھو منهنجي ھتان ھليو وڃڻ کان به پئي ڊنو، ته ڪٿي معبر مان لشڪر وٺي، ھن ٻيٽ کي فتح ڪرڻ لاءِ وري نه واپس موٽي اچي.
ھن مون ڏانهن نياپو موڪليو ته جيستائين تنهنجي لاءِ جھاز جو انتظام ٿي وڃي، تيستائين ترسي پئو ۽ ھوڏانهن ملڪه به شڪايت ڪئي، ته منهنجي ماءُ کي ٻيٽ کان ٻاھر وڃڻ نه گھرجي.،پر مون ترسڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري ھو ڪجھه به ڪري نٿي سگھيا، پر ھنن چوائي موڪليو ته ھن جا زيوارت بيت المال جو حق آھي، تنهن ڪري واپس ڪري، ورنه جيڪڏھن سندس شاھد ھجن ته سلطان جلال الدين اھي زيور کيس بخشش ڪري ڇڏيا ھئا، ته پوءِ ڀلي پاڻ سان کڻي وڃي. جيتوڻيڪ اھي زيور تمام بيش قيمت ھئا، تڏھن به ھن اھي واپس ڏيئي ڇڏيا. پوءِ مون وٽ وزير ۽ امير آيا. انوقت مان مسجد ۾ ھليو ويس.ھنن اچي مون کي درخواست ڪئي ته مان واپس ھلان. تنهن تي مون چيو مان ته ”مان قسم کڻي چڪو آھيان، تنهن ڪري لاچار آھيان.“ ھنن جواب ڏنو ته ”اھو قسم ته ھيئن به لھي سگھي ٿو ته تون ھڪ دفعو ھتان ھليو وڃ ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي ٻيٽ مان ٿي واپس ھليو اچ“ مون چيو ته ”چڱو ڀلا ائين منظور آھي.“
سفر واريءَ رات مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ھن وٽ ويس ته ھو مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ روئڻ لڳو، ايتري قدر جو سندس ڳوڙھا منهنجي پيرن تي ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڏينهن ھو سڄي رات پنهنجي سر ٻيٽ جي حفاظت ڪندو رھيو ته ڪٿي منهنجا سھرا ۽ ساٿي مون سان ملي ڪري بغاوت نه مچائين. پوءِ مان اتان ھلي وزير، عليءَ جي ٻيٽ ۾ پھتس، جتي پھچندي ئي منهنجي زال کي اچي سخت سور پيو، تنهن ڪري ھن واپس وڃڻ جي خواھش ڏيکاري، مون ھن کي طلاق ڏيئي، اتي ڇڏي ڏنو ۽ وزير کي ھن مضمون جو ھڪ خط لکيم ته مون انهيءَ زال کي به طلاق ڏني، جنهن لاءِ معياد مقرر ڪري آيو ھوس. مون پاڻ سان فقط اھا ٻانهي کنئي جنهن سان مون کي ڏاڍو پيار ھوندو ھو. ان کان پوءِ اقليم مان ٿيندا سفر ڪندا رھياسين.
[b]ھڪ پستان واري عورت
[/b]ھنن ٻيٽن مان ھڪ ٻيٽ ۾ مون ھڪ پستان واري عورت ڏٺي، جنهن کي ٻه ڌيئرون ھيون، انهن مان ھڪڙي ھڪ پستان واري ھئي ۽ ٻيءَ جا ٻه پستان ته ھئا پر ھڪ پستان ننڍو ھوس، مون کي ھيءُ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو. ھڪڙو ٻيٽ وري تمام ننڍو ڏٺوسين، جنهن ۾ فقط ھڪ گھر ھو، ان گھر جو مالڪ ڪم ڪار ڪندو ھو ۽ ھن کي زال ۽ ٻارڙا به ھئا. ھن اتي ناريل جا وڻ پوکيا ھئا ۽ ھڪ ننڍي ٻيڙي پڻ ھيس، جنهن تي چڙھي ھو مڇيون ڦاسائيندو ھو ۽ ڪيڏانهن وڃڻو ھوس ته ان ۾ سفر ڪندو ھو.
ھن ٻيٽ ۾ ڪيلي جا وڻ به ھئا ۽ اتي خشڪيءَ جي پکين مان، سواءِ ٻن ڪانگن جي ٻيو ڪو به پکي ڪو نه ھو. اھي ٻئي ڪانگ اسان جي جھاز کي ڏسي، ان جي ڀرسان اچي چوڌاري ڦرڻ لڳا. مان ان شخص جي پرامن زندگي بسر ڪرڻ تي رشڪ ڪرڻ لڳس ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن ھيءُ ٻيٽ مون کي ملي وڃي ته جيڪر مان ان ۾ گوشھ نشين ٿي ويھي رھان ۽ اتي ئي مري وڃان.
پوءِ اسان”ملوڪ“ جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ناخدا ابراھيم جو جھاز بيٺو ھو، جنهن ۾ چڙھي مون معبر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ناخدا سان گڏ منهنجا ساٿي پڻ ھئا، جن گڏجي منهنجي دعوت ڪئي. وزير ھن ٻيٽ ۾ اڳيئي لکي موڪليو ھو ته جڏھن مان ھن ٻيٽ ۾ پھچان، تڏھن مون کي ھڪ سئو ويھه بستو ڪوڏيون، ٽيھه پيالا ماکي، پان، سوپاري ۽ مڇي ھر روز ڏني وڃي. مان ھن ٻيٽ تي ستر ڏينهن رھيس ۽ اتي ٻن عورتن سان نڪاح ڪيم، ھيءُ ٻيٽ ايتري قدر ته سرسبز آھي، جو وڻ مان ٽاري پٽي کڻي زمين يا ڀت ۾ ھڻجي ته ان ۾ به پن نڪري ايندا ۽ ھڪ وڻ ٿي ويندو.
ھتي ڏاڙھون ٻارھن ئي مھينا ڦر ڏيندو آھي، ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڊپ ھو ته ڪٿي نا خدا ابراھيم ھنن کي ڦري نه وڃي، تنهن ڪري ھنن چيو ته جھاز وارن جا سڀ ھٿيار ھنن وٽ رکيا وڃن ۽ ھو وڃڻ وقت واپس وٺي وڃن، ھن ڳالھه تي جھڳڙو ٿي پيو ۽ پوءِ وري اسان مھل(مال) جي ٻيٽ ڏانهن واپس وياسون، پر ٻيٽ ۾ د اخل ڪو نه ٿياسون. مون ھٿيارن جي باري ۾ وزير کي ھڪ خط لکي موڪليو. وزير جواب موڪليو ته ھٿيار ضرور رکيا ويندا، تنهن ڪري اسان ”ملوڪ“ جي ٻيٽ ڏانهن واپس ھليا آياسون. جتان پندرھين ربيع الثاني سن ٧٤٥ ھجري جي روانا ٿياسين.
انهيءَ سال شعبان جي مھيني ۾ وزير جمال الدين مري ويو. خدا ان تي رھمت ڪري. ملڪه حامله ھئي، تنهن کي ھن جي مرڻ کانپوءِ ٻار ٿيو ۽ وزير عبدالله ھن سان شادي ڪئي.
جڏھن اسان اتان روانا ٿياسين، تڏھن اسان سان ڪو به سولھون ڪو نه ھو، ھنن ٻيٽن کان معبر فقط ٽن ڏينهن جي مفاصلي تي آھي، پر اسان پورا نو ڏينهن سفر ڪندا س رھياسون ۽ نائين ڏينهن سيلان جي ٻيٽ ۾ وڃي نڪتاسين، سر انديپ جو جبل، جنهن جي چوٽي آسمان سان گسندي پئي نظر آئي، پري کان ائين ٿي ڏٺو ڄڻ ته ڪو دونهين جو ٿنڀو ھو، جڏھن اسان اتي پھتاسون، تڏھن جھاز وارن چيو ته ھيءُ بندرگاھه انهيءَ راجا جو ڪونهي، جتي واپاري ماڻھو بنا خوف يا خطري جي وڃي ٿا سگھن، پر ھيءُ شھر ھڪ ڊاڪن جي سردار جو آھي، جنهنجا جھاز سمنڊ ۾ ڦريون ڪندا آھن.
اسان اتي لنگر ھڻن کان پئي ڊناسين، پر ھوا تيز ٿي ويئي ھئي، تنهنڪري ٻڏڻ جو خوف ھو. اتي مون نا خدا ابراھيم کي چيو ته مون کي ڪناري تي لاھي ڇڏيو، مان ڪافر راجا وٽ وڃي، توھان جي لاءِ امن گھري اچان، ھنن مون کي ڪناري ي لاھي ڇڏيو. مون . ڏانهن ڪيترائي ڪافر آيا ۽ پڇڻ لڳا ته ”تون ڪير آھين“ مون چيو مان ته ”مان معبر جي بادشاھه جو شريڪ آھيان ۽ راجا سان ملڻ آيو آھيان“ اھو به ٻڌايو مان ته ”ھن جھاز ۾ راجا جي لاءِ تحفا ڀري آيو آھيان“ ھنن وڃي بادشاھه کي اھا خبر ڪئي، جنهن مون کي گھرائي موڪليو ۽ مان بطالھ جي شھر ۾ ھن سان ملڻ لاءِ ويس ھيءُ شھر ھن راجا جو تخت گاھه آھي ۽ ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن جي چوڌاري ڪاٺ جي شھر پناھه آھي، جنهن جا برج به ڪاٺ جا ئي ٺھيل آھن. سمنڊ جي ڪناري تي فرقھ (دار چيني)، جي ڪاٺين جا ڍير لڳا پيا آھن. ھي ڪاٺيون سمنڊ رستي لڙھي، ھت اچي پونديون آھن، جن کي معبر ۽ ملبار جا ماڻھو قميت ادا ڪرڻ کان سواءِ کڻي ويندا آھن. پر ان جي عيوض راجا کي ڪپڙا وغيره نذراني طور ڏيندا رھندا آھن. معبر ۽ ھن ملڪ جي وچ ۾ فقط ھڪ ڏينهن ۽ ھڪ رات جو رستو آھي. ھن ملڪ ۾ فقم(1) جو ڪاٺ به گھڻي انداز ۾ ٿيندو آھي. ازانسواءِ عود ھندي، جنهن کي ڪلخي چوندا آھن، پڻ جھجھو ٿيندو آھي، پر اھو قافلھ ۽ قمار جي عود کان گھٽ درجي جو ٿيندو آھي.
________________________________________
(1) مقدشو – عربستان ۾ عدن جي طرف ھڪ علائقي جو نالو – مترجم
(2) غاليو –”مخزن“ ۾ لکيل آھي ته ھي ھڪ قسم جي عطر وانگر خوشبوءِ آھي، جيڪا عنبر، لوبان ۽ ٻيون ڪي خوشبوئدار گڏي ٺاھيندا آھن. – مترجم
(1) خليع گوشت - پڪل گوشت جو قسم يا نمونو – مترجم