فصل ٻيو
[/b]جيڪڏھن ڪو ٻاھرئين ملڪ جو ماڻھو بادشاھه جي سلاميءَ لاءِ ايندو آھي ته پھريائين دروازي تي اطلاع ڪندو آھي، پوءِ سڀ کان اڳ ۾ امير صاحب، انهي جي پٺيان ان جو نائب پوءِ سيد الحجاب، شرف الحجاب ھڪ ٻئي جي پٺيان ھلندا اچي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا آھن ۽ ٽي دفعا جھڪي سلام ڪري، عرض ڪندا آھن، جيئن بادشاھه جي انهن تي نظر پئجي سگھي. پوءِ حڪم ٿيندو آھي ته تحفا آڻيندڙ کي گھرايو وڃي. پوءِ اھو شخص بادشاھه جي ويجھو پھچڻ کان اڳ ئي ٽي دفعا اتي ئي جھڪي سلام ڪندو آھي، پوءِ اتان ھلي، حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تي پھچي وري به اھڙي طرح سلام ڪري، با ادب بيھي رھندو آھي.
جيڪڏھن ڪو وڏو ماڻھو ھوندو آھي ته مير حاجب واري صف ۾ اچي بيھندو آھي، نه ته ان جي پٺيان ئي بيھندو آھي. بادشاھه ھن سان تمام نرمائي ۽ گھڻي مھرباني سان گفتگو ڪندو آھي ۽ سندس مرحبا ڪندو آھي، جيڪڏھن وڏي عزت جو لائق ھوندو آھي ته بادشاھه ساڻس ھٿ ملائيندو آھي يا ڀاڪر پائي ساڻس ملندو آھي ۽ ھن جي نذراني رکيل شين مان ڪي گھرائي ڏسندو آھي، جيڪڏھن ڪو ڪپڙو يا ھٿيار ھوندو آھي ته ان کي ڦيرائي گھيرائي ڏسندو آھي ۽ ان ماڻھو جي دل وٺڻ لاءِ ان شيءَ جي تعريف ڪندو آھي، پوءِ ھن کي مناسب خلعت ڏني ويندي آھي ۽ ان بعد سندس لياقت آھر کيس دستور موجب مٿي ڌوڻارڻ جي رقم جو حڪم ڏنو ويندو آھي.
[b]سرڪاري ماڻھن جي نذراني پيش ڪرڻ جو طريقو
[/b]جڏھن سرڪاري ماڻھو نذرانو پيش ڪندا آھن يا ڪنهن ملڪ جي ڍل آڻيندا آھن ته ڪي سون جا برتن جھڙوڪ تشتريون يا ڪونئرا يا اھڙي قسم جون ٻيون شيون ۽ سون جون سرون، جن کي خشت به ڪري چوندا آھن، ٺھرائي کڻي ايندا آھن. فراش جيڪي بادشاھه جا غلام ھوندا آھن، انهن مان ھڪ ھڪ شي يا سر ھٿ ۾ کڻي، بادشاھه جي سامھون اچي بيھندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھاٿي نذراني لاءِ آڻيندا آھن، ته اھو ھاٿي به اتي پيش ٿيندو آھي، ان کان پوءِ ساز ۽ سامان سان گھوڙا، خچر ۽ اٺ جن تي مال متاع لڏيل ھوندو آھي، پيش ڪيا ويندا آھن. جڏھن بادشاھه دولت آباد مان موٽي آيو ھو، تڏھن وزير خواجه جھان شھر بيانه مان ٻاھر نڪري، اھڙي ترتيب سان پيش ڪيو ھو جھڙي طرح ھينئر مٿي بيان ڪيو اٿم. انهي نذراني ۾ ھن ھڪ ٿالھي ياقوتن جي ھڪ ٿالھي زمردن جي ۽ ھڪ ٿالھي موتين سان ڀريل پيش ڪيون ھيون، ان موقعي تي عراق جي بادشاھه سلطان ابو سيده جي سوٽ حاجي ڪائون به موجود ھو. بادشاھه ان نذراني جو ڳچ حصو ھن کي بخشي ڇڏيو ھو، جنهن جو بيان اڳتي ڪنهن موقعي تي ڪندس.
[b]عيد نماز لاءِ جلوس ڪڍڻ جي رسم
[/b]عيد واري رات بادشاھه پنهنجي طرفان اميرن، وزيرن مصاحبن، مسافرن، منشين، حاجبن، نقيبن، آفيسرن، غلامن ۽ اخبار نويسن ڏانهن سندن مرتبي آھر ھڪ ھڪ خلعت موڪليندو آھي. جڏھن صبح ٿيندو آھي تڏھن ھاٿي سينگاريا ويندا آھن، جن تي سون ۽ ھيرا جواھر لڳل ريشمي جھاڀا ۽ جھولڻا وڌا ويندا آھن، انهن مان ھڪ سئو ھاٿي خاص بادشاھه جي سواري جا ھوندا آھن انهن سڀني تي ھيرن ۽ جواھرن سان جڙيل ريشمي ڇٽ لڳل ھوندا آھن. ھر ھڪ ڇٽ جي وچين ڏنڊي خاص سون جي ھوندي آھي.
ھر ھڪ ھاٿي تي ھڪ جواھرات سان جڙيل ريشمي گدي رکي ويندي آھي. ھڪ ھاٿيءَ تي بادشاھ سواري ڪندو آھي. سندس اڳيان ھڪ سينگاريل زين، جنهن تي به ھيرا ۽ جواھر مڙھيا ويندا آھن، ھوندي آھي، جنهن تي ھڪ چنڊ تاري وارو پرچم لھرايو ويندو آھي. بادشاھه جي ھاٿيءَ جي اڳيان، غلام ۽ ٻيا نوڪر چاڪر پيرن پيادا ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ کي مٿي تي ٽوپ ۽ سوني زرعي لڳل ڪمر پٽا، جن مان ڪن تي جواھرات به لڳل ھوندا آھن. پھريل ھوندا آھن. بادشاھه جي اڳيان ٽي سئو کن جي تعداد ۾ نقيب پڻ ھوندا آھن، جن جي مٿي تي مخملي ڪلاه، سون لڳل ڪمر پٽا ۽ ھٿن ۾ سوني مٺئي سان چھبڪ ھوندا آھن. صدر جھان قاضي القضات ڪمال الدين غزنوي، صدر جھان قاضي القضات ناصر الدين خوارزمي ۽ ٻيا سڀ قاضي ۽ بلند مرتبي جا غير ملڪي ماڻھو جيئن ته عراقي، خراساني، شامي، مصري، مغربي وغيره سڀ ھاٿين تي سوار ٿيندا آھن.
ھت سڀني غير ملڪي ماڻھن کي گھڻو ڪري خراساني ڪري سڏيندا آھن موذن پڻ ھاٿين تي چڙھندا آھن ۽ تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن، بادشاھه جي سواري مٿئين نموني سان شاھي محل جي دروازي مان ٻاھر ايندي آھي، لشڪر ٻاھر منتظر بيٺو ھوندو آھي ۽ ھر ھڪ امير پنهنجو لشڪر وٺي الڳ الڳ بيٺو ھوندو آھي. ھر ھڪ لشڪر وٽ پنهنجي پنهنجي بئنڊ (نغارن ۽ شرناين سان) ھوندي آھي. سڀ کان پھريائين بادشاھه جي سواري اڳتي وڌندي آھي. بادشاھه جي اڳيان اھي ئي ماڻھو ھوندا آھن جن جو مٿي بيان ڪيو اٿم، ۽ قاضي موذن تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن. بادشاھه جي پٺيان وري بئنڊ باجي وارا ھوندا آھن ۽ انهن جي پٺيان سندس خدمتگار ھلندا آھن. پوءِ بادشاھه جي ڀاءُ مبارڪ خان جي سواري، سندس لشڪر ۽ بئنڊ باجي وارن سميت، اھڙيءَ طرح سان ان کان پوءِ بادشاھه جي ڀائٽئي بهرام خان جي سواري، ان کان پوءِ بادشاھه جي سوٽ ملڪ فيروز جي سواري، پوءِ وزير جي سواري، پوءِ ملڪ مجير بن ذرالرجا جي سواري، ۽ پوءِ ملڪ قبوله جي سواري.
ھي امير (ملڪ قبوله) بادشاھه جو تمام گھڻو پيارو ۽ دادلو آھي ۽ بادشاھه تي گھڻي حجت رکندو آھي ۽ تمام وڏو دولتمند پڻ آھي. سندس ديوان، ماڪ علاؤ الدين مصري، جيڪو ابن سرشي جي نالي سان مشھور آھي، مون سان ڳالھيون ڪندو ھو ته رڳو سندس لشڪر ۽ نوڪرن چاڪرن جو ساليانو خرچ ڇٽيھه لک رپيا اچي ويندو آھي. ان کان پوءِ ملڪ لڪبه جي سواري، پوءِ ملڪ بغرا جي سواري، پوءِ ملڪ مخلص جي سواري، پوءِ قطب الملڪ جي سواري، جن مان ھر ھڪ سان گڏ سندن لشڪر ۽ بئنڊ باجا وڄائيندڙ ھوندا آھن. ھي ماڻھو، جن جي سواريءَ جو مون بيان ڪيو آھي، سي وڏا امير ليکيا ويندا آھن ۽ ھميشه بادشاھه جي خدمت ۾ رھندا آھن. عيد جي ڏينهن ھو سڀ بادشاھه سان گڏ بئنڊ باجن سميت گڏجي ويندا آھن، ۽ باقي ٻيا امير ائين ئي بنان ڪنهن بئنڊ باجي ۽ لشڪر جي، گڏجي ويندا آھن، ڇاڪاڻ ته اھي درجي ۾ گھٽ ھوندا آھن. عيد جي ڏينهن ھر ھڪ شخص پنهنجي گھوڙي تي زره پوش سوار ٿي، جلوس ۾ شامل ٿيندو آھي.
جڏھن بادشاھه عيد گاھه جي دروازي تي پھچندو آھي، تڏھن اتي ترسي، حڪم ڪندو آھي ته قاضي، مؤذن، وڏا وڏا امير ۽ وڏي مرتبي وارا غير ملڪي ماڻھو پھريائين اندر داخل ٿين. تنهن کان پوءِ بادشاھه لھي اندر ويندو آھي. پوءِ امام نماز شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ خطبو پڙھندو آھي. جيڪڏھن بقر عيد ھوندي آھي ته ھڪ اٺ آڻيندا آھن، جنهن کي بادشاھه رمح سان، جنهن کي نيزو ڪري چوندا آھن، نحر (قرباني) ڪندو آھي. ھن قرباني ڪرڻ کان اڳ بادشاھه پنهنجي ڪپڙن جي مٿان ھڪ ريشمي ڪپڙو ڍڪيندو آھي، جيئن رت لڳڻ ڪري ڪپڙا خراب نه ٿين. ھن قربانيءَ کان پوءِ ھو ھاٿيءَ تي سوار ٿي محل ڏانهن واپس ايندو آھي.
[b]عيد جي مجلس ۽ تخت وغيره جو بيان
[/b]عيد جي ڏينهن سڄي ديوان خاني ۾ گلم ۽ غاليچا وڇائي، ان کي طرح طرح جي نمونن سان سينگاريو ويندو آھي. ۽ ديوان خاني جي ڪشادي اڱڻ ۾ بارڪة (بارگاه)(1) لڳائي ويندي آھي. اھا بارڪة اصل ۾ ھڪ وڏو تنبو ٿيندو آھي، جنهن کي تمام مضبوط ٿنڀن تي بيھاريو ويندو آھي ۽ ان جي چئني طرفن کان ننڍا ننڍا تنبو لڳايا ويندا آھن. ازانسواءِ اتي ريشم مان تيار ڪيل ننڍڙا وڻ پڻ لڳايا ويندا آھن، جن ۾ رنگا رنگي ريشمي ننڍڙا گل ھوندا آھن. سڄي ديوان خاني ۾ انهن وڻن جون ٽي قطارون لڳاويون وينديون آھن. ٻن ٻن وڻن جي وچ تي ھڪ سون جي ڪرسي رکيل ھوندي آھي، جنهن جي مٿان رومال سان ڍڪيل ھڪ گدي رکي ويندي آھي. ديوان خاني جي وچ تي وري ھڪ وڏو تخت رکيو ويندو آھي.
ھيءُ تخت خاص سون جو ٺھيل آھي، جنهن ۾ جواھرات لڳل ھوندا آھن. ان جي ڊيگھه ٣٢ ھٿ ۽ ويڪر ان جي اڌ جيتري. ان جا ٽڪرا الڳ الڳ ھوندا آھن. جڏھن ان کي ديوان خاني ۾ لڳائڻو ھوندو آھي، تڏھن جدا جدا ٽڪرا ڳنڍي اھو تخت ٺاھيو ويندو آھي. انهن ٽڪرن کي ڪيترائي ماڻھو کڻندا آھن. ان جي مٿان وري ھڪ ڪرسي رکي ويندي آھي، جنهن جي مٿان ڇٽ ھوندو آھي. بادشاه جڏھن تخت تي ويھندو آھي، تڏھن نقيب ۽ حاجب بسم الله چوندا آھن. پوءِ ھڪ ھڪ ماڻھو سلام لاءِ اڳتي وڌندو رھندو آھي. سڀ کان پھريائين قاضي، خطيب، عالم، سيد، مشائخ ۽ بادشاه جا عزيز قريب اڳتي وڌندا آھن. انهن کان پوءِ غير ملڪي ماڻھو، پوءِ وزير، پوءِ فوج جا وڏا وڏا آفيسر، پوءِ جھونا جھونا غلام ۽ پوءِ فوج جا سردار وغيره وڌندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان (واري واري سان ايندي،) ھر ھڪ ماڻھو سھوليت سان سلام ڪري واپس اچي پنهنجي جاءِ وٺندو آھي. ھيءُ به دستور آھي ته عيد جي ڏينهن، اھي ماڻھو جن کي جاگيرون ۽ ڳوٺ وغيره مليل آھن، سي ڪجھه اشرفيون ھڪ رومال ۾ ٻڌي، جنهن تي پيش ڪرڻ واري جو نالو لکيل ھوندو آھي، سون جي وڏن ٿالھن ۾، جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ٺھرايا ويا آھن، وجھندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان تمام گھڻو مال گڏ ٿي ويندو آھي، جنهن مان بادشاه جنهن کي چاھي، تنهن کي انعام ڏيندو ويندو آھي. جڏھن سلام ختم ٿيندو آھي، تڏھن کاڌو آڻيندا آھن.
عيد جي ڏينهن، برج جي شڪل جھڙي، خالص سون مان ٺھيل ھڪ وڏي چلھه آڻي رکندا آھن. ان جا ٻه الڳ الڳ ٽڪرا ھوندا آھن، جيڪي ٻاھران آڻي، انهن کي ڳنڍي، اھا ٺاھي رکندا آھن. ان ۾ ٽي عدد خانا ٿيندا آھن، جن ۾ فراش (غلام) اندر وڃي، عود، الائچي ۽ مشڪ عنبر جلائي ڇڏيندا آھن. انهن جي خوشبوء سان سڄو ديوان خانو واسجي ويندو آھي. غلامن جي ھٿن ۾ وري گلابدانيون ھونديون آھن، جن مان ھو حاضرين مجلس تي گلاب ۽ ٻين گلن جا عرق ڇڙڪائيندا رھندا آھن. ھيءُ وڏو تخت ۽ چلھه (مجنرة العظميٰ) فقط عيد جي ڏينهن ئي ٻاھر ڪڍيا ويندا آھن.
عيد کان پوءِ بادشاھه ھڪ ٻئي تخت تي ويھندو آھي، جو پڻ سون مان ٺھيل ھوندو آھي. اھا مجلس بارگاه ۾ ٿيندي آھي. بارگاه جا ٽي دروازا ٿيندا آھن، جن جي اندر بادشاه ويھندو آھي. پھرئين دروازي تي سرتير عماد الملڪ، ٻئي دروازي تي ملڪ نڪبه ۽ ٽئين دروازي تي يوسف بغرا بيھندا آھن. بادشاه جي ساڄي ۽ کاٻي طرف وري ٻيا امير بيٺا ھوندا آھن. بارگاه جو ڪوٽوال ملڪ طعني آھي، جنهن جي ھٿ ۾ سون جو لڪڻ ۽ ان جي نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. ھي ٻيئي دربارين کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويھاريندا ۽ سندن صفون سڌيون ڪندا رھندا آھن. وزير ۽ ڪاتب انهن جي پٺيان بيٺا ھوندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان حاجب ۽ نقيب به پنهنجي مقرر جاين تي ھوندا آھن.
ان کان پوءِ راڳ ۽ ناچ وارا ايندا آھن. سڀ کان اول ھندو راجائن جون ڌيون، جيڪي لڙائيءَ يا جنگ کان پوءِ قيد ڪري آنديون وينديون آھن، اچي ننديون ۽ راڳ ڳائينديون آھن. انهن کي بادشاه پنهنجي ويجھن عزيزن، ناٺين ۽ شھزادن ۾ اتي ئي ورھائي ڇڏيندو آھي. ھيءَ مجلس عصر جي وقت کان پوءِ ٿيندي آھي. عيد جي ٽئين ڏينهن، بادشاه جي عزيزن خويشن جا نڪاح وغيره ٿيندا آھن ۽ کين جاگيرون انعام ۾ ملنديون آھن. چوٿين ڏينهن غلامن کي آزاد ڪيو ويندو آھي، پنجين ڏينهن ٻانهيون آزاد ڪيون وينديون آھن. ڇھين ڏينهن ٻانهن ۽ ٻانهين جون شاديون ۽ نڪاح ٿيندا آھن ۽ ستين ڏينهن عام طرح سان خير خيرات ڪئي ويندي آھي.
________________________________________
(1) بارڪة:”آئين اڪبري“جي پھرئين جلد ۾ صفحي ٣٣ تي ھڪ بارڪ جي شڪل ڏيکاري ويئي آھي. ابوالفضل لکي ٿو ته وڏي بارگاه جي ھيٺان اٽڪل ڏهه ھزار کن ماڻھو ويھي سگھن ٿا ۽ ان کي ھڪ ھزار فراش (غلام) ستن ڏينهن جي عرصي ۾ کڙو ڪري سگھن ٿا. ساري بارگاه جي ٺاھڻ تي گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ھزار رپيا خرچ اچي ٿو، پر جيڪڏھن زري، زربفت ۽ مخمل جو ڪم ھجيس ته ان کان گھڻو وڌيڪ خرچ اچيس ٿو. – مترجم.