سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل پھريون

ھن وقت تائين بادشاھه جي تواضع، انصاف ۽ سخاوت جون ڳالھيون جيڪي غيرمعمولي ھيون، ٻئي بيان ڪيون اٿم. انهن سڀني چڱين عادتن کان سواءِ ھو خونخوار به انتها درجي جو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪو اتفاق ھوندو ھو، جو سندس دروازي تي ڪنهن کي قتل نه ڪيو ويندو ھو. گھڻو ڪري دروازي تي ماڻھن جا لاش پيا ھوندا ھئا. ھڪ ڏينهن جي ڳالھه آھي ته مان محل ڏانهن ويس ته اتي ڪنهن سفيد شيءِ کي ڏسي منهنجي گھوڙي وٺي ٽاهه کاڌو. مون سان گڏ ھڪ ماڻھو ھو، جنهن ٻڌايو ته اھو ھڪ شخص جو ڌڙ آھي، جنهن مان ٽي ٽڪرا ڪيا ويا آھن.
ھي بادشاھه ننڍي خواه وڏي ڏوھه جي ھڪجھڙي سزا ڏيندو ھو، جنهن ۾ علم وارن، شريفن يا صالحين سان به ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ھئي. ديوان خاني ۾ ھر روز سوين ماڻهو ھٿڪڙين ۽ زنجير پيل حاضر ڪيا ويندا ھئا، جن مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو ھو، ڪن کي عذاب ڏنا ويندا ھئا ته ڪن کي وري مارون ڏنيون وينديون ھيون. ھن جو دستور ھوندو ھو ته جمعي جي ڏينهن کان سواءِ ٻين ڏينهن تي سڀني قيدين کي ديوان خاني ۾ گھرائيندو ھو. جمعي جي ڏينهن ھو (قيدي) ٻاھر ڪو نه نڪرندا ھئا، ڇو ته ان ڏينهن ھو حجامت وغيره ڪرائي آرام ڪندا ھئا. خدا انهيءَ مصيبت کان پناھه ڏئي.

[b]پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائڻ جو بيان
[/b]ھن جو ڀاءُ ھوندو ھو جنهن جو نالو ھو مسعود خان ھن جي ماءُ سلطان علاؤ الدين (خلجي) جي ڌيءَ ھئي. ھيءُ شھزادو اھڙو ته سھڻو ھوندو ھو، جو سندس مٽ مون اڄ تائين ڪو نه ڏٺو آھي. ھن ويچاري تي الزام لڳايو ويو ھو ته ھو بغاوت ٿو ڪري. جڏھن ھن کان انهيءَ بابت پڇيو ويو تڏھن عذابن جي خوف کان کڻي مڃيائين. ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته اھڙي ڏوھه جي ملزمن جي انڪار تي کين ڪيترائي عذاب ڏنا ويندا ھئا، تنهن کان ھڪ دفعو مرڻ بلڪل آسان ھو. بادشاھه حڪم ڏنو ته مارڪيٽ جي وچ تي سندس سر جدا ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان قتل ٿيڻ کان پوءِ حسب دستور ٽي ڏينهن سندس لاش اتي ئي پيو ھو. ھن واقعي کان ٻه سال اڳ ھن مسعود خان جي ماءُ انهيءَ ساڳئي جاءِ تي سنگسار ڪئي ويئي ھئي. ھن زنا جو اعتراف ڪيو ھو، تنهن ڪري قاضي ڪمال الدين ھن کي سنگسار ڪرايو ھو.

[b]بادشاھه جو ھڪ ئي وقت ساڍا ٽي سئو ماڻھو مارائڻ
[/b]ھڪ دفعي بادشاھه، جابلو ڪافرن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ، ملڪ يوسف بغرا جي سپھه سالاريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر موڪليو، يوسف جڏھن انهيءَ وڏي لشڪر سان ٻاھر نڪتو تڏھن واٽ تي انهن مان ڪيترا اختلاف ڪري لشڪر مان ڀڄي ويا ۽ اچي شھر ۾ پنهنجن گھرن ۾ ويھي رھيا. ھيءُ سڄو واقعو يوسف بادشاھه کي لکي موڪليو، جنهن حڪم ڪيو ته سڄي شھر جي حصن ۾ سپاھي ڦري وڃن ۽ ڀڄندڙن مان جيڪو به ملي سگھي، تنهن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان ٽي سو پنجاھه اھڙا ماڻھو پڪڙيا ويا جن کي ھڪ ئي ھنڌ مارايو ويو.

[b]شيخ شھاب الدين کي عذاب ڏيئي قتل ڪرائڻ
[/b]ھيءُ شيخ شھاب الدين بن شيخ احمد جام خراساني، شھر جي وڏن مشائخن، صالحن ۽ فاضلن مان ھڪ ھوندو ھو ۽ چوڏھن ڏينهن جو روزو رکندڙ ھو. ھن جي زيارت لاءِ اڳين بادشاھن مان، سلطان قطب الدين ۽ تغلق شاھه پڻ ويندا ھئا، سندس دعا جا خواھشمند رھندا ھئا ۽ کيس تمام گھڻي عزت ڏيندا ھئا.
جڏھن سلطان محمد شاھه بادشاھه ٿيو تڏھن ارادو ڪيائين ته شيخ شھاب الدين کي به پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکان. ڇو ته ھو عادت موجب سڀني مشائخن ۽ عالمن کي نوڪريءَ ۾ رکندو ويندو ھو ۽ اھا حجب اٿاريندو ھو ته صدر الاول رضه الله عنه (خلفاءِ راشدين) اھل علم ۽ اھل صلاح کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪا نوڪري ڪو نه ڏيندا ھئا. شيخ شھاب الدين ھن جي آڇ تي انڪار ڪيو. جڏھن بادشاھه ڀريءَ عام درٻار ۾ عرض ڪيس تڏھن به صاف جواب ڏيئي ڇڏيائينس. بادشاھه کي تنهن تي ڏاڍا خار لڳا ۽ شيخ ضياءُ الدين سمناميءَ کي حڪم ڏنائين ته شيخ شھاب الدين جي ڏاڙھي پٽ ضياءُ الدين تنهن تي انڪار ڪندي چيو ته اھڙو ڪم مون کان نه ٿيندو. تنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن ٻنهي جي ڏاڙھي پٽي وڃي. جڏھن ٻنهي جي ڏاڙھي پٽي ويئي، تڏھن ضياءُ الدين کي تلنڪ (تلنگانه) ڏانهن ڪڍي ڇڏيائين. جتان ڪجھه وقت کان پوءِ کيس (وزو کل) وارنگل جو قاضي مقرر ڪري موڪليائين،جتي ئي ھو آخري دم تائين رھيو ۽ شھاب الدين کي وري دولت آباد موڪلي ڇڏيائين، جتي ھو ست سال کن رھيو، پوءِ ھن کي واپس گھرايو ويو ۽ گھڻي عزت ۽ آبروءَ سان ھن کي عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ جي ڪم تي مقرر ڪيائين. پوءِ وري ھن کي اتان به گھرائي تمام گھڻي عزت ڏيئي کيس عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ وارن جي شعبي تي، ديوان مقرر ڪري، وري به کيس عزت ۽ مال ڏنائين ۽ اميرن کي حڪم ڪيائين ته ھن جي سلاميءَ لاءِ ھن وٽ ويندا ڪن، ۽ جيئن ھو چوي تيئن ڪن. ايتري قدر، جو بادشاھه جي گھر ۾ ھن کان وڌيڪ عھديدار ٻيو ڪو نه ھو.
جڏھن بادشاھه پنهنجي لاءِ گنگا نديءَ جي ڪناري تي ھڪ محل ٺھرايو جنهن جونالو رکيائين سرنڪ دوار (سرگ دوار) معنيٰ بهشت جو ٽڪرو (شبته الجنت) ۽ ٻين ماڻھن کي به حڪم ڏنائين ته پنهنجا پنهنجا گھر اتي ٺاھيو، تڏھن شيخ شھاب الدين کي به اھڙو حڪم ڏنائين، پر ھن پنهنجيءَ جاءِ تي رھڻ جي اجازت گھري، جنهن تي بادشاھ کيس اجازت ڏني ۽ دھليءَ کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ غيرآباد زمين جي ايراضي به ھن کي ڏيئي ڇڏي. شيخ شھاب الدين انهيءَ زمين ۾ ھڪ وڏو غار کوٽايو، جنهن ۾ گھر، گودام، تنور، حمام ۽ ٻيون ضروري جايون ٺھرايائين، ۽ جمنا نديءَ مان ھڪ واهه ڪڍائي پنهنجي زمين آباد ڪرايائين.
انهن ڏينهن ملڪ ۾ ڏڪار ھو، تنهن ڪري ھن کي اناج جي واپار مان تمام گھڻو فائدو ٿيو. اڍائي سالن تائين، جيسين بادشاھه دھلي کان ٻاھر رھيو، تيسين شھاب الدين اطمينان سان پنهنجي غار ۾ ويٺو رھيو. سندس نوڪر ڏينهن جو زمين تي ڪم ڪار ڪري، پنهنجن ڍورن ڍڳن سميت رات جو غار ۾ وڃي دروازو بند ڪري ڇڏيندا ھئا، ڇو ته آسپاس جي جبلن ۾ چور ۽ ڊاڪو رھندا ھئا، جن مان ھر وقت کين خطرو ھوندو ھو.
بادشاھه جڏھن دارالخلافه ڏانهن واپس اچي رھيو ھو، تڏھن شيخ شھاب الدين ستن ميلن جي مفاصلي تي وڃي سندس استقبال ڪيو. بادشاھه سندس تمام گھڻي عزت ڪئي. ساڻس ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو، ان کان پوءِ شيخ پنهنجي غار ڏانهن ھليو آيو، ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاھه شيخ کي گھرايو، جنهن تي شيخ وڃڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھه وري مخلص الملڪ الندر باريءِ کي جيڪو وڏن اميرن مان ھو، ھن وٽ موڪليو. جنهن اچي شيخ سان تمام نهٺائيءَ ۽ نرمي سان گفتگو ڪئي ۽ کيس سمجھائيندي بادشاھه جي غصي کان به ڊيڄاريائينس. شيخ جواب ڏنس ته مان ھن ظالم بادشاھه جي نوڪري وغيره اصل نه ڪندس.
مخلص الملڪ واپس بادشاھه وٽ آيو ۽ جيڪو شيخ چيو ھو، سو اچي ٻڌايائينس، جنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته شيخ کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. شيخ کي جڏھن پڪڙي آندو ويو، تڏھن بادشاھه پڇيس ته ڇا تون مون کي ظالم ٿو چوين؟ شيخ ترڪي بترڪي جواب ڏنس ته ھائو تون وڏو ظالم آھين ۽ تو فلاڻا فلاڻا ظلم ڪيا آھن. شيخ دھليءَ جو شھر ڦٽائڻ ۽ اتي جي رھواسين کي دولت آباد وٺي وڃڻ جو به بيان ڪري ٻڌايس. بادشاھه يڪدم پنهنجي تلوار ڪڍي صدرالجھان قاضيءَ جي ھٿ ۾ ڏني ته مون کي ظالم ثابت ڪري ھن تلوار سان منهنجي سسي لاھي ڇڏ. تڏھن شھاب الدين چيس ته جيڪو شخص توتي ظالم ھجڻ جي گواھي ڏيندو سو خود قتل ڪيو ويندو، تنهن ڪري تون ڪيئن ظالم ثابت ٿيندين، پر تون پاڻ ڄاڻين ٿو ته تون ظالم آھين. ھي ٻڌي بادشاھه کيس دويدارية (دوادار) جي سردار ملڪ نڪبه جي حوالي ڪيو، جيڪو ھن کي سندس ھٿ ٻڌي، پيرن ۾ چار زنجيرون وجھي، وٺي ويو.
چوڏھن ڏينهن تائين شيخ نه ڪجھه کاڌو نه پيتو، بلڪ ائين ئي رھيو، ھر روز کيس ديوان خاني ۾ وٺي ايندا ھئا، جتي نقيھھ ۽ مشائخ گڏ ٿي کيس چوندا ھئا ته پنهنجا لفظ واپس وٺي. پر ھو ھر وقت چوندو رھيو ته مان پنهنجا لفظ واپس ڪڏھن ڪو نه وٺندس ۽ مان شھيدن ۾ شامل ٿيڻ ٿو گھران. آخر چوڏھين ڏينهن بادشاھه ھن کي مخلص الملڪ جي ھٿان کاڌو ڏياري موڪليو. پر شيخ کائڻ کان جواب ڏيندي چيس ته اھو کاڌو بادشاھه ڏانهن واپس کڻي وڃ، جو منهنجو رزق ھينئر ھن زمين تان کڄي ويو آھي.
بادشاھه ھن خبر پھچڻ سان حڪم ڪيو ته شيخ کي پنج استار پائخاني جا جيڪو اڍائي رطل مغربي جيترو ٿيندو – کارايو وڃي. ھن حڪم تي جي ڪافر مقرر ٿيل ھوندا ھئا سي يڪدم اٿيا. ڇا ڪيائون، جو شيخ کي زمين تي سنئون سمھاري، سندس وات لوھه جي ڪلين سان کولي، پائخانو پاڻيءَ ۾ ملائي، پياري ڇڏيائونس! ٻئي ڏينهن شيخ کي صدر جھان قاضيءَ وٽ وٺي ويا، جتي فقيهن ۽ مشائخن گھڻو ئي سمجھايس ۽ ھيٺيون مٿيون ڏنائونس ته پنهنجا لفظ واپس وٺ پر ھن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ۾ سندس سر ڪپو ويو، خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

[b]مدرسي جي فقيه عغيف الدين ڪاشانيءَ کي ۽ ٻن فقيهن کي ھن سان گڏ قتل ڪرائڻ
[/b]ڏڪار جي زماني ۾ بادشاھه حڪم ڪيو ھو ته دارالملڪ (دارالخلافه) کان ٻاھر کوھه کوٽائي ان تي آبادي ڪرائي وڇي ۽ ماڻھن کان ان لاءِ ٻج ۽ پوک لاءِ ضرورت آھر مدد ورتي وڃي. ھي سڀ زبردستيءَ سان، سرڪاري گودامن کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ٿي ويو. فقيه عفيف الدين کي جڏھن اھا خبر پيئي تڏھن ھو چوڻ لڳو ته اھڙيءَ پوک مان عوام کي ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو، وغيره.
ڪنهن بادشاھه کي به ھيءَ خبر وڃي ڪئي، جنهن تي بادشاھه ھن کي سلطنت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ کڻي جيل ۾ رکيو، ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڇڏي ڏنائينس. آزاديءَ ملڻ کان پوءِ جڏھن ھو گھر وڃي رھيو ھو، تڏھن واٽ تي ٻه دوست، جي به فقيه ھئا مليس. انهن چيس ته خدا جا لک شڪرانا جو تون آزاد ٿئين! تنهن تي فقيه (عفيف الدين) وراڻي ڏني ته ھائو خدا جو شڪر آھي، جنهن مون کي ظالمن جي قوم کان بچايو. اڃا ھو ٽيئي ٽڙي پکڙي پنهنجي گھرن ۾ مس پھتا، ته اھا خبر بادشاھه تائين پھچي ويئي، جنهن ٽنهي کي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيو.
جڏھن ٽيئي ڄڻا حاضر ڪيا ويا تڏھن بادشاھه جي حڪم موجب عفيف الدين جو سر ڌڙ سوڌو وڍي کيس ٻه ٽڪر ڪيو ويو ۽ ٻن فقيهن لاءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته ھنن جا سر وڍي ڦٽي ڪيا وڃن. ھنن ٻنهي التجا ڪئي ته عفيف الدين کي سندس بدڪلاميءَ سبب اھا سزا ڏني وئي، پر اسان ته نه ڪجھه چيو نه آکيو، اسان کي آخري ڪھڙي گناھھ جي سزا ڏني ٿي وڃي! تنهن تي بادشاھه چيو ته توھان ھن جي ڳالھه ٻڌي ان جي مخالفت نه ڪئي ۽ کڻي ماٺ ڪيو، ڄڻ ته توھان به ھن سان شامل راءِ ھئا. آخر ٽنهي کي اھڙي طرح قتل ڪيو ويو، خدا شل ھنن سڀني تي رحم ڪري.

[b]بادشاھه جو ٻن سنڌي فقيهن کي، جيڪي سندس نوڪري ۾ ھئا، قتل ڪرائڻ
[/b]ھنن ٻن سنڌي فقيهن کي بادشاھه حڪم ڏنو ته توھان فلاڻي امير سان، جنهن کي فلاڻي ملڪ جو والي مقرر ڪيو اٿم، گڏجي اتي وڃو. ۽ ائين به چيائين ته مون ان ملڪ جي رعيت توھان جي سپرد ڪئي آھي، تنهن ڪري ھيءُ امير به جيئن توھان چوندا تيئن ڪندو رھندو. تنهن تي ھنن ٻنهي عرض ڪيو ته اسان ھن امير تي شاھدن وانگر رھنداسين ۽ جيڪي ڪجھه سچ ھوندو، ھن کي چوندا رھنداسين. بادشاھه ھي ٻڌي چيو ته توھان جي نيت ٺيڪ نه آھي ۽توھان جو خيال آھي ته توھان منهنجو مال کائيندا رھو ۽ ھن بيوقوف ترڪي امير تي ان جو الزام لڳائيندا رھو! ھي ٻڌي ٻنهي سنڌي فقيهن ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته اي اخوند عالم! خدا جو قسم، اسان جي اھا نيت نه آھي. بادشاھه فرمايو ته انهيءَ کان سواءِ توھان جي ٻي ڪا به نيت ڪا نه آھي ۽ حڪم ڏنائين ته ھنن ٻنهي کي شيخ زادھ نهاونديءَ وٽ وٺي وڃو.
ھيءُ شيخ زادو ماڻھن کي عذاب ڏيڻ تي مقرر ٿيل ھوندو ھو. جڏھن ھنن فقيهن کي ان وٽ آندو ويو تڏھن ھن کين سمجھائيندي چيو ته بادشاھه توھان ٻنهي کي قتل ڪرڻ ٿو چاھي، تنهن ڪري خيريت انهيءَ ۾ اٿو ته کڻي پنهنجو ڏوھه قبول ڪريو ۽ پاڻ کي عذابن کان بچايو. ھنن جواب ڏنو ته اسان جي جيڪا نيت ھئي تنهن جو عرض بادشاھه کي ڪري ڇڏيو اٿئون.ھي ٻڌي شيخ زاده نهاونديءَ پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڪيو ته ھنن کي عذاب جو مزو چکايو وڃي. جنهن تي ھنن ٻنهي فقيهن کي زمين تي سنئون سمھاري، سندن سينن تي تتل لوھه جون سرون کڻي رکيون. ٿوري وقت کان پوءِ جڏھن گوشت انهن سرن سان گڏ ھليو آيو، پوءِ سندن انهن زخمن تي پيشاب سان مليل خاڪ رکي ويئي.
ھن عذاب کان پوءِ ھنن ڏوھه قبول ڪندي چيو ته اسان جي برابر اھائي نيت ھئي جيڪا بادشاھه سمجھي ھئي ۽ اسان برابر قتل جا حقدار آھيون، ڇو ته سچا پچا ڏوھاري آھيون ۽ اسان پنهنجي قتل لاءِ ٻنهي جھانن ۾ دعويٰ نه ڪنداسين. ھيءَ سڄي خبر خط ذريعي بادشاھه کي پھچائي ويئي. بادشاھه سڄو ئي ڪيس وري قاضيءَ کي فتوا لاءِ موڪلي ڏنو، جنهن ان تي مھر ھڻي پنهنجي ھٿ سان نوٽ لکيو ته ھي ٻيئي فقيه بنا ڪنهن عذاب ۽ سختيءَ جي پنهنجو ڏوھه قبول ٿا ڪن. – جيڪڏھن ھو کڻي ائين به لکائين ھا ته اسان پنهنجو ڏوھه عذابن جي تڪليفن کان پوءِ قبول ڪيو آھي ته وري به کين نموني نموني جا عذاب ڏنا وڃن ھا، تنهن ڪري ھنن انهيءَ ڳالھه کي سمجھي، ھڪ دفعي سر لھڻ انهن عذابن کان وڌيڪ آسان ٿي ڄاتو. آخر سندن سر لاٿا ويا. خدا ھنن ٻنهي تي شل رحمت ڪري.

[b]شيخ ھود کي قتل ڪرائڻ
[/b]ھن جو اصل نالو شيخ زادھ ھود ھو ۽ الشيخ الصالح الولي رڪن الدين بن بهاءَ الدين بن ابي ذڪريا ملتانيءَ جو پوٽو ھو. بادشاھه سندس ڏاڏي رڪن الدين ۽ ان جي ڀاءُ عمادالدين جي تمام گھڻي عزت ڪندو ھو. عماد الدين شڪل ۾ ھوبهو بادشاھه جي شڪل جھڙو ھوندو ھو، تنهن ڪري ھن کي ڪشلو خان واريءَ لڙائي جي ڏينهن دشمنن خود بادشاھه سمجھي ماري ڇڏيو ھو. ان جي بدلي ۾ بادشاھه شيخ رڪن الدين کي ھڪ سئو ڳوٺ جاگير ۾ ڏنا ھئا ته انهن جي آمدنيءَ مان خانقاھ جي لنگر جو خرچ ھلائيندو رھي.
شيخ رڪن الدين جي وفات کان پوءِ شيخ ھود پنهنجي ڏاڏي جي وصيت موجب انهيءَ خانقاه جو سجاده نشين ٿيو، پر شيخ رڪن الدين جو ھڪ ڀائٽيو ھو جنهن پنهنجي چاچي جي ورثي لاءِ حقدار ھجڻ جي دعويٰ ڪئي . ٻيئي نبيري لاءِ بادشاھه وٽ دولت آباد آيا. دولت آباد ملتان کان اسي منزلون پري آھي. بادشاھه شيخ رڪن الدين جي وصيت موجب شيخ ھود کي سجاده نشين مقرر ڪيو. شيخ ھود عمر ۾ وڏو ۽ شيخ رڪن الدين جو ڀائيٽيو اڃا نوجوان ھو. بادشاھه حڪم ڏنو ته شيخ ھود جي گھڻي عزت ۽ آبرو ڪئي وڃي ۽ جنهن به منزل تي لھي ته اتي بادشاھه جي طرفان سندس دعوت جو انتظام ڪيو وڃي. تنهن کان سواءِ شھر جي سڀني عملدارن کي حڪم ٿيو ته ھن جي استقبال ڪرڻ لاءِ وڃن. تنهن ڪري ھو جڏھن دارالخلافه ۾ پھتو تڏھن شھر جا سڀ فقيه، قاضي ۽ مشائخ سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيا، جن ۾ مان پڻ شامل ھوس.
شيخ ھڪ پالڪيءَ ۾ ويٺو ھو، جنهن کي ماڻھو کڻي ھلي رھيا ھئا ۽ سندس گھوڙا ڊڙڪي ھلي رھيا ھئا. اسان ھن کي ظاھڙي سلام ڪيو پر اسان کي سندس پالڪيءَ ۾ سواري ڪرڻ بلڪل ڪا نه وڻي. مون ڪنهن شخص سان ڳالھه پئي ڪئي ته ھن کي گھوڙي تي سوار ٿي، قاضي ۽ مشائخ وغيره جيڪي سندس استقبال لاءِ آيا آھن، تن سان گڏ ھلڻ گھرجي. ھن کي به ڪنهن اھا ڳالھه وڃي ٻڌائي؛ تنهن تي ھو گھوڙي تي سوار ٿي ھلڻ لڳو، ۽ پالڪيءَ جي سواري ڪرڻ جو سبب پئي ڏنائين ته ڪنهن سور(درد) جي ڪري گھوڙي تي چڙھي نٿي سگھيو.
جڏھن ھو دارالخلافه ۾ پھتو، تڏھن بادشاھه جي خرچ سان ھڪ دعوت جو انتظام يڪو ويو جنهن م قاضي، فقيه ۽ غير ملڪي ماڻھن کي به شامل ڪيو ويو. کاڌي کان پوءِ ھر ھڪ کي سندس درجي آھر انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا. جيئن ته قاضي القضات کي پنج سو دينار مليا ۽ مون کي اڍائي سو دينار، وغيره. ھي ھن ملڪ جو رواج آھي ته ھر ھڪ شاھي دعوت جي موقعي تي ھن قسم جا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا آھن. ھن کان پوءِ شيخ ھود پنهنجي شھر ڏانهن روانو ٿيو. بادشاھه ھن سان گڏ شيخ نورالدين شيرازيءَ کي به موڪليو ته ھو اتي وڃي کيس پنهنجي ڏاڏي جو سجاده نشين بنائي. اتي پڻ بادشاھه جي خرچ سان ھڪ وڏي دعوت ڪئي ويئي ھئي.
شيخ ھود ڪيترن ئي سالن تائين سجاده نشين رھيو. ھڪ دفعي سنڌ جي حاڪم عماد الملڪ بادشاھه کي لکي موڪليو ته شيخ ھود ۽ سندس عزيز دولت ۽ مال گڏ ڪندا ٿا وڃن ۽ اجاين ڪمن تي خرچ ڪندا ٿا رھن. باقي خالنقاه ۾ ڪنهن کي به ماني نٿا کارائين. جنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته سندس مال ضبط ڪيو وڃي. عماد الملڪ ھنن سڀني کي گھرايو ۽ ڪن کي ته جيل ۾ وجھي ڇڏيائين ۽ ڪن کي مار موچڙو ڪري، ھنن کان ويھه ھزار دينار روزانا وصول ڪندو رھيو. ايتري قدر، جو ھنن وٽ آخر ڪجھه نه رھيو. ھنن جي گھرن مان تمام گھڻي دولت ۽ قيمتي سامان نڪتو، جن مان ھڪ جتيءَ جو جوڙو اھڙو ته عمدو ھو، جو ان تي ياقوت ۽ جواھرن جو ڪم ٿيل ھو ۽ انهن جي قيمت ست ھزار دينار چئي ٿي ويئي، ڪنهن ٿي چيو ته اھو جتيءَ جو جوڙو شيخ ھود جي ڌيءَ جو ھو ۽ ڪنهن ٿي چيو ته اھو سندس دلپسند ٻانهيءَ جو ھو.
جڏھن شيخ تي تمام گھڻي سختي ڪئي ويئي، تڏھن ھن ترڪستان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر ھي پڪڙجي پيو. عبدالملڪ بادشاھه کي سمورو احوال لکي موڪليو، جنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته شيخ ھود ۽ جنهن شخص کيس پڪڙيو آھي، ٻنهي کي مون ڏانهن موڪلي ڏي. ھو ٻيئي جڏھن دارالخلافه ۾ پھتا، تڏھن جنهن شخص شيخ ھود کي پڪڙيو ھو، تنهن کي آزاد ڪيو ويو، باقي شيخ ھود کان بادشاھه پڇيو ته تون ڪيڏانهن ٿي ڀڄي وئين؟ تنهن تي شيخ لڳو عذر ۽ بهانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ بادشاھه آخر چيس ته تو ارادو ڪيو ھو ته ترڪستان ڀڄي وڃي اتي چئين ته مان شيخ بهاءَ الدين ذڪريا جو پٽ آھيان ۽ اتي جي بادشاھه مون سان ھيءُ سلوڪ ڪيو آھي ۽ پوءِ تون انهن کي پنهنجي مدد لاءِ وٺي اچي اسان کي قتل ڪرائين ھا. بادشاھه ائين چئي، سندس سر لاھڻ جو حڪم ڏنو ۽ اھڙي طرح سان ھو قتل ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

[b]ابن تاج العارفين ۽ ان جي اولاد کي قيد ڪرائڻ ۽ مارائڻ
[/b]شيخ شمس الدين ابن تاج العارفين، ڪول جي شھر ۾ رھندو ھو، ۽ ھڪ وڏو تارڪ الدنيا عابد شخص ھوندو ھو. جڏھن بادشاھه ڪول جي شھر ۾ ويو ھو، تڏھن شيخ شمس الدين کي پاڻ وٽ گھرايو ھئائين. پر ھو بادشاھه جي سڏ تي نه ويو. تنهن ڪري بادشاھه پاڻ ھلي ھن جي ملاقات لاءِ ويو. بادشاھه جڏھن ھن جي گھر جي ويجھو پھتو، تڏھن ھو ڪيڏانهن کسڪي نڪري ويو ۽ بادشاھه سان ملاقات نه ڪيائين.
ان واقعي کان پوءِ ڇا ٿيو، جو ھڪ امير بادشاھه جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن وڃي سندس بيعت ڪئي. بادشاھه کي ڪن ھن وڃي خبر ڪئي ته ھڪ دفعي جڏھن شيخ شمس الدين جي مجلس ۾، انهيءَ امير جي ڳالھه نڪتي ھئي، تڏھن شيخ صاحب سندس گھڻي تعريف ڪندي چيو ھو ته واقعي ھو بادشاھه ٿيڻ جي لائق آھي. اھو ٻڌي بادشاھه يڪدم ھڪ امير کي حڪم ڏنو ته وڃي شيخ شمس الدين کي گرفتار ڪري اسان وٽ وٺي اچ. جنهن تي ھو وڃي شيخ، سندس پٽن، ڪول جي قاضيءَ ۽ محتسب کي ٻڌي وٺي آيو، ڇو ته اھي سڀيئي انهيءَ مجلس ۾ شريڪ ھئا، جنهن ۾ شيخ صاھب انهيءَ باغي امير جي تعريف ڪئي ھئي. بادشاھه حڪم ڏنو ته انهن کي قيد ۾ رکيو وڃي.پوءِ محتسب ۽ ڪول جي قاضيءَ کي انڌو ڪيو ويو ۽ شيخ شمس الدين قيد ۾ ئي وفات ڪئي، ان بعد قاضيءَ ۾ محتسب کي قيد خاني وارا ھر روز ماڻھن کان خيرات پنڻ لاءِ ٻاھر وٺي ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح وري کين وڃي قيد ۾ وجھندا ھئا.
بادشاھه کي اھا به خبر پھتي ھئي ته شيخ صاحب جي پٽن جو ھندن سان تمام گھڻو رستو ھوندو ھو ۽ ڪيترائي باغي ھندو ھنن وٽ ايندا ويندا رھندا ھئا. جڏھن شيخ صاحب وفات ڪري ويو، تڏھن سندس پٽن کي قيد خاني مان ڪڍي بادشاھه جي سامھون وٺي آيا. بادشاھه کين چيو ته جيڪي ڪجھه به توھان ڪيو سو ڪيو، پر ھن کان پوءِ وري ڪڏھن به نه ڪجو. تنهن تي جواب ڏنائون ته اسان اڳ ۾ به ڪجھه نه ڪيو آھي، بادشاھه ھنن جي جواب تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ حڪم ڏنائين ته ھنن سڀني کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي. ان بعد بادشاھه قاضيءَ مذڪور کي گھرائي چيو ته ھنن قتل ٿيل جوانن جي پوئلڳن ۽ دوستن جا نالا ٻڌاءِ، جنهن تي ھن ڪيترن ئي ماڻھن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا. جڏھن باشاھه انهن ڏنل نالن جي فھرست ڏٺي تڏھن (غصي ۾ ڀرجي) چيائين ته ھيءُ شخص سڄي شھر کي برباد ڪرڻ ٿو گھري، تنهن ڪري ھن جو سر ڪپيو وڃي، پوءِ ان جو به سر لاٿو ويو، خدا ھن تي رحمت ڪري.

[b]شيخ علي حيدريءَ کي قتل ڪرائڻ
[/b]شيخ علي حيدريءَ نالي ھڪ بزرگ شخص کنڀات جي شھر، جيڪو ھندستان جو ھڪ بندرگاھه آھي، رھندو ھو. ھو ھڪ وڏو مشھور ۽ معروف درويش ڪري مڃيو ويندو ھو. ايتري قدر جو سمنڊ ۾ ڏکين وقتن تي، سوداگر ھن جي نالي جون باسون باسيندا ھئا ۽ جڏھن (صحيح سلامت) ھن بزرگ جي سلام لاءِ ايندا ھئا تڏھن ھيءُ ڪشف جي زور تي کين سندن سڀ احوال ٻڌائي ڇڏيندو ھو. ڪنهن وقت جيڪڏھن ڪو سوداگر وڏي باس باسيندو ھو ۽ نيت ڦيرائي ڇڏيندو ھو ته شيخ وٽ اچڻ وقت، شيخ کيس چوندو ھو ته تو ھيتري باس باسي ھئي، تنهن ڪري ھاڻي پنهنجي ڳالھه پوري ڪر. ڪيترا ئي دفعا جو اھڙا اتفاق ٿيا، سو شيخ پاڻ اڳي کان به وڌيڪ مشھور ٿيڻ لڳو.
جڏھن قاضي جلال الدين افغانيءَ ۽ ان جي قبيلي ھن ملڪ ۾ بغاوت ڪئي، تڏھن بادشاھه کي معلوم ٿيو ته شيخ حيدريءَ قاضي جلال الدين لاءِ دعا گھري آھي ۽ پنهنجي مٿي جي ٽوپي پڻ ھن کي ڏني اٿس، نه رڳو ايترو پر ھن جي ھٿ تي بيعت به ڪري ڇڏي اٿس. جڏھن بادشاھه پاڻ پنهنجي سر ان بغاوت کي بند ڪرڻ لاءِ آيو ۽ قاضي جلال الدين کي شڪست نصيب ٿي، تڏھن شرف الملڪ امير بخت کي کنڀات ۾ ڇڏي، پاڻ واپس موٽي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏيئي ويو ته باغين کي ڳولي ھٿ ڪري، کين مناسب سزائون ڏيئي ڇڏي. ھن سان گڏ بادشاھه ڪي فقيه به ڇڏي ويو، جن لاءِ کيس حڪم ڏنو ھئائين ته ھنن جي صلاح موجب ھلندو رھي. شرف الملڪ، شيخ علي حيدريءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ جڏھن اھو ثابت ٿيو ته ھن قاضي جلال الدين کي پنهنجي ٽوپي ڏني ھئي ۽ ھن جي لاءِ دعا به گھري ھنائين، تڏھين فقيهن(يڪراءِ) ھن جي قتل جو حڪم ڏنو. پر جڏھن جلاد ھن تي تلوار ھلائي، تڏھن تلوار پنهنجو ڪم ڪري نه سگھي. ان تي ماڻھن کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ سمجھيائون ته ھاڻي ھن کي معاف ڪيو ويندو، پر شرف الملڪ وري ھڪ ٻئي جلاد کي حڪم ڪيو، جنهن ھن جو سر لاھي ڇڏيو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

[b]طوغان ۽ ان جي ڀاءَ کي قتل ڪرائڻ
[/b]طوغان فرغاني ۽ ان جو ڀاءُ، فرغانه جي وڏن ماڻھن مان ليکيا ويندا ھئا. ھو جڏھن بادشاھه وٽ لنگھي آيا ھئا، تڏھن ھنن جي تمام شاندار مرحبا ڪئي ويئي ھئي ۽ گھڻو ئي ڪجھه کين عطا ڪيو ويو ھو. پوءِ ھو ڪيترو وقت بادشاھه وٽ رھيا ۽ جڏھن کين ڪافي عرصو گذري ويو، تڏھن ھنن پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھنن ڀڄڻ جو سڄو انتظام ڪري ڇڏيو ھو. پر سندن ڪنهن دوست وڃي بادشاھه کي سڄي حقيقت ٻڌائي، جنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته (ھنن کي پڪڙي) کين وچان وڍي، اڌو اڌ ڪيو وڃي. پوءِ ھنن جو سمورو مال انهيءَ ماڻھوءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن سندن خلاف بادشاھه کي خبر ڏني ھئي. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي ته جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنهن ٻئي ماڻھوءَ جي خبر پھچائي ۽ اھا سچ ھجي ته ان ماڻھوءَ کي قتل ڪري سندس سمورو مال خبر ڏيندڙ کي ڏنو ويندو آھي.

[b]ملڪ التجار جي پٽ کي قتل ڪرائڻ
[/b]ملڪ التجار جو ھڪ پٽ، جيڪو اڃا ننڍڙو جوان ھو ۽ مڇن جي ساوڪ به ڪا نه لٿي ھئس، سو عين الملڪ جي بعاوت وقت، (جنهن جو سڄو احوال اڳتي ايندو، ) ساڻس شامل ھو. جڏھن عين الملڪ کي شڪست آئي، تڏھن کيس ۽ ھن جي سڀني ھمراھن کي پڪڙي وٺي آيا، جن ۾ ملڪ التجار جو پٽ ۽ سندس ڀيڻيوئي قطب الملڪ جو پٽ به ھئا. بادشاھه ھنن ٻنهي لاءِ حڪم ڏنو ته سندن ھٿ ڪاٺ جي ٿنڀي سان ٻڌي کين مٿي ٽنگيو وڃي ۽ ان بعد اميرن جي پٽن کي حڪم ڏنو ويو ته انهن تي تيرن جا ”نشان“ چٽين. اھڙيءَ طرح ٻنهي کي قتل ڪيو ويو.
جڏھن ھو ٻيئي مري ويا، تڏھن خواجه امير علي تبريزيءَ نالي ھڪ حاجب، قاضيءَ ڪمال الدين کي چيو ته ھن ننڍڙي جوان تي قتل واجبي نه ھو. بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن کيس گھرائي چيائين ته ھنن جي مرڻ کان اڳ ۾ تو اھا ڳالھه ڇو نٿي ڪئي، ۽ حڪم ڏنائين ته ھن کي به سو درا ھنيا وڃن. ان کان پوءِ کيس قيد ۾ رکيو ويو ۽ سندس سمورو مال جلادن جي سردار کي ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن مون ان (جلاد) کي ڏٺو ته ھو امير علي تبريزيءَ جا ڪپڙا ۽ پڳ پھريو، ھن جي گھوڙي تي چڙھيو پئي ويو، ۽ پري کان مون ڀانئيو ته امير علي تبريزي آھي.
ان بعد امير علي تبريزي ڪيترائي مھينا جيل ۾ رھيو ۽ ڪجھه عرصي گذرڻ بعد ھن کي آزاد ڪري وري کيس ساڳيو عھدو موٽائي ڏنو ويو. ان کان پوءِ وري ٻئي دفعي بادشاھه ھن تي ڪاوڙجي، ھن کي خراسان جي طرف ڪڍي ڇڏيو. تنهن ڪري ھو وڃي ھرات ۾ رھيو. اتان ھن بادشاھه ڏانهن ھڪ درخواست لکي موڪلي، جنهن ۾ رحم ۽ نظر عنايت جي تمام گھڻي عاجزيءَ سان گھر ڪيائين. بادشاھه سندس انهيءَ ئي درخواست جي پٺيان لکي موڪليس ته ”اگر بار آسدي بار (آ)“ يعني جيڪڏھن توبهه ٿو ڪرين ته ڀلي موٽي اچ، جنهن تي ھو موٽي آيو.

[b]خطيب الخطباءِ کي موت جي مار ڏيارڻ
[/b]ھڪ دفعي سفر ۾ دھليءَ جي خطيب الخطباءِ کي بادشاھه حڪم ڏنو ته ”جواھرات واري خزاني جي تون سنڀال ڪر.“ اتفاق سان ھڪ رات ڪي ھندو ڊاڪو آيا ۽ اچي خزاني کي ڌاڙو ھڻي، ان مان ڪجھه مال کڻي ويندا رھيا. (ٻئي صبح جو) بادشاھه (غصي مان) حڪم ڏنو ته خطيب کي ڏاڍي مار ڏني وڃي، جنهن تي ھن کي ايترو ماريو ويو، جو آخر ھو مري ويو. خدا ھن تي رحمت ڪري.

[b]دھليءَ جي شھر کي برباد ڪرڻ ۽ انڌي ۽ منڊي کي مارائڻ جو عجيب واقعو
[/b]بادشاھه سڀ کان وڏي ڳالھه اھا ڪئي ھئي، جنهن لاءِ اڪثر کيس ذميدار ٺھرايو ويندو آھي، ته ھن دھليءَ جي سڀني رھواسين کي شھر نيڪالي ڏيئي شھر کي برباد ڪري ڇڏيو ھو. انهيءَ جو خاص سبب ھيءُ ھو، جو ڪو ماڻھو بادشاھه جي لاءِ خط لکي، سيل مھر ڪري، مٿان لکندا ته ”بادشاھه جي شر جو قسم، ھيءُ خط خود بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص نه کولي.“ پوءِ ھو اھي خط رات جو وڃي، ديوان خاني ۾ رکي ايندا ھئا، بادشاھه وري جڏھن اھي خط کولي پڙھندو ھو تڏھن انهن ۾ سواءِ گارين جي ٻيو ڪجھه به لکيل ڪين ھوندو ھو.
تنهن تي بادشاھه غصي ۾ ڀرجي دھلي جي سڄي شھر کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو. تنهن ڪري ڇا ڪيائين جو اتي جي رھواسين کي سندن رھڻ جي جاين جي اصل قيمت ادا ڪري، شھر جون سڀ جايون خريد ڪري، ماڻھن کي حڪم ڏنائين ته وڃي دولت آباد ۾ رھن. ماڻھن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته ھڪدم ڍنڍورو گمھارايائين ته پورن ٽن ڏينهن کان پوءِ شھر ۾ ڪو به ماڻھو ڏسڻ ۾ اچڻ نه گھرجي! جنهن تي ڪيترا ئي ماڻھو ھليا ويا، پر اڃا به ڪي ماڻھو اتي لڪي ويھي رھيا. بادشاھه پنهنجن غلامن کي حڪم ڏنو ته وڃي ڏسو ته شھر ۾ ڪو ماڻھو اڃا به رھيو ته ڪو نه پيوآھي. ھو ويا ٻن ماڻھن کي، جيڪي ھڪ گھٽيءَ ۾ لڪا ويٺا ھئا، پڪڙي بادشاھه وٽ وٺي آيا. انهن مان ھڪ انڌو ھو، ٻيو منڊو.
بادشاھه انهيءَ منڊي کي ته منجنيق ۾ ويھاري کيس ھوا ڪري ڇڏيو، باقي انڌي لاءِ حڪم ڏنائين ته ھن کي دھليءَ کان دولت آباد تائين(جيڪو چاليھن ڏينهن جو پنڌ آھي،) گھلي پھچايو ويو، تڏھن ھن جو صرف ھڪ عدد پير سلامت پھتو، باقي ٻيو سڄو جسم واٽ تي ئي گسي ويس. شھر ۾ باقي ترسيل ماڻھن، جواھو واقعو ٻڌو، سو ڊپ ۾ پنهنجا مال ۽ متاع اتي ئي ڇڏي وٺي ڀڳا، اھڙيءَ طرح سڄو شھر بلڪل ويران ٿي ويو. ھڪ معتبر شخص مون سان ڳالھه ڪئي ته ھڪ رات بادشاھه پنهنجي محل جي ڇت تي چڙھي، شھر جي طرف ڏٺو ته اتي ھن کي نه ڪو دونهون نظر آيو ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪو ڏيو ٻرندو ڏسڻ ۾ آيس اھو حال ڏسي، بادشاھه چوڻ لڳو ته ھاڻي منهنجي دل تي ڇنڊو پيو آھي. ان بعد بادشاھه ٻين شھرن جي ماڻھن کي حڪم ڏنو ته اچي دھلي ۾ رھن. اھڙي طرح سان وري ٻيا شھر به برباد ٿي ويا، ۽ دھلي اڳئين وانگر آباد ٿي نه سگھي. جنهن وقت اسان دھلي جي شھر ۾ داخل ٿيا ھئاسين ان وقت تائين ھيءُ شھر بلڪل غيرآباد لڳو پيو ھو ۽ رڳو ڪٿي ڪٿي ڪنهن گھر ۾ ڪي ماڻھو پئي رھيا، باقي پوءِ جا واقعا ۽ حادثا جيڪي انهيءَ وقت ۾ ٿيا ھئا، (جن جو تعلق بادشاھه سان آھي،) تن جو بيان اڳتي ھلي ڪنداسين.

[b]غيات الدين بهادر (ڀوري ) جو قتل
[/b]جڏھن ھيءُ بادشاھه ( محمد شاھه تغلق ) پنهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ تخت تي ويٺو ۽ ماڻھن سندس بيعت ڪئي، تڏھن غياث الدين بهادر* (ڀوري) کي سندس اڳيان حاضر ڪيو ويو، سلطان تغلق ھن کي ان وقت تائين قيد ۾ رکيو ھو، بادشاھه ھن تي احسان ڪري، قيد مان ڪڍي، کيس ھاٿي، گھوڙا ۽ ٻيو سامان ڏيئي، پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني، ھن سان گڏ بادشاھه پنهنجي ڀائيٽي ابراھيم خان کي به موڪليو ۽ کانئس انجام ورتائين ته ٻيئي گڏجي حڪومت ڪندا، ٻنهي جا نالا سڪن تي لکارايا ويندا ۽ ٻنهي جي نالي جو خطبو پڙھايو ويندو. ازانسواءِ بادشاھه، غياث الدين کان اھو به وعدو ورتو ته ھو پنهنجو پٽ محمد، جيڪو برباط جي نالي سان مشھور ھوندو ھو، بادشاھه ڏانهن ضمانت طور موڪلي ڏيندو.
غياث الدين پنهنجي ملڪ ۾ پھچي، ٻيا سڀ شرط پورا ڪيا، باقي پنهنجي پٽ کي بادشاھه ڏانهن ڪين موڪليائين ۽ بهانو ڪيائين ته ھو منهنجو چيو نٿو مڃي ۽ ڳالھائڻ ۾ به گستاخيءَ سان ٿو پيش اچي . بادشاھه يڪدم ابراھيم خان ڏانهن دلجلي تتريءَ جي سرداريءَ ھيٺ ھڪ لشڪر ڏياري موڪليو، جنهن وڃي غياث الدين جو مقابلو ڪيو ۽ ان کي قتل ڪري، سندس (لاش جي) کل لھرائي، ان ۾ بهه ڀرائي، ساري ملڪ گھمارايو.

________________________________________
* ھيءُ اھو ئي غياث الدين آھي، جنهن جي باري ۾ ابن بطوطه اڳ ۾ سلطان تغلق شاھه واري دور حڪومت ۾ لکي آيو آھي ته ڪيئن ھو پنهنجو ھڪ ڀاءُ کي ماري، پاڻ تخت تي ويٺو ھو، ۽ سندس ٻيا ڀائر ڪيئن سلطان تغليق شاھه وٽ مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا، ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه وٽ مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه لکنوتيءَ تي ڪاھي ويو ھو ۽ ھن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي اچي . دھلي جو قيدخاني ۾ رکيو ھئائين. مترجم