سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل چوٿون

[b]منهنجو مصيبت ۾ پوڻ ۽ ھڪ ولي الله جي مدد سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ:
[/b]ھڪ ڏينهن مان پنهنجي ھڪ جماعت سان سوار ٿي ٻاھر ويس. اسان ھڪ باغ ۾ لنگھي وياسين. گرميءَ جي موسم ھئي. اسان اتي گوڙ ۽ شور جو آواز ٻڌي، ان جي ٽوھھ ۾ سوار ٿي، ھڪ ڳوٺ ڏانهن وياسين، جنهن تي ھندو ڪاھي آيا ھئا، اسان اچي انهن جي پٺيان پياسين. ھو ٽڙي پکڙي ويا. تنهن ڪري منهنجا ساٿي انهن جي پٺ وٺندي، جدا جدا طرفن ڏانهن ھليا ويا ۽ مون وٽ وڃي باقي پنج ماڻھو بچيا، اوچتو اوچتو ھڪ جھڳٽي مان، ڪجھه سوار ۽ پيادا نڪري ظاھر ٿيا، ۽ اچي اسان تي حملو ڪيائون، اسان تعداد ۾ ھنن کان ٿورا ھئاسين، تنهن ڪري وٺي ڀڳاسين.
انهن مان ڏهه ڄڻا اسان جي پٺيان آيا، اسان باقي وڃي ٽي ماڻھو بچيا ھئاسين. زمين ھئي پٿريلي، تنهن ڪري ڪو به چارو نظر نٿي آيو. منهنجي گھوڙي جا اڳيان پير پٿرن ۾گھڙي ڦاسي پيا ھئا، تنهن ڪري ھيٺ لھي، مون ھن جا پير ڇڏايا ۽ وري ان تي سوار ٿيس، ان ملڪ ۾ ٻه تلوارون رکندا آھن، جن مان ھڪ زين ۾ لٽڪندي رھندي آھي، جنهن کي رڪابي ڪري چوندا آھن، ٻي ترڪش ۾ پيل ھوندي آھي. منهنجي رڪابي تلوار مياڻ مان نڪري ھيٺ ڪري پئي. ان جو مٺيو سونو ھو. مان ان کي کڻڻ لاءِ وري گھوڙي تان لٿس ۽ ان کي کڻي زين ۾ لڙڪائي سوار ٿي اڳتي وڌيس، دشمن به منهنجي پٺيان اچي رھيا ھئا. مان ھڪ خندق جي ڪپر تي اچي پھتس ۽ ان ۾ گھڙي ھنن جي نظر کان غائب ٿي ويس.
انهيءَ خندق ۾ پاڻيءَ جو ھڪ رستو ھو، جنهن جي ٻنهي ڪپرن تي گھاٽا وڻ ھئا، جنهن جي وچان اھو رستو ٿي ھليو. مان به اھو رستو وٺي ھلندو رھيس پر خبر ڪا نه ھيم ته ڪٿي پھچندس. اوچتو چاليھارو کن ماڻھو نظر آيا، جن وٽ تير ھئا ۽ اچي مون کي گھيرو ڪيائون. مون سوچيو ته جيڪڏھن ڀڄندس، ته انهن مان ڪو تير ھڻي ماري نه وجھيم، ڇو ته ان وقت منهنجي بدن تي زرھ ڪان ھئي؛ تنهن ڪري زمين تي ليٽي پيس ۽ اشاري ۾ چيومان ته مان توھان جو قيدي آھيان. جڏھن ڪو ماڻھو ائين ئي ڪندو آھي ته ان کي ھي ماڻھو قتل نه ڪندا آھن. پوءِ انهن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ منهنجا ڪپڙا لاھي، باقي بدن تي فقط ھڪ جبو، پاجامو ۽ قميص ڇڏي ڏنائون.
ھو مون کي ھڪ جھڳٽي ۾ وٺي ويا، جتي ھو ھڪ حوض جي ڪناري تي لٿل ھئا. اھو حوض وڻن جي وچ ۾ ھو. اتي پھچي ھنن مون کي ماش جي ماني کائڻ لاءِ ڏني، جيڪا کائي مون پاڻي پيتو. انهن سان گڏ ٻه مسلمان به ھئا، جن مون کان پارسيءَ ۾ پڇيو ته مان ڪير آھيان؟ مون ھنن کي پنهنجو حال ٻڌايو. پر اھو ڪو نه ٻڌايومان ته ڪو مان بادشاھه جو طرفدار آھيان. ھنن مون کي ٻڌايو ته اھي ماڻھو ضرور مون کي ماري ڇڏيندا ۽ ھڪ شخص ڏانهن اشارو ڪري چيائون ته ھي شخص ھنن جو سردار آھي. مون انهن ٻنهي مسلمانن جي معرفت ھن سان گفتگو ڪئي ۽ تمام نرمائيءَ سان خوشامد جون ڳالھيون ڪيونمانس.
آخر ھن مون کي ٽن ماڻھن جي حوالي ڪيو، جن مان ھڪ پير مرد ھو ۽ ٻيو ان جو پٽ ھو. باقي ٽيون ھڪ ڪارو خبيث پئي لڳو، جنهن ھنن سان ڪجھه ڳالھايو، جو مان سمجھي نه سگھيس، پر ھن ھنن کي منهنجي مارڻ جو حڪم ڏنو ھو. پوءِ ھو مون کي ھڪ غار ڏانهن وٺي ويا، جتي ھن ڪاري ماڻھوءَ تي خدا ڏڪڻيءَ وارو بخار نازل ڪيو ۽ ھن پنهنجا ٻئي پير کڻي منهنجي مٿان رکيا. ھو پيرمرد ۽ سندس پٽ به ننڊ ۾ غافل ٿي ويا.
جڏھن صبح ٿيو تڏھن پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۽ اشاري سان مون کي چيائون ته حوض ڏانهن ھل. مان سمجھي ويس ته ھو مون کي اتي قتل ڪرڻ ٿا گھرن، تنهن ڪري مون ھن پيرمرد کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ خوشامد ڪئيمانس، ھن کي به مون تي رحم اچي ويو. مون ڇا ڪيو جو پنهنجي قميص جون ٻيئي ٻانهون ڦاري کڻي ھن کي ڏنيم، ته جيئن ھو پنهنجي ساٿين کي ڏيکاري چئي سگھي ته قيدي زبردستيءَ ڀڄي ويو آھي.
ظھر جو وقت ٿيو ته حوض تي اسان ڪن ماڻھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌو. پير مرد سمجھي ويو ته سندس ساٿي اچي ويا آھن، سو مون کي اشارو ڪيائين ته مون سان ھليو آءُ. جڏھن اسان حوض تي آياسين تڏھن اتي ڪيترن ئي ماڻھن کي موجود ڏٺوسين. انهن پيرمرد کي چيو ته اسان سان گڏجي ھل. پر پير مرد ۽ ان جي ساٿين، ھنن سان وڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ ٽيئي ڄڻا منهنجي سامھون ويھي رھيا. پوءِ ھنن قنب جي ھڪ رسي، جا ھنن جي ھٿ ۾ ھئي، کڻي زمين تي رکي، مان ھنن کي ڏسي رھيو ھوس ۽ دل ۾ پئي چيم ته شايد انهيءَ ئي رسيءَ سان مون کي لڙڪائي ماريندا. پوءِ انهن مان ٽي ماڻھو، جن مون کي گرفتار ڪيو ھو، ھن وٽ آيا ۽ مون اندازو لڳايو ته ھنن کانئن پڇيو ته توھان ھن شخص(مون) کي ڇو اڃا تائين ڪين ماريو آھي؟ تڏھن پيرمرد ھن ڪاري ماڻھوءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌاين ته ھي بيمار ٿي پيو ھو، تنهن ڪري اڃا تائين ھن کي نه ماريو اٿئون. انهن ٽن ماڻھن مان ھڪ نوجوان شڪل ۾ سھڻو ٿي لڳو، تنهن مون ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”تون چاھين ته مان توکي ڇڏي ڏيان“ مون چيو ته توھان جي وڏي نوازش ٿيندي. ھن مون کي چيو ته ھليو وڃ! مون ھن کي پنهنجو جبو، جيڪو مون کي ڍڪيل ھو، لاھي ڏنو ۽ ھن وري مون کي ڪا شيءِ جيڪا ھن وٽ ھئي، ڏني. ھن مون کي اھو به ٻڌايو ته ھو رستو اٿئي، ان رستي تان ھليو وڃ.
مان اٿي ھليس ۽ ڊڄندو پئي ويس ته مٿان ڪي ٻيا ماڻھو نه مون کي ڏسي وٺن. آخر اچي ھڪ بانس جي جھنگل ۾ داخل ٿيس، جتي سج لھڻ تائين لڪو رھيس، ان کان پوءِ اتان نڪري اچي، اھو رستو ورتم، جيڪو ھن نوجوان مون کي ڏسيو ھو ۽ اچي ھڪ پاڻيءَ تي ھتس، جتان پاڻي پي وري اٿي ھليس، ۽ رات جو ٽيون حصو گذاري، اچي ھڪ جبل تي پھتس، مان اتي سمھي پيس. صبح ٿيڻ سان وري اٿي پنڌ پيس، ٻير جا وڻ ھئا، اتي مون ٻير کاڌا پر منهنجا پير ڪنڊن ھڻي زخمي ڪري ڇڏيا، جنهن جا نشان اڃا تائين بيٺا اٿم.
پوءِ مان ان ٽڪريءَ تان لھي، ھڪ گاھه واريءَ زمين ۾ داخل ٿيس، اتي ھيرڻ جا وڻ ھئا ۽ ويجھو ھڪ بائين(ٻانهين؟) ھئي. بائين ھڪ وڏي کوھه کي چوندا آھن، جنهن ھيٺ لھڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل ھوندي آھي. ان ڏاڪڻ جا ڪي ڏاڪا پاڻيءَ جي اندر ٿيندا آھن. انهن جي چئني پاسن کان قبا، ڇتين وارا گھر ۽ ويھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. ھن ملڪ جا امير ماڻھو، اھڙي قسم جون جايون ۽ کوھه ٺھرائڻ ۾ پنهنجو فخر سمجھندا آھن. ھي کوھه گھڻو ڪري اھڙن ملڪن ۾ ھوندا آھن، جتي پاڻي ناياب ھوندو آھي.
جڏھن مان پاڻيءَ تي پھتس، تڏھن مون پاڻي پيتو، اتي سرنهن جا پن ۽ ٽاريون پيون ھيون ۽ ائين ئي معلوم ٿيو، ڄڻ اتي ڪنهن ويھي سرنهن ڌوتي آھي. مون انهن مان ڪجھه کاڌو ۽ ڪجھه پاڻ وٽ ٻڌي رکي ڇڏيم ۽ ھيرڻ جي وڻ ھيٺان وڃي سمھي رھيس، ايتري ۾ چاليھه سوار اچي، انهي بائينءَ تي لٿا، جيڪي سڀ زره پوش ھئا، انهن مان ڪي ته پوک ڏانهن به آيا، پر خدا تعاليٰ ھنن کي انڌو ڪري ڇڏيو، جو ڪنهن به مون کي ڪو نه ڏٺو، ان کان پوءِ ٻيا پنجاھه ماڻھو بائين تي اچي لٿا، جن مان ھڪ ته مون واري وڻ جي بلڪل سامھون اچي لٿو، پر ھن به مون کي ڪو نه ڏٺو. مان گاھه واري زمين ۾ گھڙي پيس ۽ شام تائين اتي لڪو رھيس.
اھي ماڻھو بائين تي لٿا پيا ھئا ۽ ان ۾ گھڙي، ڪپڙا ڌوئندا، وھنجندا، رانديون رونديون ڪندا رھيا. رات پوڻ تي ھنن جو آواز اچڻ بند ٿي ويو، تنهن مان مون سمجھيو ته ھو ھليا ويا يا ننڊ ۾ پئجي ويا ھئا. ان وقت مان ٻاھر آيس ۽ گھوڙن جي تلاش ۾ نڪري پيس. چانڊوڪي رات ھئي، مان ھلندي ھلندي ھڪڙيءَ ٻيءَ بائينءَ وٽ، جنهن تي ھڪ قبو ٺھيل ھو، اچي پھتس، پوءِ مان اتي ترسي پيس ۽ پاڻي پيتم ۽ سرنهن جا پن، جيڪي مون وٽ ھئا، سي کائي، انهيءَ قبي ۾ ھليو ويس، اتي گاھه جو ڍير لڳو پيو ھو، جيڪو شايد پکين آڻي اتي گڏ ڪيو ھو، مان به ان تي سمھي پيس. رات جي ڪنهن حصي ۾ ا ئين ئي محسوس ڪيم ته ڪو ساھوارو انهيءَ گاھه ۾ سري رھيو ھو، شايد نانگ ھو، پر مون کي ٿڪ ايترو ته گھڻو ھو، جو ان جي ڪا به پرواهه ڪا نه ڪيم ۽ آخر اچي صبح ٿيو.
مان به ھڪ ڪشادي رستي تان اٿي ھليس، ٿورو اڳتي وڌيس ته ھڪ ويران ڳوٺ آيو. پوءِ مان ٻئي ڳوٺ ڏانهن ھليس، اھو به سنسان لڳو پيو ھو. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن گذري ويم، ھڪ ڏينهن مان ھڪ وڻن جي جھڳٽي ڏانهن ويس، جنهن جي وچ تي ھڪ پاڻيءَ جو حوض ھو، جنهن ۾ اندر ھڪ گھر ٺھيل ھو ۽ سندس پاسن کان کجيءَ جا وڻ ھئا. مون ارادو ڪيو ته اتي ويھي رھان ته من ڪو خدا ڪنهن انسان کي ھتي موڪلي، جنهن کان آباديءَ جو رستو پڇي سگھان.
منهنجي بدن ۾ ڪجھه طاقت اچي ويئي ھئي، تنهن ڪري وري اٿي پنڌ پيس، رستي تي مون کي ڏاندن جي کرن جا نشان ڏسڻ ۾ آيا ۽ ھڪ ڏاند به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي مٿان ھڪ ڪمبل ۽ لوھه جو ڪو اوزار رکيل ھو، ڇاڪاڻ ته اھو رستو ڪافرن جي علائقي ڏانهن ٿي ويو. تنهن ڪري مون وري ٻيو رستو ورتو ۽ ھڪ ويران ڳوٺ ۾ اچي نڪتس، اتي مون ٻه ڪاري رنگ جا بلڪل اگھاڙا ماڻھو ڏٺا، مان ڊڄي ويس ۽ ھڪ وڻ جي ھيٺان وڃي ويھي رھيس.
جڏھن رات ٿي تڏھن انهيءَ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس، جتي ھڪ ويران جاءِ ۾ ھڪ مٽيءَ جي وڏي گندي ڏٺيم، جيڪا اناج ڀرڻ جي ڪم ايندي آھي، ان جي ھيٺان ھڪ ايترو ته ويڪرو سوراخ ھو، جنهن مان ھڪ ماڻھو آساني سان اندر لنهگي وڃي، مان ان ۾ اندر گھڙي ويس. ان جي فرش تي مٽيءَ جو ليپو ڏنل ھو ۽ ھڪ پٿر به اتي پيو ھو، جنهن کي سيراندي ڪري اتي سمھي رھيس. ان جي مٿان سڄي رات ڪنهن پکيءَ جي ڦڙ ڦڙاھٽ جو آواز پئي آيو ۽ ائين ئي ڀانيم ته ھو مون کان ڊڄي رھيو ھو، ھيڏانهن وري مان ھن کان ڊڄي رھيو ھوس.
ان ڏينهن مون کي پورا ست ڏينهن گذري ويا ھئا ۽ اھو ڇنڇر جو ڏينهن ھو. ستين ڏينهن، مان ھندن جي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتس، اتي پاڻيءَ جو ھڪ حوض ھو ۽ ڪجھه ساوڪ به نظر پئي آئي. مون اتان جي ماڻھن کان کائڻ لاءِ ڪجھه گھريو، پر ھنن مون کي ڪجھه به نه ڏنو. اتي کوھه جي ڀرسان، ھيڏانهن ھوڏانهن ڪجھه موريءَ جا پن پيل ڏٺم، جي کڻي کاڌم ۽ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس. اتي ھندن جو ھڪ مجموعو ڏٺم جن ۾ ھڪ انهن جو سردار به ھو، ھن مون کان پڇيو ته تون ڪير آھين؟ مون ڪو به جواب ڪو نه ڏنومانس ۽ ھيٺ پٽ تي ويھي رھيس. انهن مان ھڪ تلوار ڪڍي مون ڏانهن وريو، ھن مون کي مارڻ لاءِ تلوار ڪڍي ھئي، پر مون ھن ڏانهن ڏٺو به ڪين، جو ته مان ڏاڍو ٿڪل ھوس.
پوءِ ھن منهنجي تلاشي ورتي ۽ جڏھن مون وٽان ڪجھه به نه مليس، تڏھن مون ھن کي پنهنجي اھا قميص لاھي ڏني، جنهن جون ٻانهون مان ھن پير مرد کي ڏيئي آيو ھوس، ٻيو ڏينهن ٿيو ته مون کي اچي اڃ ستايو، پر مون کي پاڻي نه ملي سگھيو. پوءِ ھڪ ويران ڳوٺ ڏانهن ويس، پر اتي ڪو به پاڻي جو تلاءُ ڪو نه ھو، ھن ملڪ ۾ مينهن جو پاڻي، تلائن ۾ گڏ ڪري، اتان پيئندا رھندا آھن.
پوءِ مان رستو وٺي، اٿي ھليس، ته ٿورو اڳيان ھڪ ڪچو کوھه ڏٺم، جنهن تي ھڪ کجيءَ جي رسي پيئي ھئي، پر ڏول ڪو نه ھوس. مون ان رسيءَ ۾ پنهنجو پٽڪو اٽڪائي، کوھه ۾ اندر ڪيو ۽ جيڪو پاڻي ان ۾ لڳو، سو چوسڻ لڳس، پر تنهن ھوندي به منهنجي اڃ ڪانه لٿي. پوءِ پنهنجو موزو لاھي، رسيءَ ۾ ٻڌي، ٻيو دفعو کوھه مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم، پر رسي ڇڄي پيئي ۽ موزو وڃي کوھه ۾ ڪريو، پوءِ مون ٻيو موزو ٻڌي، پاڻي ڪڍيو ۽ خوب پيٽ ڀري، پاڻي پيتم ان کان پوءِ انهيءَ موزي کي ڪپي، ان جو مٿيون حصو انهي رسيءَ ۽ ھڪڙي ليڙ جي وسيلي، پير تي ٻڌي ڇڏيم، مان اھو پير تي ٻڌي رھيو ھوس ته ھڪ ماڻھو نظر آيم. مون ان ڏانهن غور سان ڏٺو ته اھو ماڻھو ڪاري رنگ جو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ھڪ لٺ ۽ لوٽو ھو ۽ ڪلھي تي جھولي ھيس.
ھن اچڻ سان مون کي اسلام عليڪم چيو، مون ان جو جواب وعليڪم السلام ورحمت الله و برڪاته ڏنومانس، پوءِ ھن مون کان پارسيءَ ۾ پڇيو”چھ کسي“ يعني ڪير آھين؟ مون جواب ڏنو ته مان رستو ڀلجي آيو آھيان. پوءِ ھن لوٽو، رسيءَ ۾، جيڪا ھن وٽ ھئي، ٻڌو ۽ پاڻي ڪڍيائين، مون ارادو ڪيو ته پاڻي پيئان پر ھن چيو ته ٿوڙو ترس ۽ پنهنجي جھوليءَ مان ڀڳڙا ۽ ڀڳل چانور ڪڍي، مون کي ڏنائين، جي مون کائي پاڻي پيتو، ھن وضو ڪري ٻه رڪعت نماز پڙھي. مون به وضو ڪري نماز پڙھي.
پوءِ ھن مون کان منهنجو نالو پڇيو، مون چيو ته منهنجو نالو محمد آھي، پوءِ وري مون ھن جو نالو پڇيو، جنهن تي ھن پنهنجو نالو ”قلب قارخ“ ٻڌايو مون چيو ته فال ته نيڪ ٿي ڏسجي، ۽ اٿي پنڌ لاءِ سنبريس، ھن مون کي چيو ته مون سان گڏجي ھل، مون چيو ته چڱو، اڃان ھن سان ٿورو ئي اڳڀرو ويس ته منهنجا عضوا جواب ڏيڻ لڳا ۽ بيھڻ جي به ھمت نه رھيم، تنهنڪري ويھي رھيس. ھن پڇيو ته ڪھرو حال اٿئي؟ مون جواب ڏنو ته تنهنجي ملڻ کان اڳ مان ھلي ٿي سگھيس، پر ھاڻي ھليو نه ٿو ٿئيم، ھن چيو ته سبحان الله! اچي منهنجي ڪلھي تي چڙھي ويھه! مون چيو مانس ته تون خود ضعيف ماڻھو آھين ۽ مون کي ڪٿي ٿو کڻين سگھين ! پر ھن چيو ته تو کي ضرور چڙھڻو پوندو ۽ خدا پاڻھي مون کي طاقت بخشيندو.
پوءِ مان ھن جي ڪلھي تي چڙھي ويٺس. ھن مون کي چيو ته حسبناالله و نعم الوڪيل پڙھندو ھل، مون اھو ذڪر شروع ڪيو ته مون کي ننڊ کڻي ويئي ۽ ان وقت اک کلي، جڏھن ھن مون کي زمين تي لاٿو. مان جاڳيس ته ھن ماڻھوءَ جو پتوئي نه پيو ته الاجي ڪيڏانهن ويو! ۽ مون پاڻ کي ھڪ آباد ڳوٺ جي پاسي ۾ ڏٺو. مان ان ڳوٺ ۾ لنگھي ويس، جنهن ۾ ھندو ھئا، پر اھي سڀ بادشاھه جي رعيت ھئا ۽ انهن جو حاڪم مسلمان ھو، ماڻھن وڃي ان کي خبر ڪئي، ته يڪدم ھو مون ڏانهن ھليو آيو، مون ھن کان پڇيو ته ھن ڳوٺ جو نالو ڇاآھي؟ ھن چيو ته تاج پور، ۽ ڪول ھتان به فرسخ پري آھي،
پوءِ اھو حاڪم مون کي پنهنجي گھر وٺي ويو ۽ مون کي وھنجاري، گرم گرم کاڌو کارايائين ۽ چيائين ته مون وٽ ھڪ گھوڙو، ڪپڙا ۽ ھڪ پٽڪو آھي، جيڪو ھڪ مصري ماڻھو، مون وٽ ڪول واري ڪئمپ مان اچي، رکي ويو آھي، مون چيومانس ته کڻي اچ ته ڪئمپ ۾ پھچڻ تائين اھي پھريان جڏھن ھو کڻي آيو تڏھن معلوم ٿيو ته اھي منهنجا ئي ڪپڙا ھئا، جيڪي جڏھن مان ڪئمپ ۾ ھوس، تڏھن ان مصري ماڻھوءَ کي ڏنا ھئم.
مون کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ اتي سوچڻ لڳس ته اھو ماڻھو، جيڪو مون کي ڪلھي تي چاڙھي آيو ھو، سو ڪير ھو؟ مون کي ڪجھه ياد آيو ته ولي الله ابو عبدالله مرشديءَ، جنهن جو پھرين سفر ۾ بيان ڪري آيو آھيان، مون کي ھن کان اڳ ۾ ٻڌايو ھو ته تون ھندستان ويندين، ته اتي توکي منهنجو ڀاءُ ملندو، جيڪو توکي ھڪ مصيبت مان ڇڏائيندو. ھينئر مون کي ياد آيو ته مون ھن جو نالو به پڇيو ھو ته ھن (ولي الله) سندس نالو”دلشاد“ ٻڌايو ھو ۽ ”قلب قارح“ جي به اھا ئي معنيٰ آھي. ھاڻي مون کي پڪ ٿي ته ھي اھو شخص ھو جنهن جي باري ۾ ھن (ابو عبدالله مرشدي) مون کي ٻڌايو ھو ۽ ھو ضرور ولي الله ھو. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ته مون کي سندس صحبت ڪرڻ جو وڌيڪ وقت نصيب ٿي نه سگھيو.
مان ان ئي رات دوستن وٽ ھلي آيس ۽ اچي انهن کي پنهنجي سلامتيءَ سان موٽڻ جي خبر ٻڌايم. ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ منهنجو گھوڙو ۽ ڪپڙا آندائون. ان عرصي ۾ بادشاھه جو جواب به اچي ويو، جنهن ۾ ھڪ ٻئي جوان سنبل جامدار نالي کي ڪافور شھيد جي جاءِ تي موڪليو ويو ھو ۽ اسان لاءِ حڪم ھو ته اڳتي وڌي پنهنجو سفر جاري رکون. اھو به معلوم ٿيو ته ھنن منهنجي سڄي خبر بادشاھه کي لکي موڪلي ھئي، جنهن ۾ ڪافور جي مارجڻ ۽ منهنجي قيد ٿيڻ جي فال بد سمجھي بادشاھه کي منهنجي واپس گھرائڻ جي به درخواست ڪئي ھئائون.
جڏھن بادشاھه سفر جاري رکڻ جي تاڪيد ڪري موڪليو، تڏھن مون به ان جي تائيد ڪري، پنهنجي ارادي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ھنن مون کي چيو ھو ته سفر جي شروعات ۾ ئي اسان سان اھڙيون مصيبتون پيش آيون آھن، سو يا اسان کي واپس وڃڻ گھرجي يا گھٽ ۾ گھٽ بادشاھه جي جواب تائين ته ترسڻ گھرجي، پر مون چيو مان ته ترسڻ مناسب نه آھي. رھيو جواب، سو اسان کي رستي ۾ ئي پھچي ويندو.
پوءِ اسان ڪول مان ڪوچ ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن اچي برجپور ۾ منزل ڪئيسين. اتي ھڪ خانقاھه ھو، جنهن ۾ اسان ھڪ شيخ سان، جيڪو صورت ۽ سيرت ٻنهي م سٺو ھو ۽ سندس نالو” محمد عريان“ ھو، ملاقات ڪئي. ھي شيخ رڳو ھڪ گوڏ ٻڌندو ھو ۽ ٻيو سڄو بدن اگھاڙو رکندو ھو. ھو شيخ صالح ولي الله محمد عريان قاطن قرانه مصر جو شاگرد ھو.

[b]ان شيخ جي ڳالھه
[/b]ھيءُ شيخ ھڪ وڏو ولي الله ۽ بزرگ ھوندو ھو ۽ مجرد(غيرشادي شدھ) رھندو ھو. ھو فقط ھڪ گوڏ ۾ گذاريندو ھو، جيڪا سندس دن کان وٺي پيرن تائين بدن جو حصو ڍڪيندي ھئي. چون ٿا ته عشاءِ جي نماز کان پوءِ ھن جي خانقاھه ۾ جيڪو به کاڌو يا ان پاڻي ھوندو ھو، سو ھو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. رڳو ڏئي جي وٽ به ڦٽي ڪري ڇڏيندو ھو ۽ صبح جو توڪل تي ويٺل ھوندو ھو. ھن جي اھا به عادت ھوندي ھئي ته ھر صبح جو سوير ماني ۽ دال وڪڻڻ وارا خانقاھه ۾ اچي ويھي رھندا ھئا، پوءِ جيتري ضرورت ھوندي ھئي، شيخ انهن کان خريد ڪندو ھو ۽ کين چوندو ھو ته توھان اڃا ويٺا رھو، ته پھريائين ڪو به شخص، جو ڪجھه به تحفي طور آڻيندو، پوءِ ٿورو ھجي يا گھڻو، توھان کي ڏنو ويندو.
ڳالھه مشھور آھي ته جڏھن بادشاھه قازان تاتاري، پنهنجي لشڪر سميت، شام جي ملڪ ۾ پھتو ۽ دمشق تي قبضو ڪيائين، پر قلعو اڃا ھٿ ڪري نه سگھيو ھو، تڏھن ملڪ ناصر ھن جي مقابلي لاءِ ٻاھر نڪتو. انهن جي لڙائي، دمشق کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي، ھڪ جاءِ تي، جنهن کي قشحب ڪري چوندا آھن، لڳي. ملڪ ناصر، ان وقت اڃا نوجوان ھو ۽ اڃا تائين ھن جو لڙائيءَ سان ڪو به واسطو ڪو نه پيو ھو. شيخ عريان به ھن سان گڏ ھو، تنهن ڇا ڪيو، جو ملڪ ناصر جي گھوڙي جي پيرن ۾ زنجير وجھي ڇڏيائين ته جيئن ھو ڀڄي نه سگھي، متان ھن جي ڀڄڻ سان مسلمانن جي لشڪر ۾ ڀاڄ نه پوي! پوءِ ڇاڪاڻ ته ملڪ ناصر پنهنجي جاءِ تي مضبوط بيٺو رھيو، تنهن ڪري تاتارين جي لشڪر کي سخت شڪست آئي ۽ انهن مان ڪيترا مارجي ويا ۽ باقي درياءَ ۾ ٻڏي مئا. ان کان پوءِ تاتارين ڪڏھن به اسلامي ملڪن تي ڪو نه ڪاھيو، ۽ مذڪوره شيخ محمد عريان مون کي ٻڌايو ته ھو ان شيخ جو شاگرد ھو ۽ ان لڙائيءَ م به موجود ھو پر عمر ۾ ان وقت ننڍو ھو.
پوءِ اسان برج پور مان ڪوچ ڪري، اچي ھڪ پاڻيءَ جي ڍنڍ تي پھتاسين، جيڪا آب سياهه(ڪاري پاڻي) جي نالي سان ڏسبي آھي، ۽ اتان ھلي اچي قنوج جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو ۽ خوبصورت عمارتن وارو شھر آھي ۽ ھڪ مضبوط قلعو پڻ اٿس ھت کنڊ جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، جيڪا ھتان دھليءَ ڏانهن کڻي ويندا آھن. ھن جي شھر پناھه به تمام اوچي آھي. ھن شھر جو بيان اسان اڳي به ڪري آيا آھيون. ھن شھر ۾ شيخ معين الدين باخرزي به رھندو ھو، جنهن اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھن شھر جو حاڪم فيروز بدخشاني، بهرام گور، صاحب ڪسريٰ، جي اولاد مان آھي. ھت ڪيترائي صالح ۽ عالم، فاضل شخص، جيڪي حسن اخلاق جي ڪري مشھور آھن ۽ شرف جھان جو اولاد ڪري سڏيا ويندا آھن، رھندا آھن. ھنن جو ڏاڏو دولت آباد ۾ قاضي القضات ھوندو ھو، جيڪو ڏاڍو نيڪو ڪار ۽ سچار ھوندو ھو. ھتي ھندستان جي بادشاھي اچي ٿي ختم ٿئي.

[b]ھن قاضيءَ جي ڳالھه
[/b]ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ دفعي ھو پنهنجي عھدي تان معزول ڪيو ويو. ھن جا دشمن تمام گھڻا ھوندا ھئا، انهن مان ھڪ ان قاضيءَ وٽ، جيڪو ھن جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو ھو، اچي دعويٰ ڪئي ته اڳئين قاضيءَ وٽ منهنجا ڏهه ھزار دينار آھن، پر منهنجو ڪو به شاھد وغيره ڪونهي. ھن جو مطلب ته قاضي قسم کڻي. نئين قاضيءَ ھن کي گھرايو. ھن سڏيندڙ کان پڇيو ته ھن شخص جي ڪھڙي دعويٰ آھي؟ تنهن تي ھن ٻڌايس ته ھي شخص توتي ڏهه ھزار دينار جي دعويٰ ٿو ڪري. پوءِ قاضيءَ يڪدم ڏهه ھزار دينار ڏياري موڪليا ته مدعيءَ کي ڏنا وڃن.
سلطان علاؤ الدين کي به اھا خبر پئجي ويئي ته ھيءَ دعويٰ ڪوڙي ھئي، تنهن ڪري وري ھن کي سندس عھدي تي رکيائين ۽ ڏهه ھزار دينار به موڪلي ڏنائينس. اسان ھن شھر ۾ ٽي ڏينهن ترسياسين. اتي اسان کي بادشاھه جو جواب به پھچي ويو، جنهن ۾ لکيل ھو ته جيڪڏھن فلاڻو(مان) اڃا تائين پيدا نه ٿيو ھجي، ته سندس جاءِ تي دولت آباد جي قاضي وجيھ الدين کي مقرر ڪيو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري اچي ھنول(1) ۾ پھتاسين، جتان وزير پور، بجالصا شھرن ۾ منزلون ڪندا اچي شھر موري ۾ پھتاسين، ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، پر بازارون تمام سٺيون اٿس.
ھتي مون شيخ صالح المعمر قطب الدين سان، جنهن کي ”خيبر فرغاني“ ڪري سڏيندا ھئا، ملاقات ڪئي. ھو بيمار ھو ۽ مون کي ھڪ جون جي ماني عنايت ڪيائين. ان ٻڌايو ته سندس عمر ڏيڍ سو سال آھي ۽ سندس دوست چوندا ھئا ته ھو ھميشه روزو رکندوآھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ روزو کوليندو آھي، يا گھڻو ڪري اعتڪاف ۽ خلوت ۾ رھندو آھي ۽ چاليھن ڏينهن ۾ چاليھه ڇوھارا، ھڪ ڇوھارو روز، کائيندو آھي. دھليءَ ۾ مون ھڪ شيخ رجب برقعي کي ڏٺو ته ھو چاليھه ڇوھارا کڻي خلوت ۾ ويٺو ھو ۽ چاليھن ڏينهن کان پوءِ ھو اٿيو، تڏھن تيرھن ڇوھار اڃا به ھن وٽ بچيا ھئا.
ھن شھر مان ڪوچ ڪري، اسان شھر مره (مالوه) ۾ اچي پھتاسين، جو ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ذمي ھندو رھندا آھن. ھت ڪڻڪ تمام اعليٰ قسم جي ٿيندي آھي، جيڪا دھليءَ ڏانهن کڻي ويندا آھن، ھن جو داڻو ڊگھو، زوردار ۽ ٿلھو ٿيندو آھي، ۽ مون ھن جھڙي ڪڻڪ، چين جي ملڪ کان سواءِ، ٻئي ھنڌ ڪٿي ڪا نه ڏٺي، ھي شھر مالوه قوم ڏانهن منسوب ٿيل آھي. ھي (مالوه) ھڪ ھندن جو قبيلو آھي، جيڪي جسم جا مضبوط ۽ ڏيک ويک ۾ تمام سھڻا ٿيندا آھن. ھنن جون عورتون به حسن واريون، وندرائيندڙ ۽ جماع ۾ لذت واريون ٿينديون آھن، جيئن مرھٽن ۽ جزيره ذيبته المھل(مالديپ) جون عورتون.
پوءِ اسان اتان علاپور جي شھر ڏانهن روانا ٿياسين. ھيءُ ھڪ ننڍو شھر آھي ۽ گھڻو ڪري ھن ۾ ھندو رھندا آھن، جيڪي بادشاھه جي رعيت آھن. ھن شھر کان ھڪ ڏينهن جي پنڌ تي ھڪ ھندو راجا جو علائقو آھي، جنهن جو نالو قشم آھي، جنهن (ڪياليھ) گواليار جي شھر کي گھيرو ڪيو ھو ۽ ان بعد قتل ڪيو ويو ھو.

[b]ڳالھه[/b]
ان (قشم) ھندو راجا رامريءَ جي شھر تي به حملو ڪيو ھو. ھي شھھ (نهرالجون) جمنا نديءَ جي ڪپ تي آھي. ان نديءَ تي تمام گھڻا ڳوٺ ۽ آباديون آھن. اتي جو حاڪم خطاب افغان ھو، جيڪو وڏن بهادرن مان ليکيو ويندو ھو. ان ھندو راجا سندس وانگر ھڪ ٻئي رجو نالو ھندو راجا کان، جنهن جي ملڪ کي سلطان پور چوندا ھئا، مدد ورتي ۽ اچي رامريءَ جي شھر کي گھيرو ڪيائين. ھوڏانهن خطاب وري بادشاھه کان مدد گھري، پر ان مدد پھچڻ ۾ دير لڳي، ڇو ته ھي شھر دارالخلافه کان چاليھه منزلون پري ھو. ھو ڊڄي ويو ته متان ھندو اسان تي غالب نه ٿي وڃن. سو ڇا ڪيائين، جو پنهنجي قبيلي جا ٽي سو پٺاڻ، ٽي سو غلام ۽ چار سو ٻيا ماڻھو گڏ ڪري، سڀني جا پٽڪا، سندن گھوڙن جي ڪنڌن ۾ ٻڌايائين، ھن ملڪ جو دستور آھي ته جڏھن مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار ٿيندا آھن، تڏھن ائين ڪندا آھن.
پوءِ صبح جو سوير خطاب، پنهنجن ماڻھن کي وٺي، دروازو کولائي، اچي ھندن جي لشڪر تي پيو ۽ ھنن جي پندرھن ھزار ماڻھن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. ٻئي راجا مارجي ويا، پوءِ سندن سر لاھي، بادشاھه ڏانهن دھليءَ موڪليا ويا. ڪافرن جي لشڪر مان فقط اھي ماڻھو بچي سگھيا، جيڪي ڀڄي ويا.

[b]علاپور جي حاڪم جي شھادت
[/b]علاپور(2) جو حاڪم، بدر حبشي ھوندو ھو، جيڪو بادشاھه جي غلامن مان ھو ۽ بهادريءَ ۾ بي مثال ھوندو ھو. ھو ھميشه اڪيلي سر وڃي، ھندن جي علائقن تي پوندو ھو ۽ وڃي انهن کي تاخت و تاراج ڪري، سندن ڪيترائي ماڻھو ماري ۽ قيد ڪري ايندو ھو. ايتري قدر ته سندس نالو مشھور ٿي ويو، جو ھندو ھن جي نالي کان پيا ڇرڪندا ھئا. ھو قد جو ڊگھو ۽ ٿلھو متارو ھوندو ھو ۽ ھڪ ھنڌ ويھي سڄي ٻڪري کائي اٿي کڙو ٿيندو ھو. ائين به ٻڌوسين ته ھو حبشين جي رواج موجب ڏيڍ رطل (ٽي پاءُ) گيھه پي ويندو ھو. ھن جو پٽ به اھڙو ئي بهادر ھوندو ھو.
ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو. جو ھن ھندن جي ھڪ ڳوٺ تي وڃي حملو ڪيو. ھن جا غلام به ھن سان گڏ ھئا. اوچتو سندس گھوڙي جو پير ھڪ کڏي ۾ ڦاسي پيو، ته مٿان اچي اھي ڳوٺاڻا پيس. انهن مان ھڪ ھن تي قتارة (ڪٽاري) سان حملو ڪري، کيس ماري وڌو. پوءِ ھن جي غلامن، ڳوٺاڻن سان ڏاڍي لڙائي ڪئي ۽ ھنن کي قتل ڪري، سندن زالن کي قيد ڪري، سندن گھوڙي کي صحيح سلامت، سندس پٽ وٽ وٺي آيا. ان کان پوءِ ھڪ عجيب اتفاق ٿيو، جو ھن جو پٽ به انهيءَ ئي گھوڙي تي سوار ٿي، دھليءَ ڏانهن ٿي ويو، ته رستي ۾ ڪافرن ھن تي حملو ڪيو ۽ ھو ھنن سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو ۽ سندس گھوڙو موٽي وري به پنهنجي ماڻھن وٽ آيو ھو ھن کي وري گھر وٺي آيا، ۽ پوءِ ھن (بدر حبشيءَ) جو ناٺي به انهيءَ ساڳي گھوڙي تي سوار ھو ته ڪافرن جي ھٿان قتل ٿي ويو.
پوءِ اسان گالپور(گواليار) ڏانهن روانا ٿياسين. ھن کي گيالر به ڪري چوندا آھن. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جو قلعو ھڪ ٽڪريءَ جي مٿان نهايت مضبوط ٺھيل آھي، ان جي دروازي تي ھاٿي ۽ ان تي فيلبان جا پٿر جا بت رکيل آھن. سلطان قطب الدين واري بيان ۾ ان جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ھن شھر جو حاڪم احمد بن شير خان فاضل آھي، ھن سفر کان اڳ مان ان وٽ اچي ترسيو ھوس ۽ منهنجي ڏاڍي خاطر ڪئي ھئائين. ھڪ ڏينهن مان ھن وٽ ويس ته ھن ھڪ مجرم ھندو کي ٻه ٽڪر ڪري مارائڻ ٿي چاھيو؛ مون ھن کي خدا جو قسم وجھي چيو ته ائين نه ڪر، ڇو ته مون اڄ تائين پنهنجي سامھون ڪو به ماڻھو قتل ٿيندي ڪو نه ڏٺو آھي.
پوءِ ھن ان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهيءَ سبب (پوءِ) ھن کي ڇڏيو ويو. ان کان پوءِ اسان گواليار مان ڪوچ ڪري برون(2) جي شھر ڏانهن ورانا ٿياسين. ھي ھڪ مسلمانن جو ننڍڙو شھر آھي، جو ھندن جي ملڪن جي وچ ۾ آھي ۽ ھتي جو حاڪم محمد بن بيرم ترڪي الاصل آھي. ھن شھر ۾ وحشي جانور تمام گھڻا ٿيندا آھن. ھتي جي ھڪ رھاڪوءَ مون کي ٻڌايو ته رات جو دروازن بند ٿيڻ کان پوءِ به ھڪ وحشي جانور شھر ۾ گھڙي ايندو ھو ۽ ڪيترن ئي ماڻھن کي ماري ھليو ويندو ھو ۽ ڪنهن کي به پتو پئجي نه سگھيو ھو ته اھو جانور ڪھڙيءَ طرح ان شھر ۾ گھڙي ٿو اچي.
محمد توفيري نالي ھن شھر جي باشندي مون کي ٻڌايو ته اھو جانور منهنجي ھڪ پاڙيسريءَ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ سندس ٻار کي ماري کٽ تان کڻي ھليو ويو. ٻئي ھڪ ماڻھوءَ ڳالھه ڪئي ته ھو ھڪ شاديءَ ۾ گڏ ٿيا ھئا ته انهن مان ھڪ ماڻھو ڪنهن ڪم سان ٻاھر ويو ته شينهن ھن کي ماري وڌو؛ ھن جا ساٿي ھن جي ڳولا ۾ ويا ۽ لاش کي وڃي بازار ۾ ڏٺائون، ته شينهن ھن جو سڄو رت پي ويو ھو ۽ سندس گوشت کي چکيو به ڪو نه ھئائين.
چون ٿا ته ماڻھن سان ھو ھميشه اھا ڪار ڪندو ھو. ڪن ماڻھن پئي چيو ته اصل ۾ اھو ڪو به وحشي جانور ڪو نه آھي پر اھو ھڪ جادوگر انسان آھي، جنهن کي جوکيھ(جوڳي) ڪري چوندا آھن، جيڪو وحشي جانور جي صورت بدلائي ايندو آھي. مون کي يقين نٿي آيو پر مون کي ٻڌايو ويو ته انهن جي ھڪ جماعت آھي، جن جي جادوءَ جون ڪي ڳالھيون ڪجن ٿيون.

[b]جوڳين جي جادوءَ جو بيان
[/b]ھي جوڳي عجيب عجيب ڪم ڪندا آھن. انهن مان ڪي ته مھينن تائين نه ڪجھه کائيندا آھن ۽ نه پيئندا آھن، ۽ ڪي زمين ۾ کڏ کوٽي، ان جو منهن مٿان بند ڪري فقط ھوا لاءِ ھڪ سوراخ ڇڏي، ان ۾ رھندا آھن. ھو انهن جي اندر مھينن جا مھينا رھندا آھن ۽ ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته اھي ھڪ سال به اتي رھي سگھندا آھن. منجرور(مينگور) جي شھر ۾ مون ھڪ مسلمان کي ڏٺو ھو، جيڪو ھنن جوڳين جي شاگردي ڪندو ھو ۽ ھڪ اوچي پيچي ۾ بنا کائڻ پيئڻ جي ويٺو ھوندو ھو. مون ھن کي پنجويھن ڏينهن تائين ته اھڙيءَ حالت ۾ ڏٺو ھو، پوءِ مان اتان ھليو آيو ھوس. خبر نه آھي ته ھو اھڙيءَ حالت ۾ ڪيترو وقت رھيو ھوندو.
ماڻھو چون ٿا ته ھي جوڳي ھڪ قسم جون گوليون تيار ٿا ڪن، جن مان ھڪ گولي روز کائي ٿا ڇڏين، ته ھنن کي کاڌي پيتي جي ڪا به ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ھي ماڻھو غيب جون ڳالھيون به ٻڌائيندا آھن، بادشاھه ھنن جي گھڻي عزت ڪندو آھي ۽ کين پنهنجي صحبت ۾ رکندو آھي. انهن مان ڪي ڀاڄيون کائيندا آھن ۽ ڪي گوشت، پر ھنن مان گھڻا گوشت نه کائيندا آھن. انهيءَ جو به ظاھڙي مطلب اھو ھوندو آھي ته رياضت ڪري، ھو پنهنجي نفس کي انهن ڳالھين جو عادي ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ دنيا جي زيب ۽ زينت سان ھنن جو ڪو به واسطو نه رھندو آھي.
انهن مان ڪي اھڙا به ھوندا آھن، جي رڳو ڪنهن ماڻھوءَ تي نظر وجھن ته يڪدم اھو ماڻھو مري ويندو آھي. عام ماڻھن جي راءِ آھي ته جڏھين ڪو ماڻھو نظر سان مري ٿو وڃي، ته جيڪڏھن ان جي سيني کي چاڪ ڪري ڏٺو وڃي، ته ان جي اندر سندس دل ڪا نه ھوندي آھي، ڇاڪاڻ ته نظر ھڻڻ وارو ماڻھو، ھن جي دل کائي ڇڏيندو آھي. ھي ڪم گھڻو ڪري عورتون ڪنديون آھن. ۽ اھڙي قسم جي عورتن کي ڪفتار ڪري چوندا آھن.

[b]ڳالھه[/b]
جڏھين ھندستان ۾ وڏو ڏڪار پيو ھو تڏھين بادشاھه تلنگانا ۾ ھو ۽ سندس حڪم ٿيو ھو ته دھليءَ جي ھر ھڪ باشندي کي ڏيڍ رتل روزانا جي حساب سان کاڌي لاءِ ڏنو وڃي. وزيرن ماڻھن جي آدمشماري ڪري، اميرن ۽ قاضين کي ماڻھن جي ھڪ جماعت سپرد ڪئي ته انهن ۾ کاڌو ورھائين. منهنجي حوالي پنج سئو ماڻھن جي جماعت ھئي، جن جي لاءِ مون پنهنجي گھر ۾ صفحا ٺھرائي ڇڏيا ھئا جن ۾ ھو رھندا ھئا ۽ پنجن پنجن ڏينهن جو اناج ھنن کي ڀيري ڀيري سان ورھائي ڏيندو ھوس.
ھڪ ڏينهن ھو مون وٽ ھڪ عورت کي وٺي آيا، ۽ مون کي ٻڌايائون ته ھيءَ ڏائڻ آھي ۽ پنهنجي پاڙي واري گھر جي ماڻھوءَ جي ٻار جي دل ڪڍي کاڌي اٿس ۽ ٻار مري ويو آھي. مون کيس حڪم ڏنو ته ھن کي نائب سلطان وٽ وٺي وڃو، جنهن سندس آزمائش جو حڪم ڏنو. اھا آزمائش ھيئن وٺندا آھن، جو چار دلا پاڻيءَ جا ڀري ھن جي چئني ھٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌي کڻي کيس جمنا نديءَ ۾ وجھندا آھن، ته پوءِ جيڪڏھن ھوءَ نه ٻڏي، ته سمجھندا ته ڏائڻ آھي، پر جي ٻڏي ويئي ته ڏائڻ نه آھي. آزمائش کان پوءِ نائب حڪم ڏنو ته ھن کي باھه ۾ ساڙيو وڃي، پوءِ شھر جا مرد ۽ زالون ھن جي سڀ خاڪ ميڙي کڻي ويا، ڇو ته ھنن جو خيال آھي ته جيڪو ماڻھو انهيءَ خاڪ کي لڳائيندو آھي، اھو ھڪ سال تائين ڏائڻ جي نظر کان محفوظ رھي سگھندو.

[b]ڳالھه[/b]
مان داراخلافه ۾ ھوس ته ھڪ ڏينهن بادشاھه مون کي گھرايو. مان وڃي حاضر ٿيس ته بادشاھه خلوت ۾ ويٺو ھو. خاص خاص امير اتي موجود ھئا، ۽ اھي ٻه جوڳي به ويٺا ھئا جيڪي رليءَ ۾ پاڻ کي ڍڪي ويھندا آھن. ھو پنهنجن مٿن کي ڍڪي ڇڏيندا آھن، ڇو ته ھو مٿي جا وار خاڪ لڳائي پٽي ڇڏيندا آھن. بادشاھه مون کي ويھڻ جي اجازت ڏني. مان ويھي رھيس ته بادشاھه ھنن کي چيو ته ھي شخص(مان) تمام ڏورانهين ملڪ کان آيو آھي، تنهن ڪري ھن کي ڪا اھڙي نئين شيءَ ڏيکاريو، جيڪا ھن اڳ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺي ھجي. ھنن چيو ته چڱو. پوءِ ھنن مان ھڪ جوڳي پلٿي ماري ويھي رھيو ۽ آھستي آھستي ويو زمين کان مٿي ھوا ۾ بلند ٿيندو، تان جو ھو اسان جي مٿان ھوا ۾ بيھي ويو، مون کي ڏاڍو عجب لڳو، مٿو ڦرڻ لڳم ۽ زمين تي ڪري پيس، جنهن تي بادشاھه مون کي دوا پياري ته ڪجھه فرحت ٿيم، ۽ ويھي رھيس، پر ھو شخص ائين ئي ھوا تي ويٺو رھيو، پوءِ ٻئي جوڳيءَ پنهنجون چاکڙيون کڻي ھٿن ۾ کنيون ۽ غصي ۾ اچي گھڻيئي دفعا انهن کي زمين تي سٽ سٽ ڪري ھنيائين. پوءِ اھي چاکڙيون به ھوا تي مٿي چڙھي وييون ۽ جيڪو جوڳي مٿي ھوا تي ويٺو ھو، تنهن جي ڪنن تي اھي وسڻ لڳيون جنهن تي ھو ٿورو ٿورو ھيٺ ٿيندو ويو ۽ اچي اسان جي ڀرسان ويٺو.
بادشاھه مون کي ٻڌايو ته چاکڙيون موڪلڻ وارو استاد ھو ۽ ھوا ۾ اڏامڻ وارو سندس شاگرد، ۽ ائين به چئي ڏنائين ته جيڪڏھن تنهنجي عقل چرخ ٿي وڃڻ جو انديشو نه ھجي ھا، ته جيڪر اسان تو کي ان کان وڌيڪ تماشو ڏيکاريون ھا، تنهن ھوندي به مون کي سوداءُ ٿي پيو ۽ بيمار ٿي پيس، بادشاھه مون ڏانهن ھڪ شربت موڪليو، جنهن جي پيئڻ سان ڪجھه ٺيڪ ٿيس. شھر برون کان پوءِ اسان امواري(1) وياسين جتان ھلي اچي ڪچراد (ڪجراويته)* جي شھر ۾ پھتاسين. ھت ھڪ وڏو حوض آھي، جنهن جي ڊيگھه ھڪ ميل آھي ۽ ان جي ڪناري تي ھڪ مندر آھي، جنهن ۾ بت رکيل آھن ۽ مسلمانن انهن بتن جو اکيون، نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيا آھن، ھن حوض جي وچ ۾ ڳاڙھي پٿر جا ٽي قبا ٺھيل آھن، ان جي چئن ڪنڊن تي چار ٻيا قبا بيٺل آھن، جن ۾ جوڳي رھندا آھن، انهن جي وارن ۾ ڌوڙ پيل آھي ۽ پيرن تائين ڊگھا وار رکيل اٿن، رياضت جي ڪري ھنن جو رنگ زردو ٿي ويو آھي. ڪيترا مسلمان به انهن جي پٺيان ڦرندا وتندا آھن ته من انهن کان ھي فن سکي سگھن.
ماڻھون ڳالھه ٿا ڪن ته ڪوڙھھ جي بيماڙيءَ وارا ماڻھو ھنن جوڳين وٽ اچي ترسندا آھن، ته خدا جي حڪم سان چڱا ڀلا ٿي ويندا آھن، پھريون دفعو مون جوڳي ماوراءَ النهر جي بادشاھه طرمشرين جي ڪئمپ ۾ ڏٺا ھئا، جيڪي تعداد ۾ پنجاھه ھئا ۽ انهن جي لاءِ زمين جي ھيٺان ھڪ غار کوٽايو ويو ھو. ھو رات ڏينهن ان ۾ رھندا ھئا ۽ رڳو ضروري حاجت لاءِ ٻاھر نڪرندا ھئا. ھنن وٽ سڱ جي شڪل جھڙي ھڪ شيءَ ھوندي ھئي، جيڪا ھو صبح ۽ شام وڄائيندا رھندا ھئا.
ھنن جا عجيب عجيب طريقا ھوندا ھئا، انهن مان ھڪڙي معبر جي بادشاھه، سلطان غياث الدين دمغانيءَ جي لاءِ جماع ۽ قوت باھه واسطي ھڪڙا حب ٺاھيا ھئا، جنهن ۾ فولاد جو جزو به ھو. جڏھن انهن جو اثر سٺو ظاھر ٿيو، تڏھن معبر جو بادشاھه ان مان وزن کان ڪجھه وڌيڪ کائي ويو ۽ مري ويو، ان کان پوءِ ھن جو بادشاھه ناصرالدين ٿيو، جو انهيءَ جوڳيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ان کان پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪيو ۽ اچي جنديري (چنديري)* ۾ پھتاسين. ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ سندس بازارين ۾ ڏاڍي رونق لڳي پئي ھئي.
ھنن ملڪن جو امير الامراءَ، عزالدين بنتاني (ملتاني)، جيڪو اعظم ملڪ جي لقب سان مشھور آھي، پڻ ھن شھر ۾ آھي، ھو ڏاڍو نيڪ ۽ فاضل شخص آھي ۽ عالمن سان صحبت رکندڙ آھي، فقيه عزالدين زبيري، وجيھ الدين بيانوي جيڪو بيانا جو آھي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آھيان، فقيه قاضي جيڪو قاضي خاصھ ڪري سڏبو آھي، ۽ امام شمس الدين ھن جي مجلس جا خاص رڪن آھن، ھن جو نائب خزانه قمرالدين نالي آھي ۽ سندس نائب فوج سعادت تلنگي آھي،جيڪو ھڪ وڏو مشھور بهادر آھي، اھو ئي لشڪر جي ڪمن ڪارين جي خبر لھندو آھي، ملڪ اعظم رڳو جمعي جي ڏينهن ٻاھر نڪرندو آھي يا ڪنهن ڏينهن اتفاقن ظاھر ٿيندو آھي.
پوءِ اسان چنديريءَ مان ھلي اچي ظھار (ڌار) جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر مالوه جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن ملڪ ۾ زراعت جام ٿيندي آھي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گھڻي ٿيندي آھي، ھتان دھليءَ، جيڪا چوويھه منزلون پري آھي، تائين پان موڪليا ويندا آھن، سڄي رستي تي پٿر جا ٿنڀ بيٺل آھن، جن تي مفاصلو به لکيل آھي، جيئن ڪو مسافر اھو معلوم ڪري سگھي ته ھو اڄ ڪيترو پنڌ ڪري آيو آھي يا منزل تائين ڪيترو پنڌ باقي آھي يا جنهن شھر ڏانهن وڃي رھيو آھي سو ڪيترو پري آھي.
ھي شھر شيخ ابراھيم (زيتالمه جي رھاڪو) سالديپي جي جاگير ۾ آھي. ھي شيخ ابراھيم پھريائين شھر جي ٻاھران اچي ويٺو ھو ۽ اتي گدراپور جي غيرآباد زمين کي آباد ڪيو ھئائين. ھن جا گدرا تمام مٺا ھوندا ھئا، پر ھن جي آسپاس ٻيا ماڻھو جيڪي گدرا پوکيندا ھئا سي اھڙا مٺا ڪيئن ٿيندا ھئا، ۽ ھو فقيرن ۽ غريبن کي کاڌو به کارائيندو ھو. جڏھن بادشاھه معبر ڏانهن ٿي ويو ته ھن ھڪ گدرو اچي بادشاھه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ھو، جيڪو بادشاھه کائي ڏاڍو خوش ٿيو ھو. ھي شھر ظھار(1) ھن کي ان ڪري جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو ھئائين. کيس حڪم ڏنو ھئائين ته ھڪ دڙو، جيڪو شھر کان ڪجھه مٿيرو ھو، تنهن تي ھڪ خانقاه ٺھرائي. پوءِ ھن اتي ھڪ نهايت سٺو خانقاه ٺھرايو، جنهن ۾ ھو غريبن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائيندو ھو ۽ ڪن سالن تائين ائين ڪندو رھيو.
ھڪ دفعي ھن بادشاھه وٽ اچي، تيرھن لک دينار کيس نذرانو ڏنو، ۽ چيائين ته غريبن کي کاڌي کارائڻ کان پوءِ به ھيءُ مال بچيو آھي، جيڪو شاھي خزاني جي ملڪيت آھي، بادشاھه کانئس اھو مال ته ورتو، پر سندس انهيءَ ڪم کي ته ھن سڀ ڪجھه غريبن کي ڇو نه کارايو، پسند نه ڪيائين. ھن شھر ۾ وزير جي ڀاڻيجي (حسن شاھه) پنهنجي مامي ”خواجه جھان“ کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، ته جيئن سندس سڄو خزانو ھٿ ڪري، باغي معبر ڏانهن ڀڄي وڃي، پر ھن جي مامي کي بر وقت خبر پئجي ويئي، جنهن يڪدم ھن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ھن ۽ ھن جي رازدار اميرن کي بادشاھه ڏانهن موڪلي ڏنو، بادشاھه انهن اميرن کي ته مارائي ڇڏيو، باقي وزير جي ڀاڻيجي کي وزير ڏانهن واپس موڪلي ڏنائين، جنهن ھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

[b]ڳالھه[/b]
جڏھن وزير جي ڀاڻيجي کي واپس وزير وٽ آندو ويو، ته ھن کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھن وٽ (وزيرجي ڀاڻيجي وٽ) ھڪ ٻانهي ھوندي آھي، جنهن تي ھو عاشق ھوندو ھو، ۽ درخواست ڪيائين ته انهيءَ کي سندس سامھون گھرايو وڃي. پوءِ ان ٻانهيءَ جي ھٿان ھڪ پان وٺي کاڌائين، ۽ پاڻ ھڪ پان ٺاھي ھن کي ڏنائين، ۽ کيس گلي سان لڳائي، کانئس موڪلاڻي ڪيائين، ان کان پوءِ ھن کي ھاٿيءَ جي اڳيان اڇلايو ويو، ۽ سندس کل لھرائي، ان ۾ بهه ڀريو ويو. جڏھن رات پئي، تڏھن اھا ٻانهي ٻاھر ۽ سندس قتل ٿيڻ واريءَ جڳھه جي ڀرسان، ھڪ کوھه ۾ ٽپو ڏيئي مري ويئي، ٻئي ڏينهن ھن کي مرده ڏٺو ويو، ۽ ھن کي اتان ڪڍي، ٻنهي کي ھڪڙيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ان قبر کي گور عاشقان ( عاشقن جي قبر ) ڪري سڏيندا آھن.
ان کان پوءِ اسان ظھار جي شھر مان ڪوچ ڪري اچي اجين(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ سھڻو شھر آھي جنهن ۾ وڏيون وڏيون عمارتون آھن، ۽ ملڪ ناصرالدين بن عين المالڪ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل، عالم ۽ شريف النفس انسان ھوندو ھو، به ھن شھر ۾ رھندو ھو، ھو سنداپور جي ٻيٽ (گوا) جي فتح وقت شھيد ٿي ويو، مون سندس قبر جي زيارت ڪئي ھئي، جنهن جو بيان ڪري آيو آھيان، فقيه ۽ طبيب جماالدين مغربي غرناطي به ھن شھر ۾ رھندو ھو.
پوءِ اسان اجين مان ھلي اچي، دولت آباد ۾ پھتاسين، جو تمام وڏو شھر آھي ۽ دھليءَ جو مقابلو ٿو ڪري، ھن جا ٽي حصا آھن؛ ھڪ حصي کي دولت آباد ٿاچون، جنهن ۾ بادشاھه ۽ ان جو لشڪر موجود آھي، ٻئي حصي کي ڪتڪھ چوندا آھن، ۽ ٽئين حصي کي، جيڪو ھڪ قلعو آھي، ديوگير چوندا آھن. ھي قلعو تمام مضبوط آھي، ايتري قدر جو سندس جھڙو ٻيو مضبوط قلعو سڄي ملڪ ۾ ڪونه آھي. بادشاھه جو استاد خان اعظم قتلو خان به ھن ئي قلعي ۾ رھندو آھي. ساگر ۽ تلنگانا به ھن جي ماتحت آھن ۽ سندس علائقو ٽن مھينن جي پنڌ تائين پکڙيل آھي. ھن جي طرفان ھر جڳھه نائب ۽ حاڪم رھندا آھن. ديوگير جو قلعو، زمين جي سطح کان مٿي ھڪ ٽڪر تي ٺھيل آھي، جنهن جي کوٽائي ڪرائي، ان جي چوٽيءَ تي ھي قلعو ٺھرايو ويو آھي.
ھن قلعي تي چمڙي جي ڏاڪڻين جي ذريعي چڙھي ويندا آھن ۽ رات جو اھي ڏاڪڻيون مٿي ڇڪي وٺندا آھن. ھن قلعي جا محافظ پنهنجي اھل اولاد سميت ان ۾ رھندا آھن. ھن قلعي ۾ ھڪڙا غفار ٺھيل آھن، جن ۾ وڏن وڏن ڏوھارين کي قيد ڪندا آھن. ھنن غارن ۾ وري ايڏا ته وڏا ڪئا رھندا آھن، جن کان ٻلي به ڊڄندي آھي ۽ اٽڪل ۽ چلاڪيءَ کانسواءِ انهن کي ڦاسائي نه سگھندي آھي.
”ملڪ خطاب“ افغان مون کي ٻڌايو ته ھڪ دفعي ھن قلعي جي ھڪ غار ۾ ھو قيد ڪيو ويو ھو، جنهن کي ڪئن جو غار ڪري چوندا آھن؛ ”پوءِ رات جو اھي ڪئا گڏجي، اچي مون تي حملو ڪندا ھئا ۽ مان سڄي رات انهن سان لڙائي ڪندي گذاريندو ھوس. ھڪ رات مان سمھيو پيو ھوس ته ڪنهن خواب ۾ مون کي چيو ته سورت اخلاص ھڪ لک دفعا پڙھھ ته الله تعاليٰ توکي ھتان ڇڏائيندو. پوءِ مون ايترا ڀيرا سورت اخلاص پڙھي، ته منهنجي آزاديءَ جو حڪم اچي پھتو. منهنجي آزاديءَ جو سبب ھي ھو، جو منهنجي ڀر واري غار ۾ ملڪ مل قيد ھو، ته سندس آڱريون ۽ اکيون اھي ڪئا کائي ويا ھئا، جنهن ڪري ھو مري ويو ھو، بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پھتي، تڏھن چيائين خطاب کي ته وڃي ڪڍو متان ھن کي به ڪئا کائي وڃن!“
ھن ئي قلعي ۾ ناصرالدين بن ملڪ مل ۽ قاضي جلال الدين جڏھن بادشاھه کين شڪست ڏني ھئي، اچي پناھه ورتي ھئي. دولت آباد جا اصل باشندا مرھٽا آھن، جن جون عورتون تمام سھڻيون ٿينديون آھن ۽ سندن نڪ ۽ ڀرون خاص طرح سان بي مثال ٿيندا آھن. اھي محبت ڪندڙ ۽ جماع ۾ لذت ڏيندڙ به مشھور آھن. ھن شھر ۾ گھڻو ڪري ھندو واپار ڪندا آھن ۽ جواھرات جي سوداگري به ڪندا آھن، تنهن ڪري ڏاڍا مالدار آھن. انهن کي شاھه(شاھوڪار) ڪري چوندا آھن، جيئن مصر ۾ واپارين کي ”مڪارم“ چوندا آھن. دولت آباد ۾ انب ۽ انار جام ٿيندا آھن ۽ سال ۾ ٻه دفعا ڦر جھليندا آھن. ھن ملڪ جي آمدني به سندس آباديءَ ۽ ڪشادگيءَ سبب ٻين علائقن کان وڌيڪ آھي. ھڪ ھندوءَ مون کي ٻڌايو ته ھن سڄي علائقي جو ٺيڪو ھڪ ھندو واپاريءَ تيرھن ڪروڙ دينارن ۾ کنيو ھو، پر ھو اھو پورو ڪري نه سگھيو ۽ ان ڏانهن بقايائون رھجي ويون، تنهن ڪري ھن جو سڄو مال ضبط ڪيو ويو ۽ سندس کل لھرائي ويئي.

[b]گاني بجاني جي بازار
[/b]دولت آباد ۾ ڳائڻ ۽ وڄائڻ وارن جي ھڪ بازار آھي، جنهن کي طرف آباد ڪري سڏيندا آھن. ھيءَ بازار تمام ڪشادي ۽ خوبصورت آھي، جنهن ۾ ڪيترائي دڪان آھن. ھر ھڪ دڪان جو ھڪ دروازو سندس مالڪ جي گھر ڏانهن کلندو آھي، ۽ ٻئي طرف، انهيءَ دروازي کان سواءِ، انهيءَ گھر کي ٻيو به دروازو ٿيندو آھي. دڪانن ۾ ڏاڍا عمدا فرش ھوندا آھن، ۽ ٺيڪ وچ تي ھڪ ھندوري جھڙي پينگهه ٽنگيل ھوندي آھي، جنهن ۾ گاني واري عورت ويٺل يا ليٽيل ھوندي آھي ۽ سندس ٻانهيون انهيءَ پينگهه کي پيون لوڏينديون آھن ۽ اھي پينگھون به تمام سينگاريل ھونديون آھن.
بازار جي وچ ۾ ھڪ وڏو گنبذ ٺھيل آھي، جيڪو فرش فروش سان تمام گھڻو سينگاريل رھندو آھي ۽ ان ۾ ھنن ڳائيندڙن جو چوڌري ھر خميس جي ڏينهن عصر جي نماز کان پوءِ اچي وھندو آھي. ھن جا غلام ۽ خادم به اتي حاضر ھوندا آھن. پوءِ ھر ھڪ گاني واري ھن جي سامھون اچي، واري واري سان ڳائيندي وڄائيندي آھي. اھا محفل مغرب تائين ھلندي آھي، جنهن کان پوءِ ھو اٿي، پنهنجي گھر ھليو ويندو آھي. ھن بازار ۾ مسجدون به آھن ۽ اتي رمضان شريف ۾ تراويح جي جماعت به ٿيندي آھي، گھڻو ڪري ھندو راجا، جيڪي ھيءَ بازار گھمڻ ايندا آھن، سي ان گنبذ ۾ اچي ترسندا آھن ۽ گاني واريون اچي، انهن جي سامھون ڳائينديون آھن. ڪي مسلمان بادشاھه به ائين ڪندا آھن.
پوءِ اسان دولت آباد جي شھرن مان ڪوچ ڪري اچي نذر بار(1) پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن ۾ گھڻو ڪري مرھٽا رھندا آھن. ھو دستڪاريءَ ۾ مشھور آھن ۽ انهن مان ڪي سٺا طبيب ۽ منجم به آھن. شريف خاندان جا مرھٽا، برھمڻ ۽ کتري آھن. ھنن جي غذا سايون ڀاڄيون ۽ سرنهن جو تيل آھي، ۽ ھو گوشت کي ته اصل ويجھو به ڪين وڃن. ھو ڪنهن به جانور کي ايذاءُ نه پھچائيندا آھن ۽ نه وري انهن کي ذبح ڪندا آھن. جيئن جنابت کان پوءِ غسل ضروري ٿيندو آھي، تيئن ھو کاڌي کائڻ کان اڳ ۾ غسل ضروري ڪندا آھن ۽ پنهنجي ويجھن عزيزن مان اصل مائٽي نه ڪندا آھن، بلڪ شادين ۾ ستن پيڙھين جي مائٽيءَ جو ضرور فرق ڪندا آھن. ھو شراب به ڪو نه پين ۽ شراب پيئڻ کي عيب ڪري سمجھندا آھن.
ھندستان ۾ مسلمان به شراب پيئڻ کي سخت عيب سمجھندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪو مسلمان شراب پيئندو آھي ته ھن کي اسي درا لڳائي، ٽن مھينن تائين تهھ خاني ۾ قيد ڪندا آھن ۽ کاڌي جي وقت کان سواءِ ھن کي ڪڏھن به ڪو نه کوليندا آھن.
ان کانپوءِ اسان اتان ھلي اچي ساغر(ساگر)* ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ان نالي واري درياءَ ساگر تي ٻڌل آھي. ھن درياءَ جي ڪناري تي نار چڙھيل آھي، جن تي انب، ڪيلي ۽ ڪمند جا ڪيترائي باغ آھن. ھن شھر جا رھاڪو ڏاڍا ديندار ۽ نيڪ آھن. ھنن باغن ۾ خانقاھه ۽ اوطاقون ٺھرائي ڇڏيون آھن، جن ۾ مسافر اچي رھندا آھن. جيڪو به شخص خانقاھ ٺھرائيندو آھي ته ان سان گڏ باغ ضرور پوکائيندو آھي ۽ پنهنجي اولاد کي ان جو متولي ڪري ويندو آھي، پر جيڪڏھن اولاد نه ھجيس ته ان جو متولي قاضي ٿيندو آھي.
ھن شھر ۾ عمارتون تمام گھڻيون آھن، ۽ ڪيترائي ماڻھو ھتان جي ماڻھن سان ملڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ايندا آھن، ڇو ته ھت ڪنهن به قسم جو خرچ يا محصول ڪو نه ورتو ويندو آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھت تمام گھڻا مسافر ايندا آھن. پوءِ اسان ساگر مان ھلي، اچي کنڀات ۾ پھتاسين، ھي شھر سمنڊ جي ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي، جيڪا ھڪ واديءَ جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي ۽ ان ۾ جھاز اندر اچي سگھندا آھن. ھن ۾ مدو جزر(چنڊ جي ڪشش جي ڪري، پاڻيءَ جو لھڻ ۽ چڙھڻ، جنهن کي ھنديءَ ۾ جوار ڀاٽا چوندا آھن) به ٿيندو رھندو آھي.
پاڻيءَ جي لھڻ وقت، مون ڪيترائي ننڍا جھاز گپ ۾ گپيل ڏٺا،۽ جڏھن سمنڊ جو پاڻي چڙھيو، تڏھن اھي وري تري رھيا ھا. ھيءُ شھر، ٻين سڀني شھرن کان مضبوط ۽ خوبصورت ٻڌل آھي، ھن ۾ تمام سٺيون عمارتون ۽ مسجدون آھن، ۽ گھڻو ڪري، ھتان جا رھاڪو پرڏيھي سوداگر آھن، جيڪي گھڻو ڪري عاليشان گھر ۽ وڏيون وڏيون مسجدون ٺھرائڻ ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
سڀني کان وڏو عاليشان گھر انهيءَ شري سامريءَ جو آھي، جنهن مون کي حلوي جي نالي ٻڌائن وقت بادشاھه جي اڳيان شرمندو ڪرڻ ٿي گھريو. ان گھر ۾ جيڪو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي، تنهن کان وڌيڪ مضبوط ۽ ٿلھو ڪاٺ مون ٻئي ڪنهن به گھر ۾ استعمال ٿيل ڪو نه ڏٺو. ھن گھر جو دروازو به ايترو وڏو آھي، جيترا شھر جا ٻيا دروازا آھن ۽ ان جي ڀرسان ھڪ وڏي مسجد آھي، جنهن کي سامريءَ جي مسجد ڪري چوندا آھن. ملڪ التجار گارزونيءَ جو گھر به تمام عاليشان آھي ۽ ان جي ڀرسان به مسجد ٺھيل آھي. ازانسواءِ شمس الدين ڪلاھ دوز، يعني ٽوپيون ٺاھيندڙ، جوگھر به تمام وڏو آھي.
جڏھن قاضي جلال جي بغاوت ٿي ھئي، تڏھن شمس الدين، ناخدا الياس، جيڪو پھريائين ھن ملڪ جو ھندو ھو ۽ ملڪ الحڪماءُ ھن شھر ۾ اچي پناھه ورتي ھئي، ۽ شھرجي چوڌاري خندق کوٽائڻ شروع ڪئي ھئائون، ھت شھر پنها ڪار ھئي .جڏھن ناڪامياب ٿيا ۽ بادشاھه جو لشڪر اچي شھر ۾ داخل ٿيو، تڏھن ٽيئي ڄڻا وڃي ھڪ گھر ۾ لڪا ۽ گرفتار يءَ جي ڊپ کان ارادو ڪيائون ته ھڪٻئ کي ڪٽار سان پورو ڪري ڇڏين ۽ اھڙيءَ طرح سان انهن مان ٻه ڄڻا ته مري ويا، پر ملڪ الحڪماءَ ڪو نه مئو .
ھن ئي شھر ۾ نجم الدين جيلاني ھڪ وڏو واپاري ھوندو ھو،جيڪو شڪل ۾ سوچارو ۽ وڏو مالدار ھو. ھن به ھڪ وڏو گھر ۽ مسجد ٺھرائي ھئي. بادشاھه ھن کي پان وٽ گھرائي،کيس کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري، طبل ۽ علم به بخشيو ھو، ۽ اھو ئي سبب ھو، جو ملڪ الحڪماءُ باغي ٿيو ھو ۽ آخر پنهنجي جان ۽ مال تان ھٿ ڌوئڻاپيس . جڏھن اسان کنڀات ۾ پھتاسين، تڏھن اتي جو حاڪم مقبل تلگي ھو. بادشاھه ھن جو ڏاڍو قدر ڪندو ھو . شيخ زادو اصفحاني ھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ ھن جي ملڪ جا معاملا شيخ جي سپرد ھوندا ھئا. ھي شيخ امور سلطنت مان تمام گھڻو واقف ھوندو ھو، تنهنڪري ھو ڏاڍو مالدار ٿي ويو ھو ۽ پنهنجي دولت آھستي آھستي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪليندو رھندو ھو . آخر ھو ڀڄي وڃڻ لاءِ ڪا ترڪيب سوچڻ لڳو، ته بادشاھه کي خبر پئجي ويئي . ڪنهن وڃي بادشاھ کي وڃي ٻڌايو ته ھو ڀڄي وڃڻ ٿو چاھي، تنهن ڪري بادشاھ مقبل کي لکيو ته ھن کي ٽپال(1) جي ذريعي دار ا خلافھ ڏانهن موڪلي ڏيو . مقبل ھن موڪلي ڏنو . جڏھن ھي بادشاھ جي روبرو وڃي حاضر ٿيو، تڏھن ھن تي پھرو مقرر ڪيو ويو ھن ملڪ جو دستور آھي ته جڏھن ڪنهن تي پھرو مقرر ڪيو ويندو آھي ته ان جو بچڻ محال آھي، ھن پھريدار سان سازش ڪري ھن کي تمام گھڻو سامان ڏيڻو ڪيو . پو۽ ٻيئي ڄڻا ڀڄي نڪتا . ھڪ معتبر ماڻھوءَ مون کي ٻڌايو ته مون ھن کي شھر قلھت (قلات) جي مسجد ۾ ڏٺو ھو، ۽ پو۽ ھو اتان پنهنجي وطن ھليو ويو ۽ وڃي پنهنجو سمورو مال ھٿ ڪيائين ۽ جان به بچايائين.

[b]ڳالھه[/b]
جڏھن ملڪ مقبل اسان جي دعوت پنهنجي گھر ۾ ڪئي، تڏھن اتي ھڪ مزي جي ڳالھه ٿي، ڇا ٿيو جو شھر جو قاضي، جيڪو ھڪ اک کان ڪاڻو ھو، تنهن جي سامھون شريف بغدادي ويٺو ھو، ھو شڪل ۾ ھوبهو قاضيءَ جھڙو پئي لڳو، پر کاٻيءَ اک کان ڪاڻو ھو. شريف، قاضيءَ ڏانهن ڏسي، پئي ھن تي کليو، قاضي تنهن تي ھن کي ڇڙپ ڏيڻ لڳو. شريف به ترڪي به ترڪي جواب ڏنس ته ”ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي؟ مان توکان وڌيڪ خوبصورت آھيان“ قاضيءَ پڇيس ته سو وري ڪيئن؟ تنهن تي جواب ڏنائينس ته منهنجي کاٻي اک ڪاڻي، پر تنهنجي ساڄي اک ڪاڻي آھي. ھي ٻڌي امير ۽ سڀ حاضرين اچي کل ۾ پيا ۽ قاضي ڏاڍو شرمندو ٿيو، پر ھن کي ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو، ڇو ته ھندستان ۾ شريفن (سيدن) جي تمام گھڻي تعظيم ۽ عزت ڪندا آھن.
ھن شھر ۾ ھڪ بزرگ الحاج ناصر باربڪر جو رھاڪو جامع مسجد جي ھڪ قبي (حجري) ۾ رھندو آھي.اسان ھن جي زيارت لاءِ ھن وٽ ويا ھئاسين، ۽ ماني به ھن سان گڏجي کاڌي ھئيسين. جڏھن قاضي جلال کنڀات ۾ داخل ٿي، اچي بغاوت ڪئي ھئي، تڏھن ھن بزرگ وٽ اچي حاضر ٿيو ھو، بادشاھه کي ڪنهن وڃي ٻڌايو ته ھن بزرگ، قاضي جلال لاءِ دعا گھري آھي، تنهنڪري ھي ويچارو بزرگ، بادشاھه جو ٻڌي، ڀڄي ويو ھو ته ڪٿي ھن جو حال به شيخ حيدريءَ جھڙو نه ٿئي!
ھن شھر ۾ ٻيو به بزرگ خواجه اسحاق نالي ھڪ تاجر آھي، جنهن جي خانقاه ۾ ھر مسافر کي کاڌو ملندو آھي ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي روڪ پئسا به ڏنا ويندا آھن ۽ چون ٿا ته ھن جي ايتري خرچ ھوندي به ھن جي مال ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو ٿو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري ڪاويءَ(1) ۾ پھتاسين، جيڪو سمنڊ جي ھڪ کاريءَ جي ڪناري تي آھي ۽ ھت به پاڻيءَ جو لاھھ ۽ چاڙه ٿيندو آھي ۽ راءِ جالينسي، ھندو راجا جي علائقي ۾ آھي، جنهن جو بيان اڳتي ڪنداسين. پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪري اچي، ” قندار“ جي شھر ۾ پھتاسين، جو ھندن جو ھڪ تمام وڏو شھر آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي.

[b]اتي جي راجا جو بيان
[/b]قندار جي ھندو راجا جو نالو جالينسي آھي. ھي اسلامي حڪومت جي ماتحت آھي ۽ ھر سال ھندستان جي بادشاھه جي ڍل ڀريندو آھي. اسان جڏھن قندار ۾ پھتاسين تڏھن ھي اسان جي استقبال لاءِ ٻاھر آيو ۽ اسان جي ڏاڍي عزت ڪيائين. ھن پنهنجو محل اسان لاءِ خالي ڪري ڇڏيو ھو، جنهن ۾ اسان وڃي لٿاسين پوءِ وڏا وڏا مسلمانن امير ھن جي طرفان اسان جي استقبال لاءِ آيا، جن ۾ خواجه بهراه جا ٻه پٽ ۽ ناخدا ابراھيم به ھو ؛ ھن شخص جا ڇھه جھاز خاص سندس ملڪيت آھن، پوءِ اسان ھن شھر مان سمنڊ ۾ سفر شروع ڪيو.

________________________________________
(1) ھنول، وزيرپور، بجالصه ۽ موري - ھنن شھرن جو پتو نٿو پئجي سگھي ته ڪٿي ھئا. ھي شھر تمام قديمي آھن، جن جو نالو ۽ نشان به نه رھيو آھي. رڳو بجالصه جي نالي سان، دھليءَ جو ھڪ دروازو ڪري سڏيو ويندو ھو، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته اھو ھڪ وڏو شھر ھوندو. ٻيا به ان وقت چڱا شھر ھوندا، پر ھن وقت اھي موجود ڪو نه آھن يا ڪي نامعلوم ڳوٺڙا وڃي رھيا ھوندا، جن جا نالا به ڦيرائي ڇڏيا ھوندائون. (مترجم)
(2) علاپور؛ ھي شھر گواليار جي ويجھو ئي ڪٿي آباد ھو- مترجم
(2) برون – ھن نالي سان ھن وقت ڪو به شھر ھندستان ۾ مشھور ڪونهي، پر گواليار جي قريب ڪنهن رستي تي ضرور ڪو ڳوٺ ھوندو، جنهن جو نالو به مٽجي ويو ھوندو.مترجم
(1) مري:- ھن نالي سان ھن وقت ھندستان ۾ ڪو به اھڙو مشھور شھر ڪونهي، پر ابن بطوطه جي زماني ۾ ضرور ڪو شھر ھوندو جيڪو ھينئر ميٽجي ويو ھوندو يا ڪو ننڊڙو ٻوٺڙو رھيو ھوندو. مترجم
* ڪجراويته يا ڪچراد:- ھي ھندستان ۾ ھڪ شھر آھي، جيڪو ڇتر پور کان ٢٧ ميل پري اڀرندي طرف آھي، ۽ شھر پنا کان ٢٥ ميل پري ڏکڻ اولهه ۾ آھي. مترجم
* چنديري:- ھي شھر ھينئر ننڍڙو ڳوٺرو وڃي رھيو آھي، جو دھليءَ کان ٢٨٠ ميل پري آھي. ان جي ڀرسان ٽڪريءَ تي اڃا ھڪ شڪسته قلعو بيٺو آھي، جو تنهن زماني ۾ ھڪ مضبوط قلعو ھوندو ھو.
(1) شھر ظھار يا ڌار – ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر جو بيان آيل آھي ته ھي شھر راجا ڀوڄ جي راڄ ڌاني ھوندو ھو، ھن وقت ڌار ھڪ ننڍڙي رياست آھي ۽ چڱي آمدشماري اٿس، مسلمانن جي وقت ۾ ھيءُ ھڪ وڏو شھر ھوندو ھو، ۽ اڃا تائين به ھن ۾ ھڪڙي ڳاڙھي پٿر جون مسجدون مرمت جي قابل موجود آھن.
(1) اجين- ھي ھندستان ۾ ھڪ قديمي شھر آھي، جيڪو سپيئرا نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھيءَ مالوه جو قديم داراخلافه ھوندو ھو، پر ھاڻي گراليار جي رياست ۾ آھي، پراڻي شھر جا کنڊ رات اڃا تائين به نئين اجين جي ڀرسان اٽڪل ھڪ ميل جي ايراضيءَ ۾ موجود آھن، جنهن مان ثابت آھي ته ھي تمام وڏو شھر ھوندو ھو. سنه ١٤٥٨ع ۾ اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي لڙائي به ھن شھر جي ويجھو لڳي ھئي. سنه ١٧٩٢ع ۾ ”ھولڪر“ ھن شھر کي ساڙيو ھو ۽ سنه ١٨١٠ع تائين ھيءُ شھر سنڌ يا جو پايھ تخت ڪيو ويو، پر پوءِ “گواليار“ دارالحڪومت رھيو. مترجم
(1) نذر بار – ھن وقت ھن شھر کي نندو بار ڪري سڏيندا آھن، ۽ خانديش جي ڀرسان تاپتي نديءَ جي ڀرسان ڏاکڻي ڪناري تي آھي، تاريخ فرشته موجب جڏھن ملڪ ڪافور ديول ديويءَ جي وٺڻ لاءِ ويو ھو، ته ان وقت ھن سلطان پور ۽ نذر بار ٻه شھر آباد ڪيا ھئا. موجوده وقت ۾ ھيءُ ڪو اھڙو وڏو شھر ڪونهي، پر ڪنهن زماني ۾ ضرور ھي ھڪ وڏو شھر ۽ تجارت گاھه ھوندو ھو، سنه ١٦٦٦ع ۾ ھت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ھڪ ڪوٺي کولي ھئي، جيڪا پوءِ احمد آباد ۾ کڻي ويا. باجي راءِ جي وقت ۾ ئي ھيءُ شھر غيرآباد ٿي ويو، ھن ۾ اڃا تائين به ڪي جھونيون مسجدون ۽ عمارتون موجود آھن. مترجم
* ساگر – ھن نالي وارو ھن وقت ڪو به اھڙو مشھور شھر ھندستان ۾ ڪو نه رھيو آھي. مترجم
(1) شيخ کي “ٽپال “ ۾ موڪلڻ، ھن کان اڳ ھندستان ۾ ٽپال جي عنوان ۾ اين بطوط لکي آيو آھي ته رستي تي اھڙيون چونڪيون ٺھيل ھونديون ھيون، جتي ٽپال پھچائيندڙ ماڻھو، تيار بيٺا ھوندا ھئا . ان ۾ جلد گھربل ماڻھو ءَ کي ٻه کٽ تي کڻي، ڀڄندا ويندا ھئا، وغيرا . مترجم
(1) ڪاوي (گادي) ۽ قندار- ھي ٻيئي بندر ھن وقت ڦٽي ويا آھن. قنڌار، ھي افغانستان وارو قندار ڪونهي، پر ھندستان ۾ ھڪ بندر جو نالو ھو، جيڪو نربداءَ ندي جي منهن وٽ ھوندو ھو. مترجم