سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو

[b]ابن الخليفه جو بادشاھه وٽ اچڻ
[/b]امير غياث الدين محمد بن عبدالقادر بن يوسف بن عبدالعزيز بن خليفه المستنصر باالله عباسي بغدادي، النهر ماوراءِ جي بادشاھه سلطان علاؤ الدين طرمشيرين وٽ آيو. سلطان کيس حضرت قثم بن عباس رضه جي خانقاه جو متولي ڪري رکيو جتي ھو ڪيترائي سال رھيو. ھڪ دفعي ھن ٻڌو ته ھندستان جو بادشاھه بني عباس جو شيدائي آھي. تنهن ڪري ھن پنهنجي طرفان محمد بن ابي شرفي حرياوي کي جيڪو سندس قديمي دوست ھو، ۽ محمد ھمداني صوفيءَ کي قاصد ڪري موڪليو. ھو ٻيئي اچي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ناصرالدين ترمذي، جنهن جو مٿي بيان ڪري آيا آھيون، سو به امير غياث الدين کي سڃاڻندو ھو، ڇاڪاڻ ته بغداد ۾ ھن جي حسب نسب جي ڪافي جاچ ڪئي ھئائين ته اتي جي مشائخن به ھن جي خاندان جي تصديق ڪئي ھئي، تنهن ڪري ھن به بادشاھه سان اھو ئي احوال ڪيو، جو قاصدن ڪيو ھو.
بادشاھه قاصدن کي پنج ھزار دينار عنايت ڪيا ۽ امير غياث الدين ڏانهن ٽي ھزار دينار راھه خرچ لاءِ موڪلي، ھڪ خط ۾ کيس ھندستان اچڻ لاءِ دعوت ڏياري موڪليائين. ھن خط پھچڻ شرط غياث الدين اٿي ھليو، جڏھن سنڌ ۾ پھتو تڏھن اخبار نويسن بادشاھه کي خبر موڪلي ڏني، بادشاھه دستور موجب سندس استقبال لاءِ ماڻھو موڪليا. جڏھن ھو مرسمھ ۾ پھتو ته قاضي ڪمال الدين صدر جھان کي حڪم ڏنائين ته ڪجھه فقيه پاڻ وٺي وڃي ھن جي سواريءَ سان شامل ٿئي پوءِ وري اميرن کي موڪيائين.
جڏھين ھو مسعود آباد پھتو تڏھين بادشاھه پاڻ پنهنجن خاص اميرن سان گڏجي سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيو. جڏھين ملاقات ٿي، تڏھين غياث الدين گھوڙي تان لھي پنڌ ھلڻ لڳو، ته بادشاھه به پنهنجي سواريءَ تان ھيٺ لھي آيو. پوءِ دستور موجب غياث الدين بادشاھه جي سامھون نوڙي کيس فرشي سلامي ڪيو ته بادشاھه پڻ سندس اڳيان اھڙي طرح سان نمي سلامي ڪيو. امير غياث الدين پاڻ سان ڪجھه نذر به آندو ھو، جنهن ۾ ڪي ڪپڙي جا ٿان به ھئا. بادشاھه انهن ٿانن مان ھڪ ٿان پنهنجي ڪلھي تي رکي، اھڙيءَ طرح کيس سلام ڪيو جھڙيءَ طرح کيس ٻيا ماڻھو سلام ڪندا ھئا. پوءِ گھوڙا آندا ويا ھڪ گھوڙي کي وٺي بادشاھه غياث الدين کي قسم ڏيندي چيو ته توھان ھن تي سواري ڪريو، ۽ پاڻ رڪاب جھلي بيھي رھيو.
غياث الدين جي سوار ٿيڻ کان پوءِ بادشاھه به سوار ٿيو ۽ ساڻس گڏ ھلڻ لڳو. ھنن ٻنهي جي مٿان ڇانو لاءِ شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو ھو . پوءِ بادشاھه پنهنجي ھٿ سان امير کي پان پيش ڪيو. ھيءَ سڀ کان وڏي خاطر تواضح ھئي، ڇو ته بادشاھه ڪڏھن به ڪنهن کي پنهنجي ھٿ سان پان نه ڏيندو ھو. بادشاھه ھيئن به چيس ته جيڪڏھين مون خليفي ابو العباس جي بعيت نه ڪئي ھجي ھا ته ھينئر توھان جي بيعت ڪريان ھا. جنهن جي جواب ۾ ھن چيو ته مون خود ابو العباس جي بيعت ڪئي آھي ۽ نهٺائيءَ سان فرمايائين ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي حديث آھي ته جنهن ڪلراٺي زمين کي آباد ڪيو، اھا زمين ان جي ملڪيت آھي، سندس مطلب ھو ته بادشاھه جي احسانن ڄڻ ته اسان کي نئين زندگي بخشي آھي. جنهن تي بادشاھه گھڻي ادب سان ان جو جواب ڏنو.
جڏھين ھو خيمي ۾ پھتا جيڪو بادشاھه جي لاءِ لڳايو ويو ھو، تڏھين بادشاھه غياث الدين کي ان ۾ ٽڪايو ويو ۽ پنهنجي لاءِ وري ٻيو تنبو کوڙايو. اھا رات دارالخلافه کان ٻاھر ترسيا ۽ ٻئي ڏينهن شھر ۾ داخل ٿيا. بادشاھه سيريءَ وارو مھل جيڪو سلطان علاؤ الدين خلجي ۽ سلطان قطب الدين ٺھرايو ھو، سو ھن جي رھائش لاءِ مقرر ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجي امير سان گڏ وڃي ان محل ۾ سڀ سامان موجود ڪيائين. ان سامان ۾ سون ۽ چانديءَ جي برتنن کان سواءِ ھڪ سون مان ٺھيل حمام غسل لاءِ پڻ موجود ڪيو ويو. پوءِ چار لک دينار انهيءَ ئي وقت سندس مٿي ڌوئارڻ لاءِ موڪليائين. ازانسواءِ ٻانهيون ۽ غلام ڇوڪرا به سندس خدمت لاءِ موڪليائين ۽ روزاني خرچ لاءِ ٽي سئو دينار مقرر ڪري ڏنائينس. ان کان علاوه ھر وقت پنهنجي خاص دستر خوان مان کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.
ان کان پوءِ سيريءَ جو سڄو شھر گھرن، باغن، زمينن ۽ گودامن سميت کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. ان کان سواءِ سئو ڳوٺ ٻيا به کيس جاگير ۾ ڏنا ويا ۽ دھليءَ جي اڀرندي پاسي وارن علائقن جي حڪومت به کيس عطا ڪئي ويئي. آخر ۾ ٽيھه خچر زري لڳل زينن سان به کيس ڏنا ويا، جن جو داڻو سرڪاري گودامن مان ايندو ھو. ھن لاءِ بادشاھه جو حڪم ھو ته جڏھين شاھي محل ۾ اچي تڏھن گھوڙي تان اصل نه لھي ۽ جيستائين بادشاھه جي سواري ويندي آھي، ان جاءِ تائين اھڙيءَ طرح ھليو اچي. ٻيءَ صورت ۾ ڪنهن شخص کي سوار ٿي، شاھي محل ۾ داخل ٿيڻ جي اصل اجازت ڪا نه ھوندي ھئي، ماڻھن کي بادشاھه جو حڪم ھو ته جھڙيءَ طرح مون کي نمي فرشي سلام ڪندا آھيو، تهڙيءَ طرح ھن جي پڻ تعظيم ڪندا ڪريو.
جڏھن به ھو بادشاھه جي خدمت ۾ ايندو ھو ته بادشاھه تخت (ڪرسي) تان ھيٺ لھي ايندو ھو ۽ جيڪڏھن تخت جي چوڪي اندر ھوندو ھو ته اٿي بيھندو ھو. پوءِ ٻيئي ھڪ ٻئي کي سلام ڪندا ھئا ۽ بادشاھه کيس پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندو ھو ۽ جڏھين ھو موڪلائيندو ھو تڏھن وري به اٿي بيھندو ھو، پوءِ بادشاھه ھن کي سلام ڪندو ھو ۽ ھو بادشاھه کي. جڏھن ھو مجلس مان اٿي ٻاھر ويندو ھو ته ٻاھر ھڪ مسند، جيڪا خاص ھن لاءِ وڇارائي ڇڏيندوھو، ان تي جيترو وقت کيس وڻندو ھو، وڃي ويھندو ھو. اھڙيءَ طرح ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٿيندو رھندو ھو.

[b]حڪايت[/b]
امير غياث الدين دھليءَ ۾ مقيم ھو ته بنگالي جو وزير آيو. بادشاھه حڪم ڏنو ته وڏا وڏا امير سندس استقبال لاءِ وڃن. پوءِ پاڻ به سندس استقبال لاءِ نڪتو ۽ ھن جي تمام گھڻي عزت ڪيائين. شھر کي به اھڙيءَ طرح سان سينگاريو ويو جيئن بادشاھه جي اچڻ وقت ان کي سينگاريندا آھن. ابن الخليفو، امير غياث الدين، قاضي، فقيه ۽ مشائخ به ھن سان ملڻ لاءِ آيا. جڏھن بادشاھه واپس آيو تڏھن وزير کي چيائين ته تون مخدوم زاده جي گھر وڃ. وزير اتي ويو ۽ وڃي ٻه ھزار اشرفيون ۽ ڪپڙن جا ٿان پيش ڪيائين. ھن سان گڏ امير قبولو ۽ مان به گڏجي ويا ھئاسين.

[b]حڪايت[/b]
ھڪ دفعي بهرام نالي غزنيءَ جو حاڪم بادشاھه وٽ آيو، ابن الخليفي ۽ ھن جي وچ ۾ قديمي دشمني ھوندي ھئي، بادشاھه جو حڪم ٿيو ته شاھه غزنيءَ کي سيريءَ جي ھڪ گھر ۾ رھائش ڏني وڃي ۽ ھي به بادشاھه جي طرفان حڪم ٿيو ته ھن جي لاءِ اتي ھڪ نئون گھر ٺھرايو وڃي. ھيءَ خبر جڏھين ابن الخليفي کي پھتي تڏھن ڏاڍو غصو لڳس. ھو يڪدم بادشاھي محل ۾ وڃي پنهنجي مسند تي ويھي رھيو ۽ وزير کي گھرائي چيائين ته آخوند عالم (بادشاھه) کي وڃي چئو ته جيڪي ڪجھه توھان مون کي عطا ڪيو آھي سو سڀ ڪجھه منهنجي گھر پيوآھي، مون ان مان ڪجھه به خرچ نه ڪيوآھي. پاڻ مون ڪيترو سامان وڌايو آھي ۽ ھاڻي مان ھتي وڌيڪ رھي ڪو نه سگھندس. ائين چئي ھو محل مان ھليو ويو.
وزير سندس دوستن کان سبب معلوم ڪيو، جن ٻڌايس ته بادشاھه غزنيءَ جي شاھه لاءِ سيريءَ ۾ محل تعمير ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي، تنهن ڪري ابن الخليفو ڪاوڙيو آھي. وزير سڄي حقيقت وڃي بادشاھه سان ڪئي. بادشاھه ٻڌڻ شرط پنهنجي ماڻھن کي ساڻ ڪري گھوڙي تي سوار ٿي ابن الخليفي جي جاءِ تي آيو. اتي پھچي، گھوڙي تان لھي، ٻاھر بيھي، اندر وڃڻ جي اجازت گھريائين. پوءِ ابن الخليفي سان ملي، پنهنجي غلطي مڃي، پنهنجي حڪم جو مناسب سبب ڏنائين، جنهن تي ابن الخليفو راضي ٿيو. پر بادشاھه چيو ته اڃا به مون کي اطمينان ڪو نه ٿيو آھي ته توھان راضي ٿيا آھيو. ھاڻي جيستائين توھان منهنجي ڪنڌ تي پنهنجو پير نه رکندو، تيستائين مان مطمئن ڪو نه ٿيندس. جنهن تي ابن الخليفي چيو ته چاھي بادشاھه مون کي قتل به ڪري ڇڏي مگر مون کان اھڙي ڳالھه ٿي نه سگھندي. بادشاھه کيس پنهنجي سر جو قسم ڏيندي چيو ته توھان کي ائين ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجو مٿو زمين تي کڻي رکيائين. ملڪ قبولي ڇا ڪيو جو ابن الخليفي جو پير وٺي بادشاھه جي ڪنڌ تي کڻي رکيو. انهيءَ کان پوءِ بادشاھه اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين ته ھاڻ مون کي پڪ ٿي ته توھان مون مان راضي آھيو. اھڙي عجيب و غريب ڳالھه مون اڄ تائين ڪنهن به ملڪ جي بادشاھه بنسبت ڪانه ٻڌي آھي.
عيد جي ڏينهن مان مخدوم زاد، وٽ ويس ته ملڪ ڪبير بادشاھه جي طرفان ھن لاءِ ٽي خلعتون کڻي آيو، جن مان چوغن تي ريشمي ڦندڻن جي بجاءِ ٻير جيڏا وڏا وڏا موتي لڳل ھئا. ملڪ ڪبير اھي خلعتون کنيون دروازي تي بيٺو ھو ۽ جيئن ابن الخليفو ھيٺ لٿو تيئن کيس خلعت پھريائين. بادشاھه ھن کي بي انداز مال ۽ خزانو ڏنو ھو، پر تنهن ھوندي به ھو انتها درجي جو ڪنجوس انسان نڪتو ۽ جيتري قدر بادشاھه سخي ھو اوتري قدر وري ھو بخيل ثابت ٿيو. جن مان ڪي ڳالھيون ھيٺ ڏجن ٿيون.

[b]ابن الخليفي جي ڪنجوسپائيءَ جون ڪي ڳالھيون
[/b]منهنجي ۽ ابن الخليفي جي وچ ۾ تمام گھري دوستي ٿي ويئي ھئي، تنهن ڪري مان ھن وٽ گھڻو ايندو ويندو ھوس. مان جڏھن سفر لاءِ نڪتس، تڏھين پنهنجي پٽ کي به ھن وٽ ڇڏي آيو ھوس، جنهن جي مون کي ھينئر تائين خبر نه آھي ته سندس الاجي ڪھڙو حال ٿيو. مون ھڪ ڏينهن کانئس پڇيو ته توھان اڪيلا ڇو ٿا کائو ۽ پنهنجن دوستن کي دسترخوان ۾ ڇو نٿا شامل ڪيو؟ تنهن تي جواب ڏنائين ته مان گھڻن ماڻھن کي پنهنجو کاڌو کائيندي ڏسي، سھي نه ٿو سگھان. اھو سبب آھي جو مان اڪيلو کائيندو آھيان.
ھو فقط پنهنجي ھڪ خاص دوست محمد بن ابي شرفيءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھه ڏيندو ھو. باقي سڀ پاڻ کائيندو ھو، جڏھن مان سندس گھر ويندو ھوس ته ٻاھڙينءَ ڏيڍيءَ ۾ اوندھه لڳي پيئي ھوندي ھئي، ڇو ته ڏيو ڪو نه ٻاريو ويندو ھو، مون ڪيترائي ڀيرا ھن کي پنهنجي باغ ۾ ڪاٺيون ۽ ڪک گڏ ڪندي ڏٺو. ھن انهن ڪکن ۽ پنن سان پنهنجا گودام ڀرائي ڇڏيا ھئا، مون ھن کان پڇيو ته جناب مخدوم زادا ھي ڇا ٿا ڪريو! تنهن تي جواب ڏنائين ته ڪاٺين جي ڪڏھن ضرورت ٿي پوي، تنهن ڪري گڏ ڪندو ٿو وڃان. اھڙي طرح سان پنهنجن غلامن، نوڪرين ۽ دوستن کان باغ ۾ ڪم ڪرائيندو ھو ۽ چوندو ھو ته مان نٿو چاھيان ته ھي سڀ ماڻھو مفت ۾ منهنجو کائي وڃن. ھڪ دفعي مون تي ڪجھه قرض چڙھي ويو تنهن ڪري مون ان جي ادائگي لاءِ کانئس قرض گھريو. ھڪ ڏينهن چيائين ته منهنجي دل گھڻيئي ٿي گھري ته تنهنجو قرض ادا ڪري ڇڏيان، پر ڇا ڪريان ايتري ھمت ئي نٿي ٿئي. آخر مون کي ڪجھه به نه ڏنائين.

[b]حڪايت[/b]
ھڪ ڏينهن ڳالھين ڪندي مون کي ٻڌايائين ته ھڪ دفعي چار ڄڻا جن مان ھڪ سندس دوست محمد بن ابي شرفي به ھو، بغداد کان ٻاھر ٿي وياسين. اسان پنڌ وڃي رھيا ھئاسين ۽ کائڻ لاءِ ڪجھه به نه ڪو نه ھئوسين. ھڪ چشمي وٽان لنگھندي ھڪ درھم لڌوسين. اسان سوچيو ته ھڪ درھم کي ڇا ڪيون. آخر سڀني اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ته انهيءَ درھم جي ماني گھرائي کائجي. اسان مان ھڪ ماڻھو ماني وٺڻ لاءِ شھر ۾ ويو، نانبائيءَ چيس ته مان ماني ۽ ان جو ڇاڻ گڏ وڪڻندو آھيان، جدا جدا مان ڪو نه ڏيئي سگھندس. آخر ھن ھڪ قيراط (اڌ درھم) جي ماني خريد ڪئي ۽ ٻئي قيراط جو ڇاڻ وٺي اچي نڪتو، ڇاڻ جي ته اسان کي ضرورت ڪا نه ھئي (جو گھوڙو يا خچر ھوئي ڪونه) سو کڻي ڦٽو ڪيوسين. باقي ماني مان ٽڪر ٽڪر ڪري کاڌوسين.
ٿورو ترسي وري چيائين ته ھاڻي خدا تعاليٰ مون کي ڪيتري قدر نه مال ڏنو آھي! تنهن تي مون چيس ته خدا تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيو ۽ غريبن ۽ مسڪينن کي خير خيرات ڪريو. چوڻ لڳو ته ائين مون کان ٿي ڪو نه سگھندو، مون ڪڏھين به ھن کي خيرات ڏيندو ڪو نه ڏٺو، نه ئي وري ڪنهن سان ڪا چڱائي ڪندي ڏٺومانس، خدا شال اھڙيءَ ڪنجوسپائيءَ کان پناھه ڏئي.

[b]حڪايت[/b]
ھندستان مان وڃڻ کان پوءِ مان بغداد ھليو ويو ھوس. ھڪ ڏينهن مستنصريه مدرسي جي دروازي تي ويٺو ھوس، جيڪو سندس ڏاڏي المستنصر بالله ٺھرايو ھو، ته مون ھڪ مفلوڪ الحال نوجوان کي ڏاڍو، جو ھڪ شخص جيڪو مدرسي کان نڪري رھيو ھو، تنهن جي پٺيان وڃي رھيو ھو، ھڪ طالب العلم مون کي ٻڌايو ته اھو جوان امير غياث الدين جيڪو ھندستان ۾ آھي تنهن جو پٽ آھي. ھي ٻڌي، يڪدم مون ان نوجوان کي سڏ ڪري چيو ته مان ھندوستان کان پيو اچان ۽ تنهنجي پيءُ جي خبر کان تو کي واقف ڪري ٿو سگھان، تنهن تي ھو چوڻ لڳو ته تازو سندس احوال مون کي پھتو آھي، ائين چئي وري به ان شخص جي پٺيان ڊوڙندو ھليو ويو.
مون پڇا ڪئي ته اھو شخص جنهن جي پٺيان اھو عباسي نوجوان وڃي رھيو ھو سو ڪير آھي، جنهن تي ڪنهن ماڻھوءَ مون کي ٻڌايو ته اھو شخص جيلخاني جو ناظر آھي ۽ نوجوان اتان جي مسجد جو امام آھي، جتان کيس ھڪ درھم روز ملندو آھي، ۽ ان شخص کان پنهنجو روز وٺڻ لاءِ سندس پٺيان ڊوڙي رھيو ھو. ھي ٻڌي مون کي تمام گھڻو عجب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته ابن الخليفو پنهنجي خلعت مان جيڪڏھين رڳو ھڪ موتي ڪڍي کڻي ھن ڏانهن موڪلي ڏئي، ته جيڪر ھن نوجوان کي عمر ڀر ڪمائڻ جي ڪا ضرورت ئي نه ٿئي.