سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٽيون

[b]جلال الدين فيروز خلجي
[/b]ائين جڏھن بادشاھه بلڪل بيڪار ٿي پيو، تڏھن سندس نائب جلال الدين فيروز خلجي بغاوت ڪئي، ۽ شھر کان ٻاھر نڪري، قبي حبيشانيءَ جي ڀرسان جيڪو دڙو آھي، تنهن تي وڃي خيما کوڙي ويھي رھيو، معزالدين پنهنجن اميرن کي لڙائي لاءِ موڪليو، جيڪو به امير لڙائي لاءِ ويو ٿي، سو جلال الدين فيروز جي ھٿ تي بيعت ڪري، ساڻس ملي ٿي ويو، پوءِ جلال الدين شھر ۾ داخل ٿي، محل کي گھيرو ڪري ويھي رھيو، بادشاھه بک کان مرڻ لڳو، ھڪ شخص مون سان ڳالھه ڪئي ته سندس پاڙي ۾ ھڪ شريف ماڻھو جو گھر ھو، جيڪو کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.
آخر لشڪر محل ۾ داخل ٿي، کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين، ان کانپوءِ جلال الدين بادشاھه ٿيو، ھيءُ بادشاھه وڏو بردبار ۽ عقلمند ھوندو ھو، ليڪن ھن جي بردباري ئي سندس موت جو سبب ٿي پئي، جڏھن ھيءُ مستقل طرح سان بادشاھه ٿي ويو، تڏھن ھن پنهنجي نالي تي ھڪ محل ٺھرايو، جيڪو بعد ۾ سلطان محمد تغلق پنهنجي ناٺيءَ عذابن مھنيٰ کي ڏيئي ڇڏيو ھو، ھن بادشاھه کي ھڪ پٽ ھو، جنهن جو نالو ھو رڪن الدين، ۽ علاؤ الدين نالي ھڪ ڀائٽيو پڻ ھئس، جيڪو سندس ناٺي به ھو، جنهن کي بادشاھه ڪڙا ۽ ماڻڪ پور جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھيءُ علائقو ھندستان ۾ تمام گھڻو آباد ۽ زرخيز ليکيو ويندو آھي، ھتي ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي پيداوار جام ٿيندي آھي، اتي ڪپڙو به تمام قيمتي ٺھندو آھي، ۽ دھليءَ ۾ وڪامڻ لاءِ ايندو آھي، شھر ڪڙا دھلي کان ارڙھن منزلون دور آھي.
علاؤ الدين جي زال کيس ھميشه ستائيندي رھندي ھئي، تنهن جي شڪايت ھو پنهنجي چاچي سان ڪندو رھندو ھو، جنهن ڪري ٻنهي زال ۽ مڙس جي دلين ۾ ھڪٻئي کان نفرت پيدا ٿي پئي، علاؤ الدين ھڪ بهادر، دانشمند ۽ خود حڪومت قائم ڪرڻ جي طاقت رکندڙ جوان ھو، پر ھن جي مالي حالت تمام خراب ھئي، ھڪ دفعي ھن ديوڳڙھه تي حملو ڪيو، ھيءُ شھر مالوا جي مرھٽن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، اتي جو راجا انهن ڏينهن ۾ ھندستان جي سڀني راجائن کان وڏو سمجھيو ويندو ھو، رستي تان ھلندي، علاؤ الدين جي گھوڙي جو پير ھڪ ھنڌ زمين ۾ گھڙي ويو، ته اتان ٺڙڪي جو آواز نڪتو، انهيءَ ھنڌ کوٽائي ڪرائي، ته اتان بيشمار مال ھٿ لڳس، جيڪو سڄو پنهنجي فوج ۾ ورھائي ڇڏيائين.
پوءِ اتان ديوڳڙھه ڏانهن روانو ٿيو، اتي جي راجا بنان لڙائي جي آڻ مڃي ۽ گھڻو ئي مال ڏيئي کيس واپس ڪيائين، علاؤ الدين واپس ڪڙا ۾ آيو، پر بادشاھه ڏانهن انهي مال مان ڪجھه به نه موڪليائين، درٻارين بادشاھه کي گھڻو ڀڙڪايو، جنهن تي بادشاھه کيس پاڻ وٽ سڏايو، پر ھو سڏ تي به نه ويو، جنهن تي بادشاھه خود وڃي کيس وٺي اچڻ جو ارادو ڪيو، جو کيس پنهنجي اولاد وانگر ڪري ڀائيندو ھو، بادشاھه لشڪر ۽ سفر جو سامان تيار ڪري، ڪڙا ڏانهن روانو ٿيو، ھو درياءَ جي ڪناري تي، جتي اڳي معزالدين لٿو ھو، ترسي پيو، ٻيڙي ۾ ويھي، ڀائٽي ڏانهن وڃڻ لڳو، ٻئي طرف کان علاؤ الدين پڻ ٻيڙي ۾ ويھي، کيس ملڻ لاءِ ويو، ھن پنهنجي نوڪرن کي سمجھائي ڇڏيو ھو ته، جنهن وقت مان بادشاھه سان ڀاڪر پائي ملان، تنهن وقت توھان ھڪدم کيس ختم ڪري ڇڏجو، ۽ ھنن واعدي مطابق ائين ئي ڪيو.

[b]سلطان علاؤ الدين محمد شاھه خلجي
[/b]بادشاھه جي اوچتي قتل ٿيڻ تي سندس لشڪر جو ڪجھه حصو ته علاؤ الدين سان ملي ويو ۽ ڪجھه دھليءَ ڏانهن واپس ڀڄي ويو، اتي اچي ھنن بادشاھه جي پٽ رڪن الدين کي پنهنجو بادشاھه ڪيو، جڏھن رڪن الدين انهن کي پاڻ سان وٺي علاؤ الدين سان لڙائي ڪرڻ لاءِ وڌيو، تڏھن اھي به علاؤ الدين جي لشڪر سان وڃي مليا، رڪن الدين جان بچائي سنڌ ڏانهن ڀڄي ويو، تنهن کانپوءِ علاءٌ الدين دارلخلافه ۾ داخل ٿيو ۽ ويھن سالن تائين بادشاھي ڪيائين.
علاؤ الدين بهترين بادشاھن مان ھڪ ڳڻيو ويندو آھي ۽ ھندستان جا باشندا اڃا تائين به سندس تعريف ڪندا آھن، حڪومت جي ڪمن ۾ ھو گھڻي دلچسپي وٺندو ھو ۽ ڪيترائي ڪم پنهنجي سر ڪندو ھو، ھر روز شين جي اگھن جي پڇا ڪندو ھو ۽ محتسب کان اھڙي رپورٽ وٺندو ھو، محتسب کي ھن ملڪ ۾ ”رئيس“ چوندا آھن، ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ ڀيري محتسب کان پڇيائين ته گوشت جي مھانگي ٿيڻ جو سبب ڇا آھي؟ ھن ٻڌايس ته ڳئن ۽ ٻڪرين تي زڪوات (محصول) ورتي ٿي وڃي، بادشاھه انهي ئي ڏينهن کان اھڙي قسم جا محصول معاف ڪري ڇڏيا، نه رڳو ايترو، پر واپارين کي گھرائي پنهنجي خزاني مان کين رپيا ڏنائين ته انهن جون ڳئون ۽ ٻڪريون خريد ڪري، انهن جو گوشت وڪڻي، قيمت خزاني ۾ جمع ڪن ۽ سندن ڪجھه ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح سان جيڪو ڪپڙو دولت آباد کان ايندو ھو، تنهن جو به مناسب انتظام ڪيائين.
ھڪ دفعي اناج سخت مھانگو ٿي ويو ھو ۽ بادشاھه يڪدم سرڪاري گدام کولائي ڇڏيا، نتيجو اھو ٿيو جو اگھ سستو ٿي ويو، بادشاھه اناج جو ھڪ واجبي اگھه مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ته انهي مطابق خريد و فروخت ڪئي وڃي، اناج جي واپارين انهي اگھه تي اناج وڪڻڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھه جواب ۾ پنهنجو گدام کولائي ڇڏيو ۽ کين وڪڻڻ کان بلڪل منع ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح پاڻ ڇھه مھينا وڪرو ڪندو رھيو، جڏھن ذخيره اندوزن ڏٺو ته سندن اناج ڪيڙي لڳڻ ڪري خراب ٿو ٿئي، تڏھن اھو بادشاھه کي وڃي پيش ڪيائون، بادشاھه وري کين اھڙو اگھه مقرر ڪري ڏنو، جيڪو اڳي کان به سستو ھو، جو لاچار کين قبول ڪرڻو پيو.
ھيءُ بادشاھه نه ته جمعي ڏينهن سواريءَ تي ٻاھر نڪرندو ھو، نه عيد جي ڏينهن، ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي اھڙي ڏينهن. ان جو سبب اھو بيان ڪيو ٿو وڃي ته ھن کي ھڪ سليمان نالي ڀائٽيو ھوندو ھو، جنهن سان ھن (علاؤ الدين) کي تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي، ھڪ ڏينهن بادشاھه شڪار تي ويو ته ھن کي به ساڻ وٺي ويو، سليمان ارادو ڪيو ته مان به بادشاھه سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريان، جھڙو ھن پنهنجي چاچي جلال الدين سان ڪيو ھو، جڏھن ناشتي ڪرڻ لاءِ ھڪ جاءِ تي لٿا، تڏھن سليمان بادشاھه کي اھڙو تير ڪسي ھنيو، جو لڳڻ سان بادشاھه اونڌو ٿي وڃي ڪريو، سندس غلامن مان ڪنهن ھن تي ڍال رکي ڇڏي، سليمان ڀرسان آيو ته بادشاھه کي صفا ختم ڪري ڇڏي، پر غلامن ٻُڌايس ته ھو مري چڪو آھي، سندن ڳالھه سچي سمجھي، سليمان دارلخلافه ڏانهن راھي ٿيو ۽ حرم ۾ ھليو ويو.
ھوڏانهن بادشاھه ھوش ۾ اچي ويو، سڄو لشڪر اچي اتي گڏ ٿيو، آخر سندس ڀائيٽيو جيڪو ڀڄي ويو ھو، تنهن کي گرفتار ڪري ھن وٽ وٺي آيا، علاؤ الدين کيس اتي ئي قتل ڪرائي ڇڏيو، انهيءَ واقعي کانپوءِ ھو ڪڏھن به سوار ٿي ٻاھر نه نڪتو، بادشاھه جا پنج پٽ ھئا، خضر خان، شادي خان، ابوبڪر خان، مبارڪ خان (جنهن جو ٻيو نالو قطب الدين خان ھو) ۽ شھاب الدين، انهن مان قطب الدين کي بادشاھه ڪم عقل، بدنصيب ۽ بيڪار ڪري سمجھندو ھو، ھن جي ٻين ڀائرن کي وڏا وڏا عھدا، علم ۽ طبل عطا ٿيل ھئا، پر ھن (قطب الدين) کي ڪجھه به نه ڏنو ويو ھو. ھڪ ڏينهن بادشاھه کيس چيو ته مون کي اھا تعظيم ۽ اھي مرتبا توکي به ڏيڻا پيا، جيڪي تنهنجي ٻين ڀائرن کي ڏنا اٿم، تنهن تي قطب الدين جواب ڏنس ته مون کي منهنجو خدا ڏيندو، ھن جواب تي بادشاھه خوفزده ٿي ويو ۽ کانئس وڌيڪ ناراض ٿي پيو.
ھن واقعي کانپوءِ بادشاھه بيمار ٿي پيو، سندس وڏي راڻي خضر خان جي ماءُ ھئي، جنهن جو نالو ھو ماھڪ، ان راڻيءَ جو سنجر(١) نالي ھڪ ڀاءُ ھو، جنهن کان قسم ورتو ھئائين ته بادشاھه جي مرڻ کانپوءِ ھو سندس پٽ خضر خان کي حڪومت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو، اھا خبر بادشاھه جي ھڪ نائب کي پھتي، جنهن کي الفي ڪري چوندا ھئا، ڇو ته بادشاھه کيس ھڪ ھزار دينار ڏيئي خريد ڪيو ھو، ھن اھا خبر وڃي بادشاھه کي پھچائي، ته ھن قسم جو واعدو ٿيو آھي، بادشاھه يڪدم پنهنجن خاص ماڻھن کي حڪم ڏنو ته جڏھن سنجر مون وٽ اچي ۽ مان کيس خلعت ڏيان، جيڪا اڃا ھو پھرڻ شروع ڪري، ته توھان سندس مشڪون ٻڌي، کيس زمين تي ڪيرائي، ساڙي ڇڏجو، حڪم جي بجا آوري ڪئي وئي.
ان ڏينهن خضر خان سندپت(2) ڏانهن شھيد جي زيارت لاءِ ويو ھو، ھي جڳھه دھليءَ کان ھڪ منزل پري آھي، خضر خان اھا باس باسي ھئي ته پيرين اگھاڙو وڃي زيارت ڪندو ۽ پنهنجي پيءُ جي صحتيابي لاءِ وڃي دعا گھرندو، جڏھن ھن کي اھا خبر پھتي ته سندس پيءَ ھن جي مامي کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، تڏھن پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيائين، ھندستانين ۾ اھا رسم آھي ته جڏھن ڪو سندن عزيز مرندو آھي، ته پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندا آھن، بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس. خضر خان جڏھن ھن وٽ ويو، تڏھن مٿس ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ کيس لعنت ملامت ڪري حڪم ڪيائين ته ھن جا ھٿ پير ٻڌي، کيس ملڪ نائب (ملڪ ڪافور يعني الفي خان) جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن کي حڪم ڪيائين ته ھن کي گاليور(گواليار) جي قلعي ۾ وڃي قيد ۾ رکي.
ھيءُ قلعو ھندن جي رياستن جي وچ ۾ آھي ۽ دھليءَ کان ڏهه منزلون پري آھي، ھيءُ ھڪ نهايت مضبوط قلعو ڪري سمجھيو ويندو آھي، مان به ھن قلعي ۾ ڪجھه عرصو رھيو آھيان خضر خان کي ھت آڻي، ڪوٽوال ۽ قلعي جي محافظين جي سپرد ڪيو ويو ۽ قلعي جي عملدارن کي چيو ويو ته توھان ھن کي بادشاھه جو پٽ ڪري نه سمجھجو، بلڪه ھن جي اھڙي طرح چوڪسي ڪجو، جھڙي بادشاھه جي سخت دشمن جي ڪئي ويندي آھي، ان کانپوءِ بادشاھه جي بيماري وڌندي وئي، آخر بادشاھه حڪم ڪيو ته خضر خان کي گھرائي وٺو ته کيس ولي عھد مقرر ڪريان، نائب چيو ته حاضر، کيس جلد گھرائي ٿا وٺون، پر ڄاڻي واڻي گھرائڻ ۾ دير ڪيائين، بادشاھه جي وري پڇا ڪرڻ تي کيس چيو ويو ته اجھو آيو ڪي آيو، پر ايتري ۾ بادشاھه مري ويو.

[b]سلطان شھاب الدين
[/b]جڏھن علاؤ الدين مري ويو، تڏھن ملڪ نائب (الفي) سندس سڀ کان ننڍي پٽ شھاب الدين کي تخت تي ويھاريو ۽ ماڻھن کان ان جي بيعت ڪرائي ڇڏيائين، ھينئر ملڪ جو سڄو ڪاروبار ملڪ نائب جي ھٿ ۾ رھيو، ھن شادي خان ۽ ابوبڪر خان جون اکيون ڪڍرائي کين گواليار جي قلعي ۾ موڪلي ڏنو، خضر خان لاءِ حڪم ڪيائين ته ھن کي به انڌو ڪيووڃي، قطب الدين کي به قيد ڪيائين پر سندس اکيون ڪو نه ڪڍايائين، سلطان علاؤ الدين جي خاص غلامن مان بشير ۽ مبشر نالي ٻه غلام ھوندا ھئا، انهن کي بادشاھه بيگم، جيڪا سلطان معزالدين جي ڌيءُ ھئي، ھيءُ پيغام موڪليو ته ملڪ نائب الفي جيڪو سلوڪ منهنجي پٽن سان ڪيو آھي، سو توھان ڄاڻو ٿا، ھينئر ھو قطب الدين کي به قتل ڪرڻ ٿو چاھي، غلامن جواب ۾ چوائي موڪليس ته اسان جيڪي ڪرڻ وارا آھيون، سو توکي سگھوئي معلوم ٿيندو.
ھنن جي عادت ھئي ته ھو رات جو نائب وٽ رھندا ھئا ۽ کين نائب وٽ ھٿيارن سان اچڻ جي پڻ اجازت مليل ھوندي ھئي، ان رات به ھو اھڙي طرح سان آيا، نائب ان رات ڪاٺ جي بالاخاني ۾ ويٺو ھو، ھيءُ بالاخانو سڀ کان مٿينءَ ڇت تي ھو، جنهن کي ھن ملڪ ۾ خرمقه ڪري چوندا آھن، نائب ھڪ غلام کان تلوار وٺي اھا اونڌي پاسيري ڪري، ڏسي، وري کيس موٽائي ڏني، ان وقت يڪدم انهن مان ھڪ تلوار جو وار ڪيو ۽ پوءِ ٻئي به تلوار ھلائي، ٿوري دير بعد ٻئي ھن جو سر قطب الدين وٽ قيدخاني ۾ کڻي آيا ۽ اچي اڳيان ڦٽي ڪيائونس، پوءِ قطب الدين کي ٻاھر ڪڍي آيا، قطب الدين ڪجھه ڏينهن تائين پنهنجي ڀاءُ شھاب الدين جو نائب ٿي ڪم ڪندو رھيو، پر آخر کيس تخت تان لاھي پاڻ بادشاھه ٿي ويٺو.

[b]سلطان قطب الدين
[/b]قطب الدين تخت تي ويھڻ سان شھاب الدين جون آڱريون وڍائي ھن کي به ٻين ڀائرن ڏانهن گواليار جي قلعي ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ پاڻ دولت آباد ڏانهن ھليو ويو، دولت آباد دھلي کان چاليھن ڏينهن جي پنڌ تي آھي ۽ سڄي رستي جي ٻنهي پاسي قسم قسم جا ڊگھا وڻ سڌين قطارن ۾ اھڙي طرح لڳل آھن جو اتان لنگھندي ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته ڪنهن باغ جي وچ مان پيو لنگھجي، ھر ھڪ ميل تي ٽپال جي ھر ڪارن جون ٽي چونڪيون آھن جنهن جو اسين مٿي بيان ڪر ي آيا آھيون. ھر چونڪي تي مسافرن جي ضرورت جي ھر شيءِ موجود ملي سگھي ٿي، ڄڻ ته ھو بازار مان پيا ويندا آھن اھڙي طرح سان ھي رستو تلنگانا ۽ معبر جي ملڪ تائين ھليو ٿو وڃي، جو دھلي کان ڇھن مھينن جو پنڌ آھي، ھر ھڪ منزل تي بادشاھي محل ۽ مسافرن لاءِ سراءِ آھي، مسافرن کي رستي لاءِ سيڌي وغيره کڻڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه ٿي پوي.
سلطان قطب الدين رستي ۾ ئي ھو، ته ڪن اميرن سندس خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سندس ڏھن سالن جي عمر جي ڀائٽي کي ”جيڪو خضر خان جو پٽ ھو“ تخت تي ويھارڻ چاھيائون، قطب الدين پنهنجي ڀائٽي کي پيرن کان جھلي سندس مٿو زور سان پٿر تي ھڻي، سندس مغز ڀڃي کيس ماري وڌو ۽ پنهنجي ھڪ امير کي، ”جنهن جو نالو ملڪ شاھه ھو“ گواليار ڏانهن موڪليائين ۽ کيس حڪم ڏنائين ته ڇوڪري جي پيءُ ۽ سندس سڀني چاچن کي قتل ڪري ڇڏي، قاضي زين الدين مبارڪ، گواليار جي قاضي مون کي ٻڌايو ھو ته جنهن ڏينهن ملڪ شاھه قلعي ۾ پھتو، ان وقت مان خضر خان وٽ ويٺو ھوس، ملڪ شاھه جي اچڻ جي خبر ٻڌي، سندس رنگ اڏامي ويو، ملڪ شاھه جڏھن خضر خان وٽ آيو، تڏھن پڇائينس ته ڪيئن آيو آھين؟ جنهن تي امير جواب ڏنس ته آخوند عالم، ڪنهن ضروري ڪم سان آيو آھيان، جنهن تي خضر خان وري به پڇيس ته منهنجي جان جو خير ته آھي؟ امير چيو ته ھائو. پوءِ ھن ڪوٽوال کي گھرايو ۽ قلعي جي عملدارن”جيڪي ٽي سئو شخص ھئا“ مون کي ۽ ٻين شاھدن کي گھرائي، سڀني جي روبرو بادشاھه جو حڪم پڙھايائين.
ھو پھريائين شھاب الدين وٽ آيا ۽ ھن کي اچي ماريائون، ھن ڪنهن قسم جو ڊپ يا بي قراري ظاھر نه ڪئي، پوءِ ابو بڪر ۽ شادي خان جا سر جدا ڪيا ويا، پر جڏھن خضرخان جو وارو آيو، تڏھن ھو وٺي رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو، ھن جي ماءُ به ھن سان گڏ ھئي، جنهن کي گھر ۾ بند ڪيو ويو، پوءِ خضر خان کي ماري، انهن سڀني جا لاش بنان ڪنهن ڪفن دفن جي ھڪ کڏ کوٽي ان ۾ پوري ڇڏيائون، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ کين اتان ڪڍي سندن خانداني مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، خضر خان جي ماءُ دير تائين زندھ رھي، جو مون کيس ٧٢٨ ھ ۾ مڪي معظم ۾ ڏٺو ھو.
گواليار جو قلعو ھڪ جبل جي چوٽي تي اھڙي طرح ٺھيل آھي جو ڄڻ ته پٿر کي تراشي ٺاھيو ويو آھي، ان جي آس پاس ايڏو بلند جبل ٻيو ڪو به ڪونهي، قلعي جي اندر پاڻي جو ھڪ تلاءُ ۽ ويھارو کن کوھه آھن، ھر ھڪ کوھه تي پناھه جي ديوار آھي، جنهن تي منجنيق ۽ عراده رکيل آھن، قلعي جي چاڙھي جو رستو ايترو ته ڪشادو آھي جو ھڪ ھاٿي آساني سان اچي وڃي سگھي ٿو. قلعي جي دروازي تي پٿر جي تراشيل ھاٿي جو ھڪ مجسمو فيلبان سميت ٺھيل موجود آھي، جيڪو پري کان جنسي ھاٿي پيو لڳي، قلعي جي ھيٺان وري شھر آباد آھي، جيڪو تمام خوبصورتي سان اڏيل آھي، سڀ عمارتون ۽ مسجدون سفيد پٿر جون ٺھيل آھن، دروازن کان سواءِ ڪاٺ ڪٿي به استعمال ڪيل نه آھي، رعيت گھڻو ڪري ھندو آھي، اتي بادشاھه جي طرفان ڇھه سئو سوار رھندا آھن جيڪي گھڻو ڪري لڙائي ۾ مشغول رھندا آھن، ڇو ته ھي قلعو ھندن جي رياستن جي بلڪل وچ ۾ آھي.
جڏھن قطب الدين پنهنجي سڀني ڀائرن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس حريفن مان ڪو به باقي نه رھيو، تڏھن خدا تعاليٰ وري ھن تي ھڪ قاتل مقرر ڪري ڇڏيو، جو سندس نهايت دادلو امير ڪبير ھو، آخر انهيءَ امير قطب الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي وري خدا تعاليٰ سلطان تغلق جي ھٿان قتل ڪري ڇڏايو، ھينئر تفصيل سان ان قاتل امير ڪبير جو بيان ٿا ڪريون.

[b]سلطان خسرو خان ناصر الدين جو بيان
[/b]خسرو خان(1) قطب الدين جي اميرن مان ھڪ وڏو بهادر ۽ خوبصورت جوان ھوندو ھو، چندبري ۽ معبر وارو ملڪ ھن ئي فتح ڪيو ھو، ھي ملڪ ھندستان ۾ نهايت سرسبز ۽ آباد ليکيو ويندو آھي ۽ دھليءَ کان ڇھن مھينن جي پنڌ تي آھي، قطب الدين خسرو ملڪ سان تمام گھڻي محبت رکندو ھو.
قطب الدين جو استاد قاضي خان(2) صدر جھان امراءُ عظيم الشان مان ھڪ ھوندو ھو، جنهن کي ڪليد داري جو عھدو به مليو ھو، يعني ته بادشاھي محل جي ڪنجي ھن وٽ رھندي ھئي، ھن جي ڊيوٽي ھوندي ھئي ته ھو رات جو بادشاھي محل جي دروازي تي رھندو ھو ۽ ھڪ ھزار ماڻھو سندس زيردستي ۾ ڪم ڪندا ھئا، ھر رات اڍائي اڍائي سئو ماڻھو پھري تي رھندا ھئا، ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين اھي پھريدار رستي جي ٻنهي پاسي قطار ٻڌي، ھٿيارن سان بيٺا ھوندا ھئا، تنهن ڪري جڏھن ڪو به ماڻھو محل جي اندر ايندو ھو، ته ھن کي انهن قطارن جي وچ مان لنگھڻو پوندو ھو، انهن پھريدارن کي ”نوبت وارا“ به ڪري چوندا ھئا، انهن جي مٿان آفيسر ۽ منشي ھوندا ھئا، جيڪي گشت ڪندا رھندا ھئا، ۽ سندن حاضري به وٺندا ھئا ته ڪو غير حاضر نه ھجي، رات وارا جڏھن پھرو ڏيئي بس ڪندا ھئا، تڏھن ڏينهن وارا سندن جاءِ تي پھري لاءِ اچي بيھي ويندا ھئا.
قاضي خان خسرو ملڪ کان تمام گھڻي نفرت ڪندو ھو، ڇو ته ھو اصل ۾ ھڪ ھندو ھو ۽ ھندن جي تمام گھڻي پاسخاطري ڪندو ھو، تنهن ڪري قاضي خان ھن کان ناراض رھندو ھو. ھر موقعي تي قاضي خان بادشاھه کي عرض ڪندو رھيو ته ھن کان خبردار رھڻ گھرجي، پر بادشاھه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو ھوس، ڪڏھن ھيئن چئي ٽاري ڇڏيندو ھوس ته اھڙي ڳالھين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ ھن لاءِ اھا قضا مقرر ڪري ڇڏي ھئي ته ھن جي ھٿان قتل ڪيو وڃي، تنهن ڪري ئي بادشاھه اھڙي بي رخي اختيار ڪندو رھيو.
ھڪ ڏينهن خسرو خان بادشاھه کي چيو ته ڪي ھندو مسلمان ٿيڻ ٿا چاھين، ان وقت اھو دستور ھوندو ھو ته جيڪڏھن ڪو ھندو(1) مسلمان ٿيڻ چاھيندو ھو ته ھو پھريائين بادشاھه کي سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندو ھو ۽ بادشاھه جي طرفان کيس خلعت ۽ سونا ڪنگڻ انعام ۾ ملندا ھئا، بادشاھه خسرو خان کي چيو ته ”انهن ھندن کي اندر وٺي اچ“ جنهن تي خسرو ملڪ عرض ڪيو ته ”ھو رات جو اچڻ ٿا گھرن، ڇو ته ڏينهن جو پنهنجي عزيزن ۽ مذھب وارن کان کين شرم ٿو اچي“ بادشاھه چيو ته ”چڱو رات جوئي کين وٺي اچج“ خسرو ملڪ سٺا سٺا بهادر ھندو چونڊي ھن ڪم لاءِ کنيا ھئا، جن ۾ سندس ڀاءُ خان خانان پڻ ھو.
گرميءَ جي موسم ھئي، بادشاھه سڀ کان مٿيئن ڇت تي ھو، ان وقت بادشاھه وٽ سواءِ ڪن ٿورن غلامن جي ٻيو ڪوبه موجود ڪو نه ھو، اھي ھندو جڏھن چئن دروازن کان لنگھي پنجين دروازي تي پھتا ته انهن کي ھٿيارن سان ڏسي، قاضي خان کي شڪ پيدا ٿيو، ھن کين روڪيندي چيو ته ”ترسو، جيستائين مان آخوند عالم (بادشاھه) کان اجازت وٺي اچان،“ جنهن تي يڪدم انهن حملو ڪري قاضي خان کي ماري وڌو، گوڙ گھمسان تي بادشاھه پڇيو ته ”اھو سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟“ ايتري ۾ خسرو خان بادشاھه تائين پھچندي چيو، ته ھو ھندو اچي رھيا آھن ۽ قاضي خان کين روڪيو، تنهن ڪري ڪجھه تڪرار ٿي پيو آھي“ ھي ٻڌي بادشاھه خوفزده ٿي محل ڏانهن ڀڳو پر دروازو بند ھو، ھن دروازو کڙڪايو پر اوچتو پٺيان خسرو ملڪ اچي جھليس، بادشاھه زبردست ھو، تنهن کڻي کيس دسيو ۽ مٿان چڙھي ويٺس، ايتري ۾ ھندو اچي ويا، خسرو خان رڙ ڪري ٻڌاين ته بادشاھه مون کي ھيٺان دسيو ويٺو آھي، ڪا واھر ڪريو، ھنن يڪدم بادشاھه کي قتل ڪري وڌو، ۽ سندس سر ڪپي کڻي اڱڻ ۾ ڦٽو ڪيو.
ھن ڪم کان پوءِ خسرو خان يڪدم اميرن ۽ آفيسرن کي گھرايو، انهن کي ھن واقعي جي ڪا به خبر ڪا نه ھئي، تنهن ڪري ھو جيئن اندر آيا تيئن خسرو خان کي تخت تي ويٺل ڏٺائون، انهن سڀني سندس بيعت ڪئي ۽ صبح تائين اتي ئي ترسيا، صبح ٿيڻ سان ھن پڙھو ڏياريو ۽ دارالخلافه کان ٻاھر جيڪي به امير ھئا تن جي نالي پروانا ۽ قيمتي خلعتون روانيو ڪيائين سڀني سندس اطاعت مڃي، پر ديال پور(1) جي حاڪم تغلق شاھه سندس خلعت کي ڦاڙي پٽ تي ڦٽي ڪري ان جي مٿان چڙھي ويھي رھيو، خسرو خان پنهنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن تي چاڙھي موڪليو؛ جنهن کي تغلق شاھه شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو.
خسرو ملڪ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن ھندن کي وڏا وڏا عھدا ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته سڄي ملڪ ۾ ڪو به ڳئون نه ڪھي، ھندو ڳئون کي مارڻ ناجائز سمجھندا ھئا ۽ جيڪڏھن ڪو ڳئون ڪھندو ھوته ان کي سزا طور انهي ڳئون جي کل ۾ سبارائي، ساڙي ڇڏيندا ھئا، ھي ماڻھو ڳئون جي تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا ۽ ان جو پيشاب ثواب لاءِ يا دوا طور استعمال ڪندا ھئا ازانسواءِ ان جي پائخاني سان پنهنجي گھرن کي ليپو پڻ ڏيندا آھن، خسرو خان چاھيو ٿي ته مسلمان به ائين ڪن، تنهن ڪري اھي کانئس نفرت ڪرڻ لڳا ۽ سڀني گڏجي تغلق جي طرفداري ڪئي، اھڙي طرح سندس دور حڪومت وڌيڪ ھلي نه سگھيو، جنهن جو ھيٺ بيان ٿا ڪريون.

___________________
(2) سندپت اسان جي خيال موجب ابن بطوطه جو اشارو سوني پت ڏانهن آھي، جيڪو موجودھ شھر دھلي کان اٺاويھه ميل پري لاھور جي پراڻي رستي تي آھي، ڪنهن زماني ۾ جمنا ندي شھر جي ڪوٽ ھيٺان وھندي ھئي، ھن وقت ان جي پيٽ کي ٻيو نالو ڪري سڏيندا آھن، ھيءُ شھر تمام پراڻو آھي ۽ چون ٿا ته يڌشٽڙ راجا دريوڌن کان جيڪي پنج پٽ گھريا ھئا تن ۾ ھي به ھڪ پٽ ھو“ ۽ ائين به چيو وڃي ٿو ته ھيءُ شھر راجا سوني، ”جيڪو ارجن جي تيرھين پيڙھي مان ھو“، تنهن ٻڌايو ھيو، موجوده شھر جي ايراضي ھڪ ميل کن ٿيندي، جنهن ۾ اٽڪل چوڏھن يا پندرھن ھزار کن ماڻھو رھن ٿا. –مترجم
(1) خسرو خان؛ ھي اصل گجرات جو باشندو ھو، ڪن تاريخ نويسن سندس ذات پروار لکي آھي ۽ ائين به لکيو آھي ته ھي ھڪ گھٽ ذات ٿيندي آھي، بداوني ھن کي برائو ٿو لکي، پوءِ ھو مسلمان ٿيو ھو ۽ سندس نالو حسن ھو. مترجم
(2) قاضي خان صدر جھان؛ مولانا ضياءُ الدين بن مولانا شھاب الدين خطاط جو اھو لقب ھوندو ھو، ھن بادشاھه کي خوش نوبسي سيکاري ھئي ۽ ڪليد داريءَ جي عھدي تي مامور ھو. –مترجم
(1) بادشاھه جي ھن طرح قتل جي واقعي جو بيان سواءِ ابن بطوطه جي ٻئي ڪنهن به مورخ ڪو نه لکيو آھي، بلڪه اصل حقيقت ھن ريت ھئي ته خسرو خان کي بادشاھه نائب مقرر ڪري، چنديري ۽ معبر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏھن اميرن کي سندس سرداري ناگوار لڳي، تنهن ڪري ھن کي ھميشه منجھائن ڊپ رھندو ھو، ھڪ دفعي بادشاھه کي عرض ڪيائين ته ”مون کي اجازت ملي ته پنهنجي قوم جا ڪجھه ماڻھو گھرائي وٺان“ ان بهاني سان ھن چاليھه ھزار گجراتي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا، ھڪ ڏينهن بادشاھه کي عرض ڪيائين ته مان گھڻو ڪري رات جو توھان جي خدمت ۾ ٿو رھان ۽ ڏينهن جو گھڻئي ڪم ڪاريون آھن، تنهن ڪري منهن جا وطني ماڻھو شڪايت ٿا ڪن ته کين ملي نٿو سگھان، بادشاھه چيس ته پنهنجي دوستن کي ڀلي رات جو ھتي ئي گھرائيندو ڪر، اھڙي طرح محل جي ننڍي دروازي جي ڪنجي به ھن کي ڏيئي ڇڏيائين اھو ئي سبب ھو، جو ھو ڪن بدمعاش ۽ آواره قسم جي ماڻھن کي گھرائي، بادشاھه ۽ پاڻ کي وندرائيندو رھندو ھو ۽ آخر بادشاھه جو ڪم ختم ڪرائي ڇڏيائين. مترجم
(1) دبال پور؛ پاڪستان ۾ مانٽگمري جي ضلعي ۾ پاڪ پٽن کان ٢٨ ميل اوڀر طرف، اوکاڙا جي اسٽيشن کان ١٧ ميل ڏکڻ طرف ھي شھر موجود آھي، ۽ چڱو مشھور آھي جنرل ڪننگھام جي تحقيقات موجب ھي شھر اصل ۾ راجا ديپال آباد ڪيو ھو، پر اھو معلوم ٿي نٿو سگھي ته اھو راجا ڪھڙي وقت جو حڪمران ھو.