ابن بطوطه جي سفر جو اختصار
ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ابن بطوطه سفر تي نڪتو ھو، جنهن جي شروعات ھن ھيئن ڪئي، جو ھو پنهنجي ملڪ طنجير مان حج ڪرڻ جي ارادي سان روانو ٿيو ھو، ۽ آفريقا جي سڀني خاص خاص شھرن جو سير ڪندو، مصر ۾ پھتو، اتان عيداب جي بندر تائين اچي پھتو، جتان سندس ارادو مڪي معظمه ڏانهن وڃڻ جو ھو، اھو بندر عدن کان ٿورو ئي پري آھي پر انهن ڏينهن اتي جو بادشاھه منگولن سان لڙائي ڪري رھيو ھو، تنهن ڪري جھاز ملي ڪين نه سگھيس ۽ ابن بطوطه واپس مصر ھليو ويو، جتان سنه ٧٢٦ ھجريءَ جي شعبان مھيني ۾ شام ڏانهن ھليو ويو، جتي دمشق وڃي، وقت جي ڪن مشھور عالمن کان علم حديث ۽ فيض حاصل ڪيائين، اتان ساڳئي سال شوال جي مھيني ۾ حاجين جي ھڪ قافلي سان مديني شريف ۽ اتان مڪي معظمه ۾ پھتو. اتي حج ڪرڻ کانپوءِ عجمين جي ھڪ قافلي سان گڏجي، ھو عراق ۾ پھتو، جتان نجف اشرف جي زيارت ڪري، ھو بغداد ھليو ويو، اتان واسطه ۽ اتان وري رواق ۾ پھچي، سيد احمد رفاعيءَ جي قبر جي زيارت ڪري، اتان بصري ۾ پھتو، جتان اچي ايران کان نڪتو، ڪجھه ڏينهن وشوستر ۾ رھي، اصفھان کان ٿيندو، ھو وڃي شيراز کان نڪتو، جتي قاضي مجيد الدين شيرازي سان ملاقات ۽ شيخ ابو عبدالله خفيف ۽ شيخ سعدي عليھ الرحمت جي قبرن جي زيارت ڪيائين، اتان وري گازرون جي بندر تي پھتو، جتان وري عراق ويو ۽ ڪوفي کان ٿيندو وڃي بغداد پھتو، ان وقت بغداد ويران ٿي ويو ھو، پر تڏھن به ڪافي وڏو شھر ھو، ھو اتان موصل ۽ ماروين کان ٿيندو، وري ٻئي حج لاءِ سنه ٧٢٨ ھجريءَ ۾ مڪي معظمه ڏانهن ھليو ويو. ھڪ سال اتي ترسي، پوءِ جدي ويو، جتان جھاز ۾ چڙھي، آفريقا جو سير ڪندو، وڃي يمن ۾ پھتو، وري عدن مان ھڪ جھاز رستي ھو مقدشو ڏانهن ھليو ويو، جيڪو آفريقا جي اڀرندي ڪناري تي آھي. اتن زڻزيبار ۽ ممباسا جي ٻيٽن مان گھمندو، جھاز ۾ چڙھي، عربستان جي ڏاکڻين ڪناري تي حضرموت جي ظفار شھر ۾ پھتو، اتان وري عمان کان ٿيندو، ھرموز جي شھر ۾ پھتو، جتان ھو اتي جي سخي بادشاھه تهمتن سان ملاقات ڪري اناطول ڏانهن ويو، اتي ھر ھنڌ فساد لڳا پيا ھئا ۽ اڃا تازو اتي عثمانيه خاندان جو بنياد پيو ھو، اتان جي بروصه شھر کان ڪاري سمنڊ جي ڪناري وارا شھر گھمندو، وڃي قبچاچ کان نڪتو، جتان ڇھن مھينن جو رستو لتاڙي ڪريميا ۾ پھتو، جتي ان وقت سلطان ازبق، ھڪ مسلمان بادشاھه حڪمران ھو، ھو چنگيز خان جي اولاد مان ھو ۽ روس جو ڳچ ملڪ سندس حڪومت ۾ داخل ھو ۽ رولگا ندي تي سراءِ نالي شھر سندس تخت گاھه ھو. اتان ھو بلغار ڏانهن ھليو ويو. اھو رمضان جو مھينو ھو ۽ وڏن ڏينهن ٿيڻ جي موسم پڻ ھئي، تنهن ڪري مغرب ۽ عشا جي نماز ئي پڙھجي مس پوري ٿيندي ھئي ته صبح ٿي ويندو ھو، اتان ھن جو ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو ارادو ھو، پر عيد جي ڏينهن اتفاق سان ھو بادشاھه وٽ آيو، تڏھن ان وقت بادشاھه جي ھڪ ملڪه جيڪا ڪنهن نصراني بادشاھه جي ڌيءُ ھئي، قسطنطنيه وڃڻ جي بادشاھه کان اجازت گھري، پوءِ ابن بطوطه ھن ملڪه سان گڏجي قسطنطنيه ويو، جتان واپس سراءِ جي شھر ۾ ويو، اتان ھو دشت جي رستي خوارزم ويو، جتان بخارا ڏانهن ھليو ويو، اتي ڪجھه وقت ھو سلطان علاو الدين طرم شيرين، ترڪستان جي بادشاھه جي درٻار ۾ رھيو، اھو بادشاھه چنگيز خان جي اولاد مان ھو، اتان ھو سمرقند ويو، جتان بلخ ۽ ھرات مان ٿيندو جام، مشھد شريف، نيشاپور ڏسندو، قندار جي رستي ھندوڪش کان ٿيندو، الوراب ۽ پنج سين جي رستي پشائي ۽ پروان مان گھمندو، عزنيءَ، تنهن کان پوءِ وري ڪابل کان ھلي اچي سنڌ ۾ پھتو، ان کان پوءِ سندس ھيءُ سفر شروع ٿئي ٿو، جنهن جا سڀ احوال ھن ڪتاب ۾ سڌا سنوان تفصيل وار ڏنل آھن.