فصل ٽيون
[/b]بادشاھه جي حڪم موجب وزير مون کي فقط ڏهه ھزار مڻ اناج ڏنو ۽ باقيءَ لاءِ حڪم نامو لکي ڏنائين(1) ته ھزار امروهه مان ڏنو وڃي. ان وقت اتي جو والي عزيز خمار ھو ۽ اتي جو امير شمس الدين بدخشاني ھو. مون پنهنجا ماڻھو اوڏانهن موڪليا، جن وڃي ان مذڪوره اناج مان ڪجھه وصول ڪيو ۽ موٽي اچي عزيز خمار جي سخت رويي جي شڪايت ڪيائون. پوءِ رھيل اناج وٺڻ لاءِ مان خود اوڏانهن روانو ٿيس. ھي علائقو دھليءَ کان ٽن ڏينهن جي سفر تي آھي، برسات جي موسم ھئي، مان ٽيٽيھه ماڻھو پاڻ سان وٺي ويو ھوس، ۽ ٻه تمام سٺا ڳائيندڙ، جيڪي ٻئي ڀائر ھئا، به ساڻ کنيا ھئم.
اسان جڏھن بجنور(2) ۾ پھتاسين، تڏھن اتان مون ٽي ڳائڻا ٻيا به پاڻ سان کنيا، ھو به ٽيئي ڀائر ھئا. مان ڪڏھين ٻن ڀائرن جو راڳ ٻڌندو ھوس ته ڪڏھن ھنن ٽن ڀائرن جو. آخر اچي امروهه ۾ پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو مگر خوبصورت شھر آھي. اتي جا رھواسي اسان جي استقبال لاءِ شھر کان ٻاھر آيا، انهن ۾ شھر جو قاضي شريف علي ۽ خانقاه جو شيخ به ھئا. جن ٻنهي گڏجي منهنجي چڱيءَ طرح سان خاطر تواضع ڪئي . عزيز خمار ان وقت افغان پور ۾ ھو، جيڪو سرو درياءُ تي ٻڌل آھي. ھي درياءُ اسان جي ۽ افغان پور جي وچ ۾ ھو، ان تي ھڪ ننڍي ٻڙي، تيار ڪري سامان ان تي رکي، پار پھچايو ۽ اسان وري ٻئي ڏينهن درياءُ پار ڪري وياسين.
عزيز خمار جو ڀاءُ نجيب پنهنجا ڪي ماڻھو وٺي اسان جي استقبال لاءِ آيو ۽ اسان جي لاءِ انهن ھڪ ڪئمپ ٺاھي. پوءِ ھن جو ڀاءُ جيڪو والي ھو، سو آيو. ھي ظلم جي ڪري مشھور ھو. سندس ماتحت ڏيڍ ھزار ڳوٺ ھئا، جن جي آمدني سٺ لک سالاني ھئي ۽ ھن کي ھن آمدنيءَ جو ويھون حصو ملندو ھو. ھن درياءَ جي وري ھڪ عجيب خاصيت آھي جا ھيءَ آھي ته برسات جي موسم ۾ ڪو به ماڻھو ھن جو پاڻي استعمال نه ڪندو آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جانور کي پياريو ويندو آھي.
اسان ٽي ڏينهن ان جي ڪناري تي ترسيل ھئاسين، پر اسان مان ڪنهن به ان جو پاڻي نه پيتو ۽ نه ئي ڪوئي ان جي ويجھو ويو. ھي درياءُ ھماليه جبل مان نڪرندو آھي، جنهن ۾ سون جي کاڻ آھي. ھيءُ درياءُ زھريلين ٻوٽين جي مٿان وھي ايندو آھي، تنهن ڪري جيڪو به ان جو پاڻي پيئندو آھي، سو مري ويندو آھي. ھيءُ جبل ٽن مھينن جي سفر جيترو ڊگھو، سڌو ئي سڌو ھليو ٿو وڃي ۽ ان جي ٻئي پاسي تبت جو ملڪ آھي جتي مشڪ وارا ھرڻ ٿيندا آھن. ھن جبل ۾ مسلمانن جي لشڪر جي جيڪا بري حالت ٿي ھئي، تنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيا آھيون.
ھن شھر ۾ مون وٽ حيدري فقيرن جي ھڪ ٽولي آئي جن پھريائين ته سماع ڪيو، پوءِ ھڪ وڏي باھه ٻارائي سڀ ان ۾ گھڙي ويا ۽ انهن کي ڪجھه به نقصان نه رسيو، جنهن جو بيان اڳ به ڪري آيو آھيان، ھن علائقي جي امير شمس الدين بدخشانيءَ ۽ والي عزيز خمار جي وچ ۾ ڪجھه اڻبڻت ٿي پيئي ھئي تنهن ڪري شمس الدين ھن سان لڙائي ڪرڻ آيو، پر عزيز خمار گھر ۾ لڪي ويھي رھيو. پوءِ ٻنهي ھڪ ٻئي جي شڪايت وزير ڏانهن لکي موڪلي، جنهن مون کي، ملڪ شاھه امير اممالڪ، جنهن جي ھٿ ھيٺ چار ھزار شاھي غلام ھئا، ۽ شھاب الدين روميءَ کي چوائي موڪليو ته ھنن جي جھڳڙي جو فيصلو ڪري، جيڪو ڏوھي ھجي، تنهن کي ٻڌي، دارالخلافه ڏانهن موڪليو وڃي.
سڀ اچي منهنجي گھر ۾ گڏ ٿيا. عزيز خمار، شمس الدين تي گھڻيون ئي دعوائون ڪيون جن مان ھڪ ھيءَ ھئي ته شمس الدين جو ھڪ ملازم رضي ملتاني نالي، سندس (عزيز خمار جي) خزانچيءَ جي گھر اچي لٿو ۽ شراب پي خزانچيءَ جي مال مان پنج ھزار دينار چورايائين. مون رضيءَ کان پڇيو ته جواب ڏنائين ته”مون کي اٺ سال ٿيا آھن، جڏھن ملتان کان آيو آھيان، شراب ڪو نه پيتو آھيم“. مون پڇيومانس ته ”ڀلا ملتان ۾ تو شراب پيتو ھو؟“ ته چيائين ته ”ھائو“ مون يڪدم ھن کي اسي درا ھڻايا ۽ عزيز خمار جي مقدمي ۾ ھن کي جيل ۾ وجھايم.
مان امروهه ۾ ٻه مھينا رھي واپس موٽيس ۽ ھر روز پنهنجن ماڻھن لاءِ ھڪ ڳئون ذبح ڪرائيندو ھوس. مان پنهنجي ساٿين کي پوئتي ڇڏي آيو ھوس ته عزيز خمار کان اناج وٺي اچن. ھن ڳوٺ وارن کي لکي موڪليو ته ويھه ھزار مڻ اناج ٽن ھزارن ڏاندن تي ڍوئي پھچائي ڏين. ھندستان جا ماڻھو ڏاندن تي بار ڍوئيندا آھن ۽ سفر جو سامان به انهن تي ئي لڏيندا آھن. گڏهه تي سواري ڪرڻ عيب سمجھندا آھن. ھن ملڪ ۾ گڏهه ننڍي قد جا ٿيندا آھن ڪنهن به ماڻھوءَ کي جيڪڏھن خوار ڪرڻنو ھوندو اٿن ته ان کي موچڙا ھڻي گڏهه تي چاڙھي گھمائيندا آھن.
[b]ڪن دوستن جي مون سان مھرباني ڪرڻ
[/b]سيد ناصرالدين اوھري جڏھن سفر تي ويو ھو تڏھن مون وٽ ٻه سو سٺ تنڪهه امانت طور ڇڏي ويو ھو، جيڪي مون خرچ ڪري ڇڏيا ھئا. مان جڏھن امروهه کان واپس آيس تڏھن خبر پيم ته ناصرالدين ان رقم وٺن لاءِ خداوند زادي قوام الدين کي چئي ڇڏيو آھي، جيڪو وزير جو نائب ٿي آيو ھو، مون کي ائين چوندي شرم ٿي آيو ته مان اھا رقم خرچ ڪري ڇڏي آھي، تنهن ڪري ان رقم جو ٽيون حصو ته مون ھن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ڪجھه ڏينهن گھر کان ٻاھر ڪو نه نڪتس ۽ جلد ئي مشھور ٿي ويو ته مان بيمار ٿي پيو آھيان.
ناصرالدين خوار زمي صدر جھان مون سان ملاقات لاءِ آيو ۽ مون کي ڏسي چيائين ته ”تون بيمار ته ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچين“ مون جواب ڏنس ته ”باطني بيماري اٿم“. پڇيائين ته ”ڪھڙي؟“ تنهن تي مون چيومانس ته ”پنهنجي نائب شيخ السلام کي مون ڏانهن موڪلجو ته ان کي ٻڌائيدس“ . جڏھن ھو مون وٽ آيو تڏھن مون کيس سڄو ھال کولي ٻڌايو. پوءِ ھن (صدر جھان) مون ڏانهن ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنا، ھن جا ھڪ ھزار دينار اڳ ۾ به مون تي قرض ھئا. جڏھن خداوند زادي مون کان باقي رقم جي گھر ڪئي، تڏ٠ھن سوچيم ته صدر جھان شاھوڪار ماڻھو آھي، اھو ئي ھن موقعي تي منهنجي مدد ڪري سگھندو، سو مون ھن ڏانهن زين سوڌو گھوڙو، جنهن جي قيمت سورنهن سئو دينار ھئي، ٻه خچر جن جي قيمت ٻارنهن سئو دينار ھئي، ھڪ چانديءَ جو ترڪش ۽ ٻه تلوارن جن جي ميانن تي چاندي چڙھيل ھئي، موڪلي ڏنا ۽ چوائي موڪليومانس ته ھنن جي قيمت ڪٿي، جيڪا رقم ٿئي سا موڪلي ڏئي. ھن ڇا ڪيو جو ڪل ٽي ھزار دينار قيمت ٺھرائي، پنهنجا مون تي جيڪي ٻه ھزار دينار قرض ھئا سي ڪاٽي، باقي ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنائين.
ھي (رنگ) ڏسي، مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ انهيءَ ڳڻتي سبب مون کي بخار چڙھي ويو ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن وزير سان ٿو اھا شڪايت ڪريان ته پاڻ ڳالھه وڌيڪ کلندي، تنهن ڪري کڻي چپ ڪيم. پوءِ پنج گھوڙا، ٻه ٻانهيون ۽ ٻه غلام مغيث الدين محمد بن عماد الدين سمنانيءَ ڏانهن موڪلي ڏنم. جنهن جوان اھي مون ڏانهن واپس موڪلي ڏنا ۽ ٻه سئو تنڪه به مون کي موڪلي. مون تي وڏي مھرباني ڪيائين ۽ مون اھا رقم خداوند زادي کي ادا ڪري پنهنجي جند آزاد ڪرائي.
[b]بادشاھه جو منزل ڏانهن وڃڻ
[/b]جڏھن بادشاھه معبر جي ملڪ ڏانهن وڃي رھيو ھو ۽ تلنگانه جي ملڪ مان ٿي لنگھيو، ته اتي اچي لشڪر ۾ وبا پيئي، جنهن ڪري بادشاھه دولت آباد موٽي آيو ۽ اتان وري گنگا نديءَ جي ڪناري تي اچي ترسيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين ته اتي پنهنجا گھر ٺاھين. مان به انهن ڏينهن اتي ويس ۽ انهيءَ وقت ۾ عين الملڪ جي بغاوت جو واقعو ٿيو ھو. مان بادشاھه جي خدمت ۾ رھيس. بادشاھه پنهنجي خاص گھوڙن مان مون کي ھڪ گھوڙو عطا ڪيو ۽ پنهنجي خاص ماڻھن ۾ شامل ڪرڻ فرمايو. پوءِ بادشاھه سان عين الملڪ جي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ گنگا ندي پار ڪيم. ان کان سواءِ سرو ندي پار ڪري صالح البطل سالار مسعود جي قبر جي زيارت لاءِ ويس ۽ بادشاھه جڏھن دارالخلافه دھليءَ کان ٿي موٽيو ته مان ان سان گڏ ھوس.
[b]بادشاھه جي ناراضگي ۽ خدا جي فضل سان منهنجي جند آزاد ٿيڻ:
[/b]ھڪ دفعي مان شيخ شھاب الدين ابن شيخ جام سان ملاقات لاءِ سندس غار ۾، جيڪو دھليءَ کان ٻاھر ھو، ويو ھوس. منهنجو مطلب فقط غار کي ڏسڻ جو ھو. پوءِ جڏھن بادشاھه ھن کي گرفتار ڪيو ۽ ھن جي پٽن کان پڇيائين ته توھان جي پيءُ سان ڪير ڪير ملڻ ايندا ھئا، ته ھنن ٻين سان گڏ منهنجو نالو به کنيو. بادشاھه يڪدم حڪم ڏنو ته منهنجي ديوان خاني تي چئن غلامن جو پھرو لڳايو وڃي، جڏھن به ائين ٿيندو آھي، تڏھن ان ماڻھوءَ جو، جنهن تي پھريو لڳايو ويندو آھي، بچڻ مشڪل ٿيندو آھي. مون تي جمعي جي ڏينهن کان پھرو بيھي ويو. مون” حسبنا الله و نعم الوڪيل“ پڙھڻ شروع ڪيو ۽ انهي ڏينهن مون ٽيٽيھه ھزار ڀيرا اھو پڙھيو، رات جو به ديوان خاني ۾ ئي رھندو ھوس ۽ پنجن ڏينهن جو ھڪ روزو رکيم ۽ ھر روز ڪلام پاڪ پورو ڪندو ھوس، اتي مان پاڻيءَ سان روزو کوليندو ھوس ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ روزو کولي وري چئن ڏينهن کان پوءِ روزو کولي وري چئن ڏينهن جو روزو رکيم. آخر شيخ جي قتل کان پوءِ مون کي آزادي ملي، والحمد الله تعاليٰ .
[b]منهنجو نوڪري ڇڏي تارڪ الدينا ٿيڻ
[/b]پوءِ منهنجي دل نوڪريءَ مان کٽي ٿي پيئي، تنهن ڪي وڃي شيخ امام عالم عابد زاھد خاشع فريد الدھر و جيداعصر شيخ ڪمال الدين عبدالله غازيءَ جي خدمت ۾ رھيس. ھيءَ بزرگ وڏو ولي الله شخص ھو، جنهن جون ڪرامتون مشھور ھيون، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. مان دنيا ترڪ ڪري، پنهنجو سڀ مال فقيرن ۽ مسڪينن ۾ ورھائي ڏيئي، شيخ وٽ ھليو ويس. شيخ ڏھن ڏينهن جو روزو رکندو ھو ۽ ڪڏھن ته ويھن ڏينهن جا روزا به رکندو ھو. منهنجي دل به چاھيو ته مان به ائين ڪريان، پر شيخ منع ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته عبادت ۾ پنهنجي نفس تي سختي نه ڪر ۽ دل سان توبهه تائب ٿيڻ واري لاءِ سفر ڪرڻ وقت پيادي ھلڻ جي ڪا ضرورت نه آھي. مون وٽ اڃا به ڪجھه مال ھو، جنهن ڪري منهنجي دل ۾ اڃا کٽڪو رھندو ھو، تنهن ڪري جيڪي به مون وٽ ھو سو ڏيئي ڇڏيم، رڳو جان جا ڪپڙا به ھڪ گداگر کي ڏيئي، سندس ڪپڙا وٺي پاڻ پاتم، ۽ پنجن مھينن تائين ھن شيخ وٽ رھيس. انهن ڏينهن بادشاھه سنڌ جي ملڪ ۾ ويل ھو.
[b]بادشاھه جو مون کي واپس نوڪريءَ لاءِ سڏڻ ۽ منهنجو انڪارڪري عبادت ۾ جھد ڪرڻ:
[/b]جڏھن بادشاھ کي خبر پھتي ته مان تارڪ الدنيا ٿي ويو آھيان، تڏھن مون کي پاڻ وٽ گھرائي ورتائين، ان وقت بادشاھ سيوستان ( سيوڻ ) ۾ ھو. مان فقيرن جي ڪپڙن ۾ بادشاھ جي سامھون حاضر ٿيس. مون سان بادشاھ تمام نرميءَ سان ٿي ڳالھايو ۽ وري سندس نوڪري ڪرڻ لاءِ مون کي زور ڪرڻ لڳو. پر مون صاف انڪار ڪيو ۽ کائنس حجاز جي سفر لاءِ اجازت گھريم، جيڪا ھن منظور ڪئي. پوءِ مان بادشاھ وٽان واپس ھليو آيس، ۽ ھڪ خانقاھه ۾ جيڪا ملڪ شير جي نالي سان منسوب ھئي، ترسي پيس، ھي جمادالثانيءَ جو آخري تاريخون ۽ سنه ٧٤٢ ھجري ھو. مان رجب وارو سڄو مھينو ۽ شعبان جي ڏھين تاريخ تائين اتي عبادت ڪندو رھيس. ھت مون پنجن پنجن ڏينهن جو روزو رکڻ شروع ڪيو ۽ پنجين ڏينهن ٿورا چانور بنا ٻوڙ جي کائيندو ھوس، جنهن ڪري پيٽ تي بار ٿي پوندو ھوم، ۽ جيستائين الٽي نه ڪندو ھوس، تيستائين آرام ڪين ايندو ھوم، اھڙيءَ طرح سان چاليھه ڏينهن پورا ڪيم.
[b]بادشاھه جو مون تي راضي ٿيڻ ۽ مون کي چين جو سفير ڪري موڪلڻ:
[/b]جڏھن چاليھه ڏينهن پورا ٿيا، تڏھن بادشاھ مون ڏانهن ھڪ زين گھوڙو، ٻانهيون، غلام، خرچ ۽ ڪپڙا موڪلي ڏنا، پوءِ مون اھي ڪپڙا پھريا. مون وٽ ھڪ سوٽي نيري رنگ جو استر پيل جبو ھو، جيڪو مان عبادت جي وقت پھريندو ھوس؛ سو لاھي جڏھن شاھي ڪپڙا ڍڪيم تڏھن پاڻ کي سڃاڻي ئي نه پيو سگھان ۽ جڏھن ھن جبي ڏانهن پيو ڏسان ته پنهنجي اندر ۾ نور پيو ڏسان.
اھو جبو مون وٽ ان وقت تائين رھيو، جنهن وقت سمنڊ ۾ ھندن اسان کي ڦريو ۽ ڪپڙا به لاھي ھليا ويا. جڏھن مان بادشاھه وٽ پھتس تڏھن ھن منهنجي اڳي کان به وڌيڪ عزت افزائي ڪئي ۽ فرمائين ته مان توکي چين جي بادشاھه وٽ پنهنجو سفير ڪري ٿو موڪليان، ڇو ته مون کي خبر آھي ته توکي سفر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو تمام گھڻو شوق آھي. پوءِ بادشاھه منهنجي سفر جو سامان تيار ڪرايو ۽ مون سان گڏ ھلڻ لاءِ ماڻھو مقرر ڪيائين، جن جو مان پوءِ بيان ڪندس.
[b]چين جي بادشاھه ڏانهن تحفا موڪلڻ
[/b]چين جي بادشاھه، ھڪ سئو غلام ۽ ٻانهيون، پنج سئو ٿان ڪمخواب جا، جن مان ھڪ سئو ٿان زيتون جي شھر جا ٺھيل ۽ ھڪ سئو ٿان خنسان جي شھر جا ھئا، پنج مڻ مشڪ، پنج وڳا ڪپڙن جا جن تي جواھر لڳل ھئا، پنج طلاڪار ترڪش، ۽ پنج تلوارون بادشاھه ڏانهن، موڪلي ھيون، ۽ اھو به لکي موڪليو ھئائين ته کيس قراجيل جبل ۾ ھڪ جڳھه تي، جنهن کي سمھل چوندا ھئا، بتخاني ٺھرائڻ جي وري اجازت ڏني وڃي. اتي چين جا ماڻھو ياترا لاءِ ايندا آھن، ۽ جڏھن اتي اسلامي لشڪر حملو ڪيو ھو، تڏھن ان شھر جي بتخاني کي ڀڃي ڀوري تباھ ڪري ڇڏيو ھئائون.
ھينئر، جو بادشاھ چين اجازت لاءِ لکيو تنهن جي جواب ۾ بادشاھ جواب موڪليس ته اسلامي ملڪ ۾ سواءِ ان ماڻھوءَ جي جيڪو جزيھ ڀرڻ قبول ڪري، ٻئي ڪنهن کي به بتخاني ٺاھڻ جي اجازت نٿي ملي سگھي، جيڪڏھن بادشاھه چين جزيھ ڏيڻ قبول ڪري ته پوءِ اجازت ٿي سگھي ٿي، ان سان گڏ بادشاھه، جيڪي تحفا ھن ڏانهن موڪليا، سي ھن جي تحفن کان تمام گھڻاھئا، جي ھئا: ھڪ سئو ھندو غلام ۽ ھڪ سئو ٻانهيون، جيڪي راڳ ۽ ناچ ڄاڻينديون ھيون، ھڪ سئو بيرميھ ڪپڙي جا ٿان، جيڪي ڪپھھ مان تيار ڪيل ھئا ۽ بينظير ھئا جو ھڪ ھڪ ٿان جي قيمت سئو، سئو دينار آھي، ھڪ سئو ٿان ريشمي ڪپڙي جا، جنهن کي جز ڪري چوندا آھن، ۽ پنجن رنگن جو ريشم انهن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، ھڪ سئو چار ٿان صلاحيھ ڪپڙي جا، ھڪ سئو ٿان شبيرين باف جا، پنج سئو ٿان مرغر ڪپڙي جا، جن مان ھڪ سئو ٿان ڪاري رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سفيد رنگ جا، ھڪ سئو ٿان ڳاڙھي رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سائي رنگ جا، ۽ ھڪ سئو ٿان نيري رنگ جا ھئا، ھڪ سئو ٿان ڪتاني رومي جا، ھڪ سئو صدربون نهايت قيمتي ڪپڙي جون، ھڪ وڏو تنبو ۽ ڇھه ننڍا تنبو، چار شمعدان سون جا، ۽ ڇھه شمعدان چانديءَ جا، ۽ چار طشتريون سون جون، اھڙي قسم جي ڪونئر سميت، ڇھه طشتريون چانديءِ جون، ڏهه بادشاھه جي لباس مان خلعتون جن تي زريءَ جو ڪم ٿيل ھو، ڏهه بادشاھه جي پھرڻ جون شاشيھ ٽوپيون جن مان ھڪ تي جواھر لڳل ھئا، ڏهه طلاڪار ترڪش جن مان ھڪ تي جواھر ات جو ڪم ٿيل ھو، ڏهه تلوارون جن مان ھڪ جي مياڻ تي جواھر لڳل ھئا، دست بان (دستانه)جن تي جواھر لڳل ھئا ۽ پندرنهن نوجوان غلام.
بادشاھه اھي سب تحفا مون سان گڏ روانا ڪيا ۽ امير ظھيرالدين زنجانيءَ کي مون سان گڏ سفر تي ھلڻ جو حڪم ڪيائين. ھيءُ شخص ھڪ وڏو عالم ۽ فاضل ھوندو ھو. ھن ھڪ جوان ڪافور شربدار نالي جي نگرانيءَ ۾ اھي تحفا روانا ڪيا ۽ اسان کي سمنڊ تائين پھچائڻ لاءِ اسان سان گڏ امير محمد ھرويءَ کي ھڪ ھزار سوارن سان موڪليائين. ازانسواءِ بادشاھه چين جي سفارت جا پندرھن ماڻھو ھئا ۽ سندس وڏي عملدار (سفير) جو نالو ”ترسي“ ھو ۽ ھن سان گڏ ھڪ وڏي جماعت ٿي پيئي. بادشاھه جو حڪم ھو ته سفر ۾ سڄي رستي تي اسان جي ضيافت جو انتظام ملڪ جي طرفان ڪيو وڃي.
اسان سنه ٧٤٣ ھجري ۾ سفر مھيني جي سترھين تاريخ روانا ٿياسين، ھن ملڪ ۾ گھڻو ڪري مھيني جي ٻي، ستين، ٻارھين، سترھين، ٻاويھين يا ستاويھين تاريخ تي سفر ڪندا آھن، اسان پھريائين ھڪ جاءِ تلپٽ(1) نالي تي منزل ڪئي. ھي شھر داراخلافه دھليءَ کان ٻه يا ٽي فرسخ پري آھي. اتان ھلي وري شھر آؤ(2) ۾ منزل ڪئيسين.
ھتان ھلي شھر ھيلو(3) ۾ منزل ڪري اتان روانا ٿي. اچي بيانا(1) ۾ منزل انداز ٿياسين.ھي شھر(بيانا) تمام وڏو ۽ سھڻو شھر آھي. ھن جي بازار ڏاڍي رونق واري آھي ۽ جامع مسجد به بي مثال ٺھيل اٿس، جنهن جون ديواريون ۽ ڇتيون پٿر جون ٺھيل آھن.
ھتي جو حاڪم بادشاھه جي دايي جو پٽ مظفر نالي آھي، ھن کان اڳي ھتي جو حاڪم ملڪ مجيد ابن ابي الرجاءِ ھو، جيڪو وڏن اميرن مان ھڪ ھوندو ھو، جنهن جو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آھيان ته ھو پاڻ کي قريشي سڏائيندو ھو، پر اول درجي جو بي رحم ۽ ظالم ھوندو ھو. ھن شھر جي ڪيترن ماڻھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ھو ۽ گھڻن ئي ماڻھن جا ھٿ پير ڪپائي ڇڏيا ھئائين.
مون ھن شھر ۾ ھڪ ماڻھو ڏٺو جيڪو ڏاڍو سھڻو ٿي لڳو ۽ پنهنجي گھر جي ڏيڍيءَ ۾ ويٺو ھو، پر سندس ھٿ ۽ پير ڪپيل ھئا. ھڪ دفعي بادشاھه ھن شھر وٽان اچي لنگھيو ھو ته ھتي جي پاشندن ملڪ مجيد جي اچي شڪايت ڪئي. بادشاھه يڪدم ھن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ ھن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجھائي ڇڏيائين. پوءِ ھو ديوان (ڪورٽ ) ۾ قاضيءَ جي سامھون اچي ويٺو، ۽ شھر جا ماڻھو اچي سندس ظلم ۽ جبر، جيڪي ھن ماڻھن سان ڪيا ھئا، سي ھڪ ھڪ ڪري لکائيندا ويا، بادشاھه تنهن تي حڪم ڪيس ته انهن سڀني کي راضي ڪر. جڏھن ھن پنهنجو سمورو مال ڏيئي، ماڻھن کي راضي ڪيو، تڏھن بادشاھه کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
شھر جي وڏن عالمن مان ھڪ عالم امام غزالدين زبيري ھو ۽ زبير بن التوام رضه صحابيءَ جي اولاد مان ھو، ھن سان منهنجي ملاقات گواليار ۾ ملڪ عزالدين بنتاني عرف باعظم ملڪ وٽ ٿي ھئي.
پوءِ اسان بيانا مان ڪوچ ڪري اچي شھر ڪول ۾ لٿاسين. ھيءُ ھڪ سھڻو شھر آھي ۽ منجھس باغ تمام گھڻا آھن. جن ۾ انبن جا وڻ زيادھ آھن. اسان ٻاھر ھڪ ميدان تي اچي ترسياسين، جتي مون شيخ صالح عابد شمس الدين، جو تاج العارفين جي لقب سان مشھور ھو، ان کان پوءِ بادشاھه ھن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو، جتي ھن وفات ڪئي ھئي، اھو سڄو قصو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان.
[b]ڪول جي ڀرسان اسان جي ڪافرن سان لڙائي
[/b]جڏھن اسين ڪول(1) جي شھر ۾ پھتاسين تڏھن خبر آئي ته ھندن جلالي(٢) جي شھر کي اچي گھيرو ڪيو آھي. ھي شھر ڪول کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ھو. پوءِ اسان اوڏانهن وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو. ان شھر جا باشندا ھندن سان لڙي رھيا ھئا، ۽ ھندو ھنن کي قتل ڪري انهن جي شھر کي ڦري برباد ڪري ڇڏين ھا. پر ھنن کي اسان جي اچڻ جي خبر نه ھئي، اسان ھنن تي وڃي حملو ڪيو. ھو ڪل ھڪ ھزار سوار ۽ ٽي ھزار پيادا ھئا.جي سڀ اسان جي ھٿان مارجي ويا، ۽ اسان ھنن جي گھرن ۽ ھٿيارن تي وڃي قبضو ڪيو، اسان جا ٽيٽيھه سوار ۽ پنجاھه پيادا مارجي ويا ۽ ڪافور ساقي يعني شربدار، جنهن جي نگرانيءَ ھيٺ چين جا تحفا ھئا، به ھن لڙائيءَ ۾ شھيد ٿي ويو. اسان ھن جي شھادت جي خبر بادشاھه کي ڏياري موڪلي ۽ جواب جي انتظار ۾ انهيءَ شھر ۾ ترسي پياسين. ھندو جبلن مان نڪري اچي جلالي شھر تي حملا ڪندا ھئا، تنهن ڪري اسان جو امير ھر روز اسان کي انهن جي مقابلي لاءِ وٺي ويندو ھو.
________________________________________
(1) ھندستان ۾ ھيءُ شھر مراد آباد جي ضلعي ۾ آھي ۽ مراد آباد کان ٣٣ ميل ڏکڻ اولهه طرف آھي – مترجم
(2) بجنور پڻ ھندستان ۾ ھڪ قديم شھر آھي- مترجم
(1) تاپٽ:- ھي مٿرا واري رستي سان لڳ، دھليءَ جي ڀرسان ھڪ پراڻي ڳوٺ جو نالو آھي، ھت ھڪ سرڪاري اسڪول به آھي، تاريخن ۾ ھن ڳوٺ جو نالو ٿو اچي، ڇو ته دھليءَ ڏانهن ايندي، ھر مسافر کي ھتان ضرور لنگھڻو پوندو ھو، ھي شايد مھا ڀارت واري زماني جي پنجن پٽن اندر پٽ، تلپٽ، سوني پٽ، باغپٽ ۽ پاني پٽ، مان شايد ھڪ آھي،
(2) آؤ:- ھي ھڪ پراڻو ڳوٺ مٿرا جي رستي تي آھي، جنهن جو ذڪر” آئينه اڪبري“ ۾ به آيل آھي – مترجم
(3) ھيلو:- ھن جو پتو نه ٿو پوي ته ڪٿي آھي، پر ڪنهن زماني ۾ ضرور ھوندو، ۽ مٿرا جي رستي تي ئي ھوندو.- مترجم
(1) بيانا:- ھي شھر دھليءَ کان ١٠٠ ميل پري ڏکڻ طرف آھي، ۽ ڀرتپور جي ڏکڻ اولهه طرف آھي، تمام قديمي شھر آھي. موجودھ حالت ۾ به چڱو آباد آھي، ۽ ڪافي آدمشاري اٿس. ھن وقت اھو شھر آگري ۽ بمبئي واري رستي تي ڀرتپور جي رياست ۾ آھي. مترجم
(1) ۽ (٢) شھر ڪول ۽ جلالي:-جنهن صورت ۾ ابن بطوطه بيانا کان پوءِ ڪول جو بيان ڪيو آھي. تنهن مان شڪ ٿو پوي ته اھو شھر ضرور بيانا ٧ گواليار جي وچ تي ھوندو. پر ان ۾ به ڪجھه شڪ ڪونهي ته ڪول جو مطلب اھا ئي ڪوئل آھي، جنهن کي ھن وقت علي ڳڙھھ سڏيو ٿو وڃي، ڇو ته جلالي نالي ھڪ قديمي شھر اڃا تائين به علي ڳڙھھ جي اڀرندي طرف تمام ويجھو موجود آھي.- مترجم