سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

  فصل ٽيون

معبر ڪي ملڪ جو بادشاھه
معبر جو بادشاھه غياث الدين دامغالي آھي، جيڪو پھريائين ملڪ مجيد بن ابي الرحمان جي سوارن ۾ نوڪر ھو ۽ ھي امير وري سلطان محمد تغلق جي خادمن مان ھڪ ھو، ان بعد ھي (غياث الدين دامغاني) سلطان سيد جلال الدين جي پٽ سيد حاجيءَ جي نوڪريءَ ۾ آيو ھو، جتان بادشاھه بنجي ويھي رھيو. ھن کي پھريائين سراج الدين ڪري چوندا ھئا، پر پوءِ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن سلطان غياث الدين جو لقب اختيار ڪيائين. ھي ملڪ پھريائين دھليءَ جي بادشاھه جي ماتحت ھوندو ھو. جنهن کان منهنجي سھرو شريف جلال الدين احسن شاھه باغي ٿي ويو ھو ۽ پنج سال خود مختيار ٿي حڪومت ڪيائين، ان بعدکيس قتل ڪيو ويو ۽ سندس ھڪ امير علاؤ الدين ان جي نالي بادشاھه ٿيو.
ھڪ سال کان پوءِ ھن ڪنهن ھندو راجا تي چڙھائي ڪئي، جتان ڪيترو ئي لٽ جو سامان ھٿ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي آيو، وري به ان تي ڪاھي ويو ۽ ڪيترن ئي ھندن کي ماري انهن کي شڪست ڏنائين. ان لڙائي ۾ ھڪ ڏينهن پاڻي پيئڻ لاءِ جيئن ئي ( فولادي) خول مٿي تان لاٿائين ته ھڪدم تير اچي لڳس ۽ مري ويو. ان کان پوءِ سندس ناٺي قطب الدين کي بادشاھه بنايائون، پر ھن جون عادتون چڱيون ڪين ھيون، تنهنڪري چاليھن ڏينهن کان پوءِ کيس ماري ڇڏيائون ان کان پوءِ سلطان غياث الدين بادشاھه ٿيو، جنهن سلطان شريف الدين جي ڌيءُ مان، جنهن جي ڀيڻ سان دھليءَ ۾ منهنجو نڪاح ٿيو ھو، شادي ڪئي ھئي.

منهنجو سلطان غياث الدين وٽ پھچڻ
جڏھن مان ڪئمپ جي ڀرسان پھتس، تڏھن ھن منهنجي استقبال لاءِ ھڪ حاجب موڪيلو ھو. (ان وقت) ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ ويٺو ھو. اتي دستور آھي ته بادشاھه جي سامھون ڪو به شخص بنان موزن پھرڻ جي وڃي نٿو سگھي. مون وٽ موزا ڪو نه ھئا، تنهن ڪري ھڪ ھندوءَ مون کي پنهجا موزا ڏنا، جيتوڻيڪ اتي ڪيترائي مسلمان موجود ھئا ( پر ڪنهن کان به ڪين وريو). مون کي ان ھندوءَ جي مروت تي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ مان بادشاھه جي سامھون ويس، جنهن مون کي ويھي رھڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪدم قاضي حاجي صدر زمان بهاءُ الدين کي گھرائي، سندس ڀرسان رھائش لاءِ مون کي ٽي خيما ڏياريائين. ازانسواءِ فرش (گلم وغيره) ۽ کاڌو يعني چانور ۽ گوشت به موڪليائين. ھن ملڪ ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر کاڌي کان پوءِ کير جي لسي پيئندا آھن.
پوءِ مان بادشاھه وٽ ويس ۽ ھن کي مالديپ ڏانهن لشڪر موڪلڻ جي صلاح ڏنيم. ھن ان جو پڪو ارادو ڪري، جھاز به مقرر ڪري ڇڏيا ۽ اتي جي ملڪ جي لاءِ تحفا ۽ اميرن ۽ وزيرن لاءِ خلعتون به تيار ڪرايائين، ۽ مون کي، ملڪ جي ڀيڻ سان نڪاح ڪرڻ لاءِ وڪيل مقرر ڪندي، حڪم ڏنائين، ته ان ٻيٽ جي محتاجن لاءِ ٽن جھازن ۾ صدقو روانو ڪيو وڃي، پوءِ مون کي چيائين ته تون پنجن ڏينهن کان پوءِ وري مون سان ملجانءِ، پر امير البحر خواجه سرلڪ چيو ته مالديپ ڏانهن ٽن مھينن تائين سفر ڪرڻ ناممڪن آھي، تنهن تي بادشاھه مون کي چيو ته تون بٽن ڏانهن ھليو وڃ ۽ جڏھن اھو عرصو ختم ٿئي تڏھن داراخلافه مترا ۾ اچي اتان روانو ٿي وڃجانءِ. مان ڪجھه وقت ھن وٽ ترسيس ۽ انهيءَ عرصي ۾ منهنجيون ٻانهيون ۽ ساٿي به اچي مون سان مليا.

اسان جو سفر زالن ۽ ٻارن جي قتل جو وحشتناڪ نظارو ڏسڻ:
جنهن زمين تي اسان سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنهن ۾ رڳو جھنگل پيو ھو ۽ منجھس وڻ ۽ بانس ايتري قدر گھاٽا ھئا، جو پيادو ھلڻ تمام ڏکيو ھو. تنهن لاءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته لشڪر جو ھر ھڪ ماڻھو پاڻ سان ھڪ ھڪ تير کڻي، جنهن سان جنهگل کي ڪپيندو وڃي، اسان جتي به لھندا ھئاسين ته اتان ھو سڀيئي سوار ٿي جھنگل ھليا ويندا ھئا ۽ صبح کان شام تائين وڻ ڪپيندا رھندا ھئا. پوءِ ھر ھڪ جماعت ( واري واري سان) ماني کائي وري وڻن ڪپڻ جو ڪم شروع ڪندي ھئي ۽ شام تائين ائين ڪندا رھندا ھئا. جيڪڏھن جھنگل ۾ ڪو ھندو ملندو ھو ته ان کي گرفتار ڪري ھڪ ڪاٺيءَ جنهن جا ٻئي منهن تيز گھڙيل ھوندا ھئا، ھن جي ٻنهي ڪلھن مان لنگھائي کيس ڪئمپ ۾ کڻي ايندا ھئا ۽ ھن سان گڏ ھن جي زال ۽ ٻار به ھوندا ھئا.
ھنن جو دستور ھوندو ھو ته ڪئمپ جي چوڌاري ڪاٺ جي ھڪ ڀت ٺاھي ڇڏيندا ھئا، جنهن کي چار دروازا ھوندا ھئا ۽ ان کي ” ڪٽ گھر“ ڪري چوندا ھئا، ان ۾ جيڪو بادشاھه جو تنبو ھوندو ھو، تنهن جي چوڌاري وري ٻيو ڪٽ گھر تيار ڪندا ھئا ۽ ان ڪٽ گھر جي ٻاھران انساني قد جي اڌ جيترا اوچا چبوترا ٺاھي، رات جو انهن تي باھه ٻاري روشني ڪندا ھئا. ازانسواءِ پيادا ۽ غلام جاڳندا رھندا ھئا، ۽ جڏھن رات جي وقت ھندو ڪئمپ تي حملو ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا، تڏھن ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ بانس جي لڪڻ ھوندي ھئي سا کڻي ٻاريندو ھو ته انهن مان اھڙي ته روشني نڪرندي ھئي جو ڄڻ ته ڏينهن ٿي ويو آھي.
پوءِ گھوڙي سوار يڪدم دشمن جي پٺيان نڪري پوندا ھئا ۽ شام تائين جيڪي قيدي پڪڙي ايندا ھئا، انهن کي چئن جماعتن ۾ ورھائيندا ھئا، ۽ ھر ھڪ جماعت کي ڪٽ گھر جي چئني دروازن تي وٺي ويندا ھئا. ھر ھڪ دروازي جي ڀرسان وري اھا ڪاٺي، جيڪا سڀيئي قيدي جھنگل مان پنهنجن ڪلھن تي کڻي ايندا ھئا،کوڙي ان ۾ ھر ھڪ قيدي کي پوئيندا ويندا ھئا، پوءِ ھنن جي زالن جا وار انهيءَ ڪاٺيءَ سان ٻڌي، سندن ڪڇن تي، جيڪي ٻار ھوندا ھئا تن کي اتي ئي ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا.
ان بعد، انهن کي اتي ڇڏي، سڀ اچي ڪئمپ ۾ وڻن ڪپڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ھي بي رحميءَ جي ۽ قابل نفرت ڪارروائي، مون ڪنهن به ٻئي بادشاھه کي ڪندي ڪانه ڏٺي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن ظلم جي ڪري، ھي بادشاھه جلد ئي مري ويو. ھڪ ڏينهن مان بادشاھه جي ھڪ طرف ويٺو ھوس ۽ ٻئي طرف قاضي ھو. اسان ماني کائي رھيا ھئاسين، ته ھڪ ھندو کي، زال ۽ پٽ سوڌو وٺي آيا. ھن جي پٽ جي عمر ست سال کن ھئي. ھن جلادن کي حڪم ڏنو ته ھن قيديءَ کي ماري ڇڏيو ۽ ائين به چيائين ته ھن جي زال ۽ پٽ کي به ماريو. پوءِ ھنن جون سسيون لاٿيون ويون. مون ان وقت پنهنجو منهن کڻي ٻئي طرف ڪيو ۽ جڏھن اٿيس تڏھن ڏٺم ته ھنن جا سر مٽي ۾ پيل ھئا. ٻئي ڏينهن پڻ مان ان وٽ موجود ھوس ته وري ھڪ ھندو کي وٺي آيا. بادشاھه ڪجھه چيو پر مون نه سمجھيو. يڪدم جلادن تلوارون کڻي ڪڍيون، مان جلدي جلدي اٿي ھلڻ لڳس. بادشاھه مون کان پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ مون جواب ڏنو ته اسر جي نماز پڙھڻ ٿو وڃان. ھو سمجھي ويو ۽ کلي ڏنائين. پوءِ ھنن جي ھٿن ۽ پيرن ڪپڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مان جڏھن واپس آيس تڏھن ڏٺم ته ھو مٽيءَ ۽ رت ۾ ڦٿڪي رھيو ھو.

ڪافرن سان لڙائي ۽ اسلام جي شاندار فتح
ھن بادشاھه جي آس پاس ۾، بلال ديو نالي ھڪ راجا ھوندو ھو. ھو ھڪ وڏي شان وارو راجا ھو ۽ اٽڪل ھڪ لک کن لشڪر ھوس. ھن وٽ ويھه ھزار کن مسلمان پڻ ھئا. جن مان گھڻو ڪري چور، ڊاڪو ۽ رو پوش غلام ھئا، ان راجا معبر تي حملو ڪيو. ان وقت بادشاھه وٽ فقط ڇھه ھزار کن ماڻھن جي فوج ھئي، جن جو اڌ تعداد ته تجربيڪار سپاھين جو ھو ۽ باقي سڀ فضول ۽ بي سامان ماڻھو ھئا، ڪيان، شھر جي ٻاھران مقابلو ٿيو، جنهن ۾ معبر جي لشڪر شڪست کاڌي ۽ سڀ ڀڄي اچي دارالخلافه مترا کان نڪتا.
ھوڏانهن راجا ”ڪيان “ کي گھيرو ڪيو. ھي شھر تمام وڏو ۽ مضبوط ھو. تنهن ڪري ھن ڏھن مھينن تائين گھيرو جاري رکيو، تان جو قلعي وارن وٽ وڃي فقط چوڏھن ڏينهن جو کاڌو رھيو. راجا ھنن کي پيغام موڪليو ته ” جيڪڏھن توھان قلعو ڇڏي وڃو ته توھان کي امان آھي.” پر ھنن چيو ته اسان پنهنجي بادشاھه کان ان جي اجازت گھرائينداسين، پوءِ ائين ڪنداسين، تنهن تي راجا چيو ته ”چڱو“ انهن چوڏھن ڏينهن جي عرصي ۾ اجازت گھرائي وٺو. راجا به سلطان غياث الدين کي لکي موڪليو، جنهن جمعي جي ڏينهن اھو خط سڀني کي ٻڌايو. حاضرين ٻڌي روئڻ لڳا ۽ چيائون ته اسان پنهنجيون جانيون خدا جي راه ۾ وقف ٿاڪريون، ڇو ته جيڪڏھن راجا اھو شھر ورتو، ته پوءِ يڪدم اسان جي شھر تي چڙھي ايندو، تنهنڪري گرفتار ٿيڻ کان تلوارن جي ڇانو ۾ مرڻ بهتر آھي.
پوءِ ھڪ ٻئي سان واعدو ڪيائون ته ڪو به نه ڀڄندو. ٻئي ڏينهن سڀ ٻاھر نڪتا ۽ پنهنجا پٽڪا گھوڙن جي ڪنڌن سان کڻي ٻڌائون، جنهن مان ظاھر ھو ته مرندا مگر پٺ تي نه ھٽندا. ھنن مان جيڪي ٽي سو کن دلير ۽ بهادر ھئا، سي سڀني کان اڳي اڳتي وڌيا. ميمنه (ساڄي) پاسي سيف الدين بهادر کي کڙو ڪيائون، جيڪو ھڪ وڏو عالم، پرھيز گار ۽ بهادر شخص ھو، جنهن سان ھن جي ٽي ھزار فوج ھئي، باقي ٽي ھزار ماڻھو پنهنجي پٺيان بيھاريائون جن تي اميرالدين ڪيخسرو کي سردار مقرر ڪيائون.
شام جي مھل ھنن سفر شروع ڪيو، جنهن کان دشمن بلڪل غافل رھيو ۽ سندن گھوڙا پڻ چراگاھه ۾ چرڻ لاءِ ويا ھئا. اوچتو ئي اچتو اميرالدين ھنن تي حملو ڪيو. راجا سمجھيو ته ڪي چور آھن، تنهنڪري بنا ڪنهن تياريءَ جي ھنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو. مقابلي ھلندي بادشاھه غياث الدين به اچي پھتو. راجا سخت شڪست کاڌي ۽ ارادو ڪيائين ته سوار ٿي ڀڄي وڃان، ان وقت ھن جي عمر اسي سال ھئي، ناصرالدين جيڪو غياث الدين جو ڀائيٽو ھو تنهن اچي ھن کي پڪڙيو ۽ کيس قتل ڪرڻ ٿي چاھيائين ته سندس ھڪ غلام ٻڌايو ته ھي راجا آھي، تنهنڪري ھن کي قيد ڪري پنهنجي چاچي وٽ وٺي آيو. بادشاھه ظاھر ۾ ته ھن جي ڏاڍي تعظيم ڪئي ۽ خراج ۾ ھن کان ھاٿي،گھوڙا ۽ ٻيو سامان ورتائين، ڇاڪاڻ ته ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو انجام ڏنو ھئائين، پر جڏھين ھن وٽ ڪجھه به ڪونه رھيو تڏھين کيس مارائي ڇڏيائين ۽ سندس کل لاھرائي، ان ۾ بهه ڀرائي، مترا جي فصيل تي لٽڪارائي ڇڏيائين، جتي مون به ھن کي اتي لٽڪيل ڏٺو ھو.
ھاڻي مان پنهنجي اصل مطلب تي ٿو اچان. مون ڪئمپ مان ڪوچ ڪيو ۽ اچي پٽن(1) شھر ۾ پھتس. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جو ھڪ عجيب بندرگاھه آھي. ان جي بندرگاھه ۾ ڪاٺ جو ھڪ وڏو برج ٺھيل آھي. جيڪو ٿلھن ۽ مضبوط ڪاٺ جي بنڊن تي ٺاھيو ويو آھي، ان جي مٿان ڇت آھي ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ پڻ رکيل آھي. جڏھين دشمن جو خوف ٿيندو اٿن ۽ جھاز بندر ۾ ھوندا آھن ته اھي ان جي ڀرسان آڻي پاڻ جھاز وارا، برج تي چڙھي، دشمن کان بي خوف ٿي وڃي ويھي رھندا آھن. ھن شھر ۾ ھڪ مسجد پٿر جي ٺھيل آھي، جنهن ۾ انگور ۽ ڏاڙھون جام ٿيندا آھن، اتي مان شيخ صالح محمد نشاپوريءَ سان مليس، جيڪو انهن مجذوب فقيرن مان آھي، جيڪي ڪلھن تائين وار رکائيندا آھن. ھن وٽ ست لومڙيون پڻ ھيون، جيڪي فقيرن سان گڏ کائينديون ھيون ۽ انهن سان گڏ ويٺيون ھونديون ھيون. ھن سان ويھارو کن ٻيا به فقير ھئا، جن مان ھڪ وٽ ھڪڙي ھرڻي ھئي جيڪا شينهن جي ڀر سان وڃي بيھندي ھئي، ته شينهن کيس ڪجھه به ڪو نه چوندو ھو.
مان پتن جي شھر ۾ ترسيل ھوس ته سلطان غياث الدين جي لاءِ ھڪ جوڳيءَ قوت باھه جو گوليون تيار ڪيون ھيون، جنهن ۾ ھڪ جزو ڪشتو فولاد پڻ ھو، ان کي ھو وزن کان وڌيڪ کائي ويو، تنهن ڪري بيمار ٿي پيو؛۽ جڏھين پتن ۾ آيو تڏھين مان ساڻس ملڻ ويس ۽ ڪجھه تحفا نذراني طور به پيش ڪيامانس، پوءِ ھو پتن ۾ ڪجھه وقت ترسيو ۽ اميرالبحر (خواجا سرور) کي گھرائي چيائين ته جيڪي جھاز اسان مالديپ جي ٻيٽن ڏانهن موڪلڻ لاءِ مقرر ڪيا آھن تن کي ٻئي ڪنهن ڪم تي نه لڳائجانءِ ۽ ارادو ڪيائين ته مون کي منهنجن تحفن جي قيمت ادا ڪري ڇڏي، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو، مان پنهنجي ان انڪار تي پوءِ ڏاڍو پشيمان ٿيس، ڇاڪاڻ ته جلدي بادشاھه مري ويو ۽ مون کي ڪجھه به حاصل ڪو نه ٿيو.
بادشاھه پتن ۾ اڌ مھينو ترسي، پنهنجي دارالخلافه ”مترا“(1)ڏانهن ھليو ويو، ان کان پوءِ مان پڻ اتي اڌ مينهو ترسي دارالخلافه ڏانهن ھليو ويس. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جون گھٽيون ۽ رستا تمام ڪشادا آھن. شروع شروع ۾ ھن شھر کي منهنجي سھري سيد جلال الدين احسن شاھه پنهنجي گاديءَ جو ھنڌ ڪيو ھو ۽ دھليءَ جي نموني تي ھن جو بنياد رکائي منجھس سٺيون سٺيون عمارتون ٺھرايون ھئائين. جڏھن مان اتي ويو ھوس، تڏھن وبا جو مرض پکڙيل ھو، ايتري قدر جو جڏھن ڪو ھن مرض ۾ مبتلا ٿيندو ھو ته ٻئي يا ٽئين ڏينهن مري ويندو ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار ڏينهن دير لڳندي ھئي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪو به شخص بيماري ڪو نه ڪاٽيندو ھو.
مان جڏھن ٻاھر نڪرندو ھوس، ته ڪو مريض يا جنازو ضرور نظر ايندو ھوم. مون ھڪ ٻانهي خريد ڪئي ھئي. جيڪا بلڪل صحيح ۽ سالم ھئي، پر ٻئي ڏينهن مري ويئي، ھڪ ڏينهن مون وٽ ھڪ عورت آئي جنهن جو مڙس سلطان احسن شاھه جو وزير ھو. ھن سان گڏ ھڪ ستن سالن جو ڇوڪرو پڻ ھو. جيڪو ڏاڍو ذھين ۽ ھوشيار پڻ معلوم پئي ٿيو. ھن عورت اچي پنهنجي غريبيءَ جو حال ٻڌايو، جنهن تي کيس مون ڪجھه ڏيئي روانو ڪيو. انهيءَ وقت ماءُ ۽ پٽ ٻئي بلڪل تندرست ھئا، ٻئي ڏينهن ھوءَ موٽي آئي ۽ پنهنجي پٽ جي ڪفن لاءِ ڪجھه گھريائين، جنهن مان معلوم ٿيو ته ھو موري ويو. مان ڏسندو ھوس ته ھر روز سلطان جي محل ۾ سوين عورتون مرنديون رھنديون ھيون، اھي عورتون انهن چانورن ڇڙڻ لاءِ آنديون وينديون ھيون، جيڪي بادشاھه جي کاڌي کان علاوه ٻين ماڻھن جي کاڌي ۾ به صرف ڪيا ويندا ھئا. ھو جڏھن مرض ۾ مبتلا ٿينديون ھيون تڏھن وڃي اس ۾ ليٽنديون ھيون ۽ مري وينديون ھيون.
بادشاھه جڏھن مترا ۾ آيو، تڏھن سندس ماءُ، زال ۽ پٽ بيمار ھئا، تنهن ڪري فقط ٽي ڏينهن شھر ۾ ترسي، پوءِ ھڪ نهر ڏانهن جيڪا شھر کان ٽي ميل پري ھئي، ھليو ويو. اتي ھندن جو ھڪ مندر پڻ ھو. مان به خميس جي ڏينهن وڃي اتي پھتس. مون کي حڪم مليو ته تون وڃي قاضيءَ جي ڀر واري خيمي ۾ رھھ. ان وقت مون ماڻھن جي ڊڪڻ ۽ ڊوڙڻ جا آواز ٻڌا، جن مان ڪي چوندا ٿي ويا ته سندس پٽ مري ويو. آخر صحيح خبر اھا ملي ته بادشاھه جو پٽ مري ويو ۽ ان کان پوءِ بادشاھه جي ماءُ پڻ خميس جي ڏينهن مري ويئي.

بادشاھه جو فوت ٿيڻ ۽ سندس ڀائٽئي جو تخت تي ويھڻ ۽ منهنجو اتان روانو ٿيڻ
ٽئين خميس جي ڏينهن سلطان غياث الدين پڻ فوت ٿي ويو. مان اھا خبر ٻڌي فساد جي خوف کان شھر ۾ ھليو آيس، ته بادشاھه جو ڀائٽيو ناصرالدين شھر کان ٻاھر نڪري ڪئمپ ڏانهن ايندي مليم. بادشاھه ھن کي پنهنجو ولي عھد بنائي ويو ھو، ڇاڪاڻ ته بادشاھه کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪو نه ھو. ھن مون کي چيو ته ”مون سان گڏ واپس ھل“ جنهن تي پھرين مون انڪار ڪيو ۽ اھا ڳالھه ھن پنهنجي دل ۾ رکي ڇڏي. ھيءُ ناصرالدين دھليءَ ۾ بادشاھه جو ملازم ھوندو ھو. پوءِ جڏھن سندس چاچو معبر جو بادشاھه بڻجي ويٺو. تڏھن ھي دھليءَ مان فقيرن جو ويس بدلائي ھتي ڀڄي آيو ھو. ھن جي تقدير ۾ ڪو غياث الدين جي مرڻ پڄاڻان بادشاھه ٿيڻ لکيل ھو.
جڏھن ھن جي بيعت ڪئي ويئي، تڏھن شاعرن ھن جي تعريف ۾ قصيدا پڙھيا، جن لاءِ ھن ھنن کي وڏا انعام ڏنا، سڀ کان اڳ قاضي صدرالدين ھن جي مبارڪ بادي جا شعر پڙھيا، جنهن کي پنج سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. پوءِ وزير، جنهن کي قاضي چوندا آھن، کي ٻه ھزار دينار ۽ مون کي ٽي سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. ان بعد فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻي انداز ۾ خيرات ڏني ويئي، ۽ جڏھن خطيب سندس نالي جو خطبو پڙھيو تڏھن مٿس دينار ۽ درھم، جيڪي سون ۽ چانديءَ جي ٿاليھن ۾ پيل ھئا، نثار ڪياويا. ازانسواءِ سلطان غياث الدين جي قبر تي قاضي مقرر ڪيا ويا، جيڪي ھر روز قبر تي قرآن شريف ختم ڪندا ھئا. پوءِ عشر خوان اچي پڙھندا ھئا ۽ ان بعد کاڌو ايندو ھو، جيڪو سڀ ماڻھو کائيندا ھئا ۽ ان بعد ھر ھڪ شخص کي سندس مرتبي آھر درھم ڏنا ويندا ھئا. ۽ اھڙي طرح سان چاليھه ڏينهن ائين ڪندا رھيا. تنهن کان پوءِ ھر سال ھن جي وفات جي ڏينهن اھڙيءَ طرح ڪندا ھئا، جھڙيءَ طرح وفات واري ڏينهن ڪيو ھئائون.
ناصر الدين تخت تي ويھڻ شرط پنهنجي چاچي جي وزير کي موقوف ڪري، ان جو سمورو مال ھن کان گھريو ۽ ملڪ بدرالدين کي پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. ھيءَ اھو شخص ھو جنهن کي سندس چاچي منهنجي استقبال لاءِ پتن ۾ موڪليو ھو؛ پر ھو جلدي مري ويو، تنهن ڪري(خواجه سرور) امير البحر کي وزير مقرر ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته ھن کي خواجه جھان سڏيو وڃي، جيئن ديوي جو وزير سڏيو ويندو آھي ۽ جيڪو وزير کي خواجه جھان نه چوندو، ان تي ھيترو ڏنڊ ڪيو ويندو، ان کان پوءِ ناصرالدين پنهنجي پڦيءَ جي پٽ کي جنهن سان سلطان غياث الدين جي ڌيءَ پرڻيل ھئي، قتل ڪرائي، ھن جي بيواه سان پاڻ شادي ڪئي. جڏھن ھن کي خبر ملي ته ملڪ مسعود جيل ۾ ھن جي پڦيءَ جي پٽ سان ملاقات ڪئي ھئي ته ان کي به مارائي ڇڏيائين. ملڪ بهادر جيڪو ھڪ وڏو سخي مرد، فاضل ۽ بهادر ھو، تنهن کي به قتل ڪرائي ڇڏيائين.
ھن منهنجي لاءِ حڪم ڪيو ته جيڪي جھاز سندس چاچي مالديپ جي ٻيٽن لاءِ مقرر ڪيا ھئا، سي مون کي ساڻ ڏنا وڃن، انهي عرصي ۾ مون کي به اھو بخار ٿي پيو جيڪو خون خوار وبا جي ڪري پکڙيل ھو، مون سمجھيو ته بس ھاڻي منهنجو زنده رھڻ ڪونهي، پر خدا تعاليٰ منهنجي دل ۾ ھيءَ ڳالھه وڌي جو اڌ سير گدامڙي پائيءَ ۾ ڳاري، پي ڇڏيم، جنهن کان مون کي ٽي ڏينهن سانده دست ايندا رھيا ۽ پوءِ تندرست ٿيڻ لڳس، مون ھن شھر کي ڇڏڻ چاھيو ۽ سفر لاءِ بادشاھه کان اھڙي اجازت گھريم، جنهن جواب ڏنو ته ”تنهنجي مالديپ وڃڻ ۾ فقط ھڪ مھينو وڃي رھيو آھي، تنهن ڪري تون ھتي ترسي پئو ته جيئن مان آخوند عالم جي حڪم جي تعميل ڪري سگھان ۽ جيڪي تو ھان موڪلڻ جي لاءِ مقررڪري ويو آھي، سو تنهنجي سپرد ڪريان.“ پر مون چيو ته ”مان وڌيڪ ترسي نٿو سگھان.“ پر ھن پٽن ۾ پنهنجي عملدارن کي حڪم نامو لکي موڪليو ته جنهن به جھاز ۾ مان وڃڻ چاھيان، تنهن ۾ مون کي وٺي وڃن.
مان پٽن ۾ آيس ته اتي يمن وڃڻ لاءِ اٺ جھاز تيار بيٺا ھئا، جنهن مان ھڪ جھاز ۾ مون سفر ڪيو. رستي ۾ اسان کي چار (ڊاڪن جا) جھاز مليا، جن سان ٿورو مقابلو ٿيو ۽ ھو واپس ھليا ويا، پوءِ اسان اچي ”ڪولم“ ۾ پھتاسين. اڃا تائين مون ۾ اھو مرض باقي ھو، تنهنڪري مان اتي ٽي مھينا ترسي پيس. پوءِ ھڪ جھاز ۾ چڙھي سلطان جمال الدين ھنوري ڏانهن روانو ٿيس، ته ھنور ۽ فاڪنور جي وچ تي ھندن اسان تي حملو ڪيو.

________________________________________
(1) اصل متن ۾ فتن آھي پر اصل پتن آھي، ڇو ته عربيءَ ۾ پ حرف ڪونهي، تنهن جي بجاءِ ڪم آندل آھي. ھي ڪاويري نديءَ جي منهن وٽ ھڪ وڏو بندرگاھه ھوندو ھو، جنهن جي باري ۾ ٻڌجي ٿو ته سنه ١٣٠٠ جي لڳ ڀڳ درياءَ جي چاڙھه سبب بارباد ٿي ويو ھو، پر معلوم ٿو ٿئي ته ان جي بربادي ابن بطوطه جي زماني کان پوءِ ٿي، ڇاڪاڻ ته سنه ١٣٤٥ع يا سنه ١٣٤٦ع ڌاري اھو شھر موجود ھو.
(1) مترا – ھن شھر کي ھاڻي متڊورا ڪري سڏيندا آھن، جو مدراس ۾ آھي ۽ اڃا تائين به ھڪ وڏو شھر آھي.-مترجم