سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل پھريون

[b]ھندستان جي وڻن ۽ ميون جو بيان
[/b]ھندستان جو ھڪ ميوو انب ٿيندو آھي، ان جو وڻ نارنگي جي وڻ جھڙو آھي پر ان کان گھڻو وڏو ۽ وڌيڪ پنن وارو ٿيندو آھي، ڇانو به گھاٽي ٿيندي اٿس پر جو به ماڻھو ان جي ڇانو ۾ ننڊ ڪندو آھي سو سست ٿي پوندو آھي. ان جو ميوو آلو بخاري کان وڏو ۽ پچڻ کان اڳ سائي رنگ جو ٿيندو آھي، اھڙي حالت ۾ جڏھن وڻ مان ڪري پوندو آھي ته ان ۾ لوڻ وغيره وجھي آچار ٺاھيندا آھن جيئن اسان جي ملڪ ۾ کٽائي ۽ ليمي جو آچار ٺاھيندا آھن، اھڙيءَ طرح سان ھتي ادرڪ ۽ مرچ جو آچار پڻ ٺاھيندا آھن ۽ ھر ھڪ لقمي سان گڏ ٿورو آچار کائيندا رھندا آھن.
جڏھن خريف جي موسم ۾ انب پچندو آھي تڏھن پيلي رنگ جو ٿي ويندو آھي ۽ ان کي صوف وانگي کائيندا آھن، ڪي ماڻھو ان کي ڇلي کائيندا آھن ۽ ڪي ان کي چوسيندا آھن، ان ۾ مٺاڻ سان گڏ ڪجھه ترشي به ٿيندي آھي، ککڙي وڏي نڪرندي اٿس ۽ ان کي پوکڻ سان وڻ ڄمي پوندو آھي، جيئن نارنگي جو ٻج پوکيندا آھن.
ٻيو وڻ شڪي ۽ برڪي(1) جو ٿيندو آھي. ھي وڻ ڪافي وڏوٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن جھڙا ٿيندا اٿس. ھن جو ميوو وڻ جي پاڙ ۾ لڳندو آھي، جيڪو ميوو زمين تي ٿيندو آھي ان کي برقي چوندا آھن ۽ مٺاڻ ۾ وڌيڪ چڱيءَ ذائقي وارو ٿيندو آھي، ۽ جيڪو مٿي وڻ ۾ لڳندو آھي، تنهن کي شڪي چوندا آھن. ان جو ميوو وڏي ڪدوءَ جيڏو ٿيندو آھي ۽ کل ڳئون جي کل جھڙي ٿيندي اٿس، جڏھن خريف جي مند ۾ تمام پيلو ٿي ويندو آھي، تڏھن ان کي پٽي ڪپيندا آھن ته منجھانئس سو يا ٻه سئو داڻا ٻجن جي صورت ۾ نڪرندا آھن. انهن داڻن جي وچ ۾ ھڪ پيلي رنگ جو پردو ٿيندو آھي، ھر ھڪ داڻي ۾ ککڙي ٿيندي آھي، انهن ککڙين کي پچائي يا ڀڃي کائيندا آھن انهن ککڙين کي ڳاڙھي مٽي ۾ پوري ڇڏيندا آھن ته ٻئي سال تائين خراب ٿيڻ کان سواءِ رھي سگھنديون آھن. ھيءُ ميوو ھندستان جي تمام عمدن ميون مان ھڪ آھي.
تندو؛ آبنوس جي وڻ جو ميوو آھي ھي ذردالو جيڏو ٿيندو آھي ۽ رنگ به اھڙوئي ٿيندو اٿس، ھي تمام گھڻو مٺو ٿيندو آھي.
ڄمون؛ ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، ھي ميوو زيتون جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، پر رنگ ڪارو ٿيندو اٿس، ۽ زيتون وانگر ھن ۾ به ٻج ٿيندو آھي.
مٺي نارنگي: ھن ملڪ ۾ تمام گھڻي ٿيندي آھي پر کٽي نارنگي تمام گھٽ ٿي ٿئي، ھن مان ھڪ قسم کٽمٺو به ٿيندو آھي، جيڪو مون کي تمام خوش ذائقو معلوم ٿيندو ھو. مان ان کي ڏاڍي مزي سان کائيندو ھيس.
مھوا: ھي وڻ تمام وڏو ٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن جھڙا پر ڳاڙھاڻ ۽ پيلاڻ ڏانهن مائل ٿيندا اٿس، ان جو ميوو ننڍي آلو بخاري جيڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي. ھر ھڪ داڻي جي مٿان انب جي ڦونڊ وانگر ھڪ ننڍو داڻو ٿيندو اٿس ۽ سندس وچ خالي ھوندو آھي. ھن ميوي جي گھڻي کائڻ ڪري مٿي ۾ سور ٿي پوندو آھي. اس تي سڪائڻ سان ھيءُ انجير جھڙو ٿي پوندو آھي. مان ان کي انجير جي بجاءِ استعمال ڪندو ھئس، ڇاڪاڻ ته انجير ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي.
انگور: ھي به انب جھڙو خوش ذائقه ميوو ٿيندو آھي. ھي ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي ۽ صرف دھلي يا ڪن ٻين ٿورن ھنڌن تي ٿيندو آھي. ھي ميوو سال ۾ ٻه دفعا لھندو آھي ۽ ان جي ککڙين مان تيل ڪڍي ڏِيَن ۾ ٻاريندا آھن. ھتي جي ميون مان ھڪ ٻيو ميوو به آھي جنهن کي ڪسيرا(1) ڪري چوندا آھن. ھن کي زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي، جو تمام مٺو ۽ قسطل(1) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي.
اسان جي ملڪ جي ميون مان، ڏاڙھون به ھندستان ۾ ٿيندو آھي، ۽ سال ۾ ٻه دفعا ميوو جھليندو آھي، جزائر ذيبة المھل(2) ۾ ڏٺو ھئم ته اتي ھي ميوو ٻارھين مھيني لھندو ھو. ان کي انار سڏيندا آھن.

________________________________________

(1) شڪي و برڪي - ھن ميوي جي معلومات لاءِ ڪافي وقت صرف ڪيو ويو ۽ ڪافي معلومات جي صاحبن کي تڪليف ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته ھي ھندستان جو ميوو آھي ۽ ٻيو ابن بطوطه جي طرز بيان ڪجھه منجھائيندڙ به آھي، تنهن ڪري گھڻن صاحبن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو؛ پر جيڪي ڪجھه ھٿ آيو سو عرض رکجي ٿو، شڪي چڪي جو معرب آھي ۽ چڪي ڪٺل ميوو کي چوندا آھن صاحب مخزن الاويه لکيو آھي؛
”چکي ثمر درختي جھ ست کھ بهندي و بنگالي کڻھل نامند و در بنگالھ به ست بلاد ديگر وفوردارد و خوب مي شودو درخت آن عظيم و بزرگ تر از گردگان(اخروٽ).... کڻھل مشابه بشکنه (اوجھري) حيوانيست کھ اندرون آنرا بالا کرده او را از چيزي پر کنند، تخم آن را در جوف کرده باشند وباتش برپان کرده مي خورند“
صاحب مخزن الادوبه جو مٿيون بيان ابن بطوطه جي بيان سان ٺھي اچي ٿو؛ جيئن مٿي ظاھر آھي مصنف سيد المتاخرين لکيو آھي ته بنگال ۽ بيار ۾ ڪٺل ميوو ايڏو ته وڏو ٿيندو آھي جو ھڪ ماڻھو به ان کي مشڪل سان کڻي سگھندو.
(1) ڪسيرا: اسان جي خيال موجب ابن بطوطه گجر، گوگڙو يا بيھه جو بيان ٿو ڪري، ڇو ته زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي؛ مترجم
(1) قسطل: ھڪ قسم جو عربي ميوو.
(2) مالديپ جا ٻيٽ: ذيبة – ديپ، مھل –مال.