سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل پھريون

[b]سيلان جو راجا
[/b]ھن راجا جو نالو ”ايري چڪر ورتي“ آھي. ھن راجا جي سامونڊي طاقت تمام مضبوط آھي. ھن دفعي مان معبر ۾ ھوس، ته ھن جا ھڪ سئو ننڍا ۽ وڏا جھاز اتي موجود ڏٺم. انهيءَ وقت معبر جي بادشاھه جا اٺ جھاز پڻ يمن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ھئا، بادشاھه حڪم ڏنو ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃو. يڪدم ٻيا ماڻھو به پنهنجي پنهنجي ٻيڙين جي مدد لاءِ گڏ ٿي ويا. جڏھن راجا جي جھازن ڏٺو ته کين وجھھ ملي نه سگھيو، تڏھن چوڻ لڳا ته ”اسان به يمن ڏانهن وڃي رھيا آھيون ۽ ھت انهيءَ لاءِ آيا ھئاسين ته سلطان جي جھازن جي حمايت سان اوڏانهن وڃون.“
مان جڏھن ھن راجا وٽ ويس تڏھن منهنجي تعظيم ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويھاريائين. پوءِ مون سان نرمائيءَ ۽ مھربانيءَ سان گفتگو ڪرڻ لڳو ۽ ائين به چيائين ته ”تنهنجا ساٿي بنا ڪنهن ڊپ جي ڀلي جھاز تان لھن، ۽ جيستائين رھندا منهنجا مھمان ھوندا، ڇو ته معبر جي بادشاھه ۽ منهنجي گھاٽي دوستي آھي.“ مان ھن وٽ ٽي ڏينهن رھيس. ھو ھر روز منهنجي پھرئين ڏينهن کان وڌيڪ تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ لڳو، ھو پارسي زبان به سمجھي سگھندو ھو، مون جڏھن ھن کي سڀني ملڪن ۽ شھرن جون ڳالھيون ٻڌايون تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو.
ھڪ ڏينهن مان ھن وٽ ويس ته ڏٺم ته سندس اڳيان سٺن سٺن موتين جو ڍير لڳو پيو ھو، ڇاڪاڻ ته ھن جي علائقي ۾ ٽوٻا سمنڊ مان موتي ڪڍندا آھن. اتي پرکڻ وارا به ويٺا ھئا، جيڪي سٺا موتي جدا ڪندا ٿي ويا، ھن چيو ته ”تو به ڪٿي موتي نڪرندي ڏٺا آھن؟“ مون جواب ڏنو ته ھائو، قيس ۽ ڪش جي ٻيٽن ۾، جتي حاڪم ابن السواملي آھي. ھن چيو ته” برابر مون به ائين ٻڌو آھي“ پوءِ ڪي داڻا کڻي چيائين ته ”ڇا! ھنن جيڏا وڏا وڏا موتي به اتي لڀندا آھن؟“ مون جواب ڏنو ته”نه، اھي ننڍا ننڍا آھن“ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”ھي داڻا مان توکي ٿو ڏيان“ تنهن کان پوءِ مون کي چيائين ته ”تون ڪنهن به قسم جو حجاب نه ڪر ۽ جيڪي ڪجھه به توکي گھرجي سو ھڪدم مون کان گھري وٺ.“ مون جواب ڏنو ته”منهنجو ھتي اچڻ جو مطلب ھو ته قدم شريف جي زيارت ڪريان“ سيلان ۾ آدم کي باوا ۽ حوا کي ماما چوندا آھن. راجا چيو ته ”اھا ڪا مشڪل ڳالھه ڪا نه آھي ۽ مان توکي ماڻھو ڏيندس، جيڪي توکي اتي پھچائيندا. مون چيو مانس ته ”جنهن جھاز ۾ مان آيو آھيان، تنهن کي معبر ڏانهن وڃڻو آھي ۽ متان مون کي دير ٿي وڃي، تنهن ڪري تون مون کي پنهنجي جھازن ۾ اتي پھچائي ڇڏجانءِ“ تنهن تي چيائين ته ”چڱو.“
مون جڏھن جھاز جي مالڪ سان اھا ڳالھه ڪئي، تڏھن ھن چيو ته ”مان تو کان سواءِ ڪو نه ويندس ۽ تون جيڪڏھين ھڪ سال جي عرصي ۾ به واپس ايندي، ته به مان ترسيو پيو ھوندس.“ مون اھو راجا کي ٻڌايو ته ھن جواب ڏنو ته”جيستائين تون موٽي اچين، تيستائين سڀ جھاز وارا منهنجا مھمان ٿي رھندا.“ پوءِ راجا مون کي ھڪ ڏولي ۽ ڪي غلام ڏنا، جيڪي مون کي کڻي اٿي ھليا، ازانسواءِ چار جوڳي، جيڪي ھن سال قدم شريف جي زيارت لاءِ وڃي رھيا ھئا، ٽي برھمڻ، ڏهه پنهنجا ڪم ڪار وارا ماڻھو ۽ منهنجي رستي جو راشن کڻي ھلڻ وارا پندرھن ماڻھو پڻ مون سان گڏ موڪليائين.
ھن رستي تي پاڻي تمام گھڻو ملي سگھندو آھي. پھرئين ڏينهن اسان ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جتان بيد جي ڪاٺين مان ٺھيل ٻيڙيءَ جي وسيلي پار اڪرياسين. اتان ھلي اسان اچي ”منار منڊلي“ ۾ پھتاسين. ھي ھڪ چڱو سھڻو شھر آھي ۽ ھن راجا جي عملداري جي حد تي ٻڌل آھي. اتي راجا جي عملدارن اسان جي ڏاڍي سٺي دعوت ڪئي. دعوت ۾ ھو جھنگلي ڳئن جا گابا، جن کي ھو اتي جي جھنگلن مان شڪار ڪري زنده پڪڙي ايندا آھن، ۽ چانور، گيھه، مڇي، مرغيون ۽ کير موجود ڪري ڏيندا آھن.
ھن شھر ۾ سواءِ ھڪ خراسانيءَ جي ٻيو ڪو به مسلمان ڪو نه ھو، جيڪو بيمار ٿي، رستي ۾ ئي ترسي پيو ھو. اھو پڻ اسان سان گڏجي اٿي ھليو. پوءِ اسان سلاوات جي بندر ۾ پھتاسين. جيڪو ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جتان ھلي ھڪ جھنگل ۾ پھتاسين. اتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ ھاٿي به رھندا ھئا. ھي ھاٿي پرديسين ۽ زيارت لاءِ ويندڙن کي ڪا به تڪليف نٿا رسائين. اھا سڀ شيخ عبدالله بن خفيف جي برڪت آھي، ھن ئي شخص شروع شروع ۾ اھو دستور ڳولي ڪڍيو ھو، نه ته اتي جا ڪافر مسلمانن کي ان رستي سان وڃڻ کان روڪيندا ھئا ۽ انهن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا ھئا.
اھي ڪافر نه مسلمانن سان گڏ کائيندا ھئا، ۽ نه وري انهن کي ڪا شيءَ وڪڻندا ھئا. پوءِ جڏھن انهيءَ شيخ جا ساٿي ھڪ ھاٿيءَ جي ٻچي کي ماري کائڻ لڳا، ڏھن شيخ ان مان ڪجھه به نه کاڌو. نتيجي ۾ رات جو ھاٿي انهن سڀني کي ماري ويا، پر شيخ کي ڪجھه به تڪليف نه پھچايائون، اٽلندو ھڪ ھاٿي ھن کي پنهنجي پٺي تي چاڙھي، وڃي ھڪ آباديءَ ۾ ڇڏي آيو، ان وقت کان وٺي ڪافر مسلمان جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ ھنن کي پنهنجي گھر ۾ ترسائڻ ۽ ھنن سان گڏ کائڻ لڳا، نه رڳو ايترو پر ھنن کي پنهنجي اھل و عيال ۽ ٻارن ٻچن ۾ به اطمينان سان ڇڏي ڏيندا آھن ۽ پٺ جو ڪو به فڪر ڪو نه ٿيندو اٿن. ھو اڃا تائين به شيخ عبدالله خفيف جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن ۽ ھن کي شيخ ڪبير ڪري سڏيندا آھن.
ان کان پوءِ اسان ڪنڪار جي شھر ۾ پھتاسين، ھي شھر ھن ملڪ (سيلان) ۾ سڀ کان وڏي راجا جو دارالخلافه آھي ۽ ٻن جبلن جي وچ تي ھڪ خندق ۾، درياءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ان درياءَ جو نالو درياءُ ياقوت آھي، ڇاڪاڻ ته ان مان ياقوت لڀندا آھن. شھر جي ٻاھران شيخ عثمان شيرازي (جيڪو شاوش جي نالي سان مشھور آھي) جي مسجد آھي. ھن شھر جو راجا ۽ ان جا باشندا ھن جي قبر تي زيارت لاءِ ايندا آھن ۽ ھن جي تعظيم ڪندا آھن ھو قدم ڏانهن وڃڻ وارن جو رھبر ھوندو آھي. آخر جڏھن سندس ھٿ ۽ پير ڪپيا ويا، تڏھن سندس پٽ، پوٽا ۽ غلام به اھوئي ڪم ڪندا رھيا، ھن جا ھٿ ۽ پير انهيءَ ڪري ڪپيا ويا ھئا، جو ھن ھڪ ڳئون ذبح ڪئي ھئي، جنهن لاءِ ھندن جو قاعدو ٺھرايل ھو ته يا ته ان شخص کي به ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا يا ان ڳئون جي کل ۾ وجھي، کيس زنده جلائي ڇڏيندا ھئا، پر شيخ عثمان سان رعايت سڀني کي منظور ھئي، تنهن ڪري ھن جو فقط ھڪ ھٿ ۽ ھير ڦير وڍي سندس گذاري لاءِ ڪن زمينن جي ڍل معاف ڪري ڇڏيائون.

[b]اتي جو بادشاھه
[/b]ھن شھر جي راجا کي ”ڪنار“(ڪنور) ڪري چوندا آھن. ھن وٽ ھڪ اڇي رنگ جو ھاٿي آھي، جنهن جھڙو اڇو ھاٿي، ان کان سواءِ، دنيا ۾ مون ڪو نه ڏٺو، ھيءُ راجا ھر ڪنهن وڏي ڏينهن ان تي سوار ٿيندو آھي ۽ ان جي مٿي تي وڏن وڏن ياقوتن جو ھار پھرائيندو آھي. اتفاق سان ھن راجا جا عملدار ھن کان باغي ٿي بيھي رھيا، تنهن ڪري ھن جون اکيون ڪڍي، ھن جي پٽ کي کڻي پنهنجو راجا بنايائون ۽ ھاڻي اھو راجا انڌو آھي.

[b]يا قوت
[/b]اھو ياقوت جنهن کي ”بهرمان“ ڪري چوندا آھن، ھن شھر ۾ لڀندو آھي. ڪي يا قوت پاڻيءَ مان نڪرندا آھن ته ڪي وري کوٽي ڪڍندا آھن، سيلان جي ٻيٽ ۾ گھڻو ڪري ھر ھنڌ ياقوت لڀندو آھي. جيڪي ماڻھو ياقوت ڪڍندا آھن، سي ھڪ زمين جو ٽڪر خريد ڪري، ان ۾ ياقتو ڳوليندا آھن ۽ جتي به اڇو شاندار پٿر ملندو اٿن سو گڏ ڪندا ويندا آھن، ڇاڪاڻ ته ان جي اندران ياقوت نڪرندو آھي. پوءِ ھو اھو پٿر سنگتراشن وٽ کڻي ويندا آھن، جو ان کي تراشي اندران ياقوت ڪڍي وٺندو آھي.
ڪي ياقوت ڳاڙھا، ڪي پيلا ۽ ڪي وري نيري رنگ جا ٿيندا آھن، نيري رنگ واري ياقوت کي ”نيلم“ چوندا آھن. ھتي دستور آھي ته جيڪو ياقوت، ھڪ سئو ”فنم“ جي قيمت کان وڌيڪ ٿيندو آھي ته راجا ان جي قيمت ادا ڪري، اھو خريد ڪندو آھي، پر جيڪڏھن ان قيمت کان گھٽ وارو ٿيو ته اھو ياقوت جو مالڪ پاڻ وٽ رکندو آھي، ھڪ سو فنم ڇھن سونن دينارن جي برابر ٿيندا آھن.
ميلان جون عورتون رنگ رنگ جي ياقوتن جا ھار پھرينديون آھن ۽ پيرن ۾ به ان جا ڪنگڻ ۽ پازيب پائينديون آھن. راجا جون ٻانهيون وري ياقتن جي ڄاري ٺاھي مٿي تي رکنديون آھن، اڇي ھاٿيءَ جي مٿي تي جيڪي يا قوت پھريل آھن تن مان ست ياقوت ته مرغيءَ جي بيضن کان به وڏا آھن. مان راجا پري چڪروتيءَ وٽ ھڪ ياقوت جي پيالي ڏٺي ھئي، جيڪا ھٿ جي تريءَ جيتري ھئي ۽ ان ۾ عود جو تيل رکيل ھو. مان ان تي عجب کائڻ لڳس ته ھن (راجا) چيو ته اسان وٽ انهيءَ کان به وڏا ياقوت آھن.
پوءِ اسان ڪنڪار کان ھلي اچي ھڪ غار وٽ پھتاسين، جنهن کي استاد محمود لوريءَ جو غار ڪري سڏيندا آھن. ھو ھڪ ولي شخص ھوندو ھو، جنهن ھيءُ غار جبل تي ھڪ ننڍڙي چشمي جي ڀرسان ٺاھيو ھو. اتان ھلي اسان اچي ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جنهن کي ”خوربوزنه“ يعني باندرن جو درياءُ ڪري سڏيندا آھن.

[b]باندر
[/b]ھن جبل تي باندر تمام گھڻي انداز ۾ آھن. ھنن جو رنگ سياھيءَ ڏي مائل آھي ۽ پڇ ڊگھا اٿن. نر باندر کي ڏاڙھي به ٿيندي آھي. شيخ عثمان، سندس پٽ ۽ ٻين ڪيترن ماڻھن کان ٻڌم ته ھڪ باندر انهن جو سردار ٿيندو آھي. جنهن کي ھو پنهنجو بادشاھه ڪري مڃيندا آھن. ان سردار جي مٿي تي وڻن جي پنن سان ٺھيل ھڪ ٽوپي پھريل ھوندي آھي. ھو ھٿ ۾ لٺ کڻي ھلندو آھي ۽ سندس ساڄي پاسي ۽ کاٻي ٻه ٻه باندر ھلندا آھن، جن جي ھٿن ۾ پڻ لٺيون ھونديون آھن، جڏھن باندر سردار ويھندو آھي، تڏھن اھي چار ئي اندر سندس پٺيان بيھي ويندا آھن. پوءِ ھن جي باندري ۽ ٻچا اچي سندس سامھون ويھي رھندا آھن، ٻيا باندر وري اچي ٿوري مفاصلي تي ويھي رھندا آھن، ان کانپوءِ چئن باندرن (باڊي گارڊن) مان ھڪ ڪجھه چوندو آھي، جو ٻڌي سڀ باندر ڪنهن پاسي ھليا ويندا آھن ۽ ھر ھڪ باندر پاڻ سان ليمون، ڪيلو يا ڪا ٻي شيءِ کڻي موٽندو آھي. اھي شيون باندر سردار، ان جي باندري ۽ ٻچا ۽ چار باندر کائيندا آھن.
ھڪ جوڳيءَ مون سان ڳالھه ڪئي ته ھڪ دفعي مون انهن باندرن کي ڏٺو ته ھو ھڪ ٻئي باندر کي لٺين سان ماري رھيا ھئا ۽ ان مار بعد سندس وار پٽي رھيا ھئا.
ھڪ معتبر ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو ته جيڪڏھن انهن باندرن مان ڪنهن کي جيڪڏھن ڪا ڇوڪري ملي وڃي ۽ ھوءَ پنهنجو بچاءُ ڪري نه سگھي ته اھو باندر ساڻس جماع ڪندو آھي. ھن ٻيٽ جي ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو ته سندس گھر ۾ ھڪ باندر ھوندو ھو. ھڪ دفعي سندس ڇوڪري ڪنهن ڪم سان ھڪ ڪوٺيءَ ۾ ويئي ته باندر به اندر گھڙي ويو، ڇوڪريءَ گھڻيون ئي دانهون ڪيون ۽ مدد لاءِ پڪاريائين، پر باندر اصل نه ڇڏيس. آخر جڏھن ھو اندر ويا ته ڏٺائون ته ويچاري ڇوڪري ھن جي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ پيئي ھئي.
ان کان پوءِ اسان ھيزران درياءَ تي پھتاسين، ھيءُ اھو درياءُ آھي، جنهن مان شيخ عبدالله خفيف کي ٻه ياقوت مليا ھئا، جيڪي ھن ٻيٽ جي راجا جي حوالي ڪيا ھئا، اھو سمورو بيان مان پھرئين سفر واري جلد ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ اسان ھڪ ھنڌ پھتاسين، جنهن کي پوڙھيءَ جو گھر ڪري ٿي سڏيائون ۽ اھو آبادي جو آخري ھنڌ ھو، جتان ھلي اسان بابا طاھر جيڪو ولي الله ھو، جي غار وٽ پھتاسين، ان کان پوءِ اسان ”سبيڪ“ جي غار ڏانهن روانا ٿياسين. سبيڪ ھڪ ھندو راجا ھوندو ھو، جو دنيا ترڪ ڪري، عبادت جي لاءِ ھتي اچي رھيو ھو.

[b]اڏامندڙ ڄؤر
[/b]ھن ھنڌ اسان اڏامندڙ ڄؤر ڏٺي، جنهن کي ”زلو“ ڪري ٿي سڏيائون. اھا ڄؤر پاڻيءَ جي ڀرسان، ڪنهن وڻ تي يا اتي جيڪو گاھه ٿيندو آھي، ان تي ويٺي ھوندي آھي. جڏھن ڪو انسان ان جي ڀرسان لنگھندو آھي، تڏھن يڪدم ٽپو ڏيئي ان کي چنبڙي ويندي آھي ۽ جنهن جاءِ تي چھٽندي آھي، تنهن جاءِ تان ڪيترو ئي رت پي ويندي آھي. اتي ماڻھو پاڻ سان ليمون تيار رکندا آھن ۽ يڪدم ان جي مٿان ليمي جي رس نچوڙي وجھندا آھن ته اھا ھيٺ ڪري پوندي آھي ۽ ڪاٺ جي ڇڙي جيڪا تيار ھوندي اٿن، تنهن سان ان جاءِ کي يڪدم صاف ڪري ڇڏيندا آھن.
ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ زاھد شخص جيئن ئي انهيءَ ھنڌان پئي لنگھيو، تيئن ھن کي ھڪ ڄؤر چنبڙي ويئي ۽ ان جي سڄي چمڙي لاھي ڇڏيائين، ھن ويچاري وٽ ليمون ڪو نه ھو، تنهن ڪري اھا ڄؤر ھن جو سمورو رت پي ويئي ۽ اھو ويچارو مري ويو. ھن شخص جو نالو ”بابا خوزي“ ھو، جنهن جي نالي سان ھتي ھڪ غار مشھور آھي، ان کانپوءِ ”مبع غارات“ ڏانهن وياسين. جتان ”عقبه اسڪندر“ ۽ ”غار اصفھاني“ کان ٿيندا، ھڪ چشمي ڏانهن وياسين. اتي ھڪ غير آباد قلعو آھي جنهن جي ھيٺان ھڪ درياءُ ٿو وھي، جنهن کي ”غوط گاھ عرفان“ ڪري چوندا آھن. انهيءَ ھنڌ نارنج نالي ھڪ غار آھي ۽ اتي ئي ھڪ ٻيو غار پڻ آھي، جنهن کي راجا جو غار ڪري چوندا آھن، ان جي ڀرسان جبل سرانديپ جو دروازو آھي.