فصل چوٿون
جڏھن اسان ”ھنور ۽ فاڪنور“ جي وچ تي ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي پھتاسين، تڏھن ھندن اسان تي حملو ڪيو. ھندن وٽ ٻارھن جنگي جھاز ھئا، تنهن ڪري ھنن جي اسان سان سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ اسان ھارايو. جيڪي ڪجھه ھو، جو مون ڪنهن اوکيءَ ويل لاءِ لڪائي رکيو ھو، سو سڀ ڦري ويا. ايتري قدر جو جواھرات ۽ ياقوت جيڪي سيلان جي راجا مون کي ڏنا ھئا، منهنجا ڪپڙا ۽ ٻيا تبرڪات، جيڪي اولياءَ الله مون کي عطا ڪيا ھئا، وغيره مطلب ته ڪجھه به نه ڇڏيائيون ۽ منهنجي بدن تي فقط ھڪ پاجامو وڃي بچيو . اھڙيءَ طرح سان سڀني جھازن کي ڦري صاف ڪري، سڀني کي ڪناري تي لاھي ڇڏيائون.
پوءِ مان ڪئليڪٽ ۾ واپس ھليو ويس ۽ ھڪ مسجد ۾ لنگھي ويس، جتي ھڪ فقيه منهنجي لاءِ ڪپڙو موڪليو. قاضيءَ پٽڪو موڪليو ۽ ھڪ سوداگر ڪو ٻيو ڪپڙو ڏياري موڪليم. ھتي اچي مون کي معلوم ٿيو ته وزير عبدالله جمال الدين جي وفات بعد ملڪه خديجه سان نڪاح ڪيو ھو ۽ جنهن زال کي مان حامله ڇڏي آيو ھوس، تنهن کي پٽ ڄائو ھو. منهنجي پڻ دل ۾ آيو ته مان به مالديپ جي ٻيٽن ڏانهن وڃان، پر انهيءَ سان گڏ عبدالله جي پراڻي دشمنيءَ جو به خيال ٿيم. آخر ڪلام الله کولي فال ڏٺيم ته ھيءَ آيت نڪتي -”تتنزل عليھم الملئکته ان لا اتخا فوو لا تعزنو!“ مان ان کي نيڪ فال سمجھي اوڏانهن روانو ٿيس. ڏھن ڏينهن کان پوءِ مان مالديپ جي ٻيٽن ۾ پھتس ۽ ڪنلوس جي ٻيٽ تي اچي لٿس.
اتي جو حاڪم عبدالعزيز مقيدشلوي ھو، جنهن منهنجي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي ۽ مھماني به موڪليائين، ھڪ ٻيڙي پڻ ساڻ ڏنائين، جنهن جي ذريعي مان ھيلي جي ٻيٽ ۾ پھتس اتي ھن ٻيٽ جي ملڪه ۽ ان جون ڀينرون سير ڪرڻ لاءِ اينديون ھيون. ھن موقعي تي وزير ۽ امير ملڪه جي لاءِ تحفا پڻ موڪليندا ھئا، ھن ھنڌ ملڪه جي ڀيڻ ۽ ان جو مڙس محمد بن جمال الدين خطيب ۽ سندس (ملڪه جي) ماءُ، جيڪا منهنجي زال ھئي، سڀ موجود ھئا. خطيب مون سان ملڻ آيو ۽ کاڌو به کڻي آيو.
ڪنهن شخص وڃي عبدالله کي منهنجي اچڻ جي خبر ڪئي، جنهن تي ھن پڇيو ته ”ھو اڪيلو آھي يا ھن سان گڏ ٻيو به ڪو آھي؟“ ھن شخص ٻڌايس ته ”ھو پنهنجي پٽ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو.“ اھو ان وقت ٻن سالن جي عمر جو ھو، تنهن ڪري سندس ماءُ اچي وزير سان شڪايت ڪئي، جنهن تي وزير جواب ڏنس ته ”مان ان کان کيس روڪي نٿوس گھان“ پوءِ ھن بيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مون تي سختي ڪئي ۽ پنهنجي محل جي سامھون ھڪ ننڍڙي برج ۾ مون کي ترسايائين، جيئن منهنجي ھر ڪنهن ڪم جي کيس خبر ملي سگھي. پوءِ ھن مون ڏانهن ھڪ مڪمل خلعت، پان ۽ عرق گلاب موڪليو. مان سلام وقت ھن مون کان گھرائي ورتا.
پوءِ سارو ڏينهن وزير مون وٽ ڪو نه آيو، پر منهنجي پٽ کي مون ڏانهن موڪلي ڏنائين. ھن کي ڏسڻ کان پوءِ مون سندس اتي ھجڻ بهتر ڄاڻي، کيس وري پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو. مان اتي پنج ڏينهن ترسيس، تنهن کان پوءِ مون اتان جلدي ڪوچ ڪرڻ مناسب سمجھيو، جنهن لاءِ مون اجازت گھري، وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن تي مان ھن وٽ ويس ۽ اھي ٻه ڪپڙا جيڪي مان سندس پيرن تي رکڻ لاءِ کڻي آيو ھوس، سي ھن مون کي ڏنا، جي دستور موجب سلام ڪري مون سندس پيرن تي رکيا. ھن مون کي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ مون کان حال احوال پڇيائين. مون ھن سان گڏ ماني کاڌي ۽ ھڪ ئي طشت ۾ اسان ٻنهي ھٿ ڌوتا. نه ته ھي وزير ٻئي ڪنهن جي به تعظيم نه ڪندو ھو. پوءِ پان وٺي مان گھر واپس آيس پوءِ ھن مون ڏانهن ڪپڙن جا ٿان ۽ ڪوڏيون موڪليون ۽ مون سان ٻيا به ڪيترائي احسان ڪيائين، پوءِ مان اتان روانو ٿيس ۽ ٽيتاليهه راتيون سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ اچي بنگال ۾ پھتس.
بنگال ھڪ تمام ڪشادو ملڪ آھي، جنهن ۾ چانور جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، ايتري قدر جو ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ مون ايتري پيداوار ڪا نه ڏٺي، ھي ملڪ اونداھي ھجڻ سبب سٺو نه آھي، تنهن ڪري خراسان وارا ھن کي دوزخست براو ”نعمت“ ڪري چوندا آھن، جنهن جي معنيٰ آھي ”دوزخ تي نعمت“ ھتي جي بازارين ۾ ھڪ چانديءَ جي دينار جي عيوض پنجويھه دھلوي رتل چانور پئي وڪاميا. چانديءَ جو دينار اٺن درھم جي برابر آھي ۽ درھم ساڳيا چانديءَ جي رتلن جي برابر ٿيندا آھن. وري دھليءَ جو رتل مغرب جي ويھن رتلن جي برابر ٿيندو آھي.
چون پيا ته ان سال مھانگائي ھئي، محمد مصعودي مغربي جيڪو ھڪ ولي الله شخص ھو ۽ دھليءَ ۾ منهنجي گھر جي ڀرسان رھندو ھو، مون کي ٻڌائيندو ھو ته منهنجي ھڪ زال ۽ ھڪ نوڪر ھوندو ھو ۽ اسان ٽيئي ڄاڻ ھڪ سال جو کاڌو ھڪ ئي دفعي اٺن درھم ۾ خريد ڪري ڇڏيندا ھئاسين ۽ چوندو ھو ته انهن ڏينهن اٺن درھم ۾ اسي رتل دھلوي چانور ايندا ھئا. جن کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ان مان پنجاھه رتل چانور ملندا ھئا، جيڪي وڃي ٿيا ڏهه قنطار، کير واري مينهن ھتي ٽن چانديءَ جي دينارن ۾ وڪامندي آھي، ھن ملڪ ۾ ڳئون ڪا نه ٿئي. ازان سواءِ چڱيون متاريون مرغيون ھڪ درھم جون اٺ، ڪبوتر جا ٻچا ھڪ درھم جا پندرھن، ھڪ موٽو تازو دنبو ٻن درھمن ۾، کنڊ رطل(1) دھليو چئن درھمن ۾، عرق گلاب جو رطل اٺن درھمن ۾، گيھه رطل چئن درھمن ۾، مڍي تيل جو رطل ٻن درھمن ۾، سوٽي ڪپڙو ٽي وال ڊگھو ٻن درھمن ۾ ۽ ھڪ خوب صورت ٻانهي ھڪ سوني دينار، جيڪو مغرب جي اڍائي دينارن جي برابر ٿيندو آھي، پيئي وڪامي، انهيءَ ساڳيءَ قيمت ۾ مون پڻ ھڪ عاشوره نالي ٻانهي خريد ڪئي ھئي، جيڪا ڏاڍي سھڻي ھئي ۽ منهنجي ھڪڙي ساٿيءَ وري ھڪ ننڍيءَ عمر وارو ”لولو“ نالي ھڪ غلام صرف ٻن دينارن ۾ خريد ڪيو ھو.
بنگالي جو پھريون شھر، جنهن ۾ اسين داخل ٿياسين، ”سدگاون“(2)ھو. ھي شھر سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي، جتي گنگا ندي ۽ جمنا ندي گڏجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، ھن شھر جي بندر ۾ ڪيترائي جھاز آھن جن جي ذريعي، ھتي جا ماڻھو لکنوتيءَ (3) جي باشندن سان مقابلو ڪندا رھندا آھن.
بنگال جو بادشاھه
بنگال جو بادشاھه فخر الدين آھي جيڪو فخره جي نالي سان وڌيڪ مشھور آھي. ھيءُ بادشاھه وڏو فاضل آھي ۽ غيرملڪين، فقيرن ۽ صوفين سان گھڻي محبت رکندو آھي. اصل ۾ ھتي جو بادشاھه سلطان ناصرالدين ھو، جنهن جو پٽ معزالدين دھلي ۾ بادشاھه ھو، جن جي مقابلي ۽ ملاقات جو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آھيان. جڏھن اھو (ناصرالدين) مري ويو، تڏھن سندس پٽ شمس الدين بادشاھه ٿيو ۽ ان کان پوءِ شھاب الدين، جنهن کي غياث الدين بهادر پورو مغلوب ڪري پاڻ بادشاھي ڪرڻ لڳو. شھاب الدين وري سلطان غياث الدين تغلق کان مدد گھري، جنهن ھن کي قيد ۾ آڻي قابو ڪيو ھو. پر سندس پٽ سلطان محمد تغلق وري ھن کي ڇڏي ڏنو. جڏھن ملڪ جي ورھاڱي ۾ ھن وعده خلافي ڪئي تڏھن بادشاھه ھن تي چڙھائي ڪئي، جنهن ۾ ھو مارجي ويو ۽ پوءِ سندس ناٺي بادشاھه ٿيو جنهن کي سندس لشڪر قتل ڪري ڇڏيو.
انهن ڏينهن علي شاھه لکنوتيءَ ۾ بادشاھه بنجي ويھي رھيو. فخرالدين جڏھن ڏٺو ته سندس آقا ناصرالدين جي خاندان کان حڪومت ٿي وڃي، تڏھن ھن سدگاون ۽ بنگالي جي ملڪ ۾ وٺي بغاوت مچائي، پوءِ ھن جي ۽ علي شاھه جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. گرميءَ ۽ برسات جي موسم ۾ ناصرالدين جھازن جي ذريعي لکنوتيءَ تي حملو ڪيو، ڇو ته علي شاھه کان سندس بحري طاقت وڌيڪ ھئي ۽ جڏھن برسات ختم ٿي، تڏھن وري علي شاھه بنگالي تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ وري بري فوج وڌيڪ ھئي.
ڳالھه
فخرالدين فقيرن ۽ صوفين سان ايتري قدر محبت رکندو ھو، جو ھڪ دفعي ھن ”شيدا“ نالي ھڪ صوفيءَ کي سدگاون ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ ھڪ دشمن جي مقابلي ۾ لڳي ويو. شيدا وري سندس عدم موجودگي ۾ وٺي بغاوت ڪئي ۽ مستقل بادشاھه ٿيڻ جو ارادو ڪري، بادشاھه جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. فخرالدين به جلدي اچي داراخلافه ۾ پھتو، پر ”شيدا“ ۽ سندس ساٿي سنارگائون ڏانهن ڀڄي ويا، جيڪا ھڪ مضبوط جڳھه ھئي. بادشاھه اتي پنهنجي فوج موڪلي ته اتي جا باشندا ڊڄي ويا ۽ ”شيدا“ کي پڪڙي شاھه جي لشڪر ڏانهن ڏياري موڪليائون.
لشڪر وارن بادشاھه کي لکي موڪليو ته ڇا ڪيو وڃي؟ تنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته”سندس سر ڪپي موڪليو وڃي.“ اھڙي طرح سان سندس سر موڪليو ويو ۽ سندس ڪيترائي فقير قتل ڪيا ويا.
جڏھن مان سدگاون پھتس تڏھن مون اتي جي بادشاھه سان ملاقات نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته ھن جي ۽ دھلي جي بادشاھه جي پاڻ ۾ اڻبڻت ھئي، جنهن لاءِ مون کي خوف ٿيو ته متان ملاقات جو نتيجو خراب نڪري، پوءِ سدگاون کان مان ”ڪامرو“ جي جبلن ڏانهن روانو ٿيس. ھيءُ ملڪ سدگاون کان ھڪ مھيني جي پنڌ تي آھي. ھڪ وڏو جابلو ملڪ آھي، جو چين ۽ تبت جي ملڪن سان وڃي ٿو ملي، جتي مشڪ وارا ھرڻ ٿيندا آھن، ھن جابلو ملڪ جا باشندا ترڪن جي شڪل جھڙا ٿيندا آھن ۽ اھڙا ته نوڪري ڪرڻ جا اورچ ٿيندا آھن، جو ھتي جو ھڪ غلام ٻئي ملڪ جي ڪيترن ئي غلامن کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھندو آھي. ھو جادوگري ۾ پڻ مشھور آھن، انهن جبلن ۾ مان انهي مقصد سان ويو ھوس ته اتي ھڪ مشھور اولياءُ الله شيخ جلال الدين تبريزي سان وڃي ملاقات ڪريان.
شيخ جلال الدين جو بيان
ھي شيخ وڏن اوليائن مان ھڪ آھي ۽ ماڻھن ۾ ھن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن. ھو عمر ۾ به تمام وڏو آھي، ۽ ڳالھه پئي ڪيائين ته ”مون خليفي مستعصم باالله عباسيءَ کي بغداد ۾ ڏٺو ھو ۽ جنهن وقت ھن کي قتل ڪيو ويو، تنهن وقت به مان اتي موجود ھوس. ھن جي دوستن پوءِ مون کي ٻڌايو ھو ته ھن ھڪ سو پنجاھه ورھين جي عمر پوري ڪري وفات ڪئي ھئي. ھو چاليھن سالن کان روزا رکندو ايندو ھو ۽ ڏھن ڏھن ڏينهن کانپوءِ روزو کوليندو ھو. ھن وٽ ھڪ ڳئون ھوندي ھئي، جنهن جي کير تي ھو گذران ڪندو ھو ۽ سڄي رات ويٺو ھوندو ھو، ھو بدن جو ھلڪو ۽ قدم جو ڊگھو ھوندو ھو ۽ ڳول ڪجھه اندر تي پيٺل ھوندا ھئس ھن ملڪ جي ڪيترن باشندن سندس ھٿ تي اسلام قبول ڪيو ھو، تنهن ڪري ھن جي تمام گھڻي عقيدتمندي ھوندي ھئي.
سندس ڪرامت
سندس ھڪ دوست مون سان ڳالھه ڪئي ته مرڻ کان ھڪ ڏينهن اڳي، ھن پنهنجي سڀني دوستن کي گھرائي وصيت ڪئي ته خداتعاليٰ کان ھميشه ڊڄندا رھجو ۽ انشاءَ الله سڀاڻي مان توھان کان موڪلائيندس ۽ مون کان پوءِ توھان جو سنڀاليندڙ الله آھي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪو نه آھي.
پوءِ ٽئين ڏينهن ظھر جي نماز جي آخري سجدي ۾ ھن دم ڏنو. پوءِ جنهن غار ۾ ھو رھندو ھو، جنهن جي ڀرسان ھڪ کوٽيل قبر لڌائون، جنهن تي ڪفن ۽ خوشبوءِ وغيره به پيل ھئي. پوءِ ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي ان ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. رحمت الله تعاليٰ.
سندس ٻي ڪرامت
مان جڏھن شيخ جي زيارت لاءِ پئي ويس، تڏھن شيخ جي جاءِ رھائش کان ٻه منزلون اورتي، سندس چار ساٿي مون کي مليا، جن ڳالھه ڪئي ته ”شيخ ڪيترن فقيرن کي چيو ھو ته ھڪ مغربي سياح اسان وٽ اچي رھيو آھي، تنهن جو وڃي استقبال ڪريو“ تنهن ڪري اسان شيخ جي حڪم سان آيا آھيون. اصل ۾ ھن کي منهنجي باري ۾ ڪا به خبر ڪا نه ھئي ۽ اھو سڀ ڪجھه ھن کي ڪشف جي ذريعي معلوم ٿيو ھو. پوءِ مان ھنن سان گڏجي اچي شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مان سندس خانقاه ۾ پھتس، جيڪو سندس غار جي ٻاھران ھو ۽ ٻي اتي ڪا به آبادي ڪا نه ھئي، ھن ملڪ جا ھندو ۽ مسلمان سڀ ھن شيخ جي زيارت لاءِ ايندا ھئا ۽ ھن جي لاءِ تحفا ۽ نذرانو آڻيندا ھئا، جنهن جي آمدني مان فقير ۽ مسڪين کائيندا ھئا. پر شيخ فقط پنهنجي ھڪ ڳئون جي کير تي گذارو ڪندو ھو. مان جڏھن سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس، تڏھن ھو اٿي بيھي، مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ منهنجي وطن ۽ منهنجي سفرن بابت مون کان پڇڻ لڳو. جنهن تي مون کيس سمورو حال احوال ٻڌايو. پوءِ فرمايائين ته ”تون عرب جو مسافر آھين.“ اتي حاضرين مان ڪنهن چيو ته ”ھي عجم جو مسافر پڻ آھي“ تنهن تي شيخ به فرمايو ته ”ھائو ھي عجم جو مسافر به آھي، تنهن ڪري ھن جي خاطر تواضع ڪئي وڃي“ پوءِ مون کي خانقاه ۾ وٺي ويا ۽ ٽي ڏينهن منهنجي مھماني ڪيائون.
شيخ جون ٻيون عجيب ڪرامتون
پھريائين جڏھن مان شيخ جي زيارت لاءِ ويو ھوس تڏھن شيخ کي مرعز(اوني ڪپڙي جو نالو) جي ڪپڙي جو ھڪ چوغو پھريل ڏٺم، جو مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن شيخ اھو مون کي ڏيئي ڇڏي ته ڪھڙو نه چڱو ٿئي. جڏھن وري مان کانئس موڪلائڻ لڳس، تڏھن شيخ غار جي ڀرسان بيھي، اھو چوغو بدن تان لاھي، کڻي مون کي پھرايو ۽ پنهنجي مٿي تان طاقيھ(ٽوپ) لاھي اھو به کڻي منهنجي مٿي تي رکيائين. پوءِ فقيرن مون کي ٻڌايو ته شيخ ڪڏھن به چوغو ڪين ڍڪندو آھي، پر تنهنجي اچڻ جي خبر ٻڌڻ کانپ وءِ اھو چوغو ڍڪيو ھئائين ۽ چيائين ٿي ته مغربي اھو چوغو مون کان گھرندو، جيڪو وري ڪافر بادشاھه ھن کان کسي وٺندو ۽ اھو وري منهنجي ڀاءُ برھان الدين کي ڏيئي ڇڏيندو. مون جڏھن اھا ڳالھه فقيرن جي واتان ٻڌي، تڏھن پڪو ارادو ڪيم ته شيخ مون کي پنهنجو لباس عطا ڪيو آھي، سو منهنجي لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي ۽ اھو چوغو پائي مان ڪڏھن به ڪنهن مسلمان يا ڪافر بادشاھه جي سامھون ڪين ويندس.
ان کان پوءِ مان شيخ کان موڪلائي ھليو ويس ۽ گھڻي عرصي کان پوءِ منهنجو چين وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي خنسا جي شھر ۾ پنهنجن ساٿين سان پئي گھميس، ته ھڪ ھنڌ ماڻھن جي ھجوم جي ڪري مان ھنن کان جدا ٿي ويس. ان وقت اھو چوغو مون کي پھريل ھو، رستي ۾ اوچتو مون کي وزير ملي ويو، جيڪو مون کي پاڻ وٽ سڏي، منهنجي ھٿ کان وٺي مون کان حال احوال پڇڻ لڳو ۽ ڳالھيون ڪندا بادشاھه جي محل تائين پھتاسين، مون ھن کان موڪل گھري، پر ھن اجازت نه ڏني ۽ مون کي بادشاھه وٽ وٺي ويو. جنهن مون کان مسلمان بادشاھن جون ڳالھيون پڇيون، جن جو مون مناسب جواب ڏنومانس، پر سندس نظر وڃي منهنجي چوغي تي پيئي ۽ ان جي ڏاڍي تعريف ڪيائين.
وزير مون کي چيو ته اھو چوغو لاھي، ان وقت مجبورن اھو حڪم مڃڻو پيو. بادشاھه اھو چوغو وٺي رکيو ۽ ان جي عيوض مون کي ڏهه خلعتون، ھڪ سنجيل گھوڙو ۽ خرچ لاءِ روڪڙا پئسا عطا ڪيائين، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ شيخ جي ڳالھه ياد ايندي ئي مون کي ڏاڍو عجب لڳو، ٻئي سال مان چين جي دارالخلافه، خان بالق ۾ ويس ته شيخ برھان الدين ساغر جي خانقاه ۾ اتفاق سان منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي مون ڏٺو ته شيخ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھو ۽ اھو ئي چوغو پھريل ھوس. مان عجب ۾ پئجي ويس ۽ چوغي کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳس، تنهن تي شيخ چيو ته ”تون ھن کي ائين ڇو ڏسي رھيو آھين، سڃاتو اٿيئي ڇا؟ مون جواب ڏنو ته ”ھائو ھي چوغو”خنسا“ جي بادشاھه مون کان ورتو ھو.“
شيخ فرمايو ته شيخ جلال الدين ھي چوغو منهنجي لاءِ تيار ڪيو ھو ۽ مون کي خط ۾ لکيو ھئائين ته ھي چوغو فلاني ماڻھو جي معرفت توکي ملندو، پوءِ شيخ اھو خط مون کي ڏيکاريو،جي ڪو پڙھي منهنجي عجب جي حد ئي نه رھي، ان کانپوءِ مون سمورو قصو شيخ برھان الدين جي اڳيان بيان ڪيو، تنهن تي شيخ چيو ته منهنجي ڀاءُ شيخ جلال الدين جو مرتبو انهيءَ لاءِ بلند ليکيو ٿو وڃي جو ان کي دنيا جي سڀني معاملات ۾ دخل آھي. پر ھاڻي ھو فوت ٿي ويو آھي، وري چوڻ لڳو ته ھو ھر روز صبح جي نماز مڪھ معظم ۾ پڙھندو ھو ۽ ھر سال حج ڪندو ھو، عرفھ ۽ عيد جي ڏينهن ته اھڙيءَ طرح غائب ٿي ويندو ھو جو ڪنهن کي خبر به نه پوندي ھئي، پوءِ شيخ جلال الدين کان موڪلائي مان شھر”جنق“(1)ڏانهن روانو ٿيس، ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جي وچ مان ھڪ درياءُ ٿو وھي. اھو درياءُ ”ڪامرو“ جي جبلن مان نڪري ٿو ۽ ان کي درياءُ ارزق ڪري چوندا آھن. ھن جي رستي سان ماڻھو بنگال ۽ لکنوتي ويندا آھن . ھن درياءَ جي ٻنهي پاسي باغ بستان ۽ ڳوٺ نظر ايندا آھن. جھڙي طرح سان مصر جي درياءَ نيل تي ھوندا آھن. ھتي جا باشندا ڪافر آھن، پر سڀ بادشاھه جي رعيت آھن، تنهن ڪري سندن پيدائش جو اڌ ڍل طور ورتو ويندو آھي: ۽ تحفا وغيره تنهن کان سواءِ ھوندا آھن. اسان ان درياءَ ۾ پندرھن ڏينهن سفر ڪيو. رستي سان ڳوٺ ۽ باغ ايترا ته گھڻا ھئا جو ڄڻ ته ڪنهن بازار جي وچ ۾ پئي لنگھياسون.
ھن درياءَ ۾ بي انداز جھازن جي آمدرفت جاري آھي. ھر ھڪ جھاز کي نقارو ھوندو آھي، جو جڏھن به ٻه جھاز ھڪ ٻئي جي سامھون ايندا آھن تڏھن وڍي اھي نقارا وڄائيندا آھن، ھي ھنن جو ھڪ ٻئي کي سلام جو نمونو آھي، سلطان فخرالدين جو وري حڪم آھي ته ھن درياءُ ۾ فقيرن کان ڪنهن به قسم جو محصول نه ورتو وڃي ۽ جنهن وٽ کاڌي لاءِ ڪجھه نه ھجي ان کي کاڌو ڏنو وڃي، جڏھن ته بڪو فقير ڪنهن شھر ۾ لھندو آھي ته بادشاھه جي طرفان ان کي اڌ دينار ملندو آھي. اھڙي طرح سان پندرھن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي سترگاؤن(1) ۾ پھتاسين، ھن ئي شھر جي ماڻھن شيدا کي پڪي سلطان حوالي ڪيو ھو.
خاتمو
اڳتي ابن بطوطه جاوا ۽ سوماترا مان ٿيندو، چين ٿو وڃي، جتان وري واپس سوماترا ۾ اچي، چاليھن ڏينهن سفر کان پوءِ وري ڪولم ٿو پھچي، جتان سن ٧٤٨ ھجري محرم جي مھيني ۾ ھربستان جي ظفار شھر ۾ ٿو پھچي، جتان مسقط، شيراز، يزد ۽ اصفھان وغيره کان ٿيندو، بصره ۽ ڪوقھ جو سير ڪندي، شوال سنه ٧٤٨ ھجريءَ ۾ بغداد پھچي ٿو. اتان شام ڏانهن روانو ٿئي ٿو، جتان مصر، توينس، سارڊينه ۽ اسپين مان ٿيندو، سن ٧٥٠ ھجري ۾ فاس ۾ پھچي ٿو جيڪو انهن ڏينهن موراڪو جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، يعني اٽڪل پنجويھه سال کن سفر ڪري پنهنجي وطن واپس وريو. پر ھن سفر جي شوقين لاءِ اڃا سوڊان جي ملڪ رھجي ويو ھو،سو محرم سن ٧٥٤ ھجريءَ ۾ اتان ٿيندو، سن ٧٥٥ھجري جي آخر ۾ اچي پنهنجي وطن کان نڪتو، ان کان پوءِ ابن بطوطه بابت ڪجھه به معلوم ٿي نٿو سگھي، سواءِ ان جي جو ھن سن ٧٧٨ ھجريءَ ۾ وفات ڪئي..
(وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ديباچو ۽ ٻه اکر – مترجم)
_______________
(1) ابن بطوطه جيڪو رطل دھلويءَ جو بيان ٿو ڪري سو ٿيو ھڪ مڻ، پر ”تاريخ فرشته“ موجب موجودھ وقت ۾ اھو مڻ موجودھ وزن ۾ ساڍا ٻارھن سير آھي ۽ ”مسالڪ الابصار“ جو مصنف وري ان جا ساڍا چوڏھن سير ٿو لکي ۽ چاندي جو دينار وري اڄڪلھه جي روپئي جي برابر ھوندو ھو، جنهن حساب سان مھانگائيءَ جي زماني ۾ اتي چانور ھڪ رپيھ جا ساڍا ست مڻ وڃي ٿيا ۽ سستائيءَ جي زماني ۾ ھڪ رپيھ جا وڃي پڪا پندرھن مڻ ٿيا، اھڙيءَ طرح سان ٻين شين جو به حساب ڪري سگھجي ٿو.
(2) سد گاون مان ابن بطوطه جو مطلب ساتگام آھي ۽ نه چٽگانگ ھي شھر ھوگلي جي ڀرسان بندرگاھه ھوندو ھو. آئين اڪبري ۾ پڻ ھوگلي ۽ ساتگام جي وچ ۾ ھڪ ميل جو مفاصلو ڏنل آھي. – مترجم
(3) لکنوتي- ھڪ شھر ھن وقت بلڪل اجڙ ٿي ويو آھي، پر ڪنهن زماني ۾ بنگال جي ھندو راجائن جو تخت گاھه ھوندو ھو. سنه ١٢٠٤ع ۾ جڏھن مسلمانن ھي شھر فتح ڪيو، تڏھن کان ھن شھر کي ئي پنهنجو تخت گاھه بنائيندا آيا ۽ ٽي سؤ سال کن ھن ئي شھر ۾ رھيا. ھي شھر اصل ۾ انهيءَ وقت برباد ٿيو، جنهن وقت شاھه شجاع راج محل کي بنگال جو تخت گاھه بنايو. ان کان پوءِ وري ھي شھر آباد ٿعي نه سگھيو. مترجم.
(1) ھن نالي سان ھن وقت ڪو به شھر موجود ڪين آھي، ھيءُ فقط شايد خبنق (خ ب ن ق) ھوندو، جنهن جو مطلب ٿيندو ڪيمخيا (ڪ م خ ي ا) جتي ھن وقت تائين وڏو ميلو لڳندو آھي، ۽ نه فقط آسام مان پر ڀوٽان کان به ھتي ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن.- مترجم
(1) ڪنهن زماني ۾ خاص طرح ھندن جي زماني ۾ ھيءُ شھر مشرقي بينگال جي گادي جو ھنڌ ھوندو ھو ۽ منجھس ڪپڙو تمام عمدو ٺھندو ھو، جنهن جي تعريف”آئين اڪبري“۾ پڻ آيل آھي. ھن وقت ھتي جا انب ۽ پان مشھور آھن. – مترجم