سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو

[b]سرانديپ جو جبل
[/b]ھيءُ جبل دنيا جي بلند ترين جبلن مان ھڪ آھي. اسان سمنڊ مان ان کي ڏٺو ھو، حالانڪ اھو ڪناري کان نون منزلن جي مفاصلي تي ھو. جڏھن اسان جبل تي مٿي چڙھياسين، تڏھن ڪڪر اسان کي ھيٺ پئي نظر آيا ۽ جبل جي پاڙ ۽ اسان جي وچ ۾ پئي ھليا، ھن جبل ۾ ڪيترائي اھڙا وڻ موجود آھن، جن جا پن، جيڪي رنگ برنگي ٿيندا آھن، ڪڏھين به ڪو نه ڇڻندا آھن.ا تي سرخ گلاب جا گل ھٿ جي تريءَ جيترا آھن، جن لاءِ ماڻھن جو خيال آھي ته انهن تي قدرت جي قلم سان محمد جو نالو لکيل آھي.
ھن جبل تان قدم شريف تائين وڃڻ لاءِ ٻه رستا آھن، جن مان ھڪ کي ”بابا جو رستو“ ۽ ٻئي کي ”ماما جو رستو“ ڪري سڏيندا آھن، يعني آدم ۽ حوا جا رستا. ماما جو رستو آسان آھي جتان بارتي موٽندا آھن . جيڪڏھين ڪو شخص ان رستي کان ويندو آھي ته سمجھيو ويندو آھي ته ڄڻ ھن زيارت ئي ڪو نه ڪئي. پر بابا جو رستو ڏاڍو اڻانگو آھي ۽ پيچيده آھي، جنهن تي چڙھڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آھي. جبل جي ھيٺان جتي ان جو دروازو آھي، اتي ھڪ غار آھي، جنهن کي سڪندر جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو آھي، ۽ اتي ھڪ پاڻيءَ جو چشمو به آھي.
اڳئين زماني جي ماڻھن ھن جبل ۾ ڏاڪڻيون پڻ کوٽائي، ٺھرائي ڇڏيون آھن. انهن جي وسيلي مٿي چڙھي سگھبو آھي. انهن ڏاڪڻين ۾ وري لوھي ڪلا کوڙي، انهن سان زنجيرون ٻڌي ڇڏيون اٿن. جيئن چڙھڻ وارو انهن کي جھليندو مٿي وڃي سگھي. ھي ڪل ڏهه زنيجرون آھن، جن مان ٻه جبل جي ھيٺان دروازي وٽ موجود آھن، باقي ست انهن کان پوءِ واري واري سان اڳتي اينديون آھن. ڏھينءَ زنجير کي شھادت چوندا آھن، ڇاڪاڻ ته انسان اتي پھچي، کڻي جو ھيٺ نهاريندو آھي ته ان جا حواس باخته ٿي ويندا آھن ۽ ھيٺ ڪرڻ جي خوف کان ڪلمون شھادت پڙھڻ شروع ڪندو آھي.
جڏھن ھيءَ زنجير پوري ٿيندي آھي تڏھن اڳتي رستو ملندو آھي. ڏھين زنجير کان وٺي غار خضر تائين ستن ميلن جو مفاصلو آھي، اھو غار ھڪ ڪشادي ميدان تي آھي، جنهن جي ڀرسان ھڪ چشمو پڻ آھي، اھو چشمو به حضرت خضر جي نالي سان سڏبو آھي. جنهن ۾ مڇيون تمام گھڻي انداز ۾ موجود آھن، پر ڪو به شخص انهن مڇين کي پڪڙي نٿو سگھي. ان جي ڀرسان جيڪو رستو آھي تنهن جي ٻنهي پاسي جبل ۾ ٻه حوض کوٽائي ڪرائي، ٺھرايا ويا آھن. سڀ زيارتي غار خضر ۾ جيڪي ڪجھه به ھنن وٽ ھوندو اھي سو ڇڏي ويندا آھن. ۽ پوءِ ٻه ميل مٿي، جتي قدم شريف آھي، چڙھندا آھن.

[b]قدم شريف
[/b]ھي قدم ڏاڏي آدم جي پير جو نشان آھي، جيڪو زمين جي سطح کان مٿي رکيل ھڪ سخت ۽ڪاري رنگ واري پٿر ۾ آھي. اھو پٿر انهيءَ ميدان تي پيل آھي. قدم مبارڪ انهي پٿر تي اچي پيو ھو، جنهن جو ان تي نشان ڄمي ويو ھو. قدم جي ڊيگھه ٻارھن گرانٺ ٿيندي، جنهن مان چيني ماڻھن، جيڪي شروع ۾ ھتي ايندا ھئا، سي آڱوٺي واري جاءِ پٿر مان ڀڃي کڻي ويا ھئا ۽ وڃي زيتون جي شھر ۾ ھڪ مندر ۾ رکي ھئائون اتي به چين جا ماڻھو سڄي ملڪ مان زيارت لاءِ ويندا آھن.
قدم جي ڀرسان پٿر ۾ نو ننڍا کڏا کوٽيل آھن، جن ۾ ھندو زيارتي سون، جواھرات ۽ ياقوت ڀري ويندا آھن، اھو ئي سبب آھي، جو فقير غار خضر تي پھچندي ئي جلدي جلدي سڀني کان اڳي اتي پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيئن جيڪي ڪجھه انهن کڏن ۾ ھجي سو کڻي سگھن. اسان جڏھن اتي پھتاسين تڏھن تمام ٿورو سون ۽ جواھرات اتي موجود ھئي، جيڪا اسان پنهنجي رھبر کي ڏيئي ڇڏي. ھتي دستور آھي ته عار خضر ۾ ٽي ڏينهن ترسڻو پوندو آھي، جتان ٽي ڏينهن برابر صبح ۽ شام قدم جي زيارت لاءِ وڃبو آھي. اسان به ائين ڪيو، جڏھين ٽي ڏينهن پورا ٿيا تڏھين اسان ماما حوا جي رستي مان واپس موٽياسين. اسان جي پھرين منزل”غار شيث“ ۾ ٿي، ۽ پوءِ ”درياءِ سمڪ“ تي پھتاسين، ان کان پوءِ”ڪرملھ“ جي ڳوٺ ۽ ”جبر گاوان“ مان ٿي، ”دل دينوت“ جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين، جتان ”ات قلنجھ“ ۾ پھتاسين، ھتي شيخ ابو عبدالله بن خفيف گرميءَ جا ڏينهن گذاريندو ھو، ھي سڀ ڳوٺ ۽ منزلون جبل ۾ آھن. جبل جي پاڙ وٽ ھن رستي ۾ ھڪ درخت روان نالي آھي. ھيءٌ ھڪ وڏو وڻ آھي، جنهن جا پن ڪڏھن ڪو نه ڇڻن ۽ نه ڪنهن شخص ڪڏھن ان جو پن ئي ڏٺو آھي، ھن کي روان ان لاءِ چوندا آھن، جو جيڪڏھن ان کي مٿان کان ڏسبو ته اھو اتان کان پري ۽ پاڙي وٽ ويجھو معلوم ٿيندو آھي.
ھتي ڪيترائي جوڳي ترسيل آھن، جيڪي ھن وڻ جي پنن جي ڪرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن. پر ھنن جي اھا اميد پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. ھن وڻ جي پنن بنسبت اھي جوڳي ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڳالھيون ٺاھي ٻڌائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪو به شخص جيڪڏھين ھي پن کائي ته کڻي يف ڪراڙو ڇو نه ھجي، ھڪ وار وري جوان ٿي پوندو. ھن جبل جي ھيٺان اھو درياءُ آھي، جنهن مان ياقوت نڪرندا آھن ۽ ان جو پاڻي بلڪل نيرو نظر ايندو آھي.
اتان ھلي اسان ٻن ڏينهن جي سفر بعد اچي دين ور(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي. جنهن ۾ سوداگر رھندا آھن“ ھتي ھڪ بت خاني ۾ ھڪ بت رکيل آھي، جنهن جو نالو دينور آھي. ان بت خاني ۾ ٽي ھزار کن برھمڻ ۽ جوڳي رھندا آھن. ازانسواءِ پنج سو ھندن جون ڌيئرون پڻ ھر روز بت جي سامھون نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ رھنديون آھن. ھن شھر جو سمورو محصول ھن بت خاني لاءِ وقف ٿيل آھي، جنهن مان بت خاني وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو آھي، ھيءُ بت سڄو سون جو ٺھيل آھي ۽ آدم قدم جيترو آھي، جنهن کي اکين جي جاءِ تي ٻه وڏا ياقوت لڳل آھن، جيڪي رات جو قنديلن وانگر روشني ڏيندا آھن.
پوءِ اتان اسان ”ڪالي“ جي شھر ۾ پھتاسين. ھي ”دينپور“ کان ڇھن فرسخن جي مفاصلي تي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن ۾ ناخدا ابراھيم نالي ھڪ مسلمان رھندو آھي، جنهن اسان جي مھماني به ڪئي ھئي، ان کان پوءِ اسان ڪنبو(ڪولمبو) ڏانهن وياسين. سرانديپ ۾ ھي سڀ کان وڏو ۽ سھڻو شھر آھي. ھتي راجا جو وزير، جيڪو حاڪم بحر آھي ۽ جالستي سڏبو آھي، رھندو آھي. ھن سان گڏ پنج سو حبشي پڻ رھندا آھن. پوءِ اتان ھلي، ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ”بطالھ ۾ پھتاسين ۽ اتي جي راجا جنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، سان ملياسين. ناخدا ابراھيم کي اتي موجود ڏٺم جيڪو منهن جو انتظار ڪري رھيو ھو.
پوءِ اسان معبر(1) روانا ٿياسين، واٽ تي ھوا تمام تيز ٿي ويئي ۽ پاڻي جھاز ۾ چڙھڻ لڳو، اسان جي جھاز ۾ ڪو به رئيس (ڪپتان) ڪو نه ھو، تنهن ڪري اسين پٿرن ۾ وڃي نڪتاسين ۽ قريب ھو ته جھاز انهن پٿرن سان ٽڪرائجي ڀڄي پوي، پر اسان ھڪ ننڍڙيءَ کاريءَ ۾ (لڙھي) وڃي پياسين. جھاز به آھستي آھستي ھيٺ ٿيندو ٿي ويو ۽ موت اسان جي اڳيان نچي رھيو ھو، پوءِ ماڻھن وٽ جيڪي ڪجھه ھو، سو ڦٽو ڪري ڇڏيائون ۽ لڳا وصيتون ڪرڻ.
اسان جھاز جا ستول به ڪپي کڻي ڦٽا ڪيا. ھوڏانهن جھاز وارن ڪاٺ جي ھڪ ٻيڙي ٺاھي ورتي. خشڪي اتان کان به فرسخ پري ھئي. مون پڻ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر مون سان جيڪي ٻه ٻانهيون ۽ ساٿي ھئا تن مون کي چيو ته ”اسان کي ڪيڏانهن ٿو ڇڏي وڃين“ ھنن جي ڳالھه ٻڌي مون تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ چيو مان ته توھان ۽ ٻانهي (جنهن کي مان پسند ڪندو ھوس)ھليا وڃو ۽ مان ھتي جھاز ۾ ٿو ترسان. تنهن تي انهي ٻانهيءَ چيو ته ”مان چڱي تارو آھيان ۽ ٻيڙي سان ھڪ رسي ٻڌي ان کي جھلي ترندي وينديس.“ پوءِ محمد بن فرمان، ھڪ مصري شخص ۽ ھڪ بانهي ٻيڙي ۾ وڃي ويٺا ۽ ٻي ٻانهي ترندي ويئي. ٻيا جھاز وارا پڻ ٻيڙي ۾ رسيون ٻڌي ترندا ويا. مون پنهنجو سمورو قيمتي سامان جواھرات ۽ عنبر وغيره انهن سان گڏ موڪلي ڏنو.
ھوا بلڪل موافق پئي لڳي، تنهن ڪري ھو سڀ صحيح ۽ سالم وڃي ڪناري تي ڀيڙا ٿيا. جھاز جو مالڪ به ڏاڍي تڪليف سان وڃي خشڪي تائين پھتو، پر مان خود جھاز ۾ رھيس. جھاز وارن ٻيون ٻيڙيون ٺاھڻ شروع ڪيون، پر سندن ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ئي رات پئجي ويئي، پاڻي جھاز ۾ چڙھندو رھيو. مان وڃي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ويھي رھيس ۽ صبح تائين اتي ئي رھيس. صبح جي وقت ڪيترائي ھندو ھڪ ٻيڙي وٺي آيا، جن اسان کي کڻي وڃي ڪناري تي لاٿو. مون ھن کي ٻڌايو ته ”مان سندن بادشاھه جو عزيز آھيان“ ھو سڀ بادشاھه جي رعيت جا ماڻھو ھئا سو ھنن يڪدم بادشاھه کي لکي موڪيلو.
بادشاھه اتان کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي غزو ۾ آيل ھو. مون پڻ ھن ڏانهن پنهنجو حال لکي موڪيلو. پوءِ اھي ماڻھو اسان کي ھڪ جھنگل ۾ وٺي آيا ۽ ھڪ گدري جھڙو ميوو کڻي آيا، جو(1) مقل جي وڻ ۾ لڳندو آھي.
ان جي ميوي جي اندران ھڪ ڪپھھ جھڙي شيءَ نڪرندي آھي. ان پاڻيٺ کي ڪڍي ان مان کنڊ جھڙو (تل) نالي ھڪ حلوو ٺاھيندا آھن. ھو ھڪ عمدي قسم جي مڇي پڻ کڻي آيا ھئا.
اتي اسان ٽي ڏينهن ترسياسين ۽ ٽن ڏينهن بعد بادشاھه جي طرفان قمرالدين نالي ھڪ امير چند سوارن ۽ پيادن کي ساڻ وٺي آيو. ھنن ڏهه گھوڙا ۽ ھڪ ڏولي به آندي ھئي. پوءِ مان ۽ منهنجا ساٿي، جھاز جو مالڪ ۽ ھڪ ٻانهي (گھوڙن) تي سوار ٿياسين ۽ پنهنجي ٻيءَ ٻانهيءَ کي ڏوليءَ ۾ سوار ڪيم. پوءِ اسان اچي ”ھر ڪاتوجي“ قلعي ۾ پھتاسين جتي رات گذاري، مون پنهنجون ٻانهيون، غلمان ۽ ساٿي اتي ڇڏيا ۽ ٻئي ڏينهن اچي بادشاھه جي ڪئمپ ۾ پھتس.

________________________________________
(1) ھن ڪاٺ مان ڳاڙھو رنگ نڪرندو آھي – ”لغات ڪشوري“ صفحو ٧١ – مترجم
(1) ھن شھر جو قديم نالو”ديوان ديره“لکيل آھي ۽ ھاڻي ھن کي”ڊونڊا“ڪري چوندا آھن، پر اڄڪلھه ھتي ڪو به شھر آباد ڪين آھي ۽ فقط سمنڊ ۾ نڪتل ھڪ لاس آھي، سر وليم ٽيننٽ پنهنجي ڪتاب سيلان جلد ١ صفحو ١١٣ تي لکي ٿو ته ڊونڊرا پھريائين ھڪ تمام وڏو مندر ھوندو ھو، جنهن جي ڪري ھيءُ شھر تمام متبرڪ ڪري ليکيو ويندو ھو، پر آخر سنه ٥٨٧ع ۾ پورچوگيزن ھن کي لٽي برباد ڪري ڇڏيو.
(1) معبر؛ ھن کي ھاڻي ڪارو منڊل ۽ ڪرناٽڪ ڪري چوندا آھن. مترجم
(1) مقل:- ھنديءَ ۾ ھن کي ”گوگل“ پارسيءَ ۾ ”بوئي يھودان“ ڪري چوندا آھن، ڇاڪاڻ ته يھودي قوم ھن جو گھڻو استعمال ڪندي آھي. ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، جو گھڻو ڪري عمان حضر موت ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ ٿيندو آھي، باھه ۾ وجھڻ سان خوشبوءِ ڏيندو آھي ۽ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آھي (مخزن الادويھ)- ترجمھ