سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٽيون

[b]بادشاھه جو گنگا نديءَ جي ڪناري تي شھر ٻڌائڻ ۽ عين الملڪ جي بغاوت:
[/b]جڏھن ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو تڏھن بادشاھه پنهنجو لشڪر وٺي گنگا نديءَ جي ڪناري ڏانهن ھليو ويو. ھن نديءَ کي ھندو تمام پاڪ (پوتر) ڪري سمجھندا آھن ۽ ھر سال اتي حج(ياترا) ڪرڻ لاءِ ويندا آھن. ھيءَ جڳھه، جتي بادشاھه وڃي رھيو ھو، سا دھليءَ کان ڏھن منزلن تي ھئي. بادشاھه ماڻھن کي حڪم ڏنو ته اتي اچي پنهنجا گھر ٺاھين. تنهن ڪري پھريائين ھو گاھه ۽ ڪاٺ جون ڀنگيون اڏي انهن ۾ رھڻ لڳا، جن ۾ گھڻو ڪري باھيون پيون لڳنديون ھيون. ماڻھن باھين کان بچڻ لاءِ ڇا ڪيو، جو زمين جي اندران تهھ خانا به ٺاھي ڇڏيائون، پوءِ جڏھين باھه لڳندي ھين ته سمورو سامان انهن تهھ خانن ۾ وجھي، مٿان مٽيءَ سان ان جو منهن بند ڪري ڇڏيندا ھئا.
مان به انهن ڏينهن بادشاھه جي ڪئمپ ۾ آيل ھوس. گنگا نديءَ جي الھندي ڪناري سخت ڏڪار ھو، پر اڀرندي پاسي بلڪل سڪار ھو ۽ اتي بادشاھه جي طرفان عوض(اؤ) ظفر آباد ۽ لکنو وغيره شھرن تي امير عين الملڪ حاڪم مقرر ٿيل ھو. ھيءُ امير بادشاھه جي ڪئمپ ۾ پنجاھه ھزار مڻ ڪڻڪ، چانور، ۽ چڻا چوپائي مال جي لاءِ موڪليندو رھندو ھو. پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته ھاٿي، گھوڙا ۽ خچر وغيره اڀرندي ڪناري ڏانهن چارڻ لاءِ موڪليا وڃن ۽ عين الملڪ کي انهن جي نظرداريءَ تي مقرر ڪيائين.
عين الملڪ کي چار ٻيا به ڀائر ھوندا ھئا، جن مان ٽن جا نالا ھئا؛ شھر الله، نصرالله، فضل الله، باقي چوٿين جو نالو مون کي ياد نه آھي. انهن پنهنجي ڀاءُ (عين الملڪ) سان صلاح ڪئي ته بادشاھه جا ھاٿي ۽ ٻيو چوپايو مال ڀجائي وڃجي، ۽ پوءِ عين الملڪ جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس بادشاھه بنائجي. نيٺ ھڪ رات عين الملڪ اوچتو غائب ٿي ويو ۽ شايد ھنن جي اھا رٿ ڪامياب ٿي وڃي ھا ۽ بادشاھه کي ان جي ڪا به خبر نه رھي ھا. پر ھندستان جي بادشاھن جو اھو طريقو آھي ته ھو ھڪ ننڍي خواهه وڏي امير وٽ بادشاھه جو ھڪ غلام ضرور رھندو آھي، جيڪو انهيءَ امير جي ھر معاملي جي خبر بادشاھه تائين پھچائيندو رھندو آھي. اھڙيءَ طرح سان انهن اميرن جي گھرن ۾ جيڪي وھي واپري، تنهن جي خبر رکڻ لاءِ وري بادشاھه جي طرفان ٻانهيون مقرر ٿيل ھونديون آھن جيڪي انهن اميرن جي گھرن ۾ رھنديون آھن. اھي ٻانهيون وري ڀنگياڻين کي، جيڪي صفائي وغيره لاءِ اينديون آھن، خبرون ڏينديون آھن، جي اھي خبرون کڻي سڌو وڃي ملڪ المخبرين کي پھچائينديون آھن، جو وري بادشاھه کي موڪلي ڏيندو آھي.
ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ دفعي ڪو امير پنهنجي زال سان گڏ سمھيو پيو ھو ته امير کي ھن سان گڏ ٿيڻ جو خيال ٿيو، جنهن تي سندس زال کيس بادشاھه جي سر جو قسم وجھي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. پر امير ھن جي ھڪ به نه ٻڌي ۽ آخر ڪين مڙيو. صبح جو انهيءَ امير کي بادشاھه سڏايو ۽ پڇيائين ته تو ھيئن ڪيو آھي؟ ۽ انهيءَ ئي سبب جي ڪري ھن کي قتل ڪيو ويو.
بادشاھه جو ھڪ غلام، ابن ملڪ شاھه، نالي عين الملڪ وٽ رھندو ھو؛ تنهن بادشاھه کي ھن جي ڀڄي وڃڻ جي خبر موڪلي ڏني. ھيءَ خبر ٻڌندي ئي بادشاھه جا حواس باخته ٿي ويا ۽ ائين ڄاتائين ته موت آيو ڪي آيو. ڇو ته ھن جا گھوڙا، ھاٿي ۽ اناج،سڀ شيون عين الملڪ جي قبضي ۾ ھيون. ازانسواءِ سندس لشڪر به ھيڏي ھوڏي پکڙيو پيو ھو. آخر بادشاھه دارالخلافه ڏانهن واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو، جيئن اتان لشڪر گڏ ڪري عين الملڪ جي مقابلي لاءِ تيار ٿي اچي، سڀئي امير اچي گڏ ٿيا ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. خاص ڪري خراسانين ۽ غيرملڪي ماڻھن کي ته عين الملڪ مان تمام گھڻو خطرو ھو، ڇو ته انهن تي بادشاھه ڏاڍو مھربان ھوندو ھو، جنهن سبب کان ھندستاني ھنن کي حسد جي نگاھه سان ڏسندا ھئا، ۽ عين الملڪ به ھندستاني ھو.
ماڻھن بادشاھه جي صلاح صحيح نه سمجھي عرض ڪيو ته اي آخوند عالم! جيڪڏھن توھان دارالخلافه ھليا ويندا ۽ عين الملڪ کي اھا خبر پوندي، ته ھو انهيءَ عرصي ۾ گھڻائي لشڪر گڏ ڪري وٺندو ۽ گھڻائي باغي ۽ فتنه انگيز ماڻھو ھر ھنڌ پکڙيل آھن، تن کي ھو گڏ ڪري پنهنجي طاقت وڌائيندو، بهتر ائين ٿيندو ته ھن تي ھڪدم حملو ڪرڻ گھرجي. ھيءَ ڳالھه شروع ناصر الدين مطھر اوھريءَ ڪئي ۽ باقي ماڻھن ان جي تائيد ڪئي. بادشاھه سڀني جي صلاح کي بهتر ڄاڻي ان تي عمل ڪيو. ويجھو ويجھو جيڪي به امير ۽ لشڪر ھئا، تان کي انهيءَ وقت خط لکي گھرائي موڪليائين. ھو خط پھچندي ئي اچڻ شروع ٿيا، بادشاھه ھي تجويز ڪئي، جو جيڪڏھن انهن مان ھڪ سئو ماڻھو ٿي آيا ته سندن استقبال لاءِ وري ھڪ ھزار ماڻھو ٿي موڪليائين جي ڪل يارھن سئو ماڻھو ٿي، گڏجي ڪئمپ ۾ ٿي گھڙيا، انهيءَ لاءِ ته جيئن دشمنن کي سندن تعداد وڌيڪ معلوم ٿئي.
پوءِ بادشاھه درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي اڳتي وڌيو، ھن جو ارادو ھو ته قنوج جو شھر پنهنجي پٺيان پٺيان رکي، اڳتي وڌندو رھي، جيئن وقت تي انهي ۾ قلعي بند ٿي سگھجي، ڇو ته قنوج جو قلعو تمام مضبوط ڪري ليکيو ويندو ھو. پر اھو اڃا ٽن منزلن جي پنڌ جيترو پري ھو. بادشاھه جڏھن پھرين منزل ڪري آيو، تڏھن پنهنجي لشڪر کي لڙائيءَ لاءِ تيار ڪندي، انهن کي ھڪ قطار ۾ بيھاري ڇڏيائين، ھر ھڪ سپاھيءَ جي بدن تي سڀ ھٿيار ٻڌل ھئا، ۽ ڀرسان ان جو گھوڙو ھو.
بادشاھه سان گڏ ھڪ ننڍڙو تنبو ھو، جنهن ۾ ھو ماني کائيندو ۽ غسل ڪندو ھو. وڏي ڪئمپ اڃان ڪجھه پري ھئي. ٽن ڏينهن تائين بادشاھه تنبوءَ ۾ نه آرام ڪيو ۽ نه ئي ڇانو جي ھيٺان ويٺو. ھڪ ڏينهن مان پنهنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس ۽ مون سان گڏ ٻانهيون به ھيون ته منهنجي ھڪ نوڪر، سنبل نالي، مون کي سڏ ڪيو ۽ چيائين ته جلدي ٻاھر اچو. منهنجي ٻاھر اچڻ تي ھن ٻڌايو ته بادشاھه اڃا ھينئر حڪم ڏنو آھي ته جنهن به ماڻھوءَ سان ان جي زال يا ڪا ٻانهي ھجي ته ان کي قتل ڪيو وڃي.
اميرن به اھو حڪم ٻڌو. سو بادشاھه کي وڃي انهن لاءِ عرض ڪيائون، تنهن تي بادشاھه وري حڪم ڏنو ته ڪيئن به ڪري ڪئمپ ۾ ڪا به عورت رھڻ نه گھرجي، آخر سڀني زالن کي ڪنبيل نالي قلعي ۾ موڪليو ويو، جيڪو اتان ٽي ميل پري ھو. اھڙيءَ طرح سان ڪا به عورت پٺتي نه بچي، ايتري قدر جو خود بادشاھه سان به ڪا عورت ڪا نه ھئي. اھا رات اسان تياريءَ ۾ گذاري، ڏينهن ٿيڻ تي بادشاھه سڄي لشڪر کي فوجن ۾ ورھايو ۽ ھر ھڪ فوج سان گڏ زره سان ڍڪيل پالڪين سان ھاٿي ھئا جن جي مٿان جنگي جوان ويٺا ھئا.
سڄي لشڪر کي زره پوش رھڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ پوءِ سڀئي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا، ٻي رات به تياريءَ ۾ ئي گذري، ۽ جڏھن صبح ٿيو تڏھن خبر پھتي ته عين الملڪ درياءُ پار ڪري آيو آھي. ھيءُ ٻڌي بادشاھه کي ڪجھه خوف پيدا ٿيو ته ھو متان درياءَ پار ٻين رھيل اميرن سان مدد لاءِ لکپڙھه نه ڪري آيو ھجي. پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته منهنجي سڀني دوستن ۾ ڀلا گھوڙا ورھايا وڃن. ان ڪري مون ڏانهن به ڪجھه گھوڙا موڪليا ويا. منهنجو ھڪ ساٿي امير اميران ڪرماني نالي ھوندو ھو، جو وڏو پھلوان ۽ بهادر سمجھيو ويندو ھو. ان کي مون ھڪ ڪميت (شھبه الاول)گھوڙو ڏنو، ھو ان تي اڃا سوار مس ٿيو ته گھوڙو وٺي ڀڳو. ھن گھڻيئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھوڙو ھن کان ر وڪيو نه ٿيو ۽ آخر ھن کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيائين، جنهن ڪري ھو اتي جو اتي مري ويو.
بادشاھه انهيءَ ڏينهن ڏاڍو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ عصر جي وقت کان پوءِ اچي قنوج جي شھر ۾ پھتو، بادشاھه کي ڏاڍو ڊپ ھو ته متان ھن جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي عين الملڪ ھن شھر تي قبضو ڪري وڃي، ان رات بادشاھه خود لشڪر کي ڍاھي رکيو ۽ اسان وٽ اچي بيٺو، ان وقت اسان لشڪر جي اڳئين حصي ۾ ھئاسين ۽ اسان سان گڏ بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز جو ساٿي، امير عرا بن مزا، سيد ناصرالدين ۽ ڪي خراسان جا امير به ھئا، ۽ اسان کي چيائين ته توھان منهنجي خاص ماڻھن مان آھيو، تنهن ڪري توھان مون سان گڏ رھو.
انهي ءَ ۾ به ڪا ڀلائي ھئي، جو رات جي پوئين پھر عين الملڪ لشڪر جي اڳئين حصي تي حملو ڪيو ھو. وزير خواجه جھان به لشڪر جي انهيءَ حصي ۾ ھو. ڏاڍو ھل ھنگامو برپا ٿيو، بادشاھه حڪم ڏنو ته ڪو به پنهنجي جاءِ تان نه چري ۽ صرف تلوارن سان لڙائي ڪئي وڃي، سڄي لشڪر پنهنجون تلوارن سنڀاليون ۽ دشمنن ڏانهن وڌيا. ڏاڍي زور شور سان لڙائي ھلي، ان رات بادشاھه پنهنجي سڃاڻپ جي نشاني ”دھلي“ ۽ ”غزني“ مقرر ڪئي، يعني جڏھن اسان جي لشڪر مان ڪو ڪنهن سان ملي ته دھلي جو لفظ چوي، پوءِ ٻيو جيڪڏھن غزنيءَ جو جواب ڏئي ته چئبو ته ھو نهنجي لشڪر مان آھي، ٻيءَ صورت ۾ حڪم ھو ته ھن کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي.
عين الملڪ جو ارادو ھو ته انهيءَ حصي تي حملو ڪري جتي بادشاھه موجود ھو. پر ھن جي رھنما ھن کي غلط ٻڌايو، تنهن ڪري ھو اچي وزير واري حصي تي ڪڙڪيو، عين الملڪ ان رھنما کي قتل ڪري ڇڏيو. وزير واري لشڪر جي حصي ۾ عجمي، ترڪ ۽ خراساني گھڻي انداز ۾ ھئا ۽ ڇو ته ھو ھندستانين جا دشمن ھئا، تنهن ڪري ھو سر جي بازي لڳائي وڙھيا، عين الملڪ جي لشڪر ۾ پنجاھه ھزار جي قريب ماڻھو ھئا، جيڪي صبح ٿيڻ تائين سڀئي شڪست کائي ڀڄي ويا.
ملڪ ابراھيم تتري (تاتاري) جيڪو ”ڀنگي“ جي قلب سان مشھور ھو، تنهن کي بادشاھه عين الملڪ جي شھر مان ھڪ سندريلھ نالي ھڪ ڳوٺ جدا ڪري ڏنو ھو، ھن به بغاوت ۾ عين الملڪ سان اتفاق ڪيو، تنهن ڪري ھن کي کڻي کيس پنهنجو نائب مقرر ڪيو ھو. قطب الملڪ جو پٽ دائود ۽ ملڪ التجار جو پٽ پڻ، جيڪو گھوڙن ۽ ھاٿين جو آفيسر مقرر ٿيل ھو، اچي ھن سان شامل ٿيا ھئا ۽ ھن دائود کي عين الملڪ پنهنجو حاجب مقررڪيو ھو. جڏھن عين الملڪ اچي وزير واري لشڪر تي حملو ڪيو ھو، تڏھن دائود بادشاھه کي وڏي سڏ ڏاڍيون گنديون گاريون بڪي رھيو ھو، جيڪي بادشاھه ٻڌيون پئي ۽ دائود جي آواز کي به سڃاتائين پئي.
جڏھن عين الملڪ جي لشڪر کي شڪست آئي تڏھن ھن پنهنجي نائب ابراھيم کي چيو ته ”او ابراھيم! ھاڻي تنهنجو ڇا خيال آھي. گھڻو لشڪر ۽ وڏا وڏا سردار ته ڀڄي ويا آھن، ھاڻي جيڪڏھن تنهنجي به اھا صلاح ھجي ته اسان به ڀڄي پنهنجو سر بچايون“ جنهن تي ابراھيم يڪدم پنهنجن ساٿين کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيو ته جيڪڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جي ڪندو ته ان وقت مان کيس وارن کان کڻي جھليندس ۽ توھان چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي کيس ھيٺ ڪيرائي ڇڏجو؛ پوءِ ھن کي ٻڌي بادشاھه وٽ وٺي ھلنداسين، شايد منهنجي ھن خدمت جي بدلي ۾ بادشاھه اسان کي معاف ڪري ڇڏي.
جڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جو ارادو ڪيو تڏھن ابراھيم چيو ته سلطان علاؤ الدين ڪيڏانهن ٿو وڃين، عين الملڪ پنهنجو لقب سلطان علاؤ الدين رکيو ھو. ائين چئي کڻي وارن کان جھليائينس، ھن جي ساٿين وري چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ھو اچي زمين تي ڪريو. ابراھيم ھن کي کڻي پاڻ وٽ قابو ڪيو ۽ جڏھن وزير جا ماڻھو ھن کي گرفتار ڪرڻ آيا تڏھن انهن کي روڪيندي چيائين ته ”ھن کي مان پاڻ وزير وٽ وٺي ويندس، مان وڙھندي وڙھندي مارجي وڃان پر ھن کي ڪنهن ٻئي ماڻھو ھٿان ڇھڻ نه ڏيندس“ تنهن تي ھن کي ڇڏي ڏنائون، پوءِ ابراھيم عين الملڪ کي وزير وٽ وٺي ويو.
ان وقت صبح ٿي ويو ھو ۽ مان بادشاھه وٽ، جيڪي ھاٿي جھنڊا پيش ٿي رھيا ھئا، ڏسي رھيو ھوس، ته ڪنهن عراقيءَ اچي مون کي ٻڌايو ته عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي، ۽ ھن کي وزير وٽ وٺي آيا آھن. مون کي اعتبار ئي نٿي آيو، مان ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته ملڪ تمور(تيمور) شربدار اچي مون کي ھٿ کان جھليو ۽ مبارڪ ڏيندي چائين ته ”عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ وزير جي حوالي ٿيو آھي.“ ھيءُ ٻڌي بادشاھه به اسان سان گڏجي عين الملڪ جي ڪئمپ ڏانهن ھليو، جيڪا گنگا نديءَ جي ڪپ تي ھئي، لشڪر ھن جي سڄي ڪئمپ کي ڦري ماري اجاڙي ڇڏيو ھو ۽ عين الملڪ جا ڪيترائي ماڻھو درياءَ ۾ گھڙي پيا ۽ ٻڏي مئا.
قطب الملڪ جو پٽ ۽ ملڪ التجار جو پٽ به پڪڙجي پيا ھئا. بادشاھه انهيءَ ڏينهن ڪناري تي ئي ڪئمپ ڪئي ۽ جڏھن وزير عين الملڪ کي بادشاھه جي سامھون آندو، تڏھن ھو ھڪ ڏاند تي سوار ھو ۽ سڄو بدن اگھاڙو ھوس، صرف ھڪ پراڻي ڦاٽل ڪپڙي جي لنگوٽ اوگھڙ واريءَ جاءِ تي ٻڌل ھئس جنهن کي ورائي سندس ڪنڌ ٻڌي ڇڏيو ھئائون، وزير عين الملڪ کي شاھي خيمي جي دروازي تي بيھاري پاڻ بادشاھه وٽ ويو، بادشاھه کيس پيئڻ لاءِ شربت ڏنو، ھوڏانهن اميرن جا ڇوڪرا عين الملڪ وٽ اچي کيس گاريون ڏيڻ، سندس منهن ۾ ٿڪون ھڻڻ ۽ سندس ساٿين تي مار موچڙو ڪرڻ لڳا.
بادشاھه ھن کي ھڪ وڏي امير ھٿان چوائي موڪليو ته ”تو ھي سڀ ڪيو“ جنهن تي ھو ماٺ ۾ رھيو ۽ ڪو به جواب ڪو نه ڏنائين. پوءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته ھن کي غريبن جھڙا ڪپڙا پھرائي، پيرن ۾ چار زنجير وجھي ۽ سندس ھٿ ڪنڌ سان ٻڌي، وزير جي حوالي ڪيو وڃي ته ھن کي پنهنجي حفاظت ۾ قابو رکي؛ عين الملڪ جا ڀائر درياءُ پار ڪري اؤڌ ڏانهن ڀڄي ويا جتان پنهنجا ٻار ٻچا، مال متاع جيڪي کڻي سگھيا سو کڻي ڪنهن طرف ڀڄي ويا.
ھنن ويندي، پنهنجي ڀاءُ عين الملڪ جي زال کي به چيو ته تون به پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اسان سان گڏ ڀڄي ھل. پر ھن وڃڻ کان انڪار ڪندي، جواب ڏنن ته ”مان ھڪ ھندو عورت کان به گھٽ آھيان ڇا، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ سڙي مرندي آھي. جيڪڏھن منهنجو سرتاج مرندو ته مان به مرنديس، پر جي ھو زندھ رھندو ته مان به ھن لاءِ زندھه رھنديس.“ پوءِ ھو ھن کي ڇڏي ھليا ويا. بادشاھه کي جڏھن ھن جواب جي خبر پيئي، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان زال تي ڏاڍو رحم آيس.
سھيرا نالي ھڪ جوان عين الملڪ جي ڀائرن مان ھڪ، نصرالله کي پڪڙي وڌو ۽ کيس قتل ڪري ان جو سر بادشاھه وٽ کڻي آيو؛ ۽ ان سان گڏ عين الملڪ جي زال، ماءُ ۽ ان جي ڀيڻ کي به پاڻ سان وٺيو آيو. بادشاھه انهن کي به وزير جي حوالي ڪيو، ھنن لاءِ عين الملڪ جي خيمي جي ڀرسان ھڪ خيمو لڳايو ويو، جتي عين الملڪ اچي ويھي ساڻن ڳالھيون ڪري وري قيد خاني ڏانهن ھليو ويندو ھو. فتح واري ڏينهن عصر جي وقت کان پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته اھي بيڪار ماڻھو جيڪي ذليل، بازاري ۽ غلام قسم جا آھن ۽ ھنن سان گڏ پڪڙيا ويا آھن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي.
ملڪ ابراھيم تتريءَ (ڀنگي) کي به بادشاھه جي سامھون پيش ڪيو ويو، جنهن لاءِ سپھه سالار ملڪ بغرا رٿ ڏني ته ”اي آخوند عالم ھن کي به قتل ڪرڻ گھرجي ڇو ته ھن به بغاوت ۾ حصو ورتو ھو.، تنهن تي وزير جواب ڏنس نه ”عين الملڪ کي گرفتار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن جو قصور معاف ڪيو ويو آھي،۽ بادشاھه به کيس معافي ڏني آھي“ پوءِ ھن کي حڪم ڏنو ويو ته ھو پنهنجي جاگير ڏانهن ھليو وڃي، بادشاھه مغرب کان پوءِ ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ اچي ويٺو، جتي عين الملڪ جي ساٿين مان ٻاھٺ وڏا وڏا امير سندس سامھون پيش ڪيا ويا، پوءِ انهن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو ويو، انهن امن مان ڪن کي ھاٿين پنهنجي فولاد جي پٽ چڙھيل ڏندن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو۽ ڪن کي مٿي ھوا ۾ اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيو. ان وقت نغارا ۽ واڄا وڄي رھيا ھئا، عين الملڪ ھيءُ سڀ ڪجھه خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھو، ۽ انهن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ھن ڏانهن اڇلايا پئي ويا.
پوءِ ھن کي قيد ۾ وٺي ويا، ماڻھن جي گھڻائيءَ ۽ ٻيڙين جي ٿورائيءَ سبب بادشاھه دريا جي ڪناري تي ترسي پيو، شاھي سامان خزانو وري ھاٿين ذريعي درياءَ جي ھن پار پھچايو ويو، بادشاھه ڪجھه ھاٿي پنهنجي خاص اميرن ۾ ورھائي ڏنا ته ھو پنهنجو سامان درياءَ جي پار پھچائين. تنهن ڪري مون کي به ھڪ ھاٿي مليو، جنهن تي مون پنهنجو سامان لڏي ھن ڀر پھچايو.
ان کان پوءِ بادشاھه (ڀرائچ) وڃڻ جو ارادو ڪيو، ان وقت اسان به ھن سان گڏ ھئاسين، ھيءُ ھڪ تمام خوبصورت شھر آھي ۽ سرو نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ھيءَ ندي تمام وڏي آھي ۽ اڪثر ڪناري کي کائيندي رھندي آھي. ھتي رسم موجب بادشاھه، شيخ (الصالح البطل) سالار جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ درياءُ پار ڪري آيو ھو. شيخ سالار ھن طرح جا گھڻائي ملڪ فتح ڪيا ھئا ۽ ماڻھن ۾ ھن لاءِ ڪيتريون ئي عجيب و غريب ڳالھيون مشھور ھونديون ھيون، ماڻھن جي درياءَ پار ڪرڻ وقت ڏاڍي ڀيڙ اچي لڳي، ايتري قدر جو ھڪ ٻيڙي جنهن ۾ ٽي سئو ماڻھو چڙھيل ھئا، سا ٻڏي ويئي ۽ صرف ھڪ عرب جيڪو امير غوار جي ساٿين مان ھڪ ھو، بچي سگھيو.
اسان ھڪ ننڍيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيل ھئاسين جنهن ڪري الله سائينءَ اسان کي بچايو، عرب جيڪو ٻڏڻ کان بچي ويو ھو تنهن جو نالو سلام ھو، اتي عجيب اتفاق اھڙو ٿيو جو ھن عرب جي پھريائين ارادو ھو ته اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھي؛ پراسان جي ٻيڙي ڪجھه اڳتي نڪري ويئي تنهن ڪري ھو وڃي وڏي ٻيڙي ۾ چڙھيو ھو، جيڪا ٻڏي ويئي جڏھن ھو بچي درياءَ اڪري آيو، تڏھن ماڻھن خيال ڪيو ته ھو اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھيل ھو ان تي اسان جي ساٿين ۾ اچي ٿرٿلو پيو جو سمجھيائون ته شايد اسان ٻڏي وياسين، پر جڏھن اسان کي صحيح سلامت ڏٺائون تڏھن اسان کي اچي مبارڪ ڏنائون.
پوءِ اسان شيخ سالار جي قبر، جيڪا ھڪ گنبذ ۾ آھي، جي زيارت ته ڪئي، باقي ان تائين پھچائڻ جي واٽ، گھڻيءَ ڀيڙ سبب، ھٿ نه آئي پوءِ اسان ھن طرف جي ھڪ ڪانهن جي ٻيلي مان ٿي لنگھياسين ته اسان گينڊو ڏٺو، ماڻھن ان کي ماري وڌو ۽ ان جي سسي وڍي کڻي آيا، جو ھاٿيءَ کان ننڍو پر سندس سسي ھاٿيءَ جي سسيءَ کان ڪافي وڏي ھئي.

[b]بادشاھه جو دارالخلافه ۾ واپس اچڻ ۽ علي شاھڪر (ٻوڙي) جي بغاوت:
[/b]جڏھن بادشاھه عين الملڪ کي شڪست ڏني، تڏھن اڍائي سالن کان پوءِ ھو دارالخلافه ۾ آيو. عين الملڪ جو گناھھ کيس بخش ڪيو ويو؛ تنهن سان گڏنصرت خان جنهن تلنگانه جي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ھئي، تنهن کي به معاف ڪيو ويو، بادشاھه ھنن ٻنهي کي پنهنجي باغن ۾ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ کين خلعت ۾ سواري به عطا ڪيائين ازانسواءِ اٽو ۽ گوشت به ھنن لاءِ روزانو بادشاھه جي طرفان مقرر ڪيو ويو ھو.
ھن کان پوءِ خبر آئي ته قطلو خان جو ھڪ ساٿي علي شاھڪر بادشاھه کان باغي ٿي ويو آھي. ھي شخص ڏاڍو بهادر، چڱين عادتن وارو ۽ شڪل جو به سھڻو ھوندو ھو، ھن بدر ڪوٽ (بيدر جو قلعو) فتح ڪري ان کي پنهنجي ملڪ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، بادشاھه پنهنجي استاد کي ھن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ چاڙھي موڪليو، جنهن وڃي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو ۽ قلعي جي برجن جي ھيٺان سرنگ لڳائڻ شروع ڪيائين، آخر علي شاھڪر جڏھن ڏاڍو پريشان ٿيو، جڏھن امان گھريائين، قطلو خان کي امان ڏيئي، قيد ڪري بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو.
بادشاھه ھن جو ڏوھه معاف ڪري کيس خراسان وقت غزنيءَ جي شھر ڏانهن ڪڍي ڇڏيو، اتي ھو ڪجھه وقت رھيو، آخر ھن کي جو کٽيءَ اچي کنيو، سو وطن جي اڪير اچي لڳيس، جنهن ڪري ھو واپس ھليو آيو. سنڌ ۾ پھچڻ تي ھو پڪڙجي پيو ۽ بادشاھه وٽ پيش ڪيو ويو، بادشاھه کيس چيو ته تون وري منهنجي ملڪ ۾ فساد ڪرڻ آيو آھين ۽ حڪم ڪيائين ته ھن کي قتل ڪيو وڃي، پوءِ ھن جو سر ڪپيو ويو.

[b]امير بخت جو ڀڄي وڃڻ ۽ قيد ٿيڻ
[/b]بادشاھه جڏھن امير بخت تي ڪاوڙيو، جنهن جو لقب ملڪ ھوندو ھو، تڏھن ھن جو عھدو چار ھزاريءَ مان گھٽائي ھڪ ھزاري ڪري کيس دھليءَ ۾ وزير ڏانهن ڏياري موڪليائين. ھيءُ شخص انهن ماڻھن مان ھو،جيڪي اسان سان گڏجي بادشاھه وٽ آيا ھئا. اتفاق سان امير عبدالله ھروي تلنگانه واريءَ وبا ۾ مري ويو. ھن جو سڀ سامان سندس ساٿين وٽ دھليءَ ۾ رکيل ھو، سو انهن به امير بخت سان گڏ ڀڄڻ جي صلاح ڪئي. ۽ جڏھن وزير، بادشاھه جي استقبال لاءِ، دھليءَ کان نڪتو تڏھن ھو وجھھ وٺي امير بخت سان گڏ ڀڄي نڪتا.
ھو چاليھن ڏينهن جو رستو ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري اچي سنڌ ۾ پھتا، ھنن وٽ ڏاڍا عمدا تيز رفتار گھوڙا ھئا ھنن چيو ته سنڌو ندي تري پار ھليو وڃجي. پر امير بخت ۽ سندس پٽ تري ڪو نه ٿي سگھيا، تنهن ڪري ڪانن جو ترھو ٺاھي، ان ۾ ريشمي رسيون ٻڌي، پار اڪرڻ چاھيائون، پر ھو نديءَ جي ڪناري تي پھچي، انهي ءَ ۾ گھڙڻ کان ڊڄي بيھي رھيا.
پوءِ ھنن اوجته (اچ) جي حاڪم جلال الدين ڏانهن ٻه ماڻھو موڪليا، جن وڃي جلال الدين کي چيو ته ڪجھه سوداگر درياءُ پار ڪرڻ ٿا چاھين ۽ ھيءَ زين توڏانهن تحفي طور موڪلي اٿن ته ھنن کي درياءَ پار اڪرڻ جي اجازت ۽ ان ۾ مدد ملي. جلال الدين ھڪدم سمجھي ويو ته اھڙي قسم جي زين سوداگرن وٽ ڪا نه ھوندي آھي ۽ ضرور ڪو گھوٽالو آھي. تنهن ڪري حڪم ڏنائين ته ھنن ٻنهي ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي.
انهن مان ھڪ ڪنهن طرح سان ڇڏائي، ڀڄي وڃي شرف ملڪ وٽ نڪتو، جي مسلسل پنڌ جي ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي سبب ننڊ پيا ھئا. ايندڙ شخص ھڪدم شرف الملڪ کي سڄي روئداد ٻڌائي، جنهن تي ھو سڀ گھوڙن تي سوار ٿي اٿي ڀڳا، جلال الدين حڪم ڪيو ته جيڪو ماڻھو پڪڙيو ويو آھي تنهن کي خوب موچڙا ھڻي سچي ڪرائي وڃي، جنهن آخر شرف الملڪ جو سمورو احوال ٻڌائي ڇڏين. پوءِ جلال الدين پنهنجي نائب کي حڪم ڪيو ته ھو لشڪر پاڻ سان وٺي يڪدم شرف الملڪ ۽ سندس ساٿين ڏانهن وڃي.
ھو ڏس واري جاءِ تي پھتو ته ھو اڳيئي ڊپ ۾ ڀڄي ويا ھئا، پر نائب سندن پيڇو ڪيو ۽ آخر وڃي رسين، لشڪر وارن ھنن تي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ نائب جو تير اتفاق سان شرف الملڪ جي پٽ طاھر جي ھڪ ٻانهن ۾ وڃي لڳو، جنهن تي ھو ڪري پيو. نائب ھن کي سڃاڻي کڻي قابو ڪيو. آخر ٻيا به سڀ پڪڙجي پيا ۽ سڀني کي جلال الدين جي سامھون آندو ويو، جنهن کين پيرن ۾ زنجير وجھي، سندن مشڪون ٻڌي، کڻي پاڻ وٽ قيد ۾ رکيو. پوءِ وزير کي لکيائين ته ھنن کي ڇا ڪيو وڃي، وزير حڪم ڏنس ته ھنن کي دارالخلافه ڏانهن موڪليو وڃي.
پوءِ جلال الدين ھنن کي دارالخلافه ڏانهن موڪليو، جتي کين قيد ۾ رکيو ويو، پوءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته شرف الملڪ کي ھڪ سو چھبڪ زور سان ھنيا وڃن، ھو ھر روز اھڙي مار کائيندو رھيو ۽ آخر تائين زندھ رھي سگھيو. تنهن تي بادشاھه کي ھن تي رحم اچي ويو ۽ سندس ڏوھه معاف ڪري کيس چنديريءَ ڏانهن امير نظام الدين وٽ ڏياري موڪليائين. ھن کان پوءِ شرف الملڪ جي حالت تمام خراب ٿي پيئي ۽ تنگدستيءَ اچي ورايس، ايتري قدر جو ھن وٽ سواريءَ لاءِ ڪو گھوڙو ڪو نه رھيو، تنهن ڪري ھو ڏاند تي سواري ڪندو ھو.
ڪيترو ئي وقت ھو ھن حال ۾ رھيو، پوءِ امير نظام الدين جڏھن بادشاھه ڏانهن ڪجھه ماڻھو موڪلي ڏنا، انهن ۾ ھيءُ به شامل ھو. بادشاھه ھن کي کڻي پنهنجو (جاشنکير)چاشگير مقررڪيو. ھن عھديدار جو ڪم اھو ھوندو ھو ته ھو گوشت ٽڪرا ٽڪرا ڪري، دستر خواني تي رکندو ويندو ھو ۽ کاڌو کڻي بادشاھه وٽ حاضر ٿيندو ھو.
پوءِ بادشاھه ھن تي تمام گھڻو مھربان ٿيو ۽ سندس مرتبو ايترو ته وڌائي ڇڏيائين جو جڏھن ھو بيمار ٿيندو ھو ته بادشاھه خود سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ھن وٽ ويندو ھو، ۽ ھن کي سون ۾ توري اھو سون به ھن کي عنايت ڪيو ھئائين. اھا سموري ڳالھه مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ کيس پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرائي، چندريءَ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليائين. ھيءَ اھا جاءِ ھئي جتي ھو پھريائين امير نظام الدين جي نوڪري ڪندو ھو ۽ ڍڳي تي سواري ڪندو ھو، خدا جا شان آھن، ھو دلين جو مالڪ آھي جيئن وڻيس تيئن ڪري.

[b]شاھه افغان جي سنڌ ۾ بغاوت:
[/b]شاھه افغان سنڌ جي ملڪ، ملتان ۾ بغاوت ڪئي ۽ اتي جي امير بهزاد کي قتل ڪري بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. بادشاھه ھن کي مارائڻ جو ارادو ڪيو، پر ھو پنهنجي قوم جي پٺاڻن جيڪي ڏکين جبلن ۾ رھندا ھئا، ڏانهن ڀڄي ويو. بادشاھه کي ڏاڍو غصو آيو ۽ پنهنجي نائبن کي لکي موڪلائين ته جنهن ھنڌ به ڪو پٺاڻ موجود ھجي ان کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي ۽ اھو ئي قاضي جلال الدين جي بغاوت جو سبب بڻيو.

[b]قاضي جلال جي بغاوت:
[/b]قاضي جلال ۽ پٺاڻن جي ھڪ قوم شھر کنڀات ۽ بلوذره جي ڀرسان رھندي ھئي. جڏھن بادشاھه پنهنجي نائبن کي پٺاڻن جي پڪڙڻ جو حڪم ڏنو تڏھن ملڪ مقبل کي، جو انهيءَ وقت وزير جي طرفان الجزرات(گجرات) ۽ نهروالھ ۾ نائب ھو، ھي حڪم ڏنائين ته ڪنهن طريقي سان قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري، بلوذره جو علائقو ملڪ الحڪما جي جاگير ۾ ھوندو ھو، جنهن جي شادي بادشاھه جي ماٽيجي ماءُ جي ڌيءَ سان، جنهن کي بادشاھه پاليو ھو، ٿي ھئي. انهيءَ ئي ماءُ مان وري بادشاھه کي ٻي به ڀيڻ ھئي جنهن جو نڪاح امير غرا سان ڪيو ھئائين.
اھو ملڪ الحڪما انهيءَ وقت ملڪ مقبل وٽ ھو، ڇاڪاڻ ته سندس جاگير ملڪ مقبل جي علائقي ۾ ھئي. جڏھن ھو گجرات ۾ پھتا تڏھن ملڪ مقبل، ملڪ الحڪما کي حڪم ڏنو ته قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي مون وٽ وٺي اچ. جڏھن ملڪ الحڪما انهن جي علائقي ۾ پھتو، تڏھن ھنن کي ڳجھيءَ طرح سان نياپو ڏياري موڪليائين ته ملڪ مقبل توھان کي گرفتار ٿو ڪرڻ چاھي، تنهن ڪري توھان کي پاڻ وٽ گھرايو اٿس، سو توھان ھٿيار ٻڌي تيار ٿي ھن وٽ وڃجو.
نتيجي ۾ قاضي جلال ٽي سو زره پوش تيار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ اچي چيائين ته اسان سڀئي اندر وينداسين. ملڪ مقبل سمجھي ويو ته ھنن کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ انهن کان ڊڄي حڪم ڏنائين ته واپس ھليا وڃو ۽ ھن کي امان ڏيڻ جو خيال ظاھر ڪيائين. پر ھنن بغاوت ڪئي،کنڀات جي شھر ۾ داخل ٿي، شاھي خزانو ۽ ماڻھن جو مال ڦريائون. انهيءَ ڦر مار ۾ ابن الڪومي نالي واپاريءَ جو سمورو مال ڦرجي ويو. ھي اھو شخص ھو جنهن اسڪندريھ جي شھر ۾ ھڪ عاليشان مدرسو ٺھرايو آھي، جنهن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس.
پوءِ ملڪ مقبل، قاضي جلال جي مقابلي لاءِ آيو، پر شڪست کاڌائين. تنهن کان پوءِ ملڪ عزيز خمار به ھنن کان شڪست کاڌي. اھڙيءَ طرح ملڪ جھان بنبل به ست ھزار ماڻھو جو لشڪر وٺي ھن سان لڙائي ڪئي، پر انهيءَ به شڪست کاڌي، ھن ٻڌي، ملڪ ۾ جيڪي فسادي ۽ جرائم پيشي ماڻھو ھئاسي به اچي قاضي جلال سان مليا، جنهن ڪري ھن بادشاھيءَ جي دعويٰ ڪري، پنهنجن ساٿين کان بيعت وٺي ڇڏي. بادشاھه ھن ڏانهن ڪيترائي لشڪر موڪليا پر سڀني کي شڪست نصيب ٿي. انهن ڏينهن دولت آباد ۾ ھڪ پٺاڻن جو گروھ رھندو ھو، جن به بغاوت ڪئي.

[b]ابن ملڪ مل جي بغاوت:
[/b]دولت آباد ۾ جيڪا پٺاڻن جي جماعت رھندي ھئي ان ۾ ابن ملڪ مل به رھندو ھو. بادشاھه پنهنجي نائب نظام الدين کي، جيڪو سندس استاد قطلو خان جو ڀاءُ ھو، موڪليو ته انهن پٺاڻن کي گرفتار ڪري ۽ گڏوگڏ ھٿڪڙيون، زنجير ۽ سياري جون خلعتون به موڪلي ڏنائينس. ھندستان ۾ اھو رواج آھي ته ھر ھڪ شھر جي حاڪم ڏانهن ۽ فوج جي عملدارن ڏانهن سال ۾ ٻه ڀيرا خلعتون موڪليندا آھن، يعني ھڪ خلعت اونهاري جي ۽ ٻي سياري جي. جڏھن خلعتون آنديون وينديون آھن، تڏھن اھو حاڪم ۽ سڄو لشڪر انهن جي استقبال لاءِ شھر کان ٻاھر ايندو آھي ۽ جڏھن خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھچندا آھن، تڏھن پنهنجي سوارين تان لھي پوندا آھن. پوءِ انهن مان ھر ھڪ پنهنجي پنهنجي خلعت وٺي، ڪلھي تي رکي، بادشاھه جي طرف منهن ڪري، دستوري سلام ڪندو آھي.
بادشاھه نظام الدين کي لکي موڪليو ھو ته جڏھن اھي پٺاڻ شھر کان ٻاھر اچن ۽ خلعتون وٺڻ لاءِ گھوڙن تان لھن تڏھن انهن کي گرفتار ڪري وٺي، خلعت آڻيندڙن مان ھڪ سوار اھا خبر پٺاڻن کي اڳواٽ موڪلي ڏني، جنهن ڪري نظام الدين جي ڪوشش ناڪام ٿي پيئي. جڏھن ھو(نظام الدين) ۽ پٺاڻ سوار ٿي شھر کان ٻاھر آيا ۽ خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھتا، تڏھن نظام الدين پنهنجي گھوڙ: تان لھي پيو. يڪدم پٺاڻن ھن تي حملو ڪري ھن کي کڻي قيد ڪيو ۽ سندس ساٿين مان ڪيترن کي قتل ڪري، وڃي شھر جي خزانن تي قبضو ڪيائون ۽ ناصرالدين ملڪ مل جي پٽ کي کڻي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيائون. ھن واقعي کانپوءِ ڪيترائي فسادي ماڻھو به اچي ھنن سان شامل ٿيا، تنهن ڪري پاڻ ھنن وڌيڪ زور ورتو.
جڏھن بادشاھه کي کنڀات ۽ دولت آباد ۾ پٺاڻن جي بغاوت جي خبر پھتي، تڏھن بذات خود کنڀات جي طرف وڃڻ جو ارادو ڪيائين، ۽ پوءِ دولت آباد ڏانهن موٽي، پنهنجي ناٺي اعظم ملڪ بايزيديءَ کي چار ھزار لشڪر ڏيئي، پاڻ کان اڳ ۾ موڪلي ڏنائين، جو وڃي قاضي جلال جي لشڪر سان سامھون ٿيو ۽ کين شڪست ڏنائين. پوءِ ھو ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا ۽ اتي ئي لڙائي جاري رکيائون. قاضي جلال جي لشڪر ۾ ھڪ شيخ جلول نالي ھوندو ھو، جو اھڙو ته زبردست ھوندو ھو، جو دشمن جي لشڪر ۾ زبردستي گھڙي پوندو ھو ۽ ڪيترائي ماڻھو ماري وجھندو ھو، ھو اعلان ڪري چوندو ھو ته مون سان مقابلي لاءِ ڪو ماڻھو ٻاھر اچي، پر ڪنهن کي به ھن سان وڙھڻ جي ھمت نه ٿيندي ھئي.
ھڪ ڏينهن اھڙو اتفاق ٿيو؛ جو ھن وٺي پنهنجي گھوڙي کي تيز ڊوڙايو، جو ھن کي کڻي ھڪ غار ۾ وڃي ڪريو، جلول گھوڙي تانڪري پيو ھو، تنهن کي اتي ھڪ لڪل شخص ڪرندي ئي يڪدم قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ معلوم ٿيو ته ھن جي بدن تي ٻه زرھون چڙھيل ھيون، پوءِھن جو سر بادشاھه ڏانهن موڪليو ويو ۽ سندس بدن بلوزره(1) جي شھر جي ديوار تي لٽڪائي، سندس ٽنگون ۽ ٻانهون ٻين شھرن ڏانهن نموني طور موڪليون ويون.
پوءِ بادشاھه به لشڪر وٺي اچي پھتو، قاضي جلال، بادشاھه جي اچڻ جو ٻڌي، ثابت قدم رھي نه سگھيو، سو پنهنجن ساٿين کي وٺي، پنهنجي مال اولاد کي ڇڏي ڀڄي ويو، لشڪر انهن سڀني کي ڦري شھر ۾ داخل ٿيو. بادشاھه اتي ڪيترائي ڏينهن ترسي پيو. پوءِ اتان اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي ناٺي شرف الملڪ امير بخت کي، جنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، پٺيان ڇڏي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏنائين ته جن ماڻھن قاضي جلال جي بيعت ڪئي ھئي، انهن کي ڳولي ھٿ ڪري. ان کان سواءِ ڪيترائي فقيه به ھن وٽ ڇڏي ويو ته انهنجي فيصلي جي مطابق عمل ڪندو رھي، شيخ علي حيدري جو قتل به، جنهن جو بيان اڳ ۾ ڪري آيا آھيون، ھن موقعي تي ڪرايو ويو ھو.
قاضي جلال ھتان سڌو ملڪ جي پٽ ناصر الدين وٽ دولت آباد ۾ ڀڄي آيو ۽ ان جي ساٿين ۾ اچي شامل ٿيو، بادشاھه خود انهن سان مقابلي لاءِ آيو. باغين جو لشڪر ڪل چاليھه ھزار کن گڏ ٿي ويو ھو، جنهن ۾ افغان، ترڪ، ھندو ۽ غلام به شامل ھئا. انهن سڀني قسم کنيو ھو ته ڪنهن به لڙائيءَ جي ميدان مان ڪو نه ڀڄنداسين ۽ بادشاھه سان مقابلو ڪنداسين. جڏھن بادشاھه ھنن سان مقابلي لاءِ آيو تڏھن شاھي ڇٽ ڪو نه لڳارايائين. ھنن سمجھيو ته بادشاھه لڙائي ۾ موجود ڪونهي. جڏھن لڙائي زور شور سان جاري ٿي، تڏھن اوچتو ئي اوچتو شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو. دشمن جا ماڻھو ڇٽ ڏسي عجب ۾ پئجي ويا ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڄي ويا.
ابن ملڪ مل، قاضي جلال ۽ انهن چئن سون خاص ماڻھن (دويتر) ديوگير جي قلعي ۾ وڃي پناھه ورتي. ھيءُ قلعو سڄيءَ دنيا ۾ نهايت مضبوط ڪري ليکيو ويندو آھي. پوءِ بادشاھه دولت آباد جي شھر ۾ ترسي پيو. ديوگير ان شھر جو قلعو آھي، بادشاھه ھنن کي قلعي تان لھي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو، پر ھنن جواب ڏنو ته جيستائين اسان کي امان نه ڏنو ويندو، تيستائين نه لھنداسين، پر بادشاھه امان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي دل وٺڻ لاءِ کين کاڌو ڏياري موڪليائين، ايستائين پنهنجو اکين ڏٺو احوال آھي، اڳتي الاجي ڇا ٿيو.

[b]ملڪ مقبل ۽ ابن الڪوميءَ جي لڙائي
[/b]ھيءَ لڙائي قاضي جلال الدين جي خروج ۽ بغاوت کان اڳ ۾ لڳي ھئي. تاج الدين ابن الڪومي ھڪ وڏو سوداگر ھوندو ھو. ھن بادشاھه جي لاءِ تمام قيمتي تحفا، جن ۾ غلام، اٺ، ڪپڙا ۽ ھٿيار وغيره به ھئا، ترڪستان مان کڻي آيو ھو. بادشاھه ھن تي ڏاڍو راضي ٿيو ۽ انهن تحفن جي عيوض کيس ٻارھن لک رپيا ڏنائين چون ٿا ته انهن تحفن جي قيمت ھڪ لک رپين کان زياده ڪا نه ھئي، پوءِ بادشاھه ھن کي کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو، اھو علائقو وزير جي نائب مقبل جي ھٿ ھيٺ ھوندو ھو.
ابن الڪومي کنڀات پھچي اتان ملبار ۽ سيلان جي ٻيٽن ڏانهن جھاز موڪلڻ شروع ڪيا، جتان کيس قسم قسم جا تحفا ۽ ھديا ايندا رھندا ھئا، جنهن ڪري ھو تمام وڏو شاھوڪار ٿي ويو، جڏھن ھن دارالخلافه ڏانهن پنهنجي ملڪ جو سرڪاري مال ڪو نه موڪليو، تڏھن ملڪ مقبل ھن کي چوائي موڪليو ته دستور موجب تحفا ۽ سرڪاري مال داراخلافه ڏانهن موڪلي ڏي. جنهن تي ابن الڪوميءَ جواب ۾ چوائي موڪليس ته مان پاڻھي سڀ ڪجھه اوڏانهن کڻي ويندس يا نوڪرن جي ھٿان ڏياري موڪليندس. ۽ ايترو به چيائنس ته مان ڪو نائب وزير يا وزير جو زيردست نه آھيان، اصل ھو بادشاھه جي مھربانيءَ جي ڪري ڪجھه مغرور ٿي ويو ھو. نائب وزير سڄي حقيقت وزير کي لکي موڪلي، جنهن سندس خط جي پٺيان لکي موڪليس ته جيڪڏھن منهنجي علائقي جو انتظام تون نٿو رکي سگھين ته ھڪدم واپس ھليو اچ.
ھن جواب پھچڻ شرط ھن لڙائيءَ جو سامان تيار ڪيو ۽ پنهنجا غلام ۽ لشڪر گڏ ڪري وڃي ابن الڪوميءَ سان مقابلو ڪيائين. ابن الڪوميءَ کي شڪست آئي، پر ٻنهي طرف ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا، پوءِ ھن ابن الڪوميءَ جي لشڪر جي سڀني اميرن کي مارائي ڇڏيو ۽ کيس چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن بادشاھه جو مال ۽ تحفا وغيره موڪلين ته تو کي امان ڏيان. ھي شرط ابن الڪوميءَ منظور ڪيو. پوءِ ملڪ مقبل ھن کان سڀ مال وٺي بادشاھه ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ انهيءَ سان گڏ بادشاھه ڏانهن ابن الڪوميءَ جي شڪايت به لکي موڪليائين.
ھوڏانهن ابن الڪوميءَ به بادشاھه ڏانهن ھن جي شڪايت جو خط ڏياري موڪليو، جنهن تي بادشاھه ملڪ الحڪما کي ٻنهي جي جھڳڙي جي فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ کان سگھو ئي پوءِ قاضي جلال بغاوت ڪئي، جنهن ۾ ابن الڪوميءَ جو مال ڦرجي ويو ۽ ھو جان بچائي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان بادشاھه وٽ ھليو ويو.

________________________________________
(1) بڙودو.