فصل چوٿون
[/b]شيخ امام صالح عالم عامل عابد رڪن الدين بن شيخ صالح شمس الدين ابي عبدالله ابن ولي امام عالم عابد بهاءُ الدين زڪريا قرشي(قريشي) ملتاني مون کي ٻڌايو ته تغلق اصل قرونه(1) ترڪن جي قوم مان ھو، ھن قوم جا ماڻھو ترڪستان ۽ سنڌ جي وچ وارن جبلن ۾ رھندا آھن. تغلق ھڪ تمام مفلس ماڻھو ھو، ۽ پھريائين جڏھن سنڌ ۾ آيو، تڏھن ھڪ سوداگر وٽ مال چاريندو ھو، ھي ءَ سلطان علاؤ الدين جي وقت جي ڳالھه آھي ته انهن ڏينهن بادشاھه جو ڀاءُ اولو خان (الف خان) سنڌ جو حاڪم ھو، تغلق آخر اچي سندس نوڪري ۾ داخل ٿيو، پھريائين پيادل جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو، پر پوءِ جڏھن الغ خان کي سندس بهادريءَ ۽ شرافت جي خبر پئي، تڏھن کيس ترقي ڏيئي سوارن ۾ داخل ڪيائين. ترقي ڪندي، ھو آفيسر ٿيو. ان کان پوءِ ھن کي ميرآخور (طبيلن جو داروغو) ڪيو ويو ۽ آخر ڪار وڃي امراءِ عظيم الشان مان ھڪ ٿيو.
مون ملتان ۾ تغلق جي ٺھرايل مسجد ۾ ھڪ ڪتبو لکيل پڙھيو آھي، جنهن ۾ لکيل آھي ته ”ھن اٺٽيھه دفعا تاتارين (منگولي) سان وڙھي، کين شڪست ڏيئي، ”ملڪ غازي“ جو خطاب حاصل ڪيو ھو.“ آخر سلطان قطب الدين ھن کي دبال پور جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ سندس پٽ جونا خان کي ميرآخور جو عھدو ڏنائين، خسرو خان به سندن اھيئي عھدا قائم رکيا، جڏھن تغلق خسرو خان جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو تنهن وقت ھن وٽ رڳو ٽي سو کن سپاھي ھئا، جن تي ھن کي پورو ڀروسو ھوندو ھو. ھن ڪشلو خان کي لکيو، جو ان وقت ملتان جو حاڪم ھو، ته منهنجي ھن ڪم ۾ ضرور مدد ڪر ۽ پنهنجي پياري بادشاھه جي خون جو بدلو وٺ، ڪشلو خان جواب موڪليس ته جيڪڏھن منهنجو پٽ خسرو خان وٽ نه ھجي ھا ته مان ھر صورت ۾ تنهنجي مدد ڪريان ھا. ملڪ غازي غياث الدين تغلق تنهن تي يڪدم پنهنجي پٽ جونا خان کي لکيو ته منهنجو ارادو ھي آھي، تنهن ڪري ڪيئن به ڪري تون ڪشلو خان جي پٽ کي ساڻ ڪري نڪري، مون وٽ ھليو اچ.
جونا خان سوچيندو رھيو ته ڪھڙي تجويز ڪجي، آخر کيس موقعو ملي ويو. ھڪ ڏينهن خسرو خان کيس چيو ته گھوڙا تمام ٿلھا ٿي پيا آھن ۽ وڃن ٿا بدن تي گوشت چاڙھيندا، تنهن ڪري ھنن کان ڪم وٺ. اھڙيءَ طرح سان جونا خان ھر روز انهن کي گھمائڻ وٺي ويندو ھو، ھو ڪڏھن ڪلاڪ ۾ واپس موٽندو ھو ته ڪڏھن ٻه يا ٽي ڪلاڪ به لڳي ويندا ھئس. ھڪ ڏينهن ظھر جي وقت تائين ڪو نه موٽيو. مانيءَ جو وقت ٿي ويو. بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن جي خبر ورتي وڃي. ماڻھو ھن جي تلاش ڪري موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته اسان کي معلوم ٿيو آھي ته ڪشلو خان جي پٽ سوڌو پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڄي ويو آھي.
ھوڏانهن تغلق پٽ جي پھچندي ئي بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪشلو خان جو لشڪر گھرائڻ شروع ڪري ڏنائين. خسرو خان پنهنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن سان لڙائيءَ لاءِ چاڙھي موڪليو، پر ھو شڪست کائي موٽي آيو ۽ سندس سڀ ساٿي مارجي ويا، ھن لڙائي مان تغلق کي تمام گھڻو خزانو ۽ ٻيو مال ھٿ لڳو. تغلق دھلي انهن ڏي وڌڻ لڳو. ھوڏانهن خسرو خان پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري مقابلي لاءِ شھر کان ٻاھر نڪتو ۽ اچي(1) آصيا آباد(آسيا آباد) جي جاءِ تي خيمه زن ٿيو. ھن دل کولي خزانو لٽايو، لشڪر کي ڳوڻين جون ڳوڻيون رپين سان ڀريل بخشش طور ڏنائين. ھندو جيڪي خسرو خان جي لشڪر ۾ ھئا تن اھڙي ته بهادري ۽ ھمت سان مقابلو ڪيو جو تغلق جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندن سڄو سامان لٽجي ويو، تغلق ڇا ڪيو، جو انهن پنهنجن ٽن سو جانباز سپاھين کي گڏ ڪري چيائين ته ھينئر اسان جي ڀڄڻ جي ڪا به جاءِ ڪا نه آھي، تنهن ڪري وارو ڪريو، ان وقت خسرو خان لٽ مار ۾ مشغول ھو ۽ ان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا ھئا، تغلق پنهنجي ماڻھن کي وٺي يڪدم اچي ھن تي حملو ڪيو.
ھندستان جي بادشاھه جي جاءِ سندس ڇٽ جي وسيلي سڃاڻي سگھبي. مصر ۾ ڇٽ کي طريا قبه چوندا آھن ۽ بادشاھه رڳو عيد جي ڏينهن مٿي تي رکندا آھن. پر چين ۽ ھندستان ۾ بادشاھه سفر ۾ ھجن يا وطن، ڇٽ ضرور ھوندو اٿن. جڏھن تغلق بادشاھه تي حملو ڪيو، تڏھن تمام سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ بادشاھه جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندس ھڪ ساٿي به ھن سان نه رھيو. بادشاھه پنهنجي گھوڙي تان لھي پيو ۽ ھٿيار ۽ ڪپڙا ڦٽا ڪيائين، پوءِ ڇا ڪيائين، جو پنهنجي مٿي جا وار کولي کڻي پوئتي ڇڏيائين، جيئن ھندستان جا فقير ڪندا آھن ۽ ڀڄي وڃي ھڪ باغ ۾ لڪو.
سڀ ماڻھو اچي تغلق وٽ گڏ ٿيا، جن سان گڏجي ھو شھر ۾ آيو. ڪوٽوال شھر جون ڪُنجيون اچي سندس حوالي ڪيون. پوءِ ھو محل ۾ ويو ۽ انجي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. تنهن کانپوءِ تغلق ڪشلو خان کي چيو ته بادشاھه ٿي، جنهن تي ڪشلو خان چيو ته تون بادشاھ ٿي. ھن ڳالھه تي ٻنهي جو پاڻ ۾ جڏھن تڪرار ٿيو، تڏھن ڪشلو خان آخر ۾ چيو ته جيڪڏھن تون بادشاھ نٿو ٿين، ته اسين تنهنجي پٽ کي ٿا بادشاھ ڪريون. ھي ڳالھه تغلق منظور نه ڪئي ۽ پاڻ بادشاھ ٿيڻ قبول ڪيائين. سڀني عام خاص ماڻھن سندن بيعت ڪئي . خسرو خان ٽن ڏينهن تائين باغ ۾ لڪو ويٺو ھو، ٽئين ڏينهن جڏھن بک ڇتو ڪيس تڏھن ٻاھر نڪتو، ته مالھيءَ ڏسي ورتس. ھن مالھيءَ کان ڪجھه کائڻ لاءِ گھريو، پر مالھيءَ وٽ ڪجھه به ڪونه ھو، جو ڏئيس. آخر مالھيءَ کي پنهنجي منڊي ڏيئي چيائين ته ھيءَ ڪٿي گروي رکي، منهنجي لاءِ کاڌو وٺي اچ. مالھي بازار ۾ ويو ۽ منڊي وڃي ماڻھن کي ڏيکاريائين، جن ھن تي شڪ ڪيو ته اھڙي قيمتي منڊي ھن وٽ ڪٿان آئي، سو پڪڙي کيس ڪوٽوال وٽ وٺي آيا. ڪوٽوال وري ھن کي تغلق وٽ وٺي آيو. تغلق ھن سان گڏ پنهنجي پٽ جونا خان کي موڪليو ته وڃي خسرو خان کي گرفتار ڪري اچي. جونا خان اچي خسرو ملڪ کي پڪڙيو ۽ ھن کي زچر تي چاڙھي، بادشاھ جي سامھون وٺي آيو. جڏھن ھو بادشاھ جي روبرو آيو، تڏھن دانهن ڪري چيائين ته مان ڏاڍو بکايل آھيان. جنهن تي بادشاھ حڪم ڪيو ته کاڌو ۽ شربت آندو وڃي. پوءِ بادشاھ ھن کي کارائي پياري کائڻ لاءِ پان ڏنو .جڏھن کائي بس ڪيائين، تڏھن تغلق بادشاھ کي چيائين ته ” او تغلق مون کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار نه ڪر، ٿي سگھئي ته مون سان شانائتو سلوڪ ڪر“ تغلق چيس ته اکين سان پوءِ حڪم ڪيائين ته ھن کي انهيءَ جاءِ تي وٺي وڃو جتي ھن قطب الدين کي قتل ڪيو ھو ۽ سندس سر لاھي، انهيءَ سر ۽ ڌڙ کي ھيٺ ڦٽي ڪريو، جيئن ھن قطب الدين سان ڪيو ھو! ان کانپوءِ حڪم ڏنائين ته ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي، قطب الدين جي مقبري ۾ دفن ڪريو. ھن واقعي کان پوءِ تغلق چار سال حڪومت ڪئي، ھيءُ نهايت انصاف وارو، عالم ۽ فاضل بادشاھه ھو.
[b]سندس پٽ جي ناڪام بغاوت
[/b]جڏھن تغلق مڪمل طرح سان بادشاھه ٿيو، تڏھن پنهنجي پٽ کي تلنڪ (تلنگانه) نالي ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين. ھيءُ ملڪ دھليءَ کان ٽن مھينن جي پنڌ تي آھي، تغلق پنهنجي پٽ کي وڏو لشڪر ڏنو، جنهن ۾ وڏا وڏا امير، ۽ ملڪ تيمور، ملڪ تگين ۽ ملڪ ڪافور مھردار جھڙا پڻ ھن سان گڏ موڪليائين، جڏھن ھو تلنگ جي ملڪ ۾ پھتو، تڏھن ھن بغاوت جو ارادو ڪيو، ھن سان گڏ ھڪ مصاحب عبيد نالي ھو، جيڪو وڏو شاعر ۽ فقيه ھوندو ھو، تنهن کي چيائين ته تون ماڻھن کي وڃي ٻڌاءِ ته بادشاھه (تغلق شاھه) مري ويو. ھن جو خيال ھو ته اھا خبر ٻڌي، لشڪر جا ماڻھو ھڪدم اچي منهنجي بعيت ڪندا. پر ھن خبر کي ڪنهن به سچ نه سمجھيو ۽ ھر ھڪ امير سندس مخالفت ڪئي ۽ ويا ھن کان ڇڄندا. انهيءَ حد تائين جو جونا خان سان ڪو به ماڻھو نه بچيو، ماڻھن ھن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ملڪ تيمور کين منع ڪئي.
جونا خان پنهنجي ڏھن ھمراھن سان (جن کي ھو پنهنجو رازداري سمجھندو ھو ) دھليءَ ڏانهن ڀڄي نڪتو. بادشاھه ھن کي رپيا ۽ لشڪر ڏيئي، وري تلنگانه ڏانهن واپس موڪليو. پوءِ جڏھن بادشاھه کي ھن حقيقت جي خبر پيئي، تڏھن ھن عبيد کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ملڪ ڪافور مھردار لاءِ ھڪ نوڪدار سڌي ڪاٺي زمين ۾ کوڙائي، ھن جو منهن زمين جي طرف ڪرائي، ان ڪاٺيءَ جي نوڪ سندس گردن ۾ چُڀائي، پاسرين مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين، باقي رھيل باغي امير خوف کان سلطان ناصرالدين جي پٽ سلطان شمس الدين وٽ، جو غياث الدين بلبن جو پوٽو ھو ڀڄي ويا.
[b]تغلق جو لکنو تي ڪاھڻ ۽ موٽندي سندس اچانڪ موت
[/b]اھي ڀڳل امير اتي رھجي ويا، تان جو سلطان شمس الدين وفات ڪري ويو ۽ سندس ولي عھد سلطان شھاب الدين لکنوتيءَ جو بادشاھه ٿيو. پر سندس ننڍو ڀاءُ غياث الدين بهادر (ڀورو)، کيس تخت تان لاھي، پاڻ بادشاھه ٿي ويٺو ۽ پنهنجي ٻئي ڀاءُ قطلو خان کي مارائي ڇڏيائين. سندس باقي ڀائر شھاب الدين ۽ ناصرالدين تغلق شاھه ڏانهن ڀڄي ويا. تغلق سندن مدد لاءِ ھنن سان گڏجي لکنو تي ڪاھي ويو ۽ پنهنجي پٽ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري، دھليءَ ۾ ڇڏي ويو. تغلق، غياث الدين بهادر (ڀوري) کي قيد ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي واپس موٽيو.
دھليءَ ۾ ھڪ ولي، نظام الدين براؤني نالي، رھندو ھو. جونا خان ھميشه سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو رھندو ھو ۽ ھن ۾ تمام گھڻو عقيدو رکندو ھو. ھڪ ڏينهن پنهنجن خادمن کي چئي ڇڏيائين ته جنهن وقت شيخ جذبي ۽ وجد جي حالت ۾ اچي ته ھڪدم مون کي خبر ڏجو، اھڙي طرح سان جڏھن اھو موقعو آيو تڏھن ھنن وڃي جونا خان کي ٻڌايو، جو يڪدم اچي حاضر ٿيو، شيخ کيس ڏسي چيو ته اسان توکي سلطنت بخشي ۽ پوءِ انهيءَ ئي وجد واريءَ حالت ۾ دم ڏنائين، پوءِ جونا خان سندس جنازي کي ڪلھو ڏنو.
ھيءَ خبر جڏھن بادشاھه کي پيئي، تڏھن گھڻو ناراض ٿيو. انهي کان سواءِ جونا خان جي ماڻھن جي دلين جي خبر رکڻ (علم قانيھ) بيجا سخاوت، غلامن جي گھڻي انداز ۾ خريداري ۽ ٻين اھڙي قسم جي ڪمن سبب بادشاھه اڳ ۾ ھن کان ناراض رھندو ھو. ھينئر ھن خبر تي ويتر سندس ناراضگي وڌي، کيس اھا به خبر ملي ته جونا خان کي ڪنهن نجوميءَ اھو به ٻڌايو آھي ته ھن سفر تان بادشاھه زندھ واپس ڪين موٽندو. بادشاھه جڏھن دارالخلافه جي ويجھو پھتو، تڏھين پنهنجي پٽ کي چوائي موڪليائين ته ھن جي لاءِ ھڪ نئون محل ”جنهن کي ڪشڪ ڪري چوندا آھن“ افغان پور ۾ تيار ڪرائي ڇڏي. جونا خان ٽن ڏينهن ۾ اھو محل تيار ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو بنياد ڪاٺ جي ٿنڀن تي زمين کان مٿي رکايائين، جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪاٺ جو ڪم ٿيل ھو، احمد بن اباس، جيڪو پوءِ خواجه جھان جي لقب سان مشھور ٿيو ۽ محمد تغلق جي وڏن وزيرن مان ٿيو، سو انهن ڏينهن بادشاھه جو مير عمارت (انجنيئر) ھوندو ھو، تنهن ھن محل جو بنياد اھڙي ته ڪاريگريءَ سان رکيو ھو، جو جيڪڏھن ھڪ ھاٿي ان جي اندر ھڪ خاص طرف بيھاريو وڃي ته محل اچي پٽ تي ڪري.
بادشاھه به ان محل ۾ اچي ترسيو ۽ ماڻھن جي مھماني ڪيائين، جڏھن ماڻھو کائي پي ھليا ويا، تڏھن جونا خان بادشاھه کان اجازت گھري ته مان خدمت ۾ ھڪ ھاٿي پيش ڪندس. ٿوري دير بعد ھڪ ساز ۽ سامان سان سينگاريل ھاٿي آندو ويو، شيخ رڪن الدين ملتانيءَ مون کي ٻڌايو ته ان وقت مان بادشاھه وٽ ويٺو ھئس ۽ بادشاھه جو لاڏلو پٽ محمود به اتي موجود ھو، جونا خان مون کي ٻڌايو ته آخوند عالم وچينءَ جي نماز جو اچي وقت ٿيوآھي، اچ ته نماز پڙھڻ ھلون، اسان جنهن وقت محل کان ٻاھر نڪتاسون، تنهن وقت ھاٿي (ان مقرر جاءِ تي) آندو ويو، ھاٿي اڃا محل جي (ان طرف) پھتو مس ته سڄو محل اچي بادشاھه ۽ شھزادي مٿان ڪريو.
شيخ رڪن الدين قصو جاري رکندي چيو ته جڏھن مون گوڙ ۽ آواز ٻڌا تڏھن نماز پڙھڻ کان سواءِ واپس موٽي آيس ۽ اچي ڏٺم ته محل ڪريو پيو ھو، جونا خان حڪم ڪيوته ڪوڏريون ۽ بيلچا کڻي اچي بادشاھه کي کوٽي ڪڍو، ۽ اھو به اشارو ڪري ڇڏيائين ته ڪجھه دير سان اچن، آخر انهيءَ وقت کوٽڻ شروع ڪيائون، جڏھن سج لھي چڪو ھو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڏٺو ويو ته بادشاھه پنهنجي ننڍڙي پٽ جي مٿان جھڪيو پيو ھو، ڄڻ ته ھن کي موت جي چنبي مان ڇڏائي ٻاھر ڪڍي اچڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. ڪي ماڻھو چون ٿا ته بادشاھه انهي وقت تائين به زندھ ھو پر پوءِ سندس ڪم ختم ڪيو ويو. پوءِ راتو واهه کيس انهي مقبري ڏانهن جيڪو بادشاھه پنهنجي لاءِ تغلق آباد ۾ ٺھرايو ھو، کڻائي ويا ۽ اتيئي کيس دفن ڪيائون.
تغلق آباد شھر ٻڌائڻ جو سبب مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان ته ان ۾ بادشاھه جو محل ۽ خزانو ھوندو ھو. ھن قلعي ۾ بادشاھه ھڪ وڏو شاندار محل تيار ڪرايو ھو، جنهن جي سرن تي سون جا پٽ چاڙھيا ويا ھئا، جو جڏھن سج اڀرندو ھو، تڏھن سندس چمڪ جي تيزي اھڙي ته ھوندي ھئي، جو ڪو به ماڻھو ان ڏانهن نظر ڄمائي ڏسي ڪين سگھندو ھو، ھن محل ۾ بادشاھه جو تمام گھڻو قيمتي سامان گڏ ڪيل ھو. چون ٿا ته ان ۾ ھڪ حوض ٺھرائي، سون پگھاري ان جي اندر وڌو ويو ھو، جو اتي ڄمي ھڪ چڪو ٿي پيو ھو. آخر سندس پٽ (جونا خان) اھو سڄو سون کپائي چٽ ڪري ڇڏيو.
خواجه جھان انهيءَ ڪشڪ محل ٺاھڻ ۾، جيڪو بادشاھه جي مٿان ڪريو ھو، ڏاڍي ڪاريگري ڏيکاري ھئي؛ تنهن ڪري بادشاھه جي دل ۾ جھڙي ھن لاءِ جڳھه ھئي، تهڙي ٻئي ڪنهن به ماڻھو لاءِ ڪا نه ھئي، ۽ ھو سڀني وزيرن ۽ اميرن کان بلند مرتبي وارو ليکيو ويندو ھو.
________________________________________
(1) قرونه: مارڪوپولو جي لکڻ موجب قرونه انهن ماڻھن کي چيو وڃي ٿو، جن جا پيءُ تاتاري ۽ مائرون ھندستاني ھجن. انهن ماڻھن جو گذران، ڦرمار ۽ راه زنيءَ تي آھي.
(1) آسيا باد – ھن جڳھه جو پورو پتو پئجي نٿو سگھي، پر ھيءَ جڳھه اسان جي گمان موجب ضرور ڪٿي دھليءَ جي ويجھو ھوندي.- مترجم
آسيا – چڪي، باد – ھو.