فصل پھريون
[/b]مان ھن بادشاھه جي سخاوت جي باري ۾ صرف اھو بيان ڪندس، جو مون پاڻ ڏٺو آھي، ۽ خدا وند ڪريم ٿو ڄاڻي ته جيڪي به مان بيان ٿو ڪريان سو يمن، خراسان ۽ فارس جا سڀ ماڻھو ڄاڻن ٿا ۽ انهن جو شاھدو ئي منهنجي سچيءَ حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. مسافرن ۽ پرديسين تي ھن جيڪي مھربانيون ڪيون، تن جي باري ۾ ھنن ملڪن جي گھر گھر کي ڄاڻ آھي. ھو غيرملڪين جو تمام گھڻو قدر ڪندو آھي ۽ انهن کي ھندستانين تي ترجيح ڏيندو آھي، کين جاگيرون، انعام ۽ وڏا وڏا عھدا عطا ڪندو آھي. ان کان سواءِ ھن جو حڪم آھي ته ڪنهن به غيرملڪيءَ کي ڌاريو نه سمجھيو وڃي، بلڪ ان کي عزيز ڪري مخاطب ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ھن جي خيال موجب غيرملڪي ماڻھوءَ کي ڌاريو سڏڻ ھن جي دل شڪني ڪرڻي آھي.
[b]بادشاھه جو شھاب الدين گازرونيءَ کي بخشش ڏيڻ جو قصو
[/b]گارزون شيراز جي ڀرسان ھڪ شھر آھي، تنهن جو ھڪ وڏو واپاري پرويز نالي ھوندو ھو، جنهن کي ملڪ التجار به ڪري چوندا ھئا، شھاب الدين ھن جو گھرو دوست ھوندو ھو. ملڪ پرويز کي بادشاھه جي طرفان کنڀات جو شھر جاگير ۾ مليل ھو ۽ بادشاھه ھن سان وعدو ڪيو ھو ته ھو کيس وزارت جو عھدو پڻ ڏيندو.ھن پنهنجي دوست شھاب الدين کي گھرائي ورتو ۽ ھن جي پھچڻ تي کيس چيائين ته بادشاھه جي لاءِ نذر تيار ڪر. ھو ريشمي ۽ ڪيمخواب مان گلن ۽ ٻوٽن جي زرين سان ڀرت ڀريل تنبو ۽ تولان، ٻيو سامان ۽ خچر وغيره ۽ ٻيون تمام قيمتي ۽ اعليٰ قسم جون شيون تيار ڪرائي، پنهنجي دوست ملڪ التجار وٽ کڻي آيو، جو اڳئي پنهنجي ملڪ جي ڍل ۽ نذر تيار ڪيو ويٺو ھو.
ھوڏانهن بادشاھه جي وزير خواجه جھان کي اھا خبر ھئي ته بادشاھه پرويز کي وزارت جي عھدي ڏيڻ جو ساڻس وعدو ڪيو آھي. ھيءَ ڳالھه کيس تمام ناگوار لڳي، ۽ ڇاڪاڻ ته ھن کان اڳ کنڀات ۽ گجرات کيس جاگير ۾ مليل ھئا ۽ اتي جي ماڻھن سان ھن جو دلي تعلق رھندو ھو، جن مان گھڻا اھڙا ھندو ھوندا ھئا، جن جو بادشاھه سان تڪرار ھلندو ھو. انهن مان ڪن کي ھن، يعني خواجه جھان، اشارو ڪري ڇڏيو ته ملڪ التجار کي رستي ۾ ئي ختم ڪيو وڃي. تنهن ڪري جڏھن ملڪ التجار نذر ۽ ڍل وغيره کڻي دارالخلافه ڏانهن راھي ٿيو ۽ ھڪ ڏينهن، پھر کن ڏينهن چڙھئي جو نيرن جي وقت ھڪ منزل تي لھي سڀ پنهنجي ضرورت کان فارغ ٿيڻ ۾ مشغول ھئا ۽ ڪي ته سمھي پيا، تڏھن اوچتو ھندن جو ھڪ وڏو ڪٽڪ اچي ھنن تي ڪڙڪيو.
ملڪ التجار قتل ٿي ويو ۽ ھن جو سڀ مال لٽيو ويو، پر ڍل ۽ سرڪاري نذر جو خزانو به اھي ھندو کڻي ويندا رھيا. شھاب الدين جو به سڀ سامان لٽجي ويو. مگر سندس جان بچي ويئي، بادشاھه جي اخبار نويس سچي حقيقت بادشاھه کي لکي،جنهن جو حڪم آيو ته نهروال جي خزاني مان ھن (شھاب الدين) کي ٽي ھزار دينار ڏنا وڃن، جيئن ھو پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگھي. شھاب الدين کي جڏھن ھيءُ حڪم ٻڌايو ويو تڏھن ھن چيو ته مان بادشاھه جي زيارت لاءِ نڪتو آھيان، تنهن ڪري ضرور وڃي ھن جي چانئٺ چمندس. بادشاھه ڏانهن ھن جو اھو جواب لکيو ويو، جنهن تي بادشاھه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اجازت ڏنائين ته شھاب الدين ڀلي دارالخلافه ڏانهن ھليو اچي. جنهن ڏينهن ھو دارالخلافه ۾ پھتو، تنهن ڏينهن اسان کي به بادشاھه جي سامھون پيش ٿيڻو ھو، تنهن ڪري ھو به اسان سان گڏجي ھليو ھو. بادشاھه اسان کي خلعتون ڏنيون ۽ ترسڻ لاءِ چيائين ۽ شھاب الدين کي به گھڻو ئي ڪجھه ڏنائين. ان کان پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته مون (ابن بطوطه) کي ڇھه ھزار تنڪها ڏنا وڃن. ۽ انهيءَ ئي ڏينهن شھاب الدين جي باري ۾ دريافت ڪيائين ته ھو ڪٿي آھي. جنهن تي بهاءَ الدين ابن فلڪي چيو ته ” آخوند عالم تميدانم“ معنيٰ خبر ڪا نه اٿم، پر پوءِ چيائين ته ”شنيدم زحمت دارد“ معنيٰ ٻڌو اٿم ته ھو بيمار ٿي پيو آھي. تنهن تي بادشاھه فرمايو ته ”برو ھمين زمان در خزانت بک لک تنکھ“ز ربگيري و پيش او ببري – تا دل او خش (خوش) يعني ته ھن ئي وقت خزاني ۾ وڃي، ھن کي ھڪ ھزار تنڪها سون جا ڏيئي، ھن کي خوش ڪيو وڃي.
اھو به حڪم ڏنائين ته ھندستان ۾ تيار ٿيل جيڪو به سامان ھن کي وڻي سو خريد ڪري ۽ جيستائين ھن جي خريداري جاري رھي، ان وقت تائين ڪو به شخص خريداري نه ڪري، ازانسوءِ بادشاھه جي حڪومت موجب ٽي جھاز سامان سان ڀريل ۽ راھ خرچ لاءِ پيسا پڻ کيس ڏنا ويا.
جڏھن شھاب الدين ھرمز پھتو، تڏھن اتي پنهنجي لاءِ ھڪ وڏو عاليشان گھر تيار ڪرايائين، انهيءَ شھاب الدين کي مون وري شيراز ۾ ڏٺو، ته اتي ھو سلطان ابو اسحاق جي بخشش جو طلبگار لڳو ويٺو ھو، ڇو ته ان وقت ھو پنهنجو سڀ ڪجھه خرچ ڪري بلڪل صفائيءَ تي ويٺو ھو. ھندستان جي دولت(1) جو حال ھي آھي، جو پھريائين ته اھا دولت ھن ملڪ مان ٻاھر وڃي نٿي سگھي. پر جي کڻي اھا وڃي به ته خدا تعاليٰ وري انهي کڻي ويندڙ تي اھڙي ڪا آفت نازل ٿو ڪري، جو اھا ھن وٽ اصل نٿي رھي سگھي. اھڙيءَ طرح سان شھاب الدين جي بيشمار دولت به سندس ڀائٽين ۽ ھرمز جي بادشاھه جي وچ ۾ ھلندڙ تنازعي ۾ بلڪل ختم ٿي ويئي.
[b]شيخ الشيوخ رڪن الدين کي بخشش
[/b]ھڪ دفعي بادشاھه، مصر جي خليفي ابو العباس ڏانهن تحفا وغيره موڪلي، درخواست ڪئي ته کيس سنڌ ۽ ھندستان تي حڪومت ڪرڻ جو اجازت نامو موڪليو وڃي. اصل ۾ ھيءَ درخواست فقط اعتقاد جي ڪري موڪلي ويئي ھئي. جنهن تي خليفي ابو العباس ھڪ اجازت نامو شيخ الشيوخ رڪن الدين جي ھٿان ڏياري موڪليس. جڏھن شيخ رڪن الدين دارالخلافه ۾ پھتو، تڏھن بادشاھه سندس استقبال تمام شاندار نموني سان ڪيو ۽ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين، ازانسواءِ ھو جڏھن به بادشاھه وٽ سلاميءَ لاءِ ايندو ھو ته بادشاھه اٿي بيھي کيس ادب سان ملندو ھو. تنهن کان سواءِ ھن کي جيڪي ڪجھه بخشش ۾ ڏنائين تنهن جو ته حساب ئي ڪونهي. رڳو گھوڙا جيڪي کيس ڏنائين، سي به سونن سنجن ۽ سامانن سوڌا ھئا. نه رڳو ايترو پر بادشاھه کيس اھو پڻ حڪم ڏنو ھو ته موٽندي جڏھن ھو جھاز تان لھي خشڪيءَ تي ھلڻ شروع ڪري، تڏھن گھوڙي کي نعل به سون جا ھڻائي.
پوءِ شيخ صاحب کنڀات ڏانهن راھي ٿيو، جتان جھاز ۾ چڙھي کيس پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻو ھو. رستي تي قاضي جلال الدين بغاوت ڪري ابن الڪرمي ۽ شيخ رڪن الدين کي ڦري ھليو ويو. شيخ صاحب جان بچائي اچي بادشاھه جي دربار ۾ نڪتو. بادشاھه ھن کي ڏسي مذاق ۾ چيو؛ آمد کھ زر بري باد کري دلربائي) صنم خوري زر نه بري سرنهي“ پوءِ چيائين ته تون خاطري ڪر، مان دشمنن تي چڙھائي ڪري، سندن اھڙو ئي حال ڪندس جھڙو ھنن تنهنجو ڪيو آھي، بلڪه انهي کان به وڌيڪ. جڏھن مان ھندستان مان وڃي رھيو ھوس، تڏھن مون ٻڌو ته بادشاھه پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ شيخ کي اڳئين کان به وڌيڪ انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيائين.
[b]واعظ ترمذي ناصرالدين کي بخشش
[/b]ھيءُ فقيه واعظ ترمذي بادشاھه جي خدمت ۾ سلام عرض ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ مان آيو ھو ۽ گھڻي وقت تائين سندس نوڪريءَ ۾ رھندو آيو. آخر ھن کي پنهنجي وطن ورڻ جو شوق ٿيو. جنهن تي بادشاھه کيس اجازت ڏني، اڃا تائين بادشاھه سندس تقرير ۽ نصيحت ڪا نه ٻڌي ھئي، تنهن ڪري ھن جي وڃڻ کان اڳ ۾ ھڪ دفعو سندس تقرير ٻڌڻ جو ارادو ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته سفيد صندل مقاشيري(1) مان ھڪ منبر تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪوڪا ۽ ڪليون سون جا ھنيا وڃن ۽ ان جي مٿان ھڪ وڏو ياقوت رکيو وڃي، ازانسواءِ ناصرالدين کي ھڪ خلعت عباسيه ڪاري رنگ جي، جنهن تي زري ۽ ھيرا ۽ موتي لڳل ھئا ۽ ھڪ عمامو (پڳ) پھرڻ لاءِ ڏنائين.
انهيءَ جلسي جو انتظام ھڪ قيمتي خيمي ۾ ڪيو ويو، جتي بادشاھه اچي تخت تي ويٺو ۽ سندس ساڄي ۽ کاٻي خاص خاص امير، قاضي ۽ مولوي پنهنجي جاين تي ويھي ويا. پوءِ واعظ ترمذيءَ ھڪ خطبو نهايت فصاحت ۽ بلاغت واريءَ عبارت ۾ پڙھيو ۽ ان کان پوءِ تقرير ڪيائين. جيڪا ڪا خاص نصيحت آموز ڪا نه ھئي. پر تقرير نهايت سٺي ڪيائين. جڏھن واعظ (ترمذي) منبر تان لٿو، تڏھن بادشاھه ھن ڏانهن وڌي آيو ۽ ڀاڪر پائي کيس ڇاتيءَ سان لڳايائين ۽ پاڻ سان گڏ ھاٿيءَ تي سوار ڪرايائينس، سڀني ماڻھن کي حڪم ٿيو ته ھن جي اڳيان پنڌ ھلن، جن ۾ مان پاڻ شامل ھوس. پوءِ ھن کي ھڪ سراجھ (خيمي) ۾ وٺي آيا جيڪو خاص ھن لاءِ کڙو ڪيو ويو ھو ۽ بادشاھه جي خيمي جي سامھون ھو. ھي خيمو رنگ برنگي ريشمي ڪپڙي مان تيار ڪيل ھو ۽ ان جي قنات ۽ رسيون پڻ ريشم مان تيار ڪيون ويون ھيون.
خيمي جي ھڪ طرف سون جا برتن رکيل ھئا جيڪي بادشاھه ھن کي انعام ۾ ڏنا ھئا. انهن برتنن ۾ ھڪ تنور، جنهن ۾ ھڪ ماڻھو آسانيءَ سان ويھي سگھي، ٻه وڏيون ديڳيون، ٿالھيون جن جو تعداد مون کي ياد نه رھيو آھي، ڪيترائي جگ، ھڪ ڪونرو، ھڪ تمسينه نالي چئن پيرن سان خوانچو ۽ ھڪ ڪتابن جي پيتي وغيرھ ھئا. ھيءُ سڀ سامان سون جو ھو. عماد الدين سمنانيءَ انهيءَ خيمي جون ٻه ڪليون کڻي جاچي ڏٺيون ته ھڪ پتل ۽ ٻي قلعي ڪيل ٽامي جون ھيون، جي ائين پئي معلوم ٿيون ڄڻ ته سون ۽ چانديءَ جون ٺھيل آھن، مگر اصل ۾ سون ۽ چانديءَ جون نه ھيون، ازانسواءِ ھن کي ھڪ لک دنيار ۽ ٻه سئو غلام پڻ بادشاھه جي طرفان مليا، جو انهن غلامن مان ڪن کي ھن آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪي پاڻ وٽ رکيائين.
[b]عبدالعزيز اردويليءَ کي بخشش
[/b]عبدالعزيز ھڪ فقيه ۽ محدث ھوندو ھو، جنهن دمشق ۾، تقي الدين ابن تميھ برھان الدين البرڪح، جمال الدين المزي ۽ شمس الدين ذھبي جھڙن عالمن وٽان علم حاصل ڪيو ھو. ھو جڏھن بادشاھه وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو تڏھين سندس تمام گھڻو قدر ڪيو ويو، ھڪ ڏينهن اتفاق سان ھن حضرت عباس ۽ سندس اولاد جي تعريف ۾ ڪي حديثون تمام سٺي نموني سان پيش ڪيون ۽ ڪن عباسي خليفن جو به بيان ڪيائين، بادشاھه بني عباس سان تمام گھڻي محبت ۽ عقيدت رکندو ھو، سو ھي ڳالھيون کيس ڏاڍيون وڻيون ۽ يڪدم وڃي عبدالعزيز اردويليءَ جا قدم چميائين. پوءِ حڪم ڏنائين ته ھڪ سون جي ٿالھيءَ ۾ ٻه ھزار مھرون کڻي اچو، جيڪي سڀ ھن کي بخشش ۾ ڏنائين.
[b]شمس الدين اندڪائيءَ کي بخشش
[/b]فقيه اندڪائي ھڪ حڪيم ۽ شاعر ھوندو ھو. ھڪ دفعي ھن بادشاھه جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو پڙھيو، جنهن ۾ ستاويھه شعر ھئا، بادشاھه ھن کي ھر ھڪ بيت جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا. مون جيڪو وڌ ۾ وڌ انعام بابت ٻڌو ھيو، سو ھو ته ڪنهن کي، ھر شعر جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا ويا ھئا، پر اھو بادشاھه جي ھن انعام جي ڏھين پتيءَ جيترو مس ھو.
[b]قاضي مجد الدين کي بخشش
[/b]بادشاھه جڏھين شيراز جي قاضي مجد الدين جي، جيڪو عالم صالح ۽ ڪرامت وارو ھوندو ھو، تعريف ٻڌي، تڏھين ھن ڏانهن شيراز جي شھر ۾ شيخ زاده دمشقيءَ جي معرفت ڏهه ھزار دينار موڪلي ڏنائين.
[b]برھان الدين ساغر کي بخشش
[/b]برھان الدين ھڪ وڏو واعظي ھوندو ھو. ھو اھڙو ته سخي ھو، جو جيڪي ڪجھه به وٽس ھوندو ھو، سو غريبن ۽ بکايلن کي ڏيئي ڇڏيندو ھو، بلڪ قرض کڻي به سخاوت جاري رکندو ھو. جڏھين بادشاھه کي ھن جي خبر پھتي تڏھين ھن ڏانهن چاليھه ھزار دينار موڪلي ڏنائين ۽ ھندستان اچڻ لاءِ به عرض ڪيائينس. برھان الدين اھي چاليھه ھزار دينار وٺي، پنهنجو قرض وغيره لاھي، بادشاھه ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھيئن چئي خطا جي ملڪ ڏانهن ھليو ويو ته ”بادشاھه عالمن کي پنهنجي سامھون بيھاري ٿو ڇڏي، تنهن ڪري مان اھڙي ماڻھوءَ جي نوڪري نه ڪندس.“
[b]حاجي ڪاون کي بخشش ۽ سندس ڳالھه
[/b]حاجي ڪاون، شاھه عراق جو سوٽ ھو. سندس موسيٰ نالي ڀاءُ عراق جي ڪنهن علائقي جو حاڪم ھو، جنهن حاجي ڪاون کي بادشاھه وٽ سفير ڪري موڪليو. بادشاھه ھن کي تمام گھڻي عزت ڏني ۽ ڪافي مال به ڏنائينس. ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي ته وزير خواجه جھان بادشاھه ڏانهن تحفو موڪليو جنهن ۾ ٽي ٿالھيون به ھيون، جن مان ھڪ ۾ ياقوت، ٻيءَ ۾ زمرد ۽ ٽينءَ ۾ موتي ڀريل ھئا، ان وقت حاجي ڪاون پڻ موجود ھو، بادشاھه ھن مال مان گھڻو ئي کيس ڏنو ۽ موڪلاڻي وقت به تمام گھڻو خزانو کيس ڏنائين، حاجي ڪاون جڏھين عراق پھتو تڏھين سندس ڀاءُ مري ويو ھو ۽ ان جي جاءِ تي سليمان حاڪم بنجي ويٺو. ھن پنهنجي ڀاءُ جو ورثو گھريو ۽ ملڪ جي دعويٰ پڻ ڪيائين. ماڻھن ۽ لشڪر سندس ھٿ تي بيعت ڪئي، جن سان گڏ ھو فارس ھليو ويو.
جڏھن ھو شونڪارھ جي شھر ۾ پھتو (ھن شھر جي امام عضدالدين جو بيان پھرئين حصي ۾ ڪري آيا آھيون)، تڏھين اتي جي چڱن ماڻھن ھن وٽ اچڻ ۾ ڪجھه دير ڪئي ۽ پوءِ جڏھين آيا تڏھن ھنن کان دير ڪرڻ جو سبب پڇيائين. ھنن جيڪو سبب ڏنو سو ھن کي پسند نه آيو ۽ يڪدم پنهنجن سپاھين کي حڪم ڏنائين ته قلج (جڪار) يعني تلوارون ڪڍو. ھنن تلوارون ڪڍي. چڱن مڙسن جا سر لاھي کڻي ڦٽا ڪيا. ان وقت ھن وٽ تمام گھڻو لشڪر ھو.
مٿئين واقعي جي خبر جڏھن اتي جي اميرن ۽ ماڻھن کي پئي تڏھن ھنن کي گھڻي مٺيان لڳي ۽ سڀني گڏجي شمس الدين سمنانيءَ کي جيڪو وڏو فقيه ۽ امير ھو، مدد لاءِ لکيو . ھو پنهنجو لشڪر وٺي اٿي کڙو ٿيو ۽ وڃي اتي جي ماڻھن سان مليو، جيڪي پنهنجن چڱن ماڻھن جي انتقام وٺڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ھنن حاجي ڪاون جي لشڪر تي رات جو حملو ڪيو ۽ انهن کي ڀڄائي ڪڍيائون. پوءِ حاجي ڪاون، جيڪو شھر ۾ محل جي اندر ھو، جو اچي گھيرو ڪيائون، ھو وڃي بيت الطھارت (غسل خاني) ۾ لڪو. آخر ھن کي پڪڙي، سندس سر وڍي، سليمان ڏانهن ڏياري موڪليائون ۽ باقي عضوا سڄي ملڪ ۾ ورھائي، پنهنجي انتقام جي باھه وسايائون.
______________________
(1) ابن بطوطه جو اھو خيال بڪل غلط آھي، ٿي سگھي ٿو ته کيس پنهنجو ڪو تجربو ھجي، جو جڏھن ھندستان مان پنهنجي ملڪ موٽيو ٿي ويو، تڏھن ھن کي ڦري بلڪل ڪنگال ڪري ڇڏيو ويو ھو. جنهن جو تفصيل سان ذڪر ديباچي ۾ ڪيل آھي. شايد پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ به اھو خيال آڻي پنهنجي دل ٺاري اٿس، ۽ شھاب الدين جو مثال به کيس دل سان لڳو ٿو ڀانئجي، تنهن ته ھيڪاري سندس خيال کي وڌيڪ پختو ڪيو آھي ۽ دل جو ارمان نڪري ويو اٿس. ورنه انگريز جو ھينئر ايترا شاھوڪار آھن، سي ڪيئن ٿيا؟ ھنن پنهنجي ھندستان جي ٢٠٠ سالن جي دوران حڪومت ۾ جيڪو ھندستان جو خزانو لٽيو سا سڀني کي خبر آھي، ابن بطوطه ۽ ٻين مورخن جي روايت موجب ھندستان ڪيڏو نه شاھوڪار ملڪ ھو، جنهن ۾ ڪيترا ھيرا، جواھر، قيمتي پٿر ۽ سون چاندي ھئا. اھي سڀ مال ھو پنهنجي ملڪن ۾ کڻي ويا، ۽ اھو سڄو مال ۽ سامان کين ڦٻي ويو ۽ ھو دنيا جا وڏي ۾ وڏا تاجر بنجي ويا – مترجم
(1) جاوا ۽ پورليو جي ويجھو ھڪ ٻيٽ مڪاسر نالي آھي، اتي سفيد صندل پيدا ٿيندو آھي، جو تمام قيمتي ليکيو ويندو آھي.