فصل پھريون
[/b]قاضي القضاة علامه ڪمال الدين محمد بن برھان الدين المقلب به ”صدر جھان“ مون کي ٻڌايو ته دھلي جي فتح سنه ٥٨٤ ھ ۾ ٿي ھئي ۽ جامع مسجد جي محراب ۾ به اھو ئي سنه ھجري لکيل ھو، جيڪو مون خود پڙھيو، دھلي قطب الدين ايبڪ فتح ڪئي ھئي، ھيءُ شخص سلطان شھاب الدين محمد بن سام غوري، غزني ۽ خراسان جي بادشاھه، جو غلام ۽ سندس طرفان سپھ سالاريءَ جو عھديدار ھو، محمد بن غوري، سلطان ابراھيم بن سلطان محمود غازي سبڪتگين جنهن ھندستان جي فتح شروع ڪئي ھئي، تنهن جي ملڪ تي زبردستيءَ قابض ٿي ويو ھو، سلطان شھاب الدين، قطب الدين ايبڪ کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي، ھندستان تي چاڙھي موڪليو، جنهن پھريائين اچي لاھور فتح ڪيو ۽ اتي ئي رھائش اختيار ڪري، ھڪ عظيم الشان بادشاھه بڻجي ويو.
بادشاھه جي مصاحبن مان، ڪن ھن تي چغلي ھنئين ته ھو ھندستان ۾ ھڪ الڳ بادشاھت قائم ڪري، اطاعت کان ٻاھر نڪرڻ ٿو چاھي، ھيءَ خبر قطب الدين کي به پھچي وئي، جنهن تي ھو تن تنها غزني ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي رات جو پھچڻ شرط سڌو وڃي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، سندس اچڻ جي ڪنهن کي به خبر نه پئي، ٻئي ڏينهن جڏھن بادشاھه اچي درٻار ۾ ويٺو، تڏھن قطب الدين تخت جي ھيٺان لڪو ويٺو ھو.
جڏھن سڀ درٻاري ويھي ويا، تڏھن بادشاھه قطب الدين ايبڪ جو حال پڇيو، جن مصاحبن چغلي ھنئين ھئي، تن وري به ساڳيو بيان ڪيو ته اسان کي پڪي خبر آھي ته ھو خود سر بادشاھه بڻجي ويٺو آھي، بادشاھه تخت تي پير ھنيو ۽ تاڙي وڄائي پڪاريائين، ”ايبڪ“ . قطب الدين”جيءُ حضور“ چئي، ٻاھر نڪري آيو، ۽ دربار ۾ سڀني جي سامھون بيھي رھيو، چغلخور ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ ڊپ کان زمين چمڻ لڳا، بادشاھه فرمايو ته مون ھن دفعي توھان جو قصور معاف ڪيو، پر آئينده ڪجھه به ايبڪ جي خلاف مون کي نه چئجو، ۽ قطب الدين کي حڪم ڏنائين ته تون واپس ھندستان وڃ، جنهن تي ھو واپس ھليو ويو ۽ وڃي دھلي ۽ ٻيا شھر فتح ڪيائين، تڏھن کان دھلي اسلام جو داراخلافه ھليو ٿو اچي، قطب الدين دھليءَ ۾ ئي وفات ڪئي.
[b]سلطان شمس الدين نلمش (التمش)
[/b]سلطان شمس الدين نلمش(1) دھليءَ جو پھريون مستقل بادشاھه ٿي گذريو آھي. پھريائين ھيءُ قطب الدين جو غلام، سپھه سالار ۽ نائب ھو، پوءِ قطب الدين جي مرڻ کان پوءِ مستقل(2)بادشاھه ٿيو، بادشاھه ٿيڻ وقت ماڻھن کان بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، سڀ عالم ۽ فقيه وجيھ الدين ڪاشانيءَ سان گڏجي آيا ۽ بادشاھه جي سامھون ويھي رھيا، قاضي حسب عادت، بادشاھه سان گڏ وڃي ويٺو، بادشاھه سڀ ڪجھه سمجھي ويو ته سڀ ڇا ٿا چوڻ گھرن، پوءِ پنهنجي گاديلي جي ھڪ ڪنڊ مٿي ڪري، ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڪڍي، قاضي کي ڏنائين، جنهن مان معلوم ٿيو ته قطب الدين کيس آزاد ڪري ڇڏيو ھو. قاضيءِ ۽ فقيهن انهيءَ ڪاغذ کي پڙھي، پوءِ سندس بيعت ڪئي.
ويھن ورھين تائين ھن حڪومت ڪئي، ھو نيڪ چال، انصاف پرور، عالم ۽ فاضل بادشاھه ھو، انصاف جي طرف سندس توجھ حد کان وڌيڪ ھوندو ھو، سندس حڪم ھو ته جنهن تي به ڪو ظلم ٿيل ھجي، سو رنڱيل ڪپڙا پائي گھمي، جيئن بادشاھه کيس ھڪدم سڃاڻي وٺي، ڇو ته ھندستان ۾ گھڻو ڪري سفيد ڪپڙا پھريندا آھن، رات جو وري ھيءَ تجويز ڪئي ھئائين، جو پنهنجي دروازي جي برجن تي ٻه سنگ مرمر جا ٺھيل شينهن رکائي، انهن جي گلي ۾ زنجير وجھائي، انهن جي ڇيڙن تي گھنڊ ٻڌائي ڇڏيا ھئائين، جڏھن به ڪو مظلوم اچي زنجير ڇڪيندو ھو، ته بادشاھه کي ھڪدم خبر پوندي ھئي ۽ ھڪدم سندس فرياد رسي ڪندو ھو، ايتري ھوندي به ھو راضي نه رھندو ھو ۽ چوندو ھو ته رات جو ماڻھن تي ظلم ٿيندا ھوندا، تنهن ڪري ھڪدم فريقين کي گھرائي فيصلو ڪيو وڃي.
[b]سلطان رڪن الدين
[/b]سلطان شمس الدين(التمش) کي ٽي پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ ھئي، سندس پٽ رڪن الدين(1) ھن کان پوءِ تخت تي ويٺو.
تخت تي ويھڻ سان ھن پنهنجي ڀاءُ معز الدين، جيڪو رضيه سلطانه جو حقيقي ڀاءُ ۽ رڪن الدين جي ماٽيجي ماءُ جي پيٽ مان ھو، تنهن کي قتل(1) ڪرائي ڇڏيائين، رضيه انهيءَ تي ناراض ٿي، ته ان کي به مارائڻ چاھيائين، بادشاھه ھڪ ڏينهن جمعي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ۾ ويل ھو، رضيه، مظلومن جي پوشاڪ پھري، پراڻي بادشاھي محل يعني دولت خاني جي ڇت تي چڙھي بيھي رھي، اھو محل جامع مسجد سان بلڪل گڏ ھو، اتان بيھي، رضيه ماڻھن کي پنهنجي پيءُ جا عدل ۽ انصاف ياد ڏياري، پڪاريو ته رڪن الدين منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، ۽ ھاڻ مون کي به مارائڻ ٿو چاھي، ھيءُ ٻڌي، ماڻھو تمام ناراض ٿيا ۽ رڪن الدين تي ھلان ڪري آيا، کيس مسجد مان پڪڙي رضيه وٽ وٺي آيا، جنهن پنهنجي ڀاءُ جي قصاص ۾ کيس مارائي ڇڏيو، ناصر الدين(٢) سندس ٽيون ڀاءُ اڃا ننڍو ھو، تنهن ڪري لشڪر ۽ اميرن کيس تخت تي ويھاريو.
[b]رضيه سلطانه
[/b]ھن ڪل چار سال بادشاھي ڪئي، ھي عورت ٿي ڪري، مردن وانگر ھٿيار ٻڌي، گھوڙي تي سوار ٿيندي ھئي ۽ پردو اصل ڪانه ڪندي ھئي، جڏھن ھن تي تهمت لڳائي وئي ته سندس تعلق حبشي غلام(1) سان آھي، تڏھن ماڻھن اتفاق راءِ سان کيس تخت تان لاھي، سندس نڪاح ھڪ ويجھي عزيز سان ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀاءُ ناصر الدين کي تخت تي ويھاريائون.
[b]سلطان ناصر الدين
[/b]ڏھن رضيه سلطانه کي تخت تان لاٿو ويو، تڏھن سندس ننڍو ڀاءُ(2) تخت تي ويٺو ۽ ڪافي وقت تائين حڪومت ڪندو رھيو، ھن بادشاھه جي دوران حڪومت ۾ رضيه سلطانه ۽ سندس مڙس گڏجي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي، ھو پنهنجا غلام ۽ ساٿي وٺي مقابلي لاءِ آئي، ناصر الدين ۽ بلبن، جيڪو کانئس پوءِ بادشاھه ٿيو، ٻنهي گڏجي سندس مقابلو ڪيو، رضيه جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ رضيه ميدان مان ڀڄي نڪتي.
ھوءَ جڏھن ٿڪجي پئي ۽ بک اڃ اچي ماندو ڪيس، تڏھن ھڪ فريبي ھاري کان، جنهن انهي وقت ھر پئي ڪاھيو، کائڻ لاءِ ڪجھه گھريائين، ھن ھڪ ماني جو ٽڪرو ڏنس، جيڪو کائي سمھي رھي، ان وقت ھوءَ مرداني لباس ۾ ھئي، ننڊ ۾ سندس اندريان ڪپڙا جن ۾ جواھرات جڙيل ھئا، ڪجھه ظاھر ٿي پيا، اچانڪ ھاري جي نظر پئجي وئي ۽ تاڙي ورتائين ته ھي اصل ۾ عورت آھي.
پوءِ ان ھاري کيس ننڊ ۾ ئي قتل ڪري، سندس ڪپڙا ۽ ٻيو سامان لاھي، گھوڙي کي جھنگ ڏانهن ڀڄائي، لاش کي انهي ئي ٻني ۾ دفن ڪري، انهن لاٿل ڪپڙن مان ھڪ ڪپڙو بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ ويو، بازار وارا ھن تي شڪ ڪري، کيس شھر جي ڪوٽوال وٽ پڪڙي وٺي ويا، ڪوٽوال جي مار موچڙي تي ھاريءَ سچي ڪئي ۽ سربستو احوال کولي ٻڌايائين، پوءِ سندس پورڻ واري جاءِ به وڃي ڏيکاريائين، جتان ھنن لاش کي ڪڍي غسل ۽ ڪفن وغيره ڏيئي، انهي جاءِ تي وري کيس دفنائي ڇڏيو، ۽ قبر تي ھڪ گنبذ ٺھرائي ڇڏيائون، ھاڻي ھن جي قبر ھڪ زيارت گاھه آھي ۽ جمنا ندي جي ڪناري تي شھر کان ھڪ فرسخ پري آھي.
ان کان پوءِ ناصر الدين اطمينان سان 20 سال حڪومت ڪئي، ھي بادشاھه نهايت نيڪ ۽ پرھيز گار ھو ۽ پنهنجي ھٿ سان قرآن شريف لکي، ان جي قيمت تي گذارو ڪندو ھو، قاضي ڪمال الدين مون کي سندس ھٿ سان لکيل قرآن شريف پڻ ڏيکاريو ھو، جنهن ۾ نهايت صاف ۽ سٺا اکر لکيل ھئا، آخر سندس نائب غياث الدين بلبن کيس قتل(1) ڪري، پاڻ بادشاھه بڻجي ويٺو.
______________
(1) نلمش: ھي لفظ جي حرڪات ۽ اشتقاق ۾ جيتوڻيڪ ڪيترن مصنفن اختلاف ڪيا آھن، ڪن التش ته ڪن ايتمش وغيرھ لکيو اھي، پر نلمس ڪنهن به نه لکيو آھي، قطب مينار جي ٻي منزل تي ھي ڪتبو لکيل آھي، ”امر با تمام ھذه العمارت... من السماع شمس الحق والدين ايلتمش السلطاني ناصر امير المومنين“. وري سلطان شمس الدين جي پٽ ناصر الدين جي تخت نشيني وقت شاعر ھڪ قصيدو پيش ڪيو ھو، جنهن جو پھريون شعر ھو؛ آن خدا وندي کھ حاتم بذل و رستم کوشش است، ناصر دنيا ودين محمود الدين التمش است“. مٿين مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ آل ت م ش، اي ل ت م ش ۽ ا ل ت ي م ش ٽنهي طرح سان نالا لکيا ويندا ھئا، پر نلمش ابن بطوطه جي نسخي تان ڪاتب غلطي ڪري لکي ويو آھي. التمش اصل ۾ ڇويھه سال حڪومت ڪئي ھئي، ابن بطوطه ويھه سال لکي، غلطي ڪئي آھي. مترجم
(2) وچ ۾ ڪجھه مھينا آرام شاھه قطب الدين جي پٽ حڪومت ڪئي ھئي، جنهن جو ذڪر ابن بطوطه ڪو نه ڪيو آھي، آرام شاھه جا ڪجھه سڪا مليا آھن، تنهن مان ثابت آھي ته ھو تخت تي ڪجھه وقت ضرور رھيو آھي ۽ انهيءَ وقت التمش بدايون جا حاڪم ھو.—مترجم
(1) رڪن الدين؛ ھي شعبان سن ٦٣٣ ھھ ۾ پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ تخت تي ويٺو، ھن کي التش پنهنجي زندگي ۾ ئي ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھو خود گھڻو عيش پسند ھو، تنهن ڪري ڪل اختيارات سندس ڀاءُ شاءُ ترخان جي ھٿ ۾ ھوندا ھئا.
(1) ابن بطوطه، رڪن الدين جي پنهنجي ڀاءُ معزالدين کي مارائڻ بابت، جيڪو واقعو لکيو آھي، تنهن ۾ غلطي ڪئي اٿائين، ڇو ته رضيھ جي مرڻ کانپوءِ معزالدين بهرام شاھ التمش جي ٻئي پٽ حڪومت ڪئي آھي.-مترجم
(1) ھيءَ حبشي غلام جمال الدين ياقوت ھو، جنهن تي رضيھ مھربان ھئي.- مترجم
(2) ھت وري ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، اصل ۾ رضيھ کان پوءِ معزالدين بهرام شاھه گادي تي ويٺو، انهيءَ کان پوءِ سلطان علاؤ الدين مسعود شاھه، جيڪو رڪن الدين جو پٽ ھو، سو گاديءَ تي ويٺو ۽ انهي کان پوءِ ناصر الدين حڪومت ڪئي آھي.-مترجم
(1) ھت به ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، ڇو ته ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونهي ته ڪو بلبن، ناصر الدين کي ماري، پاڻ بادشاھه ٿيو، ناصر الدين پنهنجو قدرتي موت مئو ھو. مترجم