فصل چوٿون
[/b]ھن امير (جلال الدين) سان منهنجي دوستي ٿي وئي، تنهن ڪري منهنجو ھن سان گھڻو ميل جول رھندو ھو، ان بعد اسان دھلي ۾ پڻ ملياسين، جڏھن بادشاھه (محمد شاھه تغلق) دولت آباد ويو ھو، تڏھن سيد جلال پڻ ھن سان گڏجي ويو ۽ ويندي وقت مون کي اجازت ڏئي ويو ھو ته جيڪڏھن مون کي ڪا ضرورت پوي ته سندس ڳوٺ جو محصول وصول ڪري ان مان پنهنجو خرچ ھلائيندو رھان، تنهن ڪري مون ان (وصولي) مان پنج ھزار خرچ ڪري ڇڏيا ھئا.
ھن شھر ۾ منهنجي ملاقات شيخ قطب الدين حيدري علوي سان ٿي، جيڪو ھڪ وڏو عابد، زاھد، متقي ۽ بزرگ شخص ھو، ھن مون کي پنهنجو چوغو پڻ عنايت ڪيو ھو، جيڪو ان ڏينهن تائين مون سانڍي رکيو، جنهن ڏينهن مون کي ڪافر سامونڊي ڊاڪن سمنڊ ۾ ڦريو ھو، ان بعد اُچ مان ڪوچ ڪري اچي ملتان(1) پھتاسين. اھو شھر سنڌ جي ملڪ جو دارالخلافه آھي ۽ اتي جو امير الامراءُ به انهي ئي شھر ۾ رھندو آھي.
ھن شھر ۾ پھچڻ کان اڳ ڏهه ميل اورتي ھڪ وادي مان لنگھڻو پوي ٿو، ھي وادي تمام وڏي آھي، تنهن ڪري ٻيڙين کان سواءِ ان جي پار وڃڻ مشڪل آھي، ھن ھنڌ پار وڃڻ وارن جي حال احوال جي پڇا ڳاڇا ٿيندي آھي ۽ سندن سامان جي تلاشي ورتي ويندي آھي، ان زماني ۾، ھن جاءِ تي ھر ھڪ سوداگر کان سندس مال اسباب جو چوٿون حصو بطور محصول ورتو ويندو ھو ۽ ھر ھڪ گھوڙي جا ست دينار محصول لڳندو ھو، پر منهنجي ھندستان پھچڻ کان ٻه سال پوءِ بادشاھه اھي سڀ محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ جڏھن بادشاھه عباسي خليفي جي بيعت ڪئي، تڏھن ھن جي حڪم موجب عشر ۽ زڪوات کانسواءِ ٻيو ڪو به محصول ڪو نه ورتو ويندو ھو.
مون کي تلاشيءَ جو تمام گھڻو فڪر ھو، ڇو ته بظاھر منهنجو ساز و سامان تمام گھڻو ٿي معلوم ٿيو، پر اندر ڪجھه به ڪين ھو، جنهن ڪري مون کي ڊپ لڳو ته متان ڪٿي سڄو راز نه کلي پوي، پر قطب الملڪ ملتان مان ھڪ فوجي آفيسر موڪلي ڇڏيو ھو، جنهن کي ھدايت ڪئي ھئائين ته ڪو به شخص منهنجي تلاشي نه وٺي، تنهن ڪري ائين ئي ٿيو ۽ مون خداوند تعاليٰ جو شڪر ڪيو، اھا رات اسان وادي جي ڪناري تي ترسي پياسين، صبح جو مون وٽ دھقان سمر قنڊيءَ نالي ھڪ ٽپال جو آفيسر، جو بادشاھه جو اخبار نويس پڻ ھو، آيو، جنهن سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ پوءِ ساڻس گڏجي ملتان جي حاڪم وٽ ويس.
[b]ملتان جو حاڪم
[/b] انهن ڏينهن ملتان جو حاڪم قطب الملڪ ھو، ھيءُ شخص وڏو امير ۽ فاضل ھو ۽ جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن ھو منهنجي تعظيم خاطر اٿي بيٺو ۽ مون سان ھٿ ملائي مون کي پنهنجي ڀرسان ويھاريائين. مون کيس ھڪ غلام، ھڪ گھوڙو ۽ ڪشمش ۽ بادام تحفي طور پيش ڪيا، ڪشمش ۽ بادام سنڌ ملڪ ۾ ڪين ٿين، تنهن ڪري اھي تحفي طور ڏنا ويندا آھن ۽ خراسان کان ايندا آھن، ھي امير (قطب الملڪ) به ھڪ ڪشادي ٿلھي تي ويٺو ھو، جنهن تي ھڪ عمدو غاليچو وڇايل ھو، ھن وٽ ھالار نالي شھر جو قاضي، ۽ شھر جو خطيب (پيش امام) جنهن جو نالو مون کي ياد نه آھي، ويٺا ھئا، سندس ساڄي ۽ کاٻي فوج جا آفيسر ۽ سيراندي کان مسلح سپاھي بيٺا ھئا. سامھون لشڪر مارچ ڪري رھيو ھو، اتي تمام گھڻيون ڪمانون رکيل ھيون، لشڪر جي جنهن ماڻھوءَ تير اندازي جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي چاھيو، تنهن انهن مان ڪا ڪمان کڻي پنهنجي طاقت آھر ان کي استعمال ٿي ڪيو.
جيڪڏھن ڪنهن (فوجي) گھوڙي سواري جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي چاھيو ته ھو پنهنجو گھوڙو ڊوڙائي سامھون ديوار سان اٽڪايل نقاري تي پنهنجي نيزي کي اڇلائي، ان تي نشان چٽيندو ٿي ويو، ھڪ ننڍي ديوار تي وري ھڪ مُنڍي رکيل ھئي، جنهن مان گھوڙي سوار پنهنجو گھوڙو ڊوڙائي، نيزي جي نوڪ ان مان لنگھائي. ان کي کڻي ٿي ويو. اتي ھڪ کينهون پڻ موجود ھو، جنهن کي گھوڙي سوار گھوڙي تان چوگان ھڻي پنهنجو ڪمال ڏيکاري رھيو ھو، ھنن راندين ۾ ڪو به (فوجي) جيترو ڪمال ڏيکاريندو ھو اوتروئي ان کي عھدي ۾ ترقي ملندي ھئي.
جڏھن اسان قطب الملڪ وٽ وڃي سندس سلامي ڀري، تڏھن اسان کي حڪم ڏنائين ته وڃي شيخ رڪن الدين وارن سان گڏجي رھو، ھنن(شيخ رڪن الدين ۽ ان جي ماڻھن) جو اھو دستور ھوندو ھو ته حاڪم جي اجازت کان سواءِ ھو ڪنهن کي به پاڻ وٽ مھمان ڪري ڪين ٽڪائيندا ھئا.
ھندستان جي بادشاھه جي درٻار ۾ اسان جو ٻين مسافرن سان گڏجي وڃڻ ان شھر ۾ ٻيا به گھڻائي بزرگ شخص آيل ھئا، جيڪي بادشاھه جي نوڪريءَ لاءِ دھلي وڃي رھيا ھئا، انهن مان خدا وند زاده(1) قوام الدين ترمذ جو قاضي (پنهنجي خاندان ۽ پٽن سان گڏ)، سندس ڀائر عمادالدين، ضياءُالدين، برھان الدين سمرقند جو ھڪ رئيس مبارڪ شاھه، بخارا جو ھڪ رئيس ارن بغا، ملڪ زاده، جو خدا وند زادھ قوام الدين جو ڀاڻيجو ھو ۽ بدرالدين فصال قابل ذڪر ھئا، انهن مان ھر ھڪ سان گڏ سندس دوست خادم ۽ ٻيا متعلقين پڻ شامل ھئا.
ملتان ۾ پھچڻ کان ٻه مھينا پوءِ بادشاھه جو پوشنجي نالي ھڪ حاجب ۽ ملڪ محمد ھروي ڪوٽوال، خدا وند زادھ قوام الدين جي استقبال لاءِ آيا، انهن سان ٽي غلام به ھئا، جن کي بادشاھه جي والده مخدومه جھان، خدا وند زاده ۽ سندس بيگم جي استقبال لاءِ روانو ڪيو ويو، اھي پاڻ سان خداوند زاده ۽ ان جي اولاد لاءِ خلعتون پڻ کڻي آيا ھئا، مون چيو ته منهنجو ارادو آخوند عالم يعني بادشاھه وٽ نوڪري ڪرڻ جو آھي، بادشاھن کي ھتي جا ماڻھو آخوند عالم چوندا آھن، بادشاھه جو حڪم ھو ته جيڪو شخص خراسان جي طرف کان اچي ۽ سندس ارادو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو نه ھجي ته ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو وڃي. جڏھن مون چيو ته منهنجو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو ارادو آھي تڏھن ھڪدم قاضي ۽ گواه گھرايا ويا ۽ ھڪڙي عھد نامي تي مون کان صحيح ورتي وئي، منهنجي ساٿين مان ڪن صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون سفر جي تياري ڪئي، ملتان کان اڳتي چاليھن ڏينهن جو رستو آھي ۽ سڄي رستي سان آبادي ھلندي ٿي اچي.
حاجب ۽ ان جي ساٿين خدا وند زاده قوام الدين جي مھماني جو انتظام ملتان کان ئي ڪري ڇڏيو ۽ ويھه بورچي پاڻ سان کنيا ھئائون. ھيءُ حاجب ھڪ ھڪ منزل اڳ ۾ روانو ٿيندو ھو ۽ خدا وند زاده جي منزل تي پھچڻ کان اڳ سڄو انتظام ڪري ڇڏيندو ھو، جن ماڻھن جو مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آھي، سي جدا جدا تنبن ۾ رھندا ھئا پر کاڌو ھڪ ئي دستر خوان تي خداوند زاده سان گڏجي کائيندا ھئا، مان فقط ھڪ دفعو انهن سان کاڌي ۾ شريڪ ٿيو ھوس، کاڌو ھن ترتيب سان آڻيندا ھئا؛ پھريائين مانيون آڻيندا ھئا، جيڪي سنهيون چپاتيون ھونديون ھيون، ٻڪري کي ڀڃي، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ھر ھڪ ماڻھوءَ جي سامھون رکندا ويندا ھئا، پوءِ گيھه ۾ تريل مانيون آڻيندا ھئا، جن جي پيٽ ۾ حلوه صابونيه ڀريل ھوندو ھو ۽ ھر ھڪ ٽڪي تي ھڪ مٺي ماني رکندا ويندا ھئا، جنهن کي نشاستي چوندا ھئا ۽ ان کي اٽي کنڊ ۽ گيھه سان تيار ڪندا ھئا، پوءِ ھڪ شي آڻيندا ھئا، جنهن کي سمبوسا ڪري چوندا ھئا، جيڪي قيمي ڪيل گوشت ۾ پستا، بادام، جائفل، بصر ۽ گرم مصالحا ملائي، ان جي مٿان تمام سنهي ماني ويڙھي، گيھه ۾ ترڻ سان ٺاھيندا ھئا، ھر ھڪ شخص جي اڳيان چار يا پنج سمبوسا رکندا ھئا، ان بعد گيھه ۾ رڌل چانور آڻيندا ھئا، جنهن جي مٿان ھڪ پڪل ڪڪڙ ھوندو ھو، پوءِ لقيمات القاضي آڻيندا ھئا، جنهن کي ھاشمي به چوندا ھئا، آخر ۾ قاھڙيه آڻيندا ھئا، کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ حاجب دسترخوان تي اٿي بيھندو ھو ۽ سڀني حاضرين سان گڏجي بادشاھه جي تعظيم ڪندو ھو.
تعظيم ھن ملڪ ۾ ھيءَ آھي جو مٿو رڪوع وانگر ھيٺ جھڪائيندا آھن، جڏھن ھي سڀ ڪري رھندا آھن تڏھن دسترخوان تي ويھي رھندا آھن ۽ کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ چاندي، سون ۽ شيشي جي پيالين ۾ مصريءَ ۽ گلاب جو شربت پي پورو ڪندا آھن. ان کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي ۽ ان وقت سڀئي کاڌو کائڻ شروع ڪندا آھن، کاڌي ختم ٿيڻ تي فقاع(1) جا پيالا ايندا آھن، جڏھن فقاع پي پورو ڪندا آھن، تڏھن پان سوپاري آڻيندا آھن ۽ پان سوپاري کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي ته سڀ وري اٿي بيھندا آھن ۽ جيئن کاڌي کان اڳ تعظيم ڪئي ھئائون اھڙي طرح پوءِ به ساڳي طرح ڪري، دسترخوان تان اٿي ھليا ويندا آھن.
پھريون شھر جنهن ۾ ملتان کان ھلي اچي لٿاسين، اھو ھو ابوھز(2) جيڪو ھندستان جي شھرن مان پھريون شھر آھي، ھيءُ ھڪ ننڍو ۽ خوبصورت شھر آھي، جنهن ۾ عمديون عمارتون آھن، منجھس نهرون ۽ وڻ به جام آھن. اسان جي ملڪ جي وڻن مان سواءِ ٻير جي وڻ جي ٻيو ڪو به وڻ ھتي ڪين ٿئي، ٻير اسان جي ملڪ جي ٻير کان وڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي ۽ حبة العفص(3) داڻي جي برابر ٿيندو آھي.
_______________
(1) ملتان تمام قديم شھر آھي ۽ اڳئين زماني کان وٺي اڄ تائين مشھور آھي، چچ نامي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنه ٧١٤ھھ ۾ جڏھن محمد بن قاسم ثقفيءَ ھي شھر فتح ڪيو ھو، تڏھن ان وقت بياس ندي ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ اوڀر تائين وھندي ھئي ۽ راوي ندي قلعي ۽ شھر جي وچ مان لنگھندي ھئي، انهي وقت ھن شھر ۾ مندر ۽ گھڻائي بت موجود ھئا، ڪن تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنه ٨٧٥ع تائين ھتي ھڪ وڏو بت ھوندو ھو، جنهن لاءِ سڄي سنڌ ملڪ مان ياتري ايندا ھئا ۽ ڏاڙھي ۽ مٿو ڪوڙائي، ھن بت واري مندر جو طواف ڪندا ھئا. – مترجم
(1) خدا وند زاھد، فرشته لکيو آھي ته ان وقت جي اصطلاح موجب خداوند زاده ان کي چوندا ھئا جو سلاطين غور جي اولاد مان ھوندو ھو ۽ مخدوم زاده ان کي چوندا ھئا جيڪو خلفاءِ عربيھ جو اولاد ھوندو ھو. ائين ٿو معلوم ٿئي ته خدا ونده قوام الدين سيد ھو ۽ شايد والده جي طرف کان سندس نسب سلاطين غور سان ملندو ھوندو، تنهن ڪري ھن کي انهي لقب سان سڏيو ٿي ويو.
(1) فقاع لغت ۾ پيلي رنگ واري شيءِ ڪري لکيل آھي، تنهن ڪري ھيءَ ضرور ڪا پيڻ جي شيءِ ھوندي جيڪا ھن وقت استعمال نٿي ڪئي وڃي. –مترجم
(2) اولهه پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پاڪ پٽن ۽ سرسه واري رستي سان، پاڪ پٽن کان اٽڪل سٺ ميل کن پري دھليءَ جي طرف سائوٿ پنجاب ريلوي تي موجود آھي.
(3) حبة العفص؛ ماوا (پسار جي دوائن مان ھڪ دوا، جنهن جا ٻير جيڏا داڻا ٿيندا آھن ۽ انهن کي دلي تي گھي، اکين ۾ ڦلي پوڻ ڪري وجھندا آھن) مترجم