سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل چوٿون

[b]دھليءَ جو شھر
[/b]ھيءُ شھر تمام ڪشادو آھي ۽ منجھس گھڻيون عمارتون آھن. اصل ۾ ھي چار شھر آھن، جيڪي ھڪٻئي سان لڳو لڳ آھن. انهن مان پھريون دھلي(1) آھي، جو ھندن جي وقت جو قديم شھر آھي، ۽ سنه ٥٤٨ع ۾ فتح ٿيو ھو. ٻيو شھر سيري آھي، جنهن کي داراخلافه به چوندا آھن. ھي شھر بادشاھه غياث الدين، خليفي مستنصر عباسيءَ جي پوٽي کي، جڏھن ھو دھليءَ ۾ رھندو ھو، ڏنو ھو. سلطان علاؤالدين ۽ قطب الدين پڻ ھن شھر ۾ رھندا ھئا. ٽيون شھر تغلق آباد آھي، جنهن کي بادشاھه جي پيءُ غياث الدين تغلق شاھه آباد ڪيو ھو. غياث الدين ھڪ ڏينهن سلطان قطب الدين خلجيءَ جي خدمت ۾ بيٺو ھو، ۽ سلطان سان ڳالھيون ڪندي عرض ڪيو ھئائين ته ”اي آخوند عالم، ھن جاءِ تي ھڪ نئون شھر ٻڌائڻ گھرجي. جنهن تي سلطان طنز سان چيو جڏھن تون بادشاھه ٿين، تڏھن اتي شھر آباد ڪجان. پوءِ جڏھن ھو قدرت الاھيءَ سان بادشاھه ٿيو، تڏھن ھيءُ شھر آباد ڪيائين ۽ پنهنجي نالي تي ھن جو نالو رکيائين تغلق آباد. چوٿون شھر جھان پناه آھي، جنهن ۾ سلطان محمد بن شاھه تغلق وقت جو بادشاھه رھندو آھي ۽ ھن ئي ھي شھر آباد ڪيو. بادشاھه جو ارادو ھو ته چارئي شھر ملائي، انهن جي چوڌاري ھڪ شھر پناھ ٺھرائجي، جيڪا پوءِ ٺھرائڻ شروع به ڪئي ھئائين پر تمام گھڻو خرچ ايندي ڏسي، اتي ڇڏي ڏنائين.

[b]دھليءَ جي شھر پناه ۽ ان جا دروزا
[/b]ھن شھر پناه جو مثال سڄيءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھن ديوار جي ويڪرائي ٻارنهن ھٿ آھي، جنهن ۾ ننڍيون ڪوٺڙيون ۽ جايون ٺھيل آھن. جن ۾ چوڪيدار ۽ دروازن جا محافظ رھندا آھن. منجنيق(1)، لڙائيءَ جا سامان ۽ رعادات(2) به ھنن ئي گدامن ۾ رکيا ويندا آھن. ھر قسم جو اناج ھنن گدامن ۾ گڏ ڪندا آھن. ھيءُ اناج ھر ڪنهن آفت کان محفوظ رھندو آھي، ۽ اڪثر رنگ به ڪين ڦيريندو آھي. منهنجي سامھون ھنن گدامن مان چانور ڪڍي ويا ھئا، جن جو رنگ مٿان ڪجھه ڪارو ٿي ويل ھو، پر مزي ۾ ڪجھه به فرق ڪونه ھون. مڪئي ۽ جُوار به ان گدام مان ڪڍيا ھئائون. چون ٿا ته شاه بلبن جي وقت ۾، جنهن کي نوي سال گذري چڪا آھن، ھيءُ اناج ڀريو ويو ھو. ديوار جي مٿان ڪيترائي گھوڙي سوار ۽ پيادا، سڄي شھر جي چوڌاري گھمي سگھن ٿا. شھر جي اندرئين پاسي گدامن سان لڳل روشندان آھن، جن مان روشني ملي ٿي، ھن شھر پناھه جو ھيٺيون حصو پٿر جو، مٿيون پاسو پڪين سرن جو ٺھيل آھي ۽ مٿائنس برج تمام گھڻا آھن، جيڪي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٺھيل آھن، ھن شھر جا اٺاويھه دروازا آھن، جن مان ڪن جو بيان ڪريون ٿا، بدايون دروازو، جو ھڪ وڏو دروازو آھي ۽ شھر بدايون جي نالي مشھور آھي، مندوي دروازو، جنهن جي ٻاھران پوکون آھن، گل دروازو، جنهن جي ٻاھران باغ آھن، نجيب دروازو ۽ ڪمال دروازو، جيڪي ڪن شخصيتن جي نالن تي آھن، غزني دروازو، جنهن جي ٻاھران عيدگاھه ۽ قبرستان آھن، ھي قبرستان گھڻو ڪري سڀ خوبصورت آھن، ھر ھڪ قبر تي جيڪڏھن گنبذ نه ته محراب ضرور ھوندو آھي، ۽ وچ تي وڻ ۽ خوشبودار گلن جا ٻوٽا پوکيل اٿس، جن مان قل شبة (گل شنبو)(1) ريبول (رابيل) گل نسرين ۽ ٻيا قسمين قسمين گل ٻوٽا موجود آھن.

[b]دھلي جي جامع مسجد
[/b]ھي جامع مسجد(2) تمام وڏي ۽ ڪشادي آھي، سندس ديوارون، ڇتيون(گنبذ) ۽ فرش ھر ھڪ شي تراشيل سفيد پٿر جي ٺھيل آھي، ھن ۾ ڪاٺ ته بلڪل ڪم آندل ڪين آھي، منجھس تيرھن گنبذ آھن، جي پٿر جا آھن ۽ منبر به پٿر جو (ھن کي) چار اڱڻ آھن، جن جي وچ ۾ ھڪ ٿنڀو لڳل آھي. خبر نه آھي ته ھي ٿنڀو ڪھڙي ڌاتوءَ مان ٺھيل آھي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته ھن کي ”ھفت جوش“ ڪري ٿا چون، يعني ستن ڌاتن کي پگھاري ھيءُ ٿنڀو تيار ڪيو ويو آھي، ڪنهن شخص ھن ٿنڀي مان آڱر جيترو ٽڪرو ويھي ڪپيو آھي ۽ اھو ھنڌ بلڪل لسو پئي لڳو، لوھ ھن تي ڪو به اثر نٿو ڪري، ھن جي اوچائي ٽيھه ھٿ آھي، جيڪا مون پنهنجي پٽڪي سان ماپي ھئي.
مسجد جي اڀرندي پاسي واري دروازي جي ٻاھران ٻه وڏا وڏا پٿر جا بت گتا پيا آھن ۽ مسجد ۾ ايندڙ ويندڙ انهن کي لتاڙيندا رھندا آھن، ھن مسجد جي جاءِ تي اڳ ۾ ھڪ بتخانو ھوندو ھو، جڏھن دھلي فتح ٿي، تڏھن انهي بتخاني جي جاءِ تي ھي مسجد تعمير ڪئي وئي، مسجد جي اتر واري اڱڻ ۾ ھڪ صومعته(1)(مينار) ٺھيل آھي، جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه ھوندو. ھي مينار ڳاڙھي پٿر مان تيار ڪيو ويو آھي، پر مسجد سڄي سفيد پٿر مان ٺھيل آھي، مينار تي سھڻا نقش اڪريل آھن، ان جي مٿان جيڪو ڇٽ آھي، سو خالص سنگ مرمر جو ٺھيل آھي، ھن جي اندر جيڪا ڏاڪڻ ٺھيل آھي، سا ايتري قدر ويڪري آھي جو انهيءَ تي ھڪ ھاٿي خلاصائي سان چڙھي سگھي ٿو، ھڪ عمر رسيده، شخص مون کي ٻڌايو ته جڏھن ھيءُ مينار پئي ٺھيو، تڏھن مون ھاٿين کي ھن جي مٿان پٿر کڻي چڙھندو ڏٺو ھو.
ھيءُ مينار معزالدين بن ناصرالدين ابن سلطان غياث الدين بلبن ٺھرايو ھو ۽ وري قطب الدين خلجي الھندي اڱڻ ۾ ھڪ ٻئي مينار ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، جيڪو ھن مينار کان تمام ڪشادو ۽ اوچو ھجي ھا، پر اڃا ان جو ٽيون حصو مس ٺھرايائين ته مارجي ويو، پوءِ سلطان محمد تغلق ان کي مڪمل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر فال بد سمجھي، پنهنجو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين، ور نه اھو مينار دنيا جي عجائبن مان ھڪ ھجي ھا، ھي نامڪمل مينار اندران ايتري قدر ڪشادو آھي، جو ٽي ھاٿي گڏ ھڪٻئي جي برابر ٿي، ھن جي ڏاڪڻ تي چڙھي سگھن ٿا، ھي فقط ٽيون حصو ٺھيل مينار به اوتروئي اوچو آھي جيترو اتر واري اڱڻ جو سڄو مينار، مون ھڪ دفعي انهي تي چڙھي ڏٺو ته شھر جا اوچا اوچا گھر ۽ شھر پناھه باوجود گھڻي اوچائي جي تمام ننڍا پئي معلوم ٿيا ۽ انهي ھيٺان بيٺل ماڻھو جھڙا ننڍڙا ٻار پئي ڏسڻ ۾ آيا، ھيٺان بيھي ڏسڻ سان ھي مينارو وڏي ۽ ڪشادي ھئڻ سبب گھٽ اوچو ٿو لڳي.
سلطان قطب الدين خلجي سيري ۾ ھن(1) جھڙي ٻي مسجد ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر فقط ھڪ ديوار ۽ محراب کانسواءِ وڌيڪ ٺھرائي نه سگھيو، جنهن ۾ اڇو ۽ ڳاڙھو، سائو ۽ ڪارو پٿر استعمال ڪيو ويو، جو جيڪڏھن ھي مسجد ٺھي وڃي ھا ته ھن جھڙي مسجد ڪنهن به شھر ۾ نه ملي سگھي ھا، وري سلطان محمد تغلق ان کي ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو، ڪاريگرن ۽ رازن کان خرچ جو اندازو ڪرايائين ته پنجٽيھه لک رپيا خرچ اچي ٿي ويو، گھڻو خرچ ايندي ڏسي ھن اھو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، پر بادشاھه جي ھڪ مصاحب کان خبر پئي ته فال بد جي سبب اھو ارادو ترڪ ڪيل ھو، ڇاڪاڻ ته قطب الدين تعمير ڪرائيندي ئي مارجي ويو ھو.

[b]دھلي شھر جا وڏا حوض
[/b]شھر دھليءَ جي ٻاھران ھڪ حوض (1) آھي، جو سلطان شمس الدين التش ڏانهن منسوب ٿيل آھي، شھر واسي ھن حوض جو پاڻي پيئندا آھن، ۽ عيد گاھه به ويجھو اٿس، ھن ۾ بارش جو پاڻي گڏ ٿيندو آھي، سندس ڊيگھه ٻه ميل ۽ ويڪر ھڪ ميل آھي، سندس الھندي ۾ عيدگاھه طرف پٿر جا ٻه منزلا ٿلھا ٺھيل آھن، انهن ٿلھن کان پاڻي تائين ڏاڪڻيون ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ ٿلھي جي ڪنڊ تي گنبذ ٺھيل آھي، جنهن ۾ ويھي، تماشائي نظارو ڏسندا آھن. حوض جي ٺيڪ وچ ۾ وري منقش پٿرن مان ھڪ ٻه منزلو گنبذ ٺھيل آھي، جڏھن تلاءَ ۾ پاڻي گھڻو ھوندو آھي، تڏھن ماڻھو ٻيڙين ۾ وچواري گنبذ ڏانهن ويندا آھن ۽ جڏھن پاڻي گھٽ ٿيندو آھي تڏھن ماڻھو اتي ائين ئي ھليا ويندا آھن، اتي ھڪ مسجد به ٺھيل آھي ۽ اڪثر ڪري پرھيزگار ۽ متوڪل شخص اتي وڃي رھندا آھن، جڏھن حوض جا ڪنارا سڪي ويندا آھن، تڏھن انهن ۾ ڪمند، رسنگاڙا، ھنداڻا ۽ گدرا پوکي ڇڏيندا آھن، ھتي جا گدرا ننڍا، پر تمام مٺا ٿيندا آھن.
دھلي ۽ دارالخلافه جي وچ تي وري ھڪ ٻيو حوض آھي، جنهن کي حوض خاص(2) ڪري سڏيندا آھن، ھي حوض پھرئين حوض (شمسي) کان به وڏو آھي، جنهن جي ڪنارن تي چاليھه گنبذ ٺھيل آھن، ھن حوض جي چوڌاري گھڻي ئي راڳ ڳائيندڙ رھندا آھن، تنهن ڪري انهيءَ آبادي کي طرب آباد (راڳيندڙن جي بستي) ڪري چوندا آھن، ھت ڳائيندڙن جي ھڪ تمام وڏي بازار آھي، جنهن ۾ ھڪ جامع مسجد پڻ آھي، ۽ انهيءَ کان سواءِ اتي ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون آھن، چون ٿا ته جيڪي گاني بجاني واريون عورتون ھت رھنديون آھن، سي رمضان شريف ۾ تراويح جي نماز جماعت سان پڙھنديون آھن ۽ انهن جا امام پڻ مقرر ھوندا آھن، عورتون تعداد ۾ گھڻيون آھن ۽ ڳائڻ وارا مرد به ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، مون امير سيف الدين ابن معنيٰ جي شاديءَ ۾ ڏٺو ته اذان ٻڌڻ سان ھر ھڪ گوَيو وضو ڪري، مسلو وڇائي، نماز ۾ بيھندو ٿي ويو.

[b]دھلي شھر جون مزارون
[/b]مزارن ۾ مشھور قبر شيخ الصالح قطب الدين بختيار ڪعڪي(1) (ڪاڪيءَ) جي آھي، ھن جي قبر جي برڪت مشھور آھي ۽ ماڻھو ان جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن، شيخ صاحب جو نالو ڪعڪي ھن سبب جي ڪري مشھور ٿيو آھي، جو ائين مشھور آھي ته ھن وٽ جيڪو به غريب يا مقروض شخص ايندو ھو ۽ غريبي يا قرض جي شڪايت ڪندو ھو، يا ڪو اھڙو شخص ايندو ھوس، جنهن کي جوان ڌيءَ گھر ۾ ھوندي ھئي ۽ ان جي شادي جو سامان نه ھوندو ھوس، ته شيخ صاحب اھڙي شخص کي ھڪ ڪعڪ(ٽڪي) سون يا چاندي جي ڏيندو ھو، ٻي مزار فقيه نور الدين ڪرلانيءَ جي آھي، ٽي فقيه علاؤ الدين ڪرمانيءَ جي، جيڪا گھڻي برڪت واري سمجھي ويندي آھي ۽ ان تي نور وسندو آھي، ھيءَ جڳھه عيد گاھه جي پٺئين طرف آھي، ھت ٻين به ڪيترن اوليائن جون مزارون آھن.

دھلي جي ڪن زندھه عالمن ۽ صالحن جو بيان
زندھه عالمن مان شيخ محمود ڪبا وڏو بزرگ شخص آھي. ھن لاءِ مشھور آھي ته کيس دستِ غيب حاصل آھي، ڇو ته ھو خرچ تمام گھڻو ڪندو آھي ۽ بظاھر سندس آمدنيءَ جو ڪو به ذريعو معلوم نه آھي. ھو صاحب ھر مسافر کي ماني کارائي ٿو، ازانسواءِ رپيا، اشرفيون ۽ ڪپڙا پڻ غريبن ۾ تقسيم ڪندو آھي، سندس ٻيون به ڪيتريون ڪرامتون مشھور آھن، مون ڪيترائي دفعا سندس زيارت ڪري فيض حاصل ڪيو.
ٻيو بزرگ شخص شيخ علاؤ الدين نيلي آھي، جيڪو مصر جي نيل ندي سان منسوب ٿو ڀانئجي، ھي صاحب شيخ نظام الدين بدايونيءَ جو خليفو آھي، ۽ ھر جمعي جي ڏينهن واعظ ڪندو آھي. ڪيترائي ”واعظ“ ٻڌندڙ سندس ھٿ تي توبهه ڪندا آھن ۽ مٿو ڪوڙائي صاحب وجد ٿي پوندا آھن.
ھڪ دفعي واعظ پئي ڪيائين ته اتي مان به موجود ھوس، قاري ھي آيت پڙھي؛ يا ايھا الناس الفور بکم ان زلزلته الساعته شي عظيم، يوم تر ونها تدھل کل مر صعته عما ارصعت يوم تر ونها تدھل کل مر صعته عما ارضعت و تضع کل ذات ھمل حملھا و ترالناس سکارا و ما ھم بس کارا واکين عذاب الله.(1) شديد شيخ صاحب اھا آيت دوباره پڙھائي، ته ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ھڪ فقير کان چيخ نڪري وئي، شيخ صاحب وري به ساڳي آيت دھرائي، فقير وري ٻي دانهن ڪئي، ۽ بي جان ٿي ڪري پيو، مون به انهي فقير جي جنازي نماز پڙھي.
ٽيون بزرگ عالم، شيخ صدرالدين آھي، جيڪو ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ مشغول رھندو آھي. ھن دنيا بلڪل ترڪ ڪري ڇڏي آھي ۽ سندس لباس فقط ھڪ ڪمبل آھي. بادشاھه ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا آھن، مگر ھو انهن کان لڪندو رھندو آھي. ھڪ دفعي بادشاھه کيس درخواست ڪئي ته لنگر جي خرچ لاءِ ڪجھه جاگير قبول ڪري، پر شيخ صاحب بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو، ھڪ دفعي بادشاھه زيارت لاءِ آيو ۽ ڏهه ھزار دينار نذرانو رکيائين، جيڪي شيخ قبول نه ڪيا. ھي شيخ صاحب ٽن ڏينهن کان روزو نه کوليندو آھي، ڪنهن شخص عرض ڪيو ته انهيءَ جو ڪھڙو سبب؟ تنهن تي فرمايائين ته جيستائين مضطر نه ٿيندو آھيان، تيستائين روزو نه کوليندو آھيان ۽ مضطر کي مردار به حلال آھي.
چوٿون وقت جو امام الصالح ڪمال الدين عبدالله غازي آھي، ھي بزرگ نظام الدين بدايوني جي خانقاه جي ڀرسان ھڪ غار ۾ رھندو آھي، مون انهي غار ۾ ٽي دفعا سندس زيارت ڪئي.

[b]سندس ڪرامت
[/b]ھڪ دفعي منهنجو ھڪ غلام ڀڄي ويو ھو، مون انهي غلام کي ھڪ ترڪ وٽ وڃي سڃاتو ۽ کيس واپس ورائڻ گھريم، شيخ صاحب منع ڪئي ته اھو شخص تنهنجي لائق نه آھي، تنهن ڪري ڇڏي ڏينس، ترڪ جيڪو مون سان اڳيئي صلح ڪرڻ پيو گھري، تنهن کان ھڪ سئو دينار وٺي مون پنهنجو غلام ھن وٽ ڇڏي ڏنو، ڇھن مھينن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته ھن پنهنجي آقا کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ان کي پڪڙي، بادشاھه وٽ وٺي آيا، بادشاھه کيس انهي ترڪ جي پٽن جي حوالي ڪيو ته وڃي پنهنجو قصاص وٺنس، ھنن کيس اتي جو اتي ماري وڌو.
مان شيخ صاحب جي ھيءَ ڪرامت ڏسي، سندس معتقد ٿي پيس، ۽ دنيا کي ترڪ ڪري، سندس ملازمت اختيار ڪيم، مون ڏٺو ته ھو ڏهه ڏهه ۽ ويھه ويھه ڏينهن جو روزو رکندو ھو ۽ رات جو گھڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو ھو، مون انهيءَ وقت تائين، جيستائين بادشاھه مون کي گھرايو ۽ وري دنيا کي وڃي چنبڙيس، تيستائين سندس خدمت ۾ گذاريو، ھن وقت ھيءُ ڳالھه ھت ختم ڪري، سندس بيان اڳتي ڪندس.

________________________________________
(1) دھلي: ابن بطوطه جي وقت ۾ ھي شھر چئن جاين تي آباد ھو. (١) دھلي (٢) سيري (٣) تغلق آباد (٤) جھان پناه، جھان پناه، جن مان دھلي ۽ تغلق آباد موجود آھن. باقي سيري ۽ جھان پناه ڃٽي ويا آھن، جن جا نشان ۽ کنڊر دھليءَ جي ويجھو موجود آھن. جھان پناه، جنهن ۾ سلطان محمد بن تغلق رھندو ھو، سو دھلي ۽ سيريءَ جي وچ تي آباد ھو، جتي بادشاه جي ھزار ٿنڀن واري محلات جا کنڊر آڃا به موجود آھن. سيريءَ جو قلعو سلطان علاؤ الدين خلجيءَ پنهنجي وقت ۾ ٺھرايو ھو ۽ اڃا تائين دھليءَ جي ويجھو سندس نشانات موجود آھن. ھن قلعي کي علاول به ڪري سڏيندا ھئا. – مترجم.
(1) منجنيق: ڪي مورخ لکن ٿا ته محمد بن قاسم سنه ٩٤ ھجري، ديبل جي قلعي تي اھڙي ھڪڙي منجنيق استعمال ڪئي ھئي، جنهن تي پنج سؤ ماڻھو ڪم ڪندا ھئا ۽ ان جو نالو العروس يعني ڪنوار ھو. – مترجم.
(2) رعادات: ھن لفظ ۾ ابن بطوطه، غلطي ڪئي ٿي ڏسجي. اصل ۾ ھيءُ لفظ غزده يعني ننڍي منجنيق آھي. تاريخ معصومي جي مترجم جناب حضرت مولانا امير احمد صاحب ھيٺين معنيٰ، Staingass نالي انگريزي فارسي ڊڪشنريءَ مان ڳولي ڪڍي آھي، "A kind of hastila or engine for hurling missiles, a cart, a truck, a gun carriage." – مترجم.
(1) قل شبته ۽ ريبول؛ابن بطوطه عرب ھو، تنهن ڪري سنڌي اچار پورا پورا لکي نه سگھيو، ازنسواءِ قل انهي لاءِ ٿو چوي، جو ”گ“ عربي ٻولي ۾ حرف آھي ئي ڪونه، تنهن ڪري”گ“ جي جاءِ تي ”ق“ ٿو استعمال ڪري، وري رابيل جو اچار جيڪو ٻڌو ھوندائين، اھو دل تان لھي ويو ھوندس، تنهن ڪري رابيل کي ريبول ڪري ٿو، استعمال ڪري.
(2) ھي جامع مسجد اھا ئي قوت السلام جي نالي آھي، جيڪا اڄ به پراڻي دھلي ۾ قطب مينار جي ڀرسان موجود آھي، مٿي بيان ڪيل قلعي جا نشان پڻ اڄ تائين اتي موجود آھن.
(1) ”صومعته“ جي معنيٰ آھي مينار، جيڪا مٿي ڏنگين ۾ ڏنل آھي. مترجم
(1) ”جامع مسجد“: ھن مسجد جو اصل نالو قوت السلام ھو، ھندن جي دور ۾ ھي ھڪ بتخانو ھو، جڏھن شھاب الدين غوري سنه 989 هجري ۾ دهلي فتح ڪئي تڏهن هن پنهنجي غلام ۽ سپهه سالار قطب الدين ايبڪ جي معرفت هن مسجد جو بنياد وجھرايو، بت، جيڪي مسجد جي ٻاھر پيل ھئا، سي وڪرماجيت جا ھئا، جيڪي اجين جي فتح ڪرڻ وقت التش اتان کڻارائي دھليءَ آيو ھو. مترجم
(1) ھي ”حوض شمسي“ جي نالي سان مشھور آھي، حوض جي ڪناري تي شيخ عبدالحق محدث دھلوي جي مزار آھي، جنهن جو سنه ولادت ٩٥٨ھھ ۽ سن وفات ١٠٢٥ ھھ آھي. ھن حوض جا رسنگاڙا اڃا تائين مشھور آھن.
(2) ھي حوض اصل ۾ سلطان علاؤ الدين خلجي ٺھرايو ھو، جنهن جي ڪناري تي فيروز شاھه تغلق جو مقبرو اڃا به موجود آھي.-مترجم
(1) ڪعڪ: ھن لفظ لاءِ گھڻي محنت ڪئي وئي، آخر ھڪ اردو ڊڪشنري اٿلائيندي(کاک) لفظ تي وڃي نظر پئي، جنهن جي معنيٰ ھئي(ڻکيھ). ھونئن به ڪعڪ ھڪ ھندستاني لفظ آھي، ڇو ته ڪنهن به عربي ڊڪشنري ۾ اھڙو لفظ نٿو ملي، ابن بطوطه به”کاکي“ ٻڌو ھوندو، پر عربي ۾ انهي لفظ کي (کعکي) ٿو لکي، سو کاک معني ”ايک قسم کي روغني ڻکيھ“. ڏسو فيروز الفات اردو جديد، صفحو ٩٣٨. مترجم
(1) معنيٰ؛ اي انسانو! الله کان دڄو، تحقيق زمين جو لوڏو کائڻ (ھڪ) وڏي شيءِ آھي، ان ڏينهن(قيامت) ۾ تون ڏسندين ته کير پياريندڙ (ماءُ) پنهنجي کير پيئندڙ(ٻچي) کان بيزار ھوندي ۽ پيٽ واري، جو ڪجھه پيٽ ۾ ھوندس (ڪچو ٻار يا ڦر) سو ڪيرائي ڇڏيندي، انسانن کي نشي جي حالت ۾ ڏسندين، جيتوڻيڪ ھو نشي وارا نه ھوندا، پر (اھو) الله جو سخت عذاب ھوندو. مترجم