فصل پھريون
[/b]جڏھن سلطان تغلق مري ويو تڏھن سندس پٽ بنا مقابلي ۽ مخالفت جي تخت تي ويٺو. مان اڳ ۾ به بيان ڪري آيو آھيان ته سندس نالو جونا خان ھو. بادشاھه ٿيڻ کان پوءِ ھن پنهنجو نالو ”المجاھد محمد شاھه“ رکيو. مان ھن کان اڳ اڳين بادشاھن جو جيڪو احوال لکي آيو آھيان، تنهن جو ڳچ حصو شيخ بابت جيڪي ڪجھه مون لکيو آھي سو منهنجو اکين ڏٺو واقعو آھي.
[b]بادشاھه جون خصلتون
[/b]ھيءُ بادشاھه تمام گھڻيءَ سخاوت ۽ خونريزي جي ڪري مشھور آھي، ڪو به ڏينهن اھڙو ڪو نه ٿو گذري، جنهن ۾ ڪو فقير امير نٿو بڻجي ۽ ڪو زندھ انسان قتل نٿو ڪيو وڃي، ھن جي سخاوت، بهادري، سختي ۽ خونريزي جون ڪيتريون ئي ڳالھيون عام ماڻھن جي زبان تي آھن، تنهن ھوندي به ڪو به شخص ھن بادشاھه کان وڌيڪ بردبار ۽ انصاف پسند مون ڪٿي ڪو نه ڏٺو ھو شريعت جو سخت پابند آھي ۽ نماز جو تاڪيد تمام گھڻو ڪندو رھندو آھي ۽ جو شخص نماز نٿو پڙھي تنهن کي سزا ڏيندو آھي. ٻين سڀني نيڪ بخت ۽ ايماندار بادشاھن جي مقابلي ۾ جيڪي به ڳالھيون مان ھن بادشاھه جي باري ۾ بيان ڪندس سي بلڪل عجيب ۽ سمجھه کان ٻاھر آھن، پر مان خدا تعاليٰ، ان جي رسول ۽ ملائڪن کي شاھد ڪري ٿو چوان ته جيڪي ڪجھه به سندس سخاوت ۽ ڪرم بابت لکندس، سو حرف به حرف صحيح ھوندو. ھيءُ پڻ لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيڪي مون لکيو آھي سو ڪيترن ئي ماڻھن کي سمجھه ۾ نٿو اچي ۽ ھو ان کي(1) مبالغو ڪري ٿا سمجھن، پر جيڪي به مون بيان ڪيو آھي، سو بلڪل منهنجي اکين جي اڳيان ٿي گذريو آھي ۽ ھر طرح سان ان جي صحيح ھجڻ جي پڪ ڪئي اٿم.
[b]شاھي محل جا دروازا ۽ ديوان خانو
[/b]شاھي محل، جيڪو دھلي ۾ آھي، ان کي دارالسرا چوندا آھن، ھن محل ۾ اندر وڃڻ لاءِ ڪيترن ئي دروازن مان لنگھڻو ٿو پوي. پھرئين دروازي تي پھريدار سپاھي موجود رھندا آھن. تنهن کان سواءِ نفيرين، نقارن ۽ شرناين وارا به انهي دروازي تي ويٺا ھوندا آھن، جنهن وقت ڪو امير يا وڏو ماڻھو ايندو آھي ته ھو نقارا ۽ نفيريون وڄائڻ شروع ڪندا آھن. ھو وڄائڻ ۾ اھو پڻ آواز ڪڍندا آھن ته فلاڻو يا فلاڻو شخص آيو آھي. اھڙي طرح ٻئي ۽ ٽئي دروازي تي پڻ ائين ٿيندو آھي. پھرئين دروازي جي ٻاھران ھڪ چبوترو ٺھيل آھي، جنهن تي جلاد ويٺا ھوندا آھن، جڏھن بادشاھه ڪنهن کي مارڻ جو حڪم ڏيندو آھي، تڏھن ان کي ”محل ھزار ستون“ (ھزار ٿنڀن واري محل) جي سامھون ماريو ويندو آھي ۽ ان جو سِر ٽن ڏينهن تائين پھرئين دروازي جي ٻاھران لٽڪندو رھندو آھي.
پھرئين ۽ ٻئي دروازي جي وچ ۾ ھڪ دھليز (ڏيڍي) آھي، جنهن جي ٻنهي طرفن چبوترا ٺھيل آھن، جن ۾ نوبت ۽ نقارن وارا ويٺا ھوندا آھن، ۽ ٻئي دروازي تي ان دورازي جا پھريدار ھوندا آھن. ٻئي ۽ ٽئي دروازي جي وچ تي وري ھڪ وڏو چبوترو ٺھيل آھي جنهن تي نقيب النقبا ويٺو ھوندو آھي. ان کي ھڪ چمڪندڙ سونيءَ زريءَ لڳل ڪلاه جنهن جي مٿان مور جا کنڀ لڳل ھوندا آھن، پھريل ھوندو آھي، ٻين نقيبن جي چيلھ ۾ ھڪ چمڪندڙ پٽو ٻڌل، مٿي تي سون جو پٽ لڳل شاشيو (ٽوپ جو قسم) ۽ ھٿ ۾ چانديءَ يا سون جي مٺئي سان چھبڪ ھوندو اٿن.
ٻئي دروازي سان لڳ ھڪ وڏو ديوان خانو ٺھيل آھي، جنهن ۾ عام ماڻھو ويٺا ھوندا آھن، ٽئين دروازي تي وري منشي ويٺا ھوندا آھن، جن وٽ ھڪ ڪتاب رکيل ھوندو آھي ۽ ھنن جو ڪم آھي ته ڪنهن به ماڻهو کي، سندس نالو انهي ڪتاب ۾ درج ڪرڻ کان سواءِ، اندر نه ڇڏين. ھر ھڪ امير جي ساٿين جي الڳ الڳ داخلا ڪئي ويندي آھي ۽ منشي پنهنجي روزنامچي ۾ لکندا ويندا آھن ته فلاڻي امير سان گڏ ھيترا ماڻھو فلاڻي وقت آيا، بادشاھه اھو روزنامچو عشا جي نماز کانپوءِ ڏسندو ھو. ان روزنامچي ۾ دروازن تي جيڪي وھيو واپريو، تنهن جو مفصل احوال لکيو ويندو ھو، بادشاھه جي پٽن مان ھڪ جو اھو فرض ھوندو ھو ته اھو روزنامچو بادشاھه جي سامھون پڙھڻ لاءِ پيش ڪري.
ھيءُ به دستور ھوندو ھو ته ڪو به امير ٽن ڏينهن يا وڌيڪ عرصي تائين ڪنهن سبب جي ڪري يا بنان ڪنهن سبب جي غير حاضر رھندو ھو، ته وري بادشاھه جي خاص اجازت نئين طرح حاصل ڪرڻ کان سواءِ دروازي جي اندر وڃي نه سگھندو ھو. جيڪڏھن اھو امير بيماري يا ٻئي ڪنهن خاص سبب ڪري اچي نه سگھندو ھو، ته ھو جنهن ڏينهن به ايندو ھو ته پنهنجي حيثيت مطابق ڪجھه نه ڪجھه تحفو ضرور پاڻ سان آڻي بادشاھه جي اڳيان پيش ڪندو ھو، اھڙي طرح سان اھو به دستور ھوندو ھو ته ڪو به شخص پھريون دفعو جڏھن بادشاھه جي سلامي لاءِ ايندو ھو ته به ڪجھه نه ڪجھه تحفي طور ضرور پيش ڪندو ھو. جيڪڏھن مولوي ھوندو ھو ته قرآن شريف يا ٻيو ڪو ڪتاب، فقير ته تسبيح يامصلو يا ڏندڻ، امير وري گروڙا يا اٺ يا ھٿيار، مطلب ته حيثيت آھر سڀئي نذرانا پيش ڪندا ھئا.
ھن ٽئين دروازي جي اندرئين پاسي ھڪ وڏو ميدان آھي، جنهن ۾ ھڪ ديوان خانو ٺھيل آھي، ان ديوان خاني جو نالو ھزار ستون آھي، ڇو ته ان جي ڇت جيڪا سڄي ڪاٺ جي آھي، سا ڪاٺ جي ھڪ ھزار ٿنڀن تي بيٺل آھي. انهن ٿنڀن ۽ ڇت تي روغن ڪيل آھي ۽ طرح طرح جا نظارا ۽ چٽ انهن تي چٽيل آھن. سڀ ماڻھو ھن جي ھيٺان اچي ويھندا آھن ۽ عام جلسي وقت بادشاھه به اچي اتي ويھندو آھي.
[b]بادشاھه جو مجلس عام ۾ ويھڻ جو طريقو
[/b]گھڻو ڪري ھيءَ مجلس عصر جي نماز کان پوءِ ٿيندي آھي، پر ڪڏھن ڏينهن جي پھرئين وقت ۾ پڻ ٿيندي آھي. بادشاھه جي ويھڻ جي جاءِ خاص مقرر ٿيل آھي، جيڪا ڪجھه بلندي تي ٺھيل آھي ۽ ان تي عمدي قسم جو غاليچو وڇايل ھوندو آھي. بادشاھه جي پٺيان ھڪ وڏو طول ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٻه ننڍا طول ھوندا آھن، اھا بيٺڪ اھڙي ھوندي آھي، جھڙو ڪو ماڻهو قعده جي حالت ۾ ويھندو آھي ۽ گھڻو ڪري ھندستان ۾ اھڙي ئي بيٺڪ استعمال ڪئي ويندي آھي.
جڏھن بادشاھه ويھي رھندو آھي تڏھن سندس سامھون وزير اچي بيھندو آھي ۽ ڪاتب وري وزير جي پٺيان ھوندا آھن. انهن جي پٺيان وري حاجب ۽ نائب حاجب ھوندا آھن، اڄ ڪلھ حاجبن جو سردار بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز آھي، ان جي پٺيان سندس نائب ھوندو آھي، ان کان پوءِ خاص حاجب، تنهن کان پوءِ نائب، خاص حاجب ڪليدار ۽ ان جو نائب شريف الحجاب، سيد الحجاب ۽ انهن سڀني کان پوءِ نقيب، جيڪي تعداد ۾ ھڪ سئو ھوندا آھن، بيھي ويندا آھن، جنهن وقت بادشاھه ويھي رھندو آھي، تنهن وقت نقيب بسم الله چوندا آھن. باڊشاھه ويھي رھندو آھي ته پٺيان ملڪ قبولو بيھندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ ھڪ مورڇل ھوندو آھي، جنهن سان ھو مکيون ھڪليندو آھي.
بادشاھه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ھڪ ھڪ سئو مسلح سپاھي ھٿن ۾ڍالون، تلوارن ۽ تير ڪمان جھليو بيٺا ھوندا آھن، ديوان خاني جي ويڪر ۾ کاٻي ۽ ساڄي طرف قاضي القضات، ان کانپوءِ خطيب الخطباءَ پوءِ ٻيا وڏا وڏا فقيه، پوءِ سيد، پوءِ ٻيا مشائخ، پوءِ بادشاھه جا ڀائر ۽ ناٺي، انهن کان پوءِ وڏا وڏا امير، پوءِ پرديسي ۽ ڌارين ملڪن جا سفير ۽ پوءِ فوج جا آفيسر بيھي ويندا آھن. ان کان پوءِ سٺ گھوڙا زينن ۽ لغامن سميت ايندا آھن. ڪن جا لغام ۽ پٽا ڪاري پشم جا ته ڪن جا سفيد ريشم جا ھوندا آھن. انهن تي بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به سواري نه ڪندو آھي. اھي گھوڙا اڌ ساڄي ۽ اڌ کابي طرف اھڙي طرح بيھاريا ويندا آھن، جو جيئن انهن سڀني تي بادشاھه جي نظر پئجي سگھي.
ان بعد پنجاھ ھاٿي ايندا آھن، جن تي سونيءَ زري سان ريشم جا ڪپڙا پيل ھوندا آھن، انهن جي ڏندن تي لوھي پٽ چڙھيل ھوندا آھن گھڻو ڪري ھنن ھاٿين کان ڏوھه دار (مجرم) ماڻهن کي مارڻ جو ڪم ورتو ويندو آھي. ھر ھڪ ھاٿي جي مٿان فيلبان ھوندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ لوھه مان ٺھيل تبرزين نالي اوزار ھوندو آھي، جنهن سان ھو ھاٿي کي ھڪليندا آھن. انهن ھاٿين جي مٿان ھڪ ڍڪ سان پيتي ٻڌل ھوندي آھي، جنهن ۾ ويھه يا انهن کان ڪجھه گھٽ وڌ ھاٿي جي ويڪر آھر، جنگي سپاھي ويھي سگھندا آھن. ھي ھاٿي اھڙا ته سيکاريل آھن، جو جنهن وقت حاجب بسم الله چوندو آھي، تنهن وقت ھو سر جھڪائي سلام ڪندا آھن. ھي ھاٿي به اڌ ھڪ طرف ۽ اڌ ٻئي طرف قطار ۾ بيھاريا ويندا آھن.
ھر ھڪ شخص پھريائين بادشاھه وٽ اچي، سلام ڪري، پوءِ وڃي پنهنجي مقرر جڳھه تي بيھي رھندو آھي. جڏھن ڪو ھندو سلامي تي ايندو آھي ته حاجب ۽ نقيب بسم الله چوڻ جي بدران ھداڪ الله (خدا توکي ھدايت ڏئي) چوندا آھن بادشاھه جا غلام ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي، ماڻھن جي پٺيان اھڙي طرح بيٺا ھوندا آھن، جو ڪو به ماڻھو ھنن وٽان لنگھي اندر وڃي ڪين سگھندوآھي، بلڪه جيڪو به شخص ايندو آھي، سو نقيبن ۽ حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تان لنگھي پوءِ اندر ايندو آھي.
___________
(1) مٿيون بيان ابن بطوط انهي لاءِ ڏنو آھي، جو مشرقي ملڪن ۾ جڏھن سندس سفر جي واقعن جون خبرون پھتيون، تڏھن ڪيترائي ماڻھو ان کي سچ نه پيا سمجھن يا مبالغو پيا خيال ڪن؛ تن کي پڪ ڏيڻ لاءِ ھن ائين لکيو آھي، ته خود ابن خلدون جيڪو سندس ھمعصر ھو تنهن کي پڻ سندس بيان ۾ شڪ محسوس ٿيو ھو، ڏسو”مقدمھ ابن خلدون“- مترجم