سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٽيون

[b]امير سيف الدين غرا بن ھبته الله بن مھني، امير عرب الشام، تي بادشاھه جي نظر عنايت
[/b]جڏھين امير سيف الدين بادشاھه وٽ آيو تڏھن بادشاھه سندس تمام گھڻي آجيان ڪئي ۽ کيس بيحد عزت ڏنائين، کيس سلطان جلال الدين فيروز (خلجي) وارو محل، جيڪو ڪشڪ لعل (ڳاڙھو محل) جي نالي سان مشھور آھي ۽ دھليءَ ۾ آھي، رھائش لاءِ ڏنائين، ھيءُ محل تمام وڏو آھي جنهن ۾ اڱڻ تمام وڏو آھي ۽ ڏيڍي به تمام وڏي اٿس. انهيءَ ڏيڍيءَ جي مٿان ھڪ برج ٺھيل آھي جنهن ۾ اندر ويھي، اندرئين ۽ ٻاھرئين اڱڻ کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھجي ٿو، سلطان جلال الدين ھن برج ۾ ويھي، اندرئين پاسي کينهونءَ راند ڏسندو ھو.
جڏھين امير سيف الدين کي ھن محل ۾ ترسايو ويو تڏھن مان به اھو محل ڏسڻ ويس، جو سڄو نهايت قيمتي سامان سان آراسته ٿيل ھو، پر سڀني شين تي مٽي چڙھي ويئي ھئي، ڇو ته ھندستان ۾ اھو دستور آھي ته جيڪڏھن ڪو بادشاھه مري ويندو آھي ته ان جي محل کي ڇڏي، نئون بادشاھه پنهنجي لاءِ ھڪ ٻيو محل ٺھرائي ان ۾ رھندو آھي، ۽ اڳئين بادشاھه جي محل جي ڪنهن به سٺي شيءَ کي اتان ھٽايو نه ويندو آھي. مون انهيءَ محل کي چڱي طرح سان گھمي ڏٺو ان جي ڇت تي به ويس، ھر شيءِ عجيب ھئي، منهنجي ته اکين مان ڳوڙھا ڪري پيا.
فقيه جلال الدين مغربي، جيڪو ننڍي ھوندي پنهنجي پيءُ سان گڏ ھندستان آيو ھو، ان وقت مون سان گڏ ھو ۽ ھي شعر پڙھيائين.

و سلاطينهم سل الطين عنهم
فالرئوس الغطام صارت عظاما
ترجمو - ۽ انهن بادشاھن جي خبر مٽيءَ کان پڇ – جن ۾ وڏن وڏن سرن جا به ھڏا ٿي ويا.

انهي محل ۾ امير سيف الدين جي شاديءَ جي دعوت ٿي ھئي. بادشاھه عرب جي ماڻھن کي گھڻو ڀائيندو ھو ۽ انهن جو گھڻو قدر ڪندو ھو، جڏھن ھيءُ امير آيو تڏھين ھن سان به سٺو سلوڪ ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا ھن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏنائين، ھڪ دفعي ملڪ اعظم با يزيدي، ماڻڪپور جي حاڪم، جو نذر آيو ته ان مان به يارنهن اصيل گھوڙا کيس ڏنائين. ٻئي دفعي ڏهه گھوڙا جن تي زريدار زينون ۽ سون جا لغام ھئا، کيس ڏيئي ڇڏيائين . ازانسواءِ پنهنجي ڀيڻ فيروز خوندة (فيروزه) ھن کي پرڻائي ڏنائين.

[b]بادشاھه جي ڀيڻ جي امير سيف الدين سان شاديءَ جو بيان
[/b]جڏھن بادشاھه جو حڪم ٿيو ته سندس ڀيڻ جي شادي امير سيف الدين سان ڪئي وڃي، تڏھن دعوت وليمه ۽ ٻين اخراجات جو بندوبست ملڪ فتح الله شونويس جي حوالي ڪيو ويو، ۽ مون کي حڪم مليو ته مان اھي ڏينهن امير سيف الدين سان گڏ رھان. ملڪ فتح الله وڏا وڏا شاميانا آندا جيڪي ھن انهيءَ ڳاڙھي محل جي ٻنهي اڱڻن ۾ لڳرايا ۽ ھر ھڪ اڱڻ ۾ ھڪ وڏو خيمو لڳرايائين، جن جي اندر قسمين قسمين عمدا گلم ۽ غاليچا لڳرائي، امير المطربين شمس الدين تبريزي، ان جا ڳائڻا ۽ ڳائڻ نچڻ واريون عورتون جيڪي سڀ بادشاھه جا نوڪر ۽ نوڪرياڻيون ھيون، وٺي آيو، ازانسواءِ بورچي، مانيون پچائڻ وارا، حلوائي، پخالي ۽ تنبول دار به حاضر ٿيا.
پوءِ پکي ۽ جانور حلال ڪيا ويا ۽ پندرھن ڏينهن تائين سڀني ماڻھن کي کاڌو کارايو ويو. ان کاڌي ۾ وڏا وڏا امير ۽ غيرملڪي ماڻھو به ٻيئي وقت شرڪت ڪندا رھيا. نڪاح جي رات کان ٻه راتيون اڳ شاھي محل مان خواتين (بيگمون) آيون جن اچي سٺا سٺا غاليچا وغيره وڇائي، ان محل کي سينگاريو، پوءِ امير سيف الدين کي، جيڪو غيرملڪي ماڻھو ھو ۽ ڪو به مٽ مائٽ ڪو نه ھوس، گھرائي ھڪ ھنڌ ويھاريائون، بادشاھه جي حڪم موجب بادشاھه جي ماٽيجي ماءُ جيڪا مبارڪ خان جي ماءُ ھئي، سا سيف الدين جي ماءُ ٿي. ۽ ٻين بيگمن مان ڪا سندس ڀيڻ ٿي، ڪا سندس ڦڦي ته ڪا سندس ماسي بني جيئن ھو ائين سمجھي ته سندس سڄو خاندان ھتي موجود آھي.
ھنن کيس ھڪ مسند تي ويھاري، سندس ھٿن ۽ پيرن تي ميندي لڳائي ۽ ٻيون زالون وري سندس مٿن کان بيھي ڳائڻ ۽ نچڻ لڳيون. بيگمون ھي سڀ ڪجھه تيار ڪري قصرالزفاف(1) ڏانهن ھليون ويون ۽ ھو پنهنجن دوستن سان گڏ محل کان ٻاھر رھيو. بادشاھه حڪم ڪيو ته ڪجھه امير ھن جي طرف ٿين ۽ ڪجھه ڪنوار جي طرف ٿين، ڇو ته ھن ملڪ ۾ اھو دستور آھي ته جڏھن گھوٽ ڪنوار کي پنهنجي گھر وٺي اچڻ لاءِ ڪنوار جي گھر جي دروازي تي ويندو آھي ته اتي ڪنوار جي طرف جا ماڻھو بيٺا ھوندا آھن. جنهن وقت گھوٽ پنهنجي طرف جي ماڻھن سان اتي ويندو آھي ته ڪنواريتا گھوٽيتن کي اندر اچڻ کان روڪيندا آھن. پوءِ جيڪڏھن گھوٽيتا ھنن تي غالب ايندا آھن ته اندر ھليا ويندا آھن، پر جي اتفاق سان مغلوب ٿي ويندا آھن ته ڪنوار جي طرفدارن کي ھزارين روپيه ڏنڊ طور ڏيڻا پوندا اٿن.
مغرب جي نماز کان پوءِ امير سيف الدين وٽ ھڪ نيري ريشم جي خلعت، جنهن تي جواھر ايتري انداز ۾ لڳل ھئا جو ان ڪپڙي جو رنگ به مشڪل نظر ٿي آيو، ۽ اھڙي ئي نموني جي دستار کڻي آيا، مون اھڙي پوشاڪ اڳ ۾ ڪڏھن به ڪا نه ڏٺي ھئي. بادشاھه جيڪي پوشاڪون پنهنجن ناٺين جيئن ته عمادالدين سمنانيءَ کي، ملڪ العلما جي پٽ کي، شيخ الاسلام جي پٽ کي ۽ صدر جھان بخاريءَ جي پٽ کي ڏنيون ھيون، سي ھن جي اڳيان ڪجھه به نه ھيون. پوءِ سيف الدين پنهنجن دوستن ۽ غلام سان گڏ گھوڙي تي سوار ٿي، ھنن سڀني پنهنجن پنهنجن ھٿن ۾ ھڪ ھڪ لڪڻ کنيو.
پوءِ ھڪ تاج وانگر ٺھيل شيءِ (1) جيڪا ياسيمن، نسرين ۽ رابيل جي گلن سان تيار ڪئي ويئي ھئي، جنهن جون جھالرون منهن ۽ سيني تي لٽڪيون ٿي، کڻي آيا ۽ امير کي چيو ويو ته اھا مٿي تي رکي، پر ھن انڪار ڪيو، ڇو ته ھو ھڪ بدوي عرب ھو، سو بادشاھي معاملن مان ڇا ڄاڻي، ۽ پھرڻ کان صفا نابري واري ويٺو، تنهن تي مون قسم وجھي، مس مس مٿي تي رکايومانس. پوءِ ھن جي جماعت حرم جي دروازي تي پھتي جتي ڪنوار جي طرف جي جماعت اڳئي مقابلي لاءِ تيار بيٺي ھئي. امير پنهنجي ساٿين سان ھنن تي عربي نموني جو حملو ڪيو ۽ ھنن کي دسي دسي ڀڄائي ڪڍيائون، بادشاھه کي جڏھن ھيءُ خبر پيئي تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھو اڱڻ ۾ داخل ٿيو جتي ھڪ منبر تي جيڪو ديباج (ڪپڙي) سان سينگاريل ھو ۽ ان تي جواھرات جڙيل ھئا، ڪنوار کي آڻي ويھاريو ھئائون. اتي ڳائڻ وڄائڻ واريون زالون به ويٺيون ھيون، جي ھن کي ڏسي سڀ اٿي بيٺيون. امير جو گھوڙو جڏھن منبر تائين پھتو، تڏھن اتي اچي، گھوڙي تان لھي، منبر جي پھرئين ڏاڪي تي بيھي زمين چميائين، ان وقت ڪنوار اٿي بيٺي ۽ امير کي پنهنجي ھٿن سان پان ڏنائين، جيڪو ھن ورتو.
ان کان پوءِ امير ڪنوار کان ھڪ ڏاڪو ھيٺ ويھي رھيو. پوءِ سندس ساٿين تي سونا ورق نثار ڪيا ويا. عورتون ڳائيندي، تڪبيرون ھڻنديون پئي ويون. ٻاھر دھل ۽ شرنايون وڄي رھيون ھيون. پوءِ امير اٿي، پنهنجي ڪنوار کي ھٿ کان وٺي، ھيٺ لھڻ لڳو ته عورتون به سندن پٺيان ھلڻ لڳيون، پوءِ امير گھوڙي تي سوار ٿيو ۽ ڪنوار وري ڏوليءَ ۾ وڃي ويٺي، ان وقت وري ٻنهي تي درھم ڇٽيا ويا. ڏوليءَ کي غلامن پنهنجي ڪلھن تي کنيو، بيگمون گھوڙن تي چڙھيون ۽ ٻيون عورتون وري سڀني جي اڳيان پنڌ ھلڻ لڳيون. اھڙي طرح سان ھيءَ سواري جنهن به امير جي دروازي وٽان ٿي لنگھي، تنهن امير ٻاھر نڪري، انهن جي مٿان پنهنجي پڄندي آھر دينار ٿي ڇٽيا، تان جو اچي پنهنجي محل ۾ لٿا.
ٻئي ڏينهن ڪنوار، پنهنجي گھوٽ جي دوستن جي گھر ڪپڙا، دينار ۽ درھم موڪليا. بادشاھه به انهن مان ھر ھڪ کي ساز ۽ سامان سوڌو گھوڙو ۽ ھڪ ڳوٿري، جن ۾ ٻن سون کان وٺي ھڪ ھزار تائين دينار ھئا، پنهنجي طرفان موڪليا، ملڪ فتح الله بيگمن کي قسمين قسمين ڪپڙا ۽ رپين جون ڳوٿريون موڪليون ۽ اھڙيءَ طرح ڳائڻ وارن کي به موڪليائين. ھتي ھندستان ۾ اھو رواج آھي ته ڳائڻ وارن کي گھوٽيتن کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻھو ڪجھه نه ڏيندو آھي.
انهيءَ ڏينهن وري سڀني جي دعوت ڪئي ويئي، ۽ ائين شادي ختم ٿي، بادشاھه حڪم ڏنو ته امير کي مالوھ الجزات(1) کنڀات ۽ نهروالھ وارا پرڳڻا جاگير ۾ ڏنا وڃن ۽ مذڪوره ملڪ تي فتح الله کي سندس نائب مقرر ڪيو وڃي، مطلب ته سندس عزت افزائي ۾ ڪا به ڪمي ڪا نه ڪئي ويئي پر آخر ھو ھڪ بدوي عرب ھو سو قدر سڃاڻي نه سگھيو ۽ آخر سندس اھا بدويت جي جھالت ھن تي غالب آئي، جنهن کيس شاديءَ جي پورن ويھن ڏينهن کان پوءِ بڇڙو ڪرايو.

[b]امير الغرا جو قيد ٿيڻ
[/b]شاديءَ جي ويھن ڏينهن کان پوءِ ھو شاھي محل ڏانهن ويو ۽ بنا اجازت اندر وڃڻ چاھيائين. تنهن تي امير برددارية (پرده دار) کيس منع ڪئي. امير غرا ھن جي ڪا پرواه ڪا نه ڪئي ۽ زبردستيءَ اندر وڃڻ لڳو. انهيءَ دربان کيس وارن کان جھلي کڻي پوئتي ڌڪو ڏنو. امير غرا کي جو لڳي ڪاوڙ، سو لڪڻ جيڪو سندس ھٿ ۾ ھو سو اھڙو ته زور سان وھائي ڪڍيانئينس، جو رت نڪري آيس. ھيءُ دربان به ھڪ وڏو امير ھو، جنهن جو پيءُ غزنيءَ جو قاضي ھو، جيڪو سلطان محمود بن سبڪتگين جي اولاد مان ھو ۽ بادشاھه کيس پيءُ جي بجاءِ ڪري سمجھندو ھو ۽ سندس پٽ کي جنهن کي امير غرا مار ڏني، ھن ڀاءُ ڪري سڏيو ھو. ھو پنهنجا رت سان ڀريل ڪپڙا کڻي سڌو بادشاھه وٽ وڃي دانهين ٿيو ته امير غرا مون کي ماريو آھي، بادشاھه ڪجھه وقت سوچيندو رھيو، آخر چيائينس ته قاضيءَ وٽ وڃي فرياد ڪر.
بادشاھه جي محل ۾ زبردستي گھڙڻ اھڙو ڏوھه آھي، جو بادشاھه ڪڏھن به معاف نه ڪندو آھي ۽ ان ماڻھوءَ جي يقيني سزا موت ھوندي آھي. پر ڇاڪاڻ ته ھو غيرملڪي ماڻھو ھو تنهن ڪري ھن سان رعايت ڪئي ويئي. قاضي ڪامل الدين ان وقت ديوان خاني ۾ ويٺو ھو. بادشاھه ملڪ تتر کي چيو ته ھنن ٻنهي کي قاضي وٽ وٺي وڃ. ملڪ تتر حاجي ھو ۽ عربي تمام سٺي ڳالھائيندو ھو. جڏھن ٻنهي کي قاضيءَ وٽ حاضر ڪيائين، تڏھن امير غرا کي ڳالھيون ڪندي چيائين ته تو ھن شخص کي ماريو آھي؟ جيڪڏھين نه ماريو اٿئي ته چئو ته مون نه ماريو آھي. يعني سندس مطلب ھو ته چوي ته نه. پر ھو جو اصل جاھل ھو ۽ ڪجھه مغرور به ٿي پيو ھو، سو زور ٻڌي بيھي رھيو ته ھائو مون برابر ماريو اٿس.
ايتري ۾ زخمي جو پيءُ به اچي نڪتو، تنهن به ڪوشش ڪئي ته ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿئي ته چڱو. پر سيف الدين اصل اٽ ھڻي بيھي رھيو. قاضيءَ فيصلو ڪيو ته ھو سڄي رات جيل ۾ رھي. سندس زال بادشاھه جي خوف کان نه ھن ڏانهن سمھڻ لاءِ بستر موڪليو ۽ نه وري ڪا خبر لڌائينس. سندس دوستن کي به اچي خوف ورتو، سو سڀني پنهنجا مال وڃي ماڻھن وٽ امانت رکيا. مون ارادو ڪيو ته قيد خاني ۾ وڃي ساڻس ملاقات ڪريان، ھڪ امير مون کي مليو جنهن پنهنجو مطلب سمجھي چيو ته تو کي وسري ويو آھي ڇا ته تو شيخ شھاب الدين بن شيخ احمد جام سان ملاقات جو ارادو ڪيو ھو ۽ ڪيئن بادشاھه تنهنجي قتل جو حڪم ڏنو ھو. ھن واقعي جو بيان اڳتي ڪندس.
اھو ٻڌي مان واپس موٽي آيس، ٻئي ڏينهن ظھر جي وقت امير غرا کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ بادشاھه ھن کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ سندس جاگير جو حڪم به رد ڪري ڇڏيائين نه رڳو ايترو پر جلاوطن ڪرڻ جو به ارادو ڪيائينس.
بادشاھه جو ھڪ ٻيو ڀيڻيويو مغيث الدين ابن الملڪ الملوڪ سنالي ھوندو ھو. بادشاھه جي ڀيڻ ھميشه ان جي شڪايت ڪندي ڪندي، آخر مري ويئي. ان وقت سندس ٻانهين بادشاھه کي ياد ڏياريو ته ھوءَ ويچاري به ھن جي ظلم جي سبب ڪري مئي آھي، ۽ ھو اصل خاندان به ڪو نه آھي. جنهن تي بادشاھه پنهنجي ھٿ سان حڪم لکيو ته قيط (حرامي) ۽ موش خوار کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. حراميءَ مان سندس اشارو مغيث الدين ڏانهن ھو ۽ موش خوار مان سندس مطلب امير سيف الدين ھو. ڇو ته بدوي عرب يربوع نالي ھڪ جانور کائيندا آھن، جيڪو جھنگلي ڪئي جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. يڪدم نقيب آيا ته ھن کي ملڪ مان ٻاھر ڪڍن. ھن چاھيو ٿي ته پنهنجي گھر وڃي پنهنجي زال کان موڪلائي اچي، پر نقيب ھر ھر کيس سڏڻ لاءِ اچي رھيا ھئا، تنهن ڪري روئندو انهن سان ھليو ويو.
مان ان وقت محل ۾ ويس ۽ سڄي رات اتي ترسي پيس. ھڪ امير مون کان پڇيو ته رات ھتي ڇو ترسيو آھين. مون چيو ته امير سيف الدين جي باري ۾ بادشاھه کي چوڻو اٿم ته ھن کي ملڪ نيڪالي نه ڏئي ۽ ھن کي واپس گھرائي وٺي. ھن جواب ڏنو ته ائين بلڪل ناممڪن آھي، تنهن تي مون چيو ته جيڪڏھن مون کي ھڪ سؤ راتيون به ھتي رھڻيون پيون ته به رھندس، پر پنهنجو مطلب ضرور حاصل ڪندس.
بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پھتي ته تڏھن حڪم ڏنائين ته امير سيف الدين کي واپس گھرايو وڃي ۽ پوءِ حڪم ڏنائين ته ھو ملڪ قبولي لاھوريءَ جي خدمت ۾ رھي. آخر چار سال جڏھن ھن سان سوارين ۽ سفرن ۾ گڏ رھي، ھو تهذيب ۽ ادب چڱيءَ طرح سکي ويو، تڏھن وري ھن کي پنهنجي مرتبي تي واپس ڪيو ويو ۽ کيس ساڳيون جاگيرون ۽ لشڪر ڏيئي سندس عزت افزائي ڪئي ويئي.

[b]سلطنت جي وزير جي ڌين جي شادي خداوند زاده قوام الدين جي پٽن سان ٿيڻ
[/b]خداوند زاده قوام الدين جڏھن بادشاھه وٽ آيو، تڏھن سندس تمام گھڻي خاطر داري ڪرڻ کان سواءِ ساڻس نهايت سٺو سلوڪ ڪيو ويو، پوءِ بادشاھه سندس پنهنجي پٽن جي شادي وزير خواجه جھان جي ٻن ڌين سان ڪئي. وزير جي گھر آيو ۽ اچي سندس ڌين جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيو. ھو جيستائين قاضيءَ نڪاح ٿي پڙھيو تيستائين بادشاھه بيٺو رھيو ۽ ٻيا امير ۽ حاضرين ويٺا رھيا، پوءِ بادشاھه پنهنجي ھٿن سان ڪپڙا ۽ رپين جون ڳوٿريون کڻي قاضيءَ ۽ خداوند زاده جي پٽن کي ڏنيون، ھي ڏسي امير اٿي عرض ڪرڻ لڳا ته بادشاھه سلامت ايتري تڪليف نه وٺن، تنهن تي بادشاھه کين ويھي رھڻ جو حڪم ڏيئي، پنهنجيءَ جاءِ تي ھڪ وڏي امير کي بيھاري پاڻ ھليو ويو.

[b]بادشاھه جي تواضع ۽ انصاف جي متعلق ڳالھه
[/b]ھڪ دفعي ھڪ وڏي ھندن جي امير بادشاھه تي ڪيس داخل ڪيو ته بادشاھه سندس ڀاءُ کي بي خطا مارائي ڇڏيو آھي. قاضيءَ جي سڏ تي بادشاھه بنا ھٿيارن جي پيرين پنڌ وڃي قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. اتي وڃي سلام ڪري آداب بجا آندائين. قاضيءَ کي اڳيئي چوائي موڪليو ھئائين ته جڏھن مان اچان تڏھن ھرگز اٿي نه بيھجانءِ، نه ئي وري منهنجي ٻي ڪا خوشامد ڪجانءِ، جڏھن ھو قاضيءَ جي سامھون آيو تڏھن قاضيءَ حڪم ڪيو ته ھن جي ڀاءُ جي خون لاءِ ھن کي راضي ڪر . پوءِ بادشاھه وڃي ھن کي راضي ڪيو.

[b]اھڙي ھڪ ٻي ڳالھه
[/b]ھڪ دفعي ڪنهن مسلمان شخص بادشاھه تي ڪجھه مال جي دعوي ٰ داخل ڪئي. قاضيءَ حڪم ڏنو ته بادشاھه ھڪدم سندس مال موٽائي ڏئي، ۽ بادشاھه ھن کي سندس مال موٽائي ڏنو.

[b]ھڪ ٻي ڳالھه
[/b]ھڪ دفعي ڪنهن بادشاھه جي عھديدار جي پٽ بادشاھه تي ڪيس ڪيو ته بادشاھه بنان ڪنهن سبب جي ھن کي مار ڏني آھي. قاضيءَ حڪم ڏنو ته بادشاھه ڇوڪري کي راضي ڪري يا ان جو قصاص(1) ڏئي. مون ڏٺو ته بادشاھه پنهنجي مجلس ۾ ان ڇوڪري کي گھرائي، سندس ھٿ ۾ ھڪ لڪڻ ڏيئي، ھن کي پنهنجو قسم وجھي چيو ته پنهنجو بدلو مون کان وٺ ۽ جھڙيءَ طرح مون تو کي ماريو آھي اھڙيءَ طرح تون به مون کي مار. ڇوڪري بادشاھه کان لڪڻ وٺي ايڪويھه دفعا کيس ھنيو، ايتري قدر جو ھڪ دفعي ڌڪ لڳڻ سان بادشاھه جو (ڪلاءُ) ڪلاه به سندس مٿي تان ڪري پيو.

[b]نماز لاءِ سختي
[/b]ھيءُ بادشاھه نماز لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪندو ھو، سندس حڪم ھو ته جيڪو به شخص جماعت سان نماز نه پڙھي، تنهن کي سزا ڏني وڃي. ھڪ دفعي انهيءَ ڳالھه تان نو ماڻھو قتل ڪرائي ڇڏيائين، جن مان ھڪ ڳائيندڙ به ھو، ھن ڪم لاءِ بادشاھه ڪيترائي ماڻھو مقرر ڪري ڇڏيا ھئا جن جو فرض ھوندو ھو ته جماعت جي وقت جيڪو به ماڻھو بازار ۾ ڏسندا ھئا، تنهن کي پڪڙي ايندا ھئا، ايتري قدر جو سئس جيڪي ديواخاني جي در تي گھوڙا جھليو بيٺا ھوندا ھئا تن کي به پڪڙڻ شروع ڪري ڏنائون. شاھي فرمان ھو ته ھر شخص، وضو ۽ نماز جا فرض ۽ اسلام جا شرائط سکي، ۽ ماڻھن کان انهيءَ متعلق سوال به ڪيا ويندا ھئا پوءِ جيڪڏھن ڪو چڱيءَ طرح سان جواب ڏيئي نه سگھندو ھو، ته ھڪدم کيس سزا ملندي ھئي، تنهن ڪري سڀ ماڻھو بازارين ۾ ڪاغذن تي نماز وغيره جا مسئلا لکارايو، ياد ڪندا وتندا ھئا.

[b]شرعي حڪمن لاءِ سختي
[/b]شرعي حڪمن لاءِ به ھيءُ بادشاھه تمام گھڻي سختي ڪندو ھو. پنهنجي ڀاءُ مبارڪ خان کي ھن جو حڪم ھو ته ھو ديوانخاني ۾ قاضي القضاه ڪمال الدين سان گڏ ويھي انصاف ڪرائي، ھن کي اھو به حڪم ھو ته ھڪ بلند برج ۾ ٿي ويھي. قاضيءَ لاءِ انهيءَ ئي برج ۾ بادشاھه جي بيٺڪ وانگر ھڪ مسند لڳائي ويئي ھئي. بادشاھه جو ڀاءُ قاضيءَ جي ساڄي پاسي کان ويھندو ھو، پوءِ جيڪڏھن ڪنهن ماڻھوءَ جي ڪنهن وڏي امير تي دعويٰ ھوندي ھئي ته بادشاھه جي ڀاءُ جا ماڻھو کيس وٺي، اچي قاضيءَ جي سامھون پيش ڪندا ھئا، اھو قاضي ان ماڻھوءَ کي سندس حق ڏياريندو ھو.

[b]مظلومن جي فرياد رسي ۽ انصاف
[/b]سنه ٧٤١ ھجريءَ ۾ بادشاھه حڪم ڪڍيو ته سڄي ملڪ ۾ زڪوات ۽ عشر کان سواءِ ماڻھن کان ٻيو ڪو به ٽئڪس وغيره نه ورتو وڃي. پاڻ ھفتي ۾ ٻه دفعا سومر ۽ خميس جي ڏينهن تي انصاف ڪرڻ لاءِ اچي ديوانخاني جي سامھون ميدان تي ويھندو ھو. انهن ڏينهن تي، ھن جي سامھون صرف چار ماڻھو موجود ھوندا ھئا، جي ھئا امير حاجب، خاص حاجب، سيد الحجاب ۽ شرف الحجاب، سڀني ماڻھن کي عام اجازت ھوندي ھئي ته اچي پنهنجون تڪليفون ۽ فرياد پيش ڪن. چئن اميرن کي وري چئن ئي دروازن تي مقرر ڪيو ويو ته فريادين جو بيان لکندا رھن. انهن چئن اميرن مان چوٿون بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز ھوندو ھو.
اھڙيءَ طرح سان جيڪڏھن پھرئين دروازي وارو فرياديءَ جي شڪايت لکي بادشاھه کي موڪليندو ھو ته واھ، نه ته فريادي وري ٻئي دروازي تي ويندو ھو، جي اھو به نه لکندو ھو ته فريادي وري ٽئين ۽ چوٿين دروازي تي ويندو ھو. جيڪڏھن انهن مان ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو ته فريادي صدرجھان سرڪاري قاضيءَ وٽ ويندو ھو. اتفاق سان جيڪڏھن انهي به سندس فرياد رسي نه ڪئي، ته پوءِ ھو سڌو بادشاھه وٽ لنگھي ويندو ھو، جنهن جي عام اجازت ھوندي ھئي. پوءِ بادشاھه کي جيڪڏھن بلڪل يقين ٿي ويندو ھو ته انهن اميرن ۽ قاضيءَ وٽ فريادي ويو ھو ۽ ھنن مان ڪنهن به شڪايت نه لکي موڪلي، ته ھنن کي تمام گھڻو ڳالھائيندو ھو. اھڙيءَ طرح فريادين جا سڀ لکيل بيان بادشاھه، عشا کان پوءِ، خود پڙھندو ھو.

[b]ڏڪار ۾ ماڻھن کي کاڌو رسائڻ
[/b]جڏھين ھندستان ۽ سنڌ جي ملڪن ۾ ڏڪار پيو، تڏھن مھانگائي ايتري ته وڌي ويئي جو، ڪڻڪ ڇھه دينار في مڻ ٿي ويئي. ان وقت بادشاھه حڪم ڏنو ته دھليءَ جي سڀني رھواسين، ننڍي، وڏي غلام خواهه آزاد کي ڏيڍ رطل مغربي في ماڻھوءَ جي حساب سان ڇھن مھينن جو راشن (سرڪاري) گودامن مان، ھڪدم ڏنو وڃي. پوءِ فقيه ۽ قاضي شھر جي ھر ھڪ محلي وارن جون لسٽون ٺاھي حاضر ڪندا پئي ويا ۽ ھر ماڻھوءَ کي ڇھن مھينن جو راشن ملندو ٿي رھيو.

________________________________________

(1) قصر الزفاف – زفافھ جي معنيٰ آھي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پھريون دفعو ھمبستر ٿيڻ واري جاءِ (ڏسو لغات ڪشوري صفحو ٢٢١)
(1) ھتي ابن بطوطه انهيءَ سھري جي ڳالھه ٿو ڪري جيڪو شاديءَ وقت گھوٽن کي ٻڌندا آھن. سنڌيءَ ۾ ان سھري کي موڙ ڪري چوندا آھن. موڙ ھندستان جي قديمي رسم آھي – مترجم
(1) الجزات – ھتي ابن بطوطه شايد گجرات جو ذڪر ٿو ڪري، ڇو ته الجزات جو ڪوبه ملڪ ھندستان ۾ ڪونهي. مترجم.
(1) قصاص – خون جو بدلو خون، خون جو قصاص ائين ٿيندو آھي، جو خونيءَ کي خون ٿيل جي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو آھي، جيڪي قصاص ۾ ان کي ماري ڇڏيندا آھن؛ يا وري جي خوني انهن کي رپيا ڏيئي راضي ڪري ته به ٿي سگھي ٿو بادشاھه به ھندوءَ کي مال ڏيئي راضي ڪيو ھو، نه ته قصاص ۾ مارجي وڃي ھا. مترجم