سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو – ب

[b]بادشاھه جو شڪار لاءِ ٻاھر وڃڻ ۽ اسان جو ھن سان گڏ وڃڻ:
[/b]جڏھن بادشاھه شڪار لاءِ دارالخلافه کان ٻاھر نڪتو، تڏھن مان ساڻس گڏ ويس. مون ھن سفر لاءِ سڀ شيون خريد ڪيون ھيون، جن ۾ ھڪ تنبو به خريد ڪيو ھوم. ھن ملڪ ۾ تنبو ھر ڪو شخص رکي سگھندو آھي ۽ اميرن لاءِ ته بلڪل ھڪ ضروري شيءِ آھي. فرق رڳو ايترو ھوندو آھي، جو شاھي تنبو رنگ جو ڳاڙھو ٿيندو آھي ۽اميرن جا تنبو سفيد ٿيندا آھن، جن تي نيري رنگ جا چٽ نڪتل ھوندا آھن. مون ھڪ شاميانو به خريد ڪيو ھو، جيڪو تنبوءَ تي ڇانو ڪرڻ لاءِ لڳايو ويندو آھي ۽ ٻن ڊگھن ٿنڀن (لڪڙن) تي بيھاريو ويندو آھي. اھي لڪڙا ماڻھو (جن کي ڪيواني ڪري چوندا آھن) ڪلھن تي کڻي ھلندا آھن. ھندستان ۾ رواج آھي ته مسافر ھنن ڪيوانن کي پگھار تي رکندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان اھي ماڻھو، جيڪي چوپائي مال لاءِ گاھ ڪندا آھن، پڻ پگھار تي رکيا ويندا آھن، ڇو ته ھن ملڪ ۾ گھوڙن کي بهه ڪو نه کارائيندا آھن. اھڙيءَ طرح ڪلھا به رکيا ويندا آھن، جيڪي بورچيخاني جا ٿانو کڻي ھلندا آھن؛ ۽ ڏولي کڻڻ وارا به رکيا ويندا آھن، جن جو ڪم ھوندو آھي تنبو لڳائڻ؛ ان ۾ گلم غاليچن وغيره وڇائڻ ۽ سامان اٺن تي لڏڻ لاءِ دوا دوي به رکيا ويندا آھن، جيڪي اڳيان اڳيان ڊوڙندا ھلندا آھن ۽ رات جو مشعلون کڻي روشني ڪندا ھلندا آھن.
مون به انهن قسمن جي سڀني ماڻھن کي روزانيءَ مزدوري تي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍي ٺٺ سان اٿي ھليس. مان ته انهي ڏينهن شھر کان ٻاھر نڪتو ھوس، جنهن ڏينهن بادشاھي سواري ٻاھر نڪرڻي ھئي. مون کان سواءِ ٻيا ماڻھو ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن پوءِ آيا. بادشاھه، سواريءَ نڪرڻ واري ڏينهن عصر کان پوءِ، ارادو ڪيو ته ھاٿيءَ تي سوار ٿي ڏسڻ وڃي ته ڪير ڪير تيار آھي ۽ ڪنهن ڪنهن تياريءَ ۾ جلدي يا دير ڪئي آھي. ان وقت بادشاھه پنهنجي تنبوءَ جي ٻاھران ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺو ھو. مون وڌي وڃي سلام ڪيو ۽ ساڄي پاسي پنهنجي مقرر جڳھه تي وڃي بيھي رھيس.
بادشاھه ملڪ قبولي سرجامدار کي مون وٽ موڪليو. ھن جو ڪم آھي ته بادشاھه جي مٿان مکيون ھڪليندو آھي، ھن اچي مون کي چيو ته بادشاھه جو حڪم آھي ته ويھي رھو. ھي بادشاھه جي خاص مھرباني ھئي. ورنه انهيءَ ڏينهن ڪنهن کي به ويھڻ جي اجازت ڪا نه ھئي. ايتري ۾ ھاٿي اچي پھتو، جنهن تي ڏاڪڻ لڳائي ويئي، بادشاھه سوار ٿيو، مٿانئس ڇٽ لڳايو ويو، ۽ پوءِ بادشاھه جا خاص ماڻھو به سوار ٿيا، ٿوري دير گھمي، وري بادشاھه پنهنجي تنبوءَ ڏانهن واپس آيو. ھتي اھو رواج آھي ته جڏھن بادشاھه سوار ٿيندو آھي تڏھن ھر ھڪ امير پنهنجي فوجي جھنڊي، طبل، نفيري ۽ شرناين جن سڀني کي گڏي مراتب چيو ويندو آھي، ساڻ ڪري سوار ٿيندو آھي.
بادشاھه جي اڳيان فقط پرديدار يعني حاجب ۽ گاني بجاني وارا ھوندا آھن، جن مان ڪي دھلن وارا دھل ڳچيءَ ۾ وجھي وڄائيندا ھلندا آھن ۽ شرنائن وارا وري شرنايون وڄائيندا ھلندا آھن. بادشاھه جي ساڄي پاسي پندرھن ماڻھو ھوندا آھن ۽ کاٻي پاسي به ايترائي ماڻھو ھوندا آھن، ھنن ماڻھن ۾ فقط وڏا وڏا امير، وزير ۽ ڪي غيرملڪي شرفا شامل ھوندا آھن. مان به ساڄي پاسي وارن اميرن ۾ شامل ھوس. بادشاھه جي اڳيان پيادا ۽ رھنما ھوندا آھن ۽ پٺيان ريشمي ۽ زريدار جھنڊا ۽ اٺن تي وڏا طبل رکيل ھوندا آھن، انهن جي پٺيان بادشاھه جا غلام ۽ ٻيا خادم، انهن کان پوءِ ٻيا امير ۽ پوءِ عام ماڻھو ھوندا آھن. ڪنهن کي به اھا خبر نه ھوندي آھي ته ڪھڙي ھنڌ منزل ٿيندي. پر جڏھن ڪو نديءَ جو ڪنارو يا وڻن جو ڪو جھڳٽو بادشاھه کي وڻندو آھي ته بادشاھه جو انهيءَ جاءِ تي ترسڻ جو حڪم ٿيندو آھي. جيستائين بادشاھه جو تنبو لڳي پورو نه ٿئي، تيستائين ڪو به شخص تنبو نٿو لڳائي سگھي. پوءِ موڪل ڏيندا آھن، ۽ ھر ھڪ شخص کي سندس جڳھه ٻڌائيندا ويندا آھن. بادشاھه جو تنبو وچ ۾ لڳندو آھي. ٻڪري جو گوشت، ٿلھيون متاريون ڪڪڙيون، تتر ۽ بدڪون وغيره اڳ ۾ ئي موجود ھونديون آھن.
پوءِ يڪدم اميرن جا ڇوڪرا اچي حاضر ٿيندا آھن، جن مان ھر ھڪ سيخ ھٿ ۾ کڻي، باھه ٻاري، گوشت پچائيندو ويندو آھي، ھڪ ننڍو تنبو به لڳايو ويندو آھي جنهن م بادشاھه پنهنجي خاص خاص اميرن سان اچي ويھندو آھي. پوءِ دستر خوان وڇايو ويندو آھي ۽ بادشاھه جنهن کي چاھي تنهن کي پاڻ سان گڏ کائڻ لاءِ سڏيندو آھي.
ھڪ ڏينهن بادشاھه تنبوءَ ۾ ويٺو ھو ۽ پڇا ڪيائين ته ٻاھر ڪير ڪير ويٺا آھن. جنهن تي سيد ناصر الدين مطھر اوھريءَ جيڪو بادشاھه جو نديم ھو، چيو ته فلاڻو مغربي شخص بيٺو آھي ۽ ڏاڍو پريشان حال آھي. بادشاھه پڇيو ته ”ڇو؟“ سيد ناصرالدين جواب ڏنو ته ھن جا قرض خواهه ساڻس وصوليءَ لاءِ سختي ڪري رھيا آھن، آخوند عالم وزير کي سندس قرض جي ادائگي لاءِ حڪم ڏنو ھو، پر وزير ان کان اڳي ئي سفر تي ھليو ويو، تنهن ڪري حصور جن قرض خواھن کي حڪم ڏين ته وزير جي اچڻ تائين ھن سان سختي نه ڪن يا سائينءَ جن سندس قرض ادا ڪري ڇڏين.
ان وقت ملڪ دولت شاھه به موجود ھو، جنهن کي بادشاھه چاچا ڪري سڏيندو ھو، جنهن چيو ته ”آخوند عالم! ھي شخص ھر روز عربيءَ ۾ مون کي ڪجھه چوندا آھن، پر مان سمجھي ڪو سگھندو آھيان، شايد سيد ناصرالدين ھن کي سمجھندو ھوندو ته ڇا ٿو چوي“ اصل ۾ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ھو ته سيد ناصرالدين وري به منهنجي قرض جي ادائگي جو ذڪر ڇيڙي. تنهن تي سيد ناصرالدين چيو ته ”ھو انهي قرض جي باري ۾ چوندو رھندو آھي،“ بادشاھه جي ٻڌي فرمايو ته ” چاچا، اسين جڏھن دارالخلافه ڏانهن واپس ھلون تڏھن توھان ھن کي خزاني ۾ وڃي اھا پئسا ڏياري ڇڏجو“ اتي خداوند زادو به حاضر ھو، تنهن چيو ته اخوند عالم! ھي شخص ڏاڍو خرچائو آھي، سندس اھو ئي حال ماورالنهر جي سلطان طرمشيرين جي درٻار ۾ به ھو، جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ھئي.
اھي ڳالھيون ختم ٿيون ته بادشاھه مون کي دسترخوان تي سڏايو. مون کي خبر ڪا نه ھئي ته منهنجي باري ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ھليون آھن. جڏھن ٻاھر آياسين تڏھن سيد ناصرالدين مون کي چيو ته ”ملڪ دولت شاھه جا ٿورا مڃ“ ۽ ملڪ دولت شاھه وري چيو ته ”خداوند زادي جا ٿورا مڃ“ انهيءَ ئي ڏينهن اسان شڪار تي بادشاھه سان گڏ ھئاسين ۽ بادشاھه ڪئمپ مان سوار ٿي پئي لنگھيو، ته سندس گذر منهنجي تنبوءَ وٽان ٿيو، مان به سندس ساڄي طرف ساڻس گڏ ھوس. منهنجا ساٿي تنبوءَ ۾ ھئا. جڏھن بادشاھه اتان اچي لنگھيو ته ھنن اٿي بيھي سلام ڪيو. بادشاھه عماد الملڪ ۽ ملڪ دولت شاھه کي موڪليو ته انهن ماڻھن کان پڇن ته اھو ڪنهن جو تنبو آھي، ھنن موٽي اچي جواب ڏنو ته فلاڻي شخص جو (يعني منهنجو) آھي. بادشاھه ھي ٻڌي مشڪيو ۽ ٻئي ڏينهن مون کي، سيد ناصر الدين بن قاضي مصر ۽ ملڪ صبيح کي حڪم ٿيو ته شھر ڏانهن موٽي وڃو. پوءِ اسان کي خلعتون ڏنيون ويون ۽ اسين موٽي شھر ھليا آياسين.

[b]بادشاھه کي مون ھڪ اٺ تحفي طور ڏنو
[/b]مون کان ھڪ دفعي انهن ڏينهن بادشاھه پڇيو ته”ملڪ ناصر اٺ تي سواري ڪندو آھي يا نه؟“ مون عرض ڪيو ته حضور! حج جي ڏينهن ھو ڏاچيءَ تي سوار ٿي، مصر کان مڪي شريف تائين ڏھن ڏينهن ۾ پھچي ويندو آھي. مون ائين به عرض ڪيومانس ته ”اھي اٺ اھڙا ڪين آھن جھڙا ھن ملڪ ۾ آھن، ۽ مون وٽ به ان ملڪ جو ھڪ اٺ موجود آھي“ جڏھن مان دارالخلافه ۾ آيس تڏھن ھڪ مصري عرب کي سڏايم جنهن منهنجي لاءِ ڏايءَ جي پاکڙي جو نمونو تيار ڪرائي، مون کي ڏنو، جو مون ھڪ لوھار کان ٺھرائي ورتو. مون ان تي عمدو پلاڻ وجھائي، ان جي خوبصورتيءَ ۾ ڪا ئي ڪسر ڪا نه ڇڏيم ۽ ان جي مھار به ريشم جي تيار ڪرايم. مون وٽ ھڪ يمن جو ماڻھو ھو، جيڪو حلوي ٺاھڻ ۾ ھوشيار ڪاريگر ھو. ان کان مون قسم قسم جو حلوو تيار ڪرايو، جن مان ھڪ قسم جو حلوو کجور جي شڪل جھڙو ھو ۽ ٻيا به ڪي قسم ھئا.
پوءِ مون اھا ڏاچي ۽ حلوو بادشاھه جي خدمت ۾ ڏياري موڪليا ۽ کڻي ويندڙ کي سمجھائي ڇڏيم ته ھي سڀ شيون ملڪ دولت شاھ جي حوالي ڪجانءِ، جنهن جي لاءِ به مون ھڪ گھوڙو ۽ ٻه اٺ ڏياري موڪليا ھئا. ملڪ دولت شاھه اھي شيون بادشاھه جي حضور ۾ کڻي ويو ۽ اندر وڃي عرض ڪيائين ته ”آخوند عالم! مون ھڪ عجيب شيءِ ڏٺي آھي.“ بادشاھه پڇيو ته”اھا ڪھڙي شيءِ آھي؟“ تنهن تي ھن جواب ڏنو ته ”سائين ! اٺ تي زين“ بادشاھه فرمايو ته”جلد اسان جي سماھون پيش ٿئي.“ اٺ کي تنبوءَ ۾ اندر پھچايو ويو. بادشاھه ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منهنجي ھڪ ماڻھوءَ کي چيائين ته ھن تي سوار ٿي ڏيکار، ھو يڪدم اٺ تي سوار ٿيو ۽ ان کي بادشاھه سامھون ڊوڙائي ڏيکاريائين. بادشاھه ھن کي ھڪ سئو درھم ۽ خلعت انعام ۾ ڏني. ھو ماڻھو مون وٽ آيو ۽ اچي سڄو احوال مون کي ٻڌايائين، جو ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ھن کي به اٺ تحفي طور ڏنم. تنهن کان پوءِ موٽي دارالخلافه ۾ آيس.

[b]بادشاھه کي منهنجا ٻه اٺ ٻيا ۽ حلو و پيش ڪرڻ ۽ منهنجي قرض جي ادائگي:
[/b]جڏھن منهنجو ماڻھو اٺ جو نذرانو ڏيئي واپس آيو ۽ مون کي اچي سڄيءَ حقيقت کان آگاھه ڪيائين، تڏھن مون وري ٻيا ٻه پلاڻ تيار ڪرايا، جن جي اڳئين ۽ پٺئين حصي تي سون جو پاڻي چڙھيل ھو، مٿن چانديءَ جا پتر چاڙھيم ۽ ويھڻ واري جاءِ جا استر ڪيمخواب جي ڪپڙي جا لڳارايم، ازانسواءِ پاڻي چڙھيل چانديءَ جا گھنگھرو انهن ٻنهي اٺن جي گوڏن تي ٻڌايم. ان کان سواءِ يارھن ڍاڪون حلوي جا تيار ڪرايم. ۽ ھر ھڪ ڍاڪونءَ جي مٿان ريشمي رومال رکيم. جڏھن بادشاھه شڪار تان واپس آيو ۽ ٻئي ڏينهن عام دربار ۾ اچي ويٺو تڏھين مون اھي اٺ وڃي سندس اڳيان پيش ڪيا. بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن جو پنڌ ڏيکار. مون يڪدم سوار ٿي، انهن کي ڊوڙائي ڏيکاريو، ته انهن مان ھڪ جو (خلخال)پائيل ڪري پيو. بادشاھه بهاءُ الدين فلڪيءَ کي حڪم ڏنو ته ”پائيل برداري“ يعني پائيل وڃي کڻ، جيڪو ھن وڃي کنيو.
پوءِ بادشاھه ڍاڪن ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيائين”چھ داري؟ دو آن طقھا حلوه است! “ يعني تو وٽ ٻيو ڇا آھي؟ ھنن ڍاڪن ۾ حلوو آھي ڇا؟ مون چيو ته ”ھائو حضور“ بادشاھه فقيه ناصرالدين ترمذي واعظ کي چيو ته ”مون اھڙو حلوو، جيڪو فلاڻي شخص (يعني مون) لشڪر ۾ اسان ڏانهن موڪليو ھو، ڪڏھن به ڪو نه کاڌو آھي.“ ۽ حڪم ڏنائين ھي ڍاڪون اسان جي خاص مجلس ۾ موڪليا وڃن. بادشاھه پوءِ عام درٻار مان اٿي ھليو ويو ۽ مون کي اندر گھرائي. کاڌي آڻڻ جو حڪم ڏنائين. مون به اتيئي کاڌو بادشاھه مون کان پڇيو ته ”جيڪو حلوو تو اسان ڏانهن موڪليو ھو ان جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! ان حلوي جا ڪيترائي قسم ھئا، خبر نه آھي حضور جن ڪھڙي قسم جي حلوي جو نالو پڇي رھيا آھن“ بادشاھه چيو ته ”ھي طباخ کڻي وٺو.“ ھن ملڪ ۾ طيفور کي طباق چوندا آھن. طباق پيش ڪري پڇيو ته ”ھن جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو ته ھن کي لقيمات القاضي(قاضيءَ جا لقما) ڪري سڏيندا آھن. ان وقت ھڪ بغداد جو شيخ، جنهن کي سامري ڪري سڏيندا ھئا، پاڻ کي آل عباس ڏانهن منسوب ڪندوھو، ھڪ وڏو شاھوڪار ھو ۽ بادشاھه کيس پيءُ ڪري سڏيندو ھو، سو حسد جي ڪري، مون کي بادشاھه جي اڳيان شرمندو ڪرڻ خاطر چوڻ لڳو ته ”اھو لقيمات القاضي نه آھي.“ پر ھڪ ٻيو قسم کڻي، جنهن جو نالو جلد الفرس(گھوڙي جي کل) ھو، چيائين ته ”ھي لقيمات القاضي آھي.“
سندس سامھون وري ناصر الدين ڪافي ھروي، جيڪو بادشاھه جو نديم ھو ۽ ھن شيخ سان اڪثر بادشاھه جي روبرو کل مسخري ڪندو ھو، ويٺو ھو، تنهن چيس ته ”خواجه صاحب توھان ڪوڙ ٿا ڳالھايو ۽ قاضي سچو آھي.“ بادشاھه پڇيو ته سو وري ڪيئن؟“ ھن عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! ھي شخص قاضي آھي ۽ پنهنجي لقمن کي ٻين جي بنسبت وڌيڪ سمجھي ٿو سگھي“ تنهن تي بادشاھه کلي چيو ته ”بلڪل صحيح آھي.“ جڏھين اسان کائي چڪاسين تڏھن فقاع پي ۽ پان وٺي گھر ھليا وياسين. تنهن کان ٿورو اڳ ۾ خزانچيءَ اچي چيو ته پنهنجا ماڻھو موڪليو ته پئسا کڻي اچن. مون پنهنجا ماڻھو ھن سان گڏ موڪلي ڏنا، شام جو جڏھين گھر آيس ته ڏٺم ته اتي ٽي ڳوٿريون پيون ھيون، جن ۾ ڇھه ھزار ٻه سئو ٽيٽيھه تنڪها رکيا ھئا، جن مان پنجونجاھھ ھزار دينار ته مون کي قرض ۾ ڏيڻا ھئا، باقي ٻارھن ھزار دينارن جو انعام مليو ھوم ۽ مٿين ڪل رقم عشر(ڏھون حصو) دستور موجب ڪاٽڻ کان پوءِ ڏني ويئي ھئي. تنڪها مغرب جي اڍائي سون دينارن جي برابر ٿيندو آھي.

[b]بادشاھه جو ٻاھر وڃڻ ۽ مون کي داراخلافه ۾ رھڻ جو ڏيڻ:
[/b]جمادالاول جي نائين تاريخ بادشاھه معبر جي ملڪ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪري اوڏانهن روانو ٿيو، ڇو ته اتي سندس ھڪ نائب (سيد حسن شاھه)باغي ٿي ويو ھو، جنهن کي منهن ڏيڻو ھوس. مون پنهنجو سڀ قرض ادا ڪري ڇڏيو ھو ۽ سفر جو پڪو ارادو ڪيو ويٺو ھوس. ڪيوانين، فراشن، ڪھارن ۽ اڳيان ڊوڙندڙن کي نون مھينن جو پگھار به اڳواٽ ڏيئي ڇڏيو ھوم، پر مون کي حڪم مليو ته مان دارالخلافه ۾ رھان ۽ حاجب مون کان ان حڪم نامي تي صحيح به وٺي ڇڏي، جنهن جو مطلب ھو ته مون کي حڪم نامو ملي ويو ھو. اھو ھن ملڪ جو رواج آھي ته متان جنهن کي حڪم نامو پھچايو وڃي، سو ان جي پھچ کان انڪار ڪري ڇڏي.
بادشاھه منهنجي لاءِ ڇھن ھزارن درھمي دينارن ڏيڻ جو حڪم ڪيو ۽ ابن قاضي مصر لاءِ ڏھن ھزارن جو ۽ اھڙي طرح جنهن به غيرملڪيءَ کي ترسڻ جو حڪم مليو ھو، تنهن کي انعام ڏنو ويو. پر اتي جي ماڻھن کي ڪجھه به ڪو نه ڏنو ويو. بادشاھه مون کي اھو به حڪم ڏنو ته ”توکي سلطان قطب الدين جي مقبري جو متولي مقرر ڪيو ويو آھي، تنهن ڪري ان جو سڄو بندوبست تنهنجي ذمي آھي“ بادشاھه ان مقبري جي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، تمام گھڻي تعظيم ڪندو ھو، ڇو ته ڪنهن زماني ۾ ھو سلطان قطب الدين جي نوڪريءَ ۾ رھي چڪو ھو. مون ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ھو ته بادشاھه ان مقبري ۾ اچي سلطان قطب الدين جا جوتا کڻي، چمي، پنهنجي مٿي تي رکندو ھو، ھن ملڪ ۾ اھو به رواج آھي ته ميت جا جوتا سندس قبر جي ڀرسان ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي رکندا آھن.
بادشاھه جڏھين به مقبري ۾ ايندو ھو تڏھين اھڙيءَ طرح سان نمي سلام ڪندو ھو، جھڙيءَ طرح ھو بادشاھه جي زندگيءَ ۾ ڪندو ھو، ھن جي بيواه زال جي به ڏاڍي عزت ڪندو ھو، کيس ڀيڻ ڪري سڏيندو ھو ۽ ھن کي پنهنجي حرم ۾ رھڻ لاءِ ھڪ خاص جڳھه ڏني ھئائين، پوءِ ھن جو نڪاح ابن قاضي مصر سان ڪري ڇڏيو ھئائين، جنهن سبب ڪري ھن کي به گھڻو نوازيندو رھندو ھو ۽ ھر جمعي تي بادشاھه ھن عورت سان ملڻ ويندو ھو.
جڏھن بادشاھه رواني ٿيڻ وقت اسان کان موڪلائڻ لاءِ اسان کي گھرايو، تڏھن ابن قاضي مصر اٿي بيھي عرض ڪيو ته ”مان حضور جن کان جدا رھڻ نٿو چاھيان“ تنهن تي بادشاھه چيس ته ”چڱو ڀلا تون وڃي پنهنجي سفر جو سامان تيار ڪر“ اھو ھن جي لاءِ ڏاڍو سٺو ٿيو. ھن کان پوءِ مان اڳتي وڌيس ۽ شھر ۾ رھڻ ٿي چاھيم، سو وري منهنجي لاءِ مصيبت جو باعث ٿيو.
بادشاھه مون کان پڇيو ته ”توکي ڪجھه عرض ڪرڻو آھي؟” مون يڪدم پنهنجي يادداشت وارو ڪاغذ ڪڍيو، پر بادشاھه فرمايو ته ”پنهنجي زبان سان چئو“ مون عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! توھان مون کي قاضي مقرر ڪيو آھي، پر مان اڃا پنهنجي عھدي تي قائم نه ٿيو آھيان، حالانڪ منهنجو مطلب انهي عھدي جي بزرگي قائم رکڻ به آھي. تنهن تي بادشاھه منهنجي مقرري ۽ ٻه نائب مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وري پڇيائين ته ”ٻيو ڪجھه؟“ مون عرض ڪيو ته ”سلطان قطب الدين جي مقبري جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو آھي، جنهن لاءِ مون چار سئو سٺ ماڻھو مقرر ڪيا آھن، پر ان جي سڀني وقفن جي آمدني انهن کي کاڌي ۽ خرچ لاءِ پوري ڪا نه پوندي.“ جنهن تي بادشاھه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو ته ”آمدني پنجاھه ھزار آھي“. ۽ حڪم ڏنائينس ته ”لک من غلھ بده“ يعني ھڪ لک مڻ اناج ڏينس، ۽ مون کي چيائين ته ”جيستائين مقبري جو اناج اچي تيستائين اھو اناج ھلاءِ“ غلھ جو مطلب ڪڻڪ ۽ چانور آھي.
ھن ملڪ جو مڻ مغربي ويھن رطلن جي برابر ٿيندو آھي. تنهن کان پوءِ بادشاھه پڇيو ته”ٻيو ڇا عرض ڪرڻو اٿيئي؟“ مون عرض ڪيو ته”منهنجا ڪي ساٿي ھن ڪري قيد ڪيا ويا آھن ته ھنن ڳوٺن، جن جي عيوض مون کي ٻيا ڳوٺ مليا آھن، جي ڪجھه وصولي ڪئي آھي. ھاڻي ديوان وارا ٿا چون ته توکي اتان جيڪا به آمدني ٿي آھي، سا خزاني ۾ جمع ڪراءِ يا بادشاھه جو حڪم آڻ ته اھا تقاضا معاف ڪئي وڃي“ بادشاھه پڇيو ته اتان توکي ڪيتري آمدني ٿي آھي؟ مون عرض ڪيو ته ”پنج ھزار دينار“ تنهن تي بادشاھه فرمايو ته ”چڱو اھا رقم اسان توکي انعام طور ڏني“ پوءِ مون ٻيو عرض ڪيو ته ”جيڪو گھر بادشاھه سلامت مون کي رھڻ لاءِ ڏنو آھي، سو بالڪل جھونو ٿي ويو آھي ۽ مرمت جوڳو آھي“. تنهن تي وزير کي حڪم ڪيائين ته ”عمارت کنيد“ يعني جڳھه ٺھرائي وڃي. پوءِ مون کي چيائين ته ”ٻيو به ڪجھه باقي رھيو اٿيئي ڇا.“ مان عرض ڪرڻ تي ھوس ته يڪدم چيائين ته ”وصيت ديگر است......“ يعني مان توکي وصيت ٿو ڪريان ته تون قرض نه کڻندو ڪر، ممڪن آھي ته توکي قرضخواه ڪا تڪليف ڏين ۽ اسان کي خبر ئي نه پھچي سگھي؛ بلڪه مان جيڪي ڪجھه توکي ڏيان ٿو ان کان وڌيڪ خرچ نه ڪر، ڇو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”فلاتجعھ يد لڪ مغلولته ولا تبسطھا کل البسط و کلوا و اشر بوا ولا تسر فوا و الدين اذا انفقوالم يسر فواو کان بين ذالڪ قواما. “ ھي ٻڌي مون ارادو ڪيو ته بادشاھه جا پير چمان، سو جيئن ھيٺ نميس ته بادشاھه کڻي مون کي مٿي کان جھليو ۽ ائين ڪرڻ کان منع ڪيائين.
پوءِ بادشاھه جا ھٿ کڻي، چمي، مان ٻاھر نڪتس ۽ شھر ۾ اچي مون پنهنجي جاءِ ٺھرائڻ شروع ڪئي، جنهن تي منهنجا چار ھزار دينار خرچ ٿيا، جن مان ڇھه سو دينار مون کي خزاني مان مليا، باقي ٻيا مون پنهنجي ھڙان خرچ ڪيا ھئا، مون پنهنجي گھر جي سامھون ھڪ مسجد به ٺھرائي ڇڏي. ان کان پوءِ سلطان قطب الدين جي مقبري جي انتظام ۾ لڳي ويس، بادشاھه حڪم ڏنو ھو ته ان تي ھڪ سو گز ڊگھو قبو ٺھرايو وڃي، يعني عراق جي بادشاھه قاران جي ٺھيل قبي کان ويھه گز زياده اوچو، ۽ اھو به حڪم ڏنائين ته ويھه ڳوٺ خريد ڪري مقبري لاءِ وقف ڪيا وڃن ۽ خريد ڪرڻ جو حڪم به مون کي ڏنو ويو، جيئن عشر (ڏھون حصو) جو فائدو به دستور موجب مون کي ملي.

[b]مقبري جو انتظام
[/b]ھندستانين جو اھو به دستور آھي ته مردن جي قبرن تي سڀ شيون جيڪي انهن جي زندگيءَ ۾ ضروري ھونديون آھن، موجود رکندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھاٿي ۽ گھوڙا به اتي اچي ٻڌي ڇڏيندا آھن ۽ قبر کي تمام گھڻو سينگاريندا آھن. مون به ائين ڪيو ۽ ڏيڍ سو قرآن پڙھڻ وارا، جن کي ھن ملڪ ۾ ختمين ڪري چوندا آھن، نوڪريءَ ۾ رکيا ۽ اسي طالب علمن جو انتظام ڪيم؛ اٺ مڪررين(1) ۽ مدرس به پگھار تي رکيم، ۽ اسي صوفين جو انتظام ڪيم. ازانسواءِ ھڪ امام، ڪيترائي سريلا موذن، قاري، مولودن وارا، حاضري نوٽيس ۽ معترف به پگھار تي رکيم. انهن سڀني کي گڏي ھن ملڪ ۾ ارباب ڪري چوندا آھن، سي به رکيم، جي ھئا، فراش، طباخ (پچائڻ ۽ رڌڻ وارا) روشني ڪرڻ وارا، آبدار (بهشتي يا سقھ) شربت دار يعني شربت پيارڻ وارا، تنبول دار يعني پان وارا، سلحدار، نيزه دار، ڇٽ دار، طشت دار، حاجب ۽ نقيب. اھي ڪل چار سو سٺ ماڻھو ھئا.
بادشاھه جو حڪم ھو ته ھر روز ٻارھن مڻ اٽو ۽ ٻارھن مڻ گوشت استعمال ڪيو وڃي، پر مون ڏٺو ته اھو ڪافي نه ھو، ۽ زمين جنهن لاءِ حڪم مليو ھو سا گھڻي ھئي، تنهن ڪري مون حڪم ڏنو ته پنجٽيھه مڻ اٽو ۽ پنجٽيھه مڻ گوشت ھر روز استعمال ڪيو وڃي، ۽ انهيءَ حساب سان کنڊ، نباتون، گيھه ۽ پان به استعمال ٿيندا ھئا جنهن مان مقبري وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو ھو. ڏڪار جي زماني ۾ ماڻھن کي ھن لنگر مان تمام گھڻي مدد ملي. تنهن سبب مان تمام گھڻو مشھور ٿي ويس، ايتري قدر جو جڏھن ملڪ صبيح دولت آباد ويو ۽ بادشاھه پنهنجي دھليءَ جي نوڪرن بابت ھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي تڏھن ھن عرض ڪيو ته دھليءَ ۾ فلاڻي شخص(يعني مون) جھڙا جيڪڏھن ٻه ٽي ٻيا به ماڻھو ھجن ته ھوند غريبن کي ڪا به تڪليف ڪا نه پھچي. ھي ٻڌي بادشاھه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي خاص لباسن مان مون کي ھڪ خلعت موڪلي ڏنائين.
شب برات، ٻنهي عيدن تي، عيد ميلادالنبي، عاشوري جي ڏينهن ۽ سلطان قطب الدين جي وفات جي ڏينهن، ھڪ سئو مڻ اٽو ۽ ھڪ سئو مڻ گوشت پچارائي، غريبن ۽ مسڪينن کي کارائيندو ھوس. ۽ جن خاص ماڻھن جي گھر کاڌو موڪليو ويندو ھو، اھو ان کان سواءِ ھو – ھن رواج جو بيان مان کولي ٿو لکان .

[b]ماڻھن کي وليمي مان کاڌي ڏيڻ جو رواج
[/b]ھندستان ۽ سراءِ جي ملڪن جو اھو دستور آھي ته جڏھن وليمي جو کاڌو کائي بس ڪندا آھن، تڏھن ھر ھڪ شرفا، فقيه، مشائخ ۽ قاضيءَ جي اڳيان پينگھي جي شڪل جھڙو ھڪ خوان، جنهن جي ھيٺان چار پاوا ھوندا آھن ۽ سڄو کجيءَ جي پتن جو ٺھيل ھوندو آھي، آڻي رکندا آھن. پھريائين ان تي مانيون رکي، انهن جي مٿان ٻڪري جي پڪل منڍي ۽ گيھه ۾ تريل چار ٽڪيون، جن ۾ حلوا صابونيھ ڀريل ھوندو آھي، رکندا آھن ۽ انهن جي مٿان حلوي جا چار ٽڪرا ۽ ھڪ چمڙي جي ننڍي طبق ۾ سموسا ۽ حلوا وجھي رکندا آھن . ۽ جيئن جيئن ماڻھو مرتبي ۾ گھٽ ھوندا آھن ته ٻڪري جي منڍيءَ جو اڌ ۽ ٻيون شيون به انهيءَ حساب سان؛ ۽ اڃا به گھٽ درجي وارن ڏي چوٿون حصو وغيره موڪلي ڏيندا آھن. پوءِ ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان جڏھن اھو خوان رکيو ويندو آھي، تڏھن ھو اھو پنهنجي پنهنجي گھر کڻي ويندو آھي. اھو رواج پھريائين مون سلطان ازبوڪ جي دارالخلافه شھر سراءِ ۾ ڏٺو ھو. مون پنهنجن ماڻھن کي منع ڪري ڇڏي ھئي ته ھو اھو کاڌو نه کڻن، ڇو ته اھو اسان جي اصول جي خلاف ھو. اھڙيءَ طرح سان وڏن وڏن ماڻھن جي گھر اھڙي طريقي سان وليمي جي ماني موڪلي ويندي ھئي._

_______________________________________
(1) شايد ھي ماڻھو اھي آھن، جيڪي قرآن شريف جي ڪا به ھڪ سورت بار بار پڙھندا آھن – مترجم