سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو

[b]چين جا جھاز
[/b]چين جي جھازن جا ٽي قسم ٿيندا آھن، وڏن جھازن کي ”جنوڪ“ جنهن جو واحد ٿيندو ”جنڪ“(2) وچولي درجي واري کي ”زو“ ۽ ننڍي جھاز کي ”ڪڪم“ ڪري سڏيندا آھن. وڏن جھازن کي ٻارھن قلعا مستول ٿيندا آھن ۽ ننڍن کي فقط ٽي، انهن جا قلعا (مستول)خيرزان (بيد) جي ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن. انهن جا باد بان وري ڳوڻين وانگر اڻيل ٿيندا آھن، جن کي ڪڏھن به ھيٺ نه لاھيندا آھن ۽ انهن کي رڳو ھوا جي رخ تي ڦيرائيندا آھن، جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ وقت پڻ اھي باد بان اتيئي بيٺا، ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رھندا آھن. ھر ھڪ جھاز ۾ ھڪ ھزار ماڻھو ھوندا آھن، جن مان ڇھه سئو ته جھاز کي ھلائيندا رھندا آھن ۽ باقي چار سئو سپاھي ھوندا آھن. انهن سپاھين مان ڪي تيرانداز ۽ جر خيا ھوندا آھن، جيڪي نفط(2) ڀري ھڻندا آھن. ھر ھڪ وڏي جھاز جي ھيٺان ٽي ننڍا جھاز ٿيندا آھن، جن مان ھڪ وڏي جھاز جي اڌ جيترو ٻيو ان جي ٽئين حصي جيترو ۽ ٽيون ان جي چوٿين حصي جيترو. ھي جھاز چين جي ھڪ شھر زيتون ۾ يا چين ڪلان ۾ ٺاھيا ويندا آھن، ۽ انهن جي ٺاھڻ جو ھي طريقو آھي؛ پھريائين ڪاٺ جون ٻه ڀتيون ٺاھي، انهن کي ڪاٺ جي ٿلھن ٿلھن بنڊن سان ملائيندا آھن؛ انهن ڪاٺ جي بنڊن ۾ ٽي ٽي گز ڊگھيون ڪليون ھڻندا آھن، جڏھن اھي ڀتيون تيار ڪري، اھڙي طرح سان ڳنڍيون وينديون آھن، تڏھن انهن ڀتين جي مٿان وري فرش ٺاھي ڇڏيندا آھن، جيڪو جھاز جو سڀ کان ھيٺيون فرش ٿيندو آھي، پوءِ ان کي کڻي سمنڊ ۾ وجھندا آھن؛ ۽ ھڪ پڃرو پاڻيءَ ۾ پاسي تي پيو ھوندو آھي، جتي ھو اچي غسل ۽ رفع حاجات وغيره ڪندا آھن؛ ۽ انهيءَ ڪاٺ جي پاسن تي انهيءَ جا ونجھھ ٿيندا آھن. جي ٿنڀن وانگر ڊگھا ھوندا آھن، انهن مان ھر ھڪ کي ڏهه يا پندرھن ماڻھو پيرن تي بيھي ھلائيندا آھن.
ھر ھڪ جھاز کي چار ڇتيون ٿينديون آھن، جن ۾ گھر، مصاري(1) (ڪمرا) ۽ سوداگرن لاءِ دريون ٺھيل آھن، ھي مصاري به رھڻ لاءِ ڄڻ گھر ھوندا آھن، جن ۾ پائخانو پڻ ھوندو آھي، ان کي دروازو پڻ ٿيندو آھي، جنهن ۾ تالو به لڳي سگھندو آھي. جو ماڻھو مصريو وٺندو آھي، سو اھو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پاڻ سان عورتون به رکي سگھندو آھي. بعضي مصري جي رھڻ واري کي جھاز وارا يا ٻيا ماڻھو سڃاڻي به ڪو نه سگھندا آھن، جيستائين انهن جي ملاقات ڪنهن شھر ۾ جتي جھاز لنگر ھڻي، نه ٿئي. ھي بحري ماڻھو(ملاح) پنهنجي اھل اولاد سميت جھاز ۾ رھندا آھن ۽ ڪاٺ جا حوض ٺاھي انهن ۾ ڀاڄيون ۽ ادرڪ وغيره پوکي ڇڏيندا آھن.
جھاز جو وڪيل (ڪپتان) ھڪ وڏي امير جھڙو شان رکندو آھي. جڏھن ھو خشڪيءَ تي ويندو آھي، تڏھين تيرانداز ۽ حبشي ماڻھو ھٿيار کڻي ھن جي اڳيان ھلندا آھن ۽ نوبت نفيرين ۽ نقارن وارا به وڄت ڪندا ساڻس گڏ ھلندا اھن. جڏھن ھو ڪنهن منزل تي پھچندا آھن ۽ اتي ترسڻ ھوندو اٿن ته پنهنجا نيزا ان جاءِ جي ٻنهي طرف کوڙي ڇڏيندا آھن، ۽ جيستائين اتي ترسيل ھوندا آھن، اھي اتي کتل ھوندا آھن. چين جا ڪي ماڻھو ڪيترن ئي جھازن جا مالڪ ھوندا آھن ۽ پنهنجا وڪيل (ڪپتان) انهن تي رکندا آھن. چين جي ماڻھن کان وڌيڪ شاھوڪار سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه آھن.

[b]اسان جو چين جي سفر تي سنبرڻ ۽ تباھيءَ جو اچڻ
[/b]جڏھن چين ڏانهن سفر شروع ڪرڻ جو وقت آيو، تڏھن راجا سامري اسان جي لاءِ انهن تيرھن جنڪ جھازن مان ھڪ جھاز تيار ڪرايو، جنهن جو وڪيل(ڪپتان) سليمان صفوي شامي ھو. منهنجي ساڻس واقفيت ھئي، تنهن ڪري چيومانس ته ”مون کي ھڪ الڳ مصريي جي ضرورت آھي، جنهن ۾ ٻيو ڪو به شامل نه ھجي، ڇو ته مون وٽ ڪجھ ٻانهيون آھن، جن کان سواءِ مان سفر ڪري ڪين سگھندس.“ ھن جواب ڏنو ته ”چين جي واپارين سڀئي مصريا اڳواٽ بڪ ڪرائي ڇڏيا آھن، جن جو ھنن اوٽ موٽ جو ڀاڙو به ڏيئي ڇڏيو آھي، پر منهنجي ناٺيءَ وٽ ھڪ مصريو آھي، جيڪو مان توکي ڏيئي سگھندس، پر ان ۾ پائخانو ڪو نه آھي، جنهن جو به مان توکي ڪجھه بندوبست ڪري ڏيندس. “
پوءِ مون پنهنجي ماڻھن کي حڪم ڏنو ته منهنجو سامان کڻي ھلن، جي منهنجي غلامن ۽ ٻانهين سميت وڃي جھاز ۾ چڙھيا. اھو خميس جو ڏينهن ھو. مون ارادو ڪيو ھو ته ٻئي ڏينهن جمعي جي نماز پڙھي، پوءِ وڃي جھاز ۾ چڙھندس. ظھيرالدين ۽ سنبل به وڃي جھاز ۾ چڙھيا ھئا، جن وٽ سفارت جو سڀ سامان ۽ جانور (گھوڙا وغيره) به ساڻ ھئا. جمعي جي صبح جو منهنجو غلام ھلال اچي مون کي چوڻ لڳو ته ”جيڪو مصريو اسان ڀاڙي ڪيو آھي، سو تمام تنگ آھي، تنهن ڪري اسان جي ڪم جو نه آھي.“
مون ناخدا کي سڄي ماجرا ٻڌائي، جنهن جواب ڏنو نه ”مجبوري آھي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ انتظام ٿي نه سگھندو، پر جيڪڏھن ڪڪم يعني سڀ کان ننڍي جھاز ۾ مصريو گھرجيو، ته بهترين کان بهترين توھان کي ملي سگھندو“ مون سندس ڳالھه منظور ڪندي، پنهنجي ساٿين کي چيو ته منهنجي سامان ۽ ٻانهين کي جنڪ جھاز مان لاھي، انهيءَ ڪڪم جھاز ۾ وٺي وڃن ۽ تاڪيد ڪيومان ته جمعي جي نماز کان اڳ وڃي اتي پنهنجي جاءِ وٺجو. ھن سمنڊ جو قاعدو آھي ته عصر جي وقت کان پوءِ ھن ۾ تلاطم ٿيندو آھي، جنهن ڪري ان وقت ڪو به جھاز تي چڙھي ڪين سگھندو آھي.
سڀ جنڪ جھاز اٿي ھليا ھئا، باقي اھو جنڪ جھاز، جنهن ۾ سفارت جا تحفا ھئا، ترسيل ھو. ھڪ ٻيو جنڪ جھاز، جنهن جو فندرين ۾ ترسڻ جو ارادو ھو ۽ ھڪ اھو ڪڪم جنهن ۾ مون گھر ورتو ھو، پڻ پوئتي رھجي ويا ھئا، ڇنڇر جي رات اسان سمنڊ جي ڪناري تي ترسي پياسين، ڇو ته ڪڪم مان لھي ڪو ڪناري تي اچي نٿي سگھيو ۽ نه وري اسان ان تي چڙھي ٿي سگھياسين. مون وٽ بستري کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ڪو نه ھو.
صبح جو جنڪ جھاز ۽ ڪڪم جھاز ٻيئي بندرگاھه کان ڌڪجي، وڃي پري پيا ھئا، ۽ اھو جنڪ جھاز جيڪو فندرينا ۾ ترسڻو ھو، سو موج سان ٽڪر کائي ڀڄي پيو ھو. ان جون ڪي سواريون ٻڏي ويون، ته ڪي بچيون. ھڪ سوداگر جي ٻانهي به انهن ۾ شامل ھئي، جنهن سان ھن کي ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. ھن اعلان ڪيو ته جيڪو انهيءَ ٻانهيءَ کي زنده ڪڍي ايندو، تنهن کي ھو ڏهه ھزار دينار انعام ڏيندو. اھا ٻانهي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ھڪ تختي کي چنبڙي پيئي ھئي، جتان ھن کي ھڪ ھرمز جو خلاصي ڪڍي آيو. ھن ڏهه ھزار دينار وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”مون ھيءُ ڪم خدا واسطي ڪيو آھي.“
رات جو سمنڊ جي موج انهيءَ جنڪ جھاز سان به ٽڪر کاڌو، جنهن ۾ سفارت جا تحفا ھئا. نتيجو اھو نڪتو، جو جھاز ڀڄي پيو ۽ ان جا سڀ ماڻھو مري ويا. صبح جو اسان سڀني کي ڪناري ستي پيل ڏٺو، ظھيرالدين جو مٿو ڦاٽي پيو ھو ۽ سندس مغز به نڪري آيو ھو. سنبل جي وري ڪن ۾ اھڙي ته سيخ چڀي ويئي ھئي، جو ٻئي پاسي کان آر پار نڪري آئي ھيس. اسان سندن جنازي نماز پڙھي، کين اتي ئي دفنائي ڇڏيو.
ڪئليڪٽ جو راجا به ڌوتي ٻڌي، ھڪڙي ننڍي پڳڙي مٿي تي پائي، پيرن اگھاڙو اچي رھيو ھو ۽ ھڪ غلام سندس مٿان ڇٽ کنيو ٿي آيو . سندس اڳيان باھه ٻرندي پئي آئي ۽ سندس سپاھي ماڻھن تي مارڪٽ ڪري رھيا ھئا،ته متان سمنڊ جي ڪناري تي پيل ڪا شيءَ کڻن. ملبار جي ملڪ جو رواج آھي ته اھڙو مال سرڪاري خزاني ۾ ويندو آھي. پر خاص ڪئليڪٽ جو اھو رواج آھي ته اھو سڀ مال جھاز وارن جي ملڪيت ٿيندو آھي. انهيءَ ڪري ھيءُ شھر ڏاڍو آباد آھي ۽ ھت جھازن جي آمدرفت تمام گھڻي رھندي آھي.
ڪڪم جي جھاز رانن جڏھن جنڪ جھاز جو اھو حال ڏٺو، تڏھن ھو جھاز جا بادبان چاڙھي اٿي راھي ٿيا، ان ۾ منهنجو سمورو سامان، ٻانهيون ۽ غلام به ھليا ويا ۽ مان اڪيلو ڪناري تي رھجي ويس. مون وٽ فقط اھي ڏهه دينار وڃي رھيا ھئا، جيڪي جوڳيءَ مون کي ڏنا ھئا ۽ ھڪ بسترو ھوم، ماڻھن مون کي چيو ته اھو ڪڪم ڪنهن به صورت ۾ ڪولم جي بندر تي ضرور وڃي بيھندو. تنهن ڪري مون خشڪيءَ جي رستي ڪولم وڃڻ جو ارادو ڪيو.
خشڪيءَ يا پاڻيءَ جي رستي سان ڪولم ڏهه منزلون پري آھي، مون نهر جي رستي سفر ڪيو ۽ ھڪ مسلمان مزور پاڻ سان کنيم، جيڪو منهنجو بسترو کڻي ھلندو ھو. نهر ۾ سر ڪرڻ وارا رات جو خشڪيءَ جي ڪنهن ويجھو ڳوٺ ۾ وڃي ترسندا آھن ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو وري اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙھندا آھن اسان به اھڙي طرح ڪندا رھياسين. ٻيڙيءَ ۾ انهيءَ مزور کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان ڪو نه ھو. اھو مزور منزل تي پھچي، وڃي ھندن سان گڏ شراب پيئندو ھو ۽ اچي مون سان وڙھندو ھو، جنهن ڪري منهنجي طبيعت ڏاڍي خراب ٿيندي ھئي. پوءِ اسان اھڙيءَ طرح سفر ڪندي، پنجين ڏينهن اچي ڪنجيگريءَ(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر جبل جي چوٽيءَ تي آھي، جنهن ۾ يھودي رھندا آھن؛ ھنن کي پنهنجو الڳ امير آھي ۽ ڪولم جي راجا جي ڍل ڀريندا آھن.

[b]دارچيني ۽ بقم
[/b]ھن نهر جي ڪناري تي دارچيني ۽ بقم(1) جا وڻ بيٺل آھن ۽ انهن وڻن جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اينديون آھن. پوءِ ڏھين ڏينهن اسان اچي ڪولم(2) ۾ پھتاسين.
ملبار جي ملڪ ۾ ھيءُ شھر سڀ کان خوبصورت ليکيو ويندو آھي ۽ منجھس تمام سھڻيون بازاريون آھن. ھتي جي سوداگرن کي ”صولي“ ڪري چوندا آھن، جي ڏاڍا مالدار ٿيندا آھن، ڪي سوداگر ته جھازن جا جھاز (مال جا ڀريل) خريد ڪري، پنهنجي گھرن ۾ واپار لاءِ رکائي ڇڏيندا آھن. مسلمان سوداگر به ھن شھر ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، جن مان سڀ کان وڏو علاؤ الدين آوجي،عراق جي شھر اوڌ جو رھواسي آھي. ھو رافضي آھي ۽ سندس سڀ ساٿي پڻ انهيءَ طريقي جا آھن ۽ ان طريقي جي تبليغ به ڪندا رھندا آھن.
ھن شھر جو قاضي قزوين جي شھر جو ھڪ فاضل شخص آھي. مسلمانن ۾ تمام وڏو ماڻھو محمد شاھه بندر آھي، جنهن جو ڀاءُ نقيءُ الدين ھڪ وڏو فاضل شخص آھي. ھن شھر جي جامع مسجد، جيڪا خواجه مھزب ٺھرائي ھئي، پڻ عجيب آھي. ملبار جي شھرن ۾ ھيءُ شھر چين کي سڀ کان ويجھو آھي، انهيءَ ڪري چين جا ڪيترائي ماڻھو سفر سانگي ھت ايندا رھندا آھن. ھن شھر ۾ مسلمان جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آھي.

[b]ھتي جو راجا
[/b]ھتي جي ھندو راجا کي تيروري ڪري چوندا آھن، ھو مسلمانن جو گھڻو احترام ڪندو آھي ۽ چورن ۽ بدمعاشن سان تمام گھڻي سختي ڪندو آھي، ھڪ واقعو مون ڪولم ۾ ڏٺو ته عراقي تيراندازن مان ھڪڙي ٻئي کي ماري وڌو ۽ آوجيءَ جي گھر ۾ وڃي پناھه ورتائين. اھو قاتل تمام مالدار شخص ھو. مسلمانن ارادو ڪيو ته مقتول کي وڃي دفن ڪن، پر راجا جي نائب کين ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ چيائين ته جيستائين قاتل اسان جي حوالي نه ڪيو ويندو تيستائين مقتول دفن ڪري نٿو سگھجي.
ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ ڏينهن ڪولم جو راجا شھر کان ٻاھر سواريءَ تي نڪتو، ته سندس گذر باغن جي وچمان ٿيو، ھن سان گڏ سندس ناٺي پڻ ھو، جيڪو خود ڪنهن راجا جو پٽ ھو. ھن ھڪ وڻ جي ھيٺان ھڪ پيل انب وڃي کنيو. راجا يڪدم ھن ڏانهن ڏسي حڪم ڏنو ته ”ھن جا ٻه ٽڪرا ڪري ھڪ ٽڪر رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو ٽڪر رستي جي ٻئي طرف رکيو وڃي ۽ اھڙيءَ طرح سان انب جا به ٻه اڌ ڪري، ھڪ رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو وري ٻئي طرف رکائي ڇڏيائين، ته جيئن ڏسڻ وارا ھن مان سبق سکن.
ھڪ ٻي ڳالھه مشھور آھي ته ھڪ دفعي ڪئليڪٽ ۾ راجا جينائب جي ڀائٽئي ھڪ مسلمان سوداگر کان سندس تلوار زبردستيءَ ڦري ورتي، جنهن تي انهيءَ سوداگر وڃي سندس چاچي سان ھن جي شڪايت ڪئي، جنهن واعدو ڪيس ته مان تنهنجو انصاف ضرور ڪندس. پوءِ ھو پنهنجي گھر جي دروازي تي وڃي ويھي رھيو. جڏھين سندس ڀائٽيو اھا تلوار ٻڌي اتي آيو، تڏھين پڇيائينس ته اھا فلاڻي مسلمان جي تلوار ته نه آھي؟ ھن جواب ڏنو ته ھائو، پر مون اھا ھن کان خريد ڪري ورتي آھي. نائب يڪدم حڪم ڏنو ته ھن کي گرفتار ڪري انهيءَ ئي تلوار سان سندس سر وڍيو وڃي.
مان ڪولم جي شھر ۾ شيخ فخرالدين جي خانقاھه ۾ وڃي رھيو ھوس. ھيءُ بزرگ شخص شيخ شھاب الدين گازرونيءَ جو پٽ آھي، جنهن جو ڪئليڪٽ جي احوال ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ڪڪم جھاز جي ڪا به خبر ملي نه سگھي، پر انهيءَ عرصي ۾چين جي بادشاھه جي سفارت جيڪا دھليءَ مان واپس آئي ھئي ۽ اسان سان گڏ ھئي، پر ٻئي جنڪ جھاز ۾ سوار ھئي، ڪولم پھچي ويئي. انهن جو جھاز پڻ ڀڄي پيو ھو. پوءِ چين جي واپارين ھنن کي مرد وغيره ڏيئي، اتان پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ انهن سان وري چين ۾ منهنجي ملاقات ٿي ھئي.
آخر مون ارادو ڪيو ته ھتان دھليءَ واپس وڃي، جيڪو حال مون سان ٿي گذريو آھي، سو سمورو وڃي ٿو بادشاھه کي عرض ڪيان پر مان ان ڳالھه کان ڊڄي ويس ته متان بادشاھه مون کان ائين نه کڻي پڇي ته تون اسان جي موڪليل تحفن کان جدا ڇو ٿيو ھئين، تنهن ڪري مون پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين ڪڪم جھاز جي ڪا خبر پوي، تيستائين وڃي ٿو ھنوز جي شھر ۾ سلطان جلال الدين وٽ ترسان. جيئن ئي مان ڪليڪٽ ۾ پھتس ته اتي بادشاھه(محمد شاھه تغلق) جا ڪي جھاز بيٺل ڏٺم، جن ۾ ھن سيد ابو الحسن پرده دار کي گھڻو ئي مال ڏيئي موڪليو ھو. ته ھرمن(1) ۽ قطيف ۾ وڃي، اتان جيتري قدر به عرب ملي سگھن، (ھندستان ۾) وٺي اچي، ڇو ته بادشاھه عربن سان تمام گھڻي محبت ڪندو ھو.
مان سيد ابو الحسن ڏانهن ويس ته معلوم ٿيو ته ھن جو ارادو ھو ته گرميءَ جي موسم ڪئليڪٽ ۾ گذاري، پوءِ عربستان ڏي سفر ڪري. مون کانئس صلاح ورتي ته بادشاھه ڏانهن واپس وڃان يا نه، جنهن تي ھن پڻ مون کي وڃڻ جي صلاح نه ڏني، ان کان پوءِ مان وڃي ڪئليڪٽ جي ھڪ جھاز ۾چڙھيس، ھي انهيءَ موسم جو سڀ کان آخري سفر ھو، جنهن ۾ اڌ ڏينهن اسان سفر ڪندا ھئاسين ۽ باقي اڌ ڏينهن لنگر ھڻي بيھي رھندا ھئاسين. رستي ۾ اسان کي ڊاڪن جون چار ٻيڙيون مليون، جن مان اسان کي ڏاڍو خوف ھو، پر ھنن اسان کي ڪا به تڪليف ڪا نه ڏني ۽ اسان سلامتيءَ سان ھنور جي شھر ۾ پھچي وياسين.
پوءِ مان ھنور جي سلطان وٽ لنگھي ويس ۽ وڃي سلام ڪيومانس. ھن مون کي ھڪ شخص جي گھر ۾ ترسايو، ڇاڪاڻ ته مون وٽ ڪوبه نوڪر ڪو نه ھو، ۽ اتي مون کي چوائي موڪليائين ته مان ساڻس گڏجي نماز پڙھندو رھان. مان به گھڻو ڪري مسجد ۾ ويٺو ھوندو ھوس ۽ ھر روز ھڪ ڪلام الله ختم ڪندو ھوس. پوءِ ٻه ڪلام الله ختم ڪرڻ شروع ڪيم، جن مان ھڪ صبح کان شروع ڪري ظھر جي وقت تائين ختم ڪندو ھوس ۽ ٻيو ظھر کان مغرب تائين، اھڙيءَ طرح سان ٽن مھينن تائين ڪندو رھيس، ۽ انهيءَ عرصي ۾ چاليھه ڏينهن اعتڪاف ۾ به رھيس.

[b]اسان جو سنداپور تي ڪاھي وڃڻ ۽ فتحياب ٿيڻ
[/b]سلطان جمال الدين ٻاونجاھھ جھاز تيارڪيا ھئا، ڇو ته ھن جو ارادو سنداپور تي چڙھائي ڪرڻ جو ھو. اتي جي راجا ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ ڪجھه اختلاف ھو، تنهن ڪري راجا جي پٽ سلطان ڏانهن لکي موڪليو ته جيڪڏھن سلطان سندا پور کي فتح ڪندو ته ھو مسلمان ٿيندو ۽ پنهنجي ڀيڻ کيس پرڻائي ڏيندو. جڏھن جھاز تيار ٿي ويا، تڏھن منهنجي دل ۾ به آيو ته مان به جھاد جي ثواب ۾ ڇو نه شامل ٿيا، مون ڪلام الله کي کولي، فال(1) ڏٺي، ته ھيءُ آيت نڪتي ته ”يذڪر فيھا اسم الله کثيرا ولينصرن الله من ينصره“ جنهن ۾ فتح جي بشارت ھئي.
جڏھن سلطان عصر جي نماز لاءِ مسجد ۾ آيو، ته مون کيس چيو ته ”مان به ھن سفر ۾ شامل ٿيڻ ٿو چاھيان“ تنهن تي ھن جواب ڏنو ته ”ڏاڍو چڱو، ۽ مان توکي ھن جھاد جو امير مقرر ٿو ڪريان“ تنهن تي مون ٻڌايو مانس ته ڪلام الله مان به ھيءَ فال نڪتي آھي، ھي ٻڌي، ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خود به ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر پھريائين ھن جو اھڙو ارادو بلڪل ڪو نه ھو. مان ۽ ھو ھڪڙي ئي جھاز ۾ سوار ھئاسين.
اسان ڇنڇر جي ڏينهن روانا ٿياسين ۽ منگل جي ڏينهن سندا پور پھتاسين. کاريءَ ۾ داخل ٿيندي معلوم ٿيو ته سندا پور جا باشندا لڙائيءَ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آھن ۽ منجنيقون به لڳائي ڇڏيون اٿن. رات جو اسان ترسي پياسين، صبح ٿيڻ شرط نوبت ۽ نقارا وڄڻ شروع ٿيا ۽ جھاز لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا، دشمن جھازن تي منجنيقن جي ذريعي پٿرا اڇلائڻ شروع ڪيا، ھڪ پٿر ته سلطان جي ڀرسان بيٺل ھڪ ماڻھوءَ کي اچي لڳو، جھاز وارا ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپي پيا ۽ بادشاھ پڻ ان ۾ ڏاڍي بهادري سان ٽپي پيو. مون به پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايو.
اسان وٽ اھڙا جھاز به ھئا، جن جا پٺيان حصا کليل ھئا ۽ انهن ۾ گھوڙي سوار بيٺل ھئا. اھي جھاز اھڙي طرح ٺھيل ھئا جو انهن ۾ اندران ئي اندران ماڻھو گھوڙي تي سوار ٿي، زرھ پھري، گھوڙي تي چڙھيل ئي ٻاھر نڪري ايندو. اسان به اھڙيءَ طرح ڪيو. خدا مسلمانن جي مدد ڪئي ۽ اسان تلوارون کڻي شھر ۾ گھڙي پياسين. ڪيترن ئي ھندن وڃي راجا جي محل ۾ پناھه ورتي، اسان ھنن تي باھه وسائي، آخر ھنن کي گرفتار ڪري ورتو. پوءِ سلطان ھنن کي امان ڏنو ۽ سندس عورتن به کين واپس ورائي ڏنيون. ھي ماڻھو اٽڪل ڏهه ھزار کن ھئا، تن کي شھر جي ٻاھران رھڻ لاءِ جڳھه ڏني ويئي، سلطان محل ۾ وڃي رھيو ۽ ان جي آسپاس واريون جايون پنهنجن ملازمن ۽ اميرن کي ورھائي ڏنيون ۽ مون کي ھڪ مڪيءَ نالي ٻانهي ڏنائين. مون وري ھن جو نالو مٽائي کڻي مبارڪھ رکيو. ھن جومڙس مون کي فديو(عيوض) ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. سلطان مون کي ھڪ مصري فرجيھ* (چوغو) پڻ ڏنو، جيڪو راجا جي توشھ خاني مان مليو ھو، مان سندا پور ۾ سلطان وٽ ١٣ جمادي الاول کان وٺي شعبان جي اڌ مھيني تائين رھيس، ۽ پوءِ سفر ڪرڻ جي اجازت گھريم. سلطان مون کان وعدو ورتو ته مان وري ھن وٽ واپس ايندس. پوءِ مان جھاز ۾ سوار ٿي ھنور، فاڪنور، منجرور، ھيلي، جرفتن، دھھ فتن، بدفتن، فندرينا ۽ ڪئليڪٽ، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، کان ٿيندو اچي شاليات(1) جي شھر ۾ پھتس. ھي ھڪ خوبصورت شھر آھي. ۽ اھو ڪپڙو، جيڪو ان شھر ڏانهن منسوب آھي. ھتي ٺھندو آھي. مان ھن شھر ۾ ڪيترائي ڏينهن رھيس ۽ پوءِ ڪئليڪٽ ڏانهن موٽي آيس. اتي مون کي، منهنجا ٻه غلام جيڪي ھڪ ڪڪم جھاز تي ويٺا ھئا، انهن مون کي ٻڌايو ته منهنجي اھا ٻانهي جيڪا حامله ھئي ۽ جنهن جي لاءِ مون کي تمام گھڻو فڪر رھندو ھو، مري ويئي. ۽ جاوا جي راجا سڀ ٻانهيون ۽ مال اسباب اسان کان ڦري ورتو ۽ منهنجا ساٿي، ڪجھه جاوا ۾، ڪجھه چين ۾ ۽ ڪجھه بنگالھ ۾ ٽڙي پکڙي ويا.
اھي خبرون ٻڌي مان ھنور ھليو ويس، جتان وري سندا پور واپس ھليو ويس. مان محرم جي آخري تاريخن ۾ اتي پھتس. ربيع الثاني جي ٻيءَ تاريخ تائين اتي رھيس. اتي جو راجا جنهن کان اسان ھي شھر فتح ڪيو ھو، ڪٿان اچي اتي نڪتو، سڀ ھندو وڃي ھن وٽ گڏ ٿيا. سلطان جو لشڪر ان وقت ڳوٺن جي طرف ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، سو ھنن اچي سلطان کي گھيرو ڪيو ۽ سڀ آمدو رفت بند ڪري ڇڏيائون، مان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اتان کسڪي ڪئليڪٽ ڏانهن ھليو ويس، جتان ذيبته المھد* (مالديپ) جي ٻيٽن جي سفر جو ارادو ڪيم.
مان ھنن ٻيٽن جون خبرون ٻڌندو رھندو ھوس ۽ ڪئليڪٽ کان سمنڊ رستي ھلي، ڏھين ڏينهن اچي ھنن ٻيٽن ۾ لٿاسين. ھي ٻيٽ دنيا ڀر ۾ عجيب آھن ۽ تعداد ۾ اٽڪل ٻه ھزار کن ٿيندا، ھڪ ھڪ سئو يا انهن کان ڪجھه گھٽ ٻيٽن جي ھر ھڪ مجموعي کي گول جي صورت ھوندي آھي، جنهن کي فقط ھڪ دروازو ٿيندو آھي، جتان جھاز اندر وڃي سگھندا آھن. جھازن جي رھبريءَ لاءِ ھڪ سونهين جي ضرورت ٿيندي آھي، تنهن ڪري جيڪڏھن ھنن ٻيٽن جي باشندن مان ڪو ھجي ته سڀيئي ٻيٽ گھمائي سگھي ٿو. ھڪ ٻيٽن جو مجموعو ٻئي مجموعي کي ايترو ته نزديڪ آھي، جو جيڪڏھن ھڪ مان نڪري ته ٻئي جي کجين جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آھن. پر جيڪڏھن طرفن جي غلطي ٿي وڃي ته اتي پھچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇو ته ھوا جھاز کي کڻي وڃي سيلان يا معبر جي ملڪن ۾ ڇڏيندي.
ھن ٻيٽ جا سڀ باشندا مسلمان آھن، جيڪي تمام نيڪ بخت ۽ ديانتدار آھن. ھنن ٻيٽن ۾ جدا جدا اقليمون آھن ۽ ھر ھڪ اقليم(ملڪ) تي جدا جدا والي آھي، جنهن کي ”ڪرودبي“ ڪري چوندا آھن. انهن اقليمن جا نالا ھي آھن : ”بالپور“(1)، ”ڪنلوس“، ”مھل“(مال)، جنهن جي نالي سان سڄو ٻيٽ مشھور آھي، ۽ ان ۾ اتي جو بادشاھه پڻ رهندو آهي. ”نلاديب“، ”ڪرايدو“، ”نيم“، ”تلدمتي“، ”ھلديتي“، ”بريدو“، ”ڪندڪل“، ”ملوڪ“ ۽ ”سويد“ اھي ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ڪجھه پري آھن. ھنن ٻيٽن ۾ سويد اقليم کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي به پوک ڪا نه ٿيندي آھي.
سويد ۾ ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، جيڪو انلي (ڪنگڻي چانورن) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنهن کي اتان مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ کڻي ويندا آھن. ھتان جا باشندا ھڪ قسم جي مڇي کائيندا آھن، جيڪا ليرون (مڇيءَ جو قسم ) جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي، ان کي اتي جا ماڻھو قلب الماس(1) ڪري چوندا آھن. ھن مڇيءَ جو گوشٽ ڳاڙھو ٿيندو آھي، جنهن جي بوءِ اھڙي آھي، جھڙي چوپائي مال جي گوشت جي، ان کي ڦاسائي، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ٿورو پچائي، پوءِ کجيءَ جي ڦرھن جي ٺھيل تختي تي رکي، ان کي ڌوئندا آھن. ان کان پوءِ ان کي ھلڪي باھه تي ٽنگي ڇڏيندا آھن. جڏھن بلڪل خشڪ ٿي ويندي، تڏھن ان کي کائيندا آھن. ان کي ھندستان، چين ۽ يمن ۾ به کڻي ويندا آھن.

________________________________________
(2) جنڪ – اڄ به چين ۾ جھاز کي جنڪ ڪري چوندا آھن. – مترجم
(2) نفط – ”بارود يا روغن سياه و سفيد، جيڪو شردان جي زمين مان نڪرندو آھي“ (لغات کشوري، صفحو ٥٤٠ ) ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي اھو تيل (روغن ) جيڪو گرم ٿيندو آھي، پچڪارين ۾ ڀري دشمن جي لشڪر تي ڦٽي ڪندا ھئا، محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ پڻ اھڙا ماڻھو موجود ھئا، جن راجا ڏاھر جي ھاٿيءَ تي نفط ڦٽي ڪيو ھو، جو پاNيءَ ڏانهن ڀڄي وڃي راجا ڏاھر کي گپ ۾ ڪيرايو ھئائين. (تاريخ سنڌ، مصنف مولانا عبدالحليم شرر لکنوي) – مترجم
(1) مصريھ جو جمع آھي، جنهن جي معنيٰ آھي ڪئبن، جيڪي اڄڪلھه جي جھازن ۾ عام آھن. – مترجم
(1) ملبار جي ملڪ ۾ ھن وقت ھن شھر کي ڊنگ لور ڪري چوندا آھن. – مترجم
(1) ”مخزن الادويھ“ ۾ لکيل آھي ته ھيءُ ھڪ وڏو وڻ ٿيندو آھي، جيڪو ملبار، زنزيبار ۽ سيلان ۾ ٿيندو آھي، ان جا پن بادام جي پنن جھڙا، ۽ گل پيلي رنگ جا ۽ ميوو گول ۽ ڳاڙھو ٿيندو آھي. ان جي ميوي کي ڀڄائي، ان مان رنگ ڪڍندا آھن. – مترجم
(2) ھيءُ شھر ھاڻي تراونڪور جي رياست ۾ آھي.
(1) ھرمن ۽ قطين عربستان جا شھر آھن. – مترجم
(1) ھن جا ڪيترائي نمونا آھن، ڪي ماڻھو ابجد جي حساب تي فالون وجھندا آھن ۽ ڪي وري پارسي شعرن ذريعي فال وجھندا آھن، گھڻو ڪري ملا ماڻھو فالنامن جا ڪتاب رکي، وقت بوقت انهن جي ذريعي فال وجھندا آھن، وضو ڪرڻ جي ڪونئري ۾ به شڪي چورن جا نالا وجھي پڙھندا آھن. پوءِ جنهن جي نالي تي ڪونئرو ڦري، اھو چور ٻڌائيندا آھن. اھڙي طرح سان قرآن شريف کولي، ان مان به فال نيڪ يا بد جنهن جو نڪتل آيت تي مدار آھي، ٻڌائيندا آھن. – مترجم
* جرجيھ – ” آئين اڪبريءَ“ ۾ ھيئن لکئيل آھي ”فرجيھ به بندو کشاده پيش باشد و برخ لکمھ افزايند – پبشتر به افير ان جامھ پوشند“ جنهن جو مطلب چوغو يا لبادو ٿيو. – مترجم
(1) ھن کي ھاڻي”شاليا“ ڪري سڏيندا آھن ۽ ڪئليڪٽ جي پرسان آھي. – مترجم
* ديبته - ديپ جو واحد ۽ معرب آھي. ديب سنسڪرت ۾ ٻيٽ کي چوندا آھن ۽ مھل يا مال سڀني کان وڏي ٻيٽ جو نالو آھي، تنهن ڪري ھنن لفظن کي اڳي پوءِ ڪري، ان کي مال – ديپ ڪري ٿا چون – مترجم
(1) اصل متن ۾”بالبور“ لکيل آھي. پر اصل ۾ ”ٻالپور“ ھوندو، جو عربيءَ ۾”پ“ جو حرف ڪو نه آھي، - مترجم
(1) ھيءَ ھڪ قسم جي خاص مڇي آھي، جنهن کي ابن بطوطه ”ليرون“ جي مشابهه ٿو لکي ۽ ڇاڪاڻ ته ان جو گوشت ڳاڙھو آھي، تنهن قلب (دل) جي رنگ سان سندس ماس کي مشابهت ڏيئي، ھن تي اھو نالو کڻي رکيوھوندائون.- مترجم