فصل ٽيون
[/b]بادشاه جڏھن سفر تان واپس ايندو آھي، تڏھن ھاٿين کي سينگاريو ويندو آھي ۽ سورنهن ھاٿين تي سورنهن زريءَ ۽ جواھرات سان جڙيل ڇٽ لڳايا ويندا آھن، ۽ غلام سندس اڳيان جواھر ۽ موتين سان جڙيل ڪپڙو کڻي ھلندا آھن. ازانسواءِ ڪاٺ جا ڪيترين ئي منزلن جا برج ٺاھيندا آھن، جن کي ريشمي ڪپڙا ويڙھي ڇڏيندا آھن، جن ۾ ھرھڪ منزل تي ٻانهيون Slave girls ھار سينگار ڪري، موجود رھنديون آھن. ھر ھڪ برج جي وچ ۾ ھڪ چمڙي جو حوض ٺھيل ھوندو آھي، جنهن ۾ ٿڌو شربت ڀريل ھوندو آھي. ھي غلام زاديون ھرھڪ ماڻھوءَ، شھري توڙي پرديسي مسافر، کي انهيءَ حوض مان پاڻي پيارينديون رھنديون آھن، جڏھن اھي پاڻي پي بس ڪندا آھن، تڏھن انهن کي يڪدم پان ۽ سوپاريون کائڻ لاءِ ڏينديون آھن.
شھر کان شاھي محل تائين رستي جي ٻنهي طرفن ديوارين کي ريشمي ڪپڙن سان سينگاري ڇڏيندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح انهيءَ رستي تي به ريشمي ڪپڙي جو فرش وڇايو ويندو آھي، جنهن تان بادشاه جو گھوڙو ھلندو آھي. بادشاه جي اڳيان ھزارين غلام ھلندا آھن ۽ پٺيان فوج ھلندي ايندي آھي. ڪن وقتن تي مون اھو به ڏٺو آھي ته ھاٿين تي ٽي يا چار ننڍيون منجنيقون چاڙھي ڇڏيندا آھن، جن جي وسيلي دينار ۽ درھم ماڻھن ڏانهن اڇلائيندا رھندا آھن. اھا دينارن ۽ درھمن جي ورکا (وس) شھر جي دروازي کان شاھي محل تائين جاري رھندي آھي.
[b]بادشاه جو خاص دسترخوان
[/b]بادشاه جي محل ۾ ٻن قسمن جا دسترخوان ٿيندا آھن، ھڪ خاص ٻيو عام. خاص اھو آھي، جنهن مان بادشاه خود نوش فرمائيندو آھي ۽ جنهن ۾ رڳو خاص خاص امير، بادشاه جو سوٽ فيروز، عمادالملڪ سر تيز ۽ مير مجلس يا غير ملڪي ماڻھن مان ڪو جنهن تي بادشاه کي خاص نوازش ڪرڻ منظور ھوندي آھي، شرڪت ڪندا آھن. ڪنهن وقت، جيڪڏھن بادشاه کي حاضرين مجلس مان ڪنهن تي خاص مھرباني ڪرڻي ھوندي آھي، ته پاڻ ھڪ پليٽ کڻي، ان تي ھڪ ماني رکي، پنهنجي ھٿن سان ان شخص کي ڏيندو آھي. اھو شخص وري اِھا پليٽ کاٻي ھٿ سان وٺي، ساڄي ھٿ سان ڊگھو سلام ڪندو آھي.
ڪڏھين انهيءَ خاص دسترخوان مان ڪنهن غير حاضر شخص لاءِ پڻ کاڌو موڪليو ويندو آھي، ته ھو به اھڙي طريقي سان اھو کاٻي ھٿ ۾ وٺي ساڄي سان سلام ڪندو آھي، جيئن حاضر ماڻھو ڪندا آھن، ۽ پوءِ جيڪي به ٻيا ماڻھو اتي موجود ھوندا آھن انهن سان گڏجي اھو کاڌو کائيندو آھي. مان پاڻ به انهيءَ خاص دسترخوان ۾ ڪيترائي ڀيرا شريڪ ٿيو آھيان. ھن خاص دسترخوان ۾ ڏھاڪو کن ماڻھو شامل ٿيندا آھن.
[b]بادشاه جو عام دسترخوان
[/b]ھن دسترخوان جو کاڌو شاھي باورچي خاني مان آندو ويندو آھي. ان جي اڳيان نقيب ھلندا آھن جيڪي بسم الله چوندا آھن ۽ انهن سڀني جي اڳيان وري نقيب النقباءِ ھوندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ سونو لڪڻ ۽ سندس نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. جڏھن اھي چوٿين دروازي تائين ايندا آھن تڏھن جيڪي به ماڻھو اتي حاضر ھوندا آھن سي سندن آواز ٻڌي، اٿي بيھندا آھن. رڳو بادشاه ويٺو ھوندو آھي. باقي ٻيا سڀ اٿندا آھن. پوءِ کاڌو زمين تي رکي، سڀ نقيب قطار ٻڌي، ھڪ طرف بيھي ويندا آھن. بادشاه جي تعريف سندن سردار ڪندو آھي ۽ ھيٺ نمي زمين چمندو آھي. اھڙيءَ طرح سڀ نقيب ۽ سڀ حاضرين نمي زمين چمندا آھن.
اھو به دستور آھي ته ھن موقعي تي جيئن ئي نقيب جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، تيئن جيڪو ماڻھو ھلندڙ ھوندو آھي سو اتي جو اتي بيھي ويندو آھي ۽ جيڪو بيٺل ھوندو آھي سو اتي ئي ڄمي ويندو آھي. نقيب ۽ سندس نائب جي تعريف ختم ٿيڻ کان اڳ ڪوبه شخص نه ئي چري پري سگھندو آھي نه وري ڪو آواز وات مان ڪڍي سگھندو آھي. پوءِ سڀ ويھي ويندا آھن ۽ سڀ بادشاه جي اڳيان نمي زمين چمندا آھن. منشي وري سڀني حاضرين جا نالا لکي ڇڏيندو آھي. نالا سڀني جا لکيا ويندا، توڙي بادشاه کي انهن ماڻھن جي ھجڻ جي خبر به ھجي. پوءِ بادشاه جي ڇوڪرن مان ھڪ، اھا نالن جي لسٽ بادشاده وٽ کڻي ويندو آھي، جنهن کي ڏسي بادشاه حڪم ڏيندو آھي ته اڄ فلاڻو امير ماني کارائي.
سندن کاڌي ۾ ڪڻڪ جون مانيون، ڀڳل گوشت، چانور، مرغ ۽ سنبوسا وغيره ھوندا آھن، جن جو مان اڳئي تفصيل سان بيان ڪري آيو آھيان. دسترخوان جي وچ تي قاضي، خطيب، فقيه، سيد ۽ مشائخ ھوندا آھن. انهن کان پوءِ بادشاه جا عزيز ۽ وڏا وڏا امير حيثيت آھر ويھندا آھن. ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ويھڻ جي جاءِ مقرر ھوندي آھي، جيڪا کيس معلوم ھوندي آھي، ۽ ان ۾ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪانه ٿيندي آھي. جڏھن سڀ ماڻھو ويھي ويندا آھن تڏھن شربتدار ايندا آھن، جن جي ھٿن ۾ سون، چاندي، ٽامي ۽ شيشي جا پيالا شربت سان ڀريل ھوندا آھن. جڏھن سڀ شربت پي بس ڪندا آھن، تڏھن حاجب بسم الله چوندا آھن. ان وقت سڀ کائڻ شروع ڪندا آھن.
ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان قسم قسم جا طعام ۽ ھڪ وڏي پليٽ رکيل ھوندي آھي. ھڪ پليٽ ۾ ٻه ماڻھو ڪڏھن به نه کائيندا آھن، بلڪ سڀ الڳ الڳ کائيندا آھن. کاڌي کان پوءِ فقاع، قلعي جي پيالن ۾، آڻيندا آھن، جنهن کي حاجب جي بسم الله چوڻ تي پيئڻ شروع ڪندا آھن. ان کان پوءِ پان ۽ سوپاريءَ جون ٿالھيون آڻيندا آھن جن مان ھر ھڪ ماڻھوءَ کي مٺ کن سوپاريون ۽ پندرھن پان ريشمي ڌاڳي سان ويڙھيل ڏيندا ويندا آھن. پانن وغيره جي ورھاست ختم ٿيڻ تي حاجب وري بسم الله چوندا آھن، ته يڪدم سڀ اٿي بيھي رھندا آھن. امير جيڪو کاڌو کارائڻ تي مقرر ڪيو ويندو آھي، سو نمي زمين چمندو آھي، ۽ پوءِ سڀ حاضرين به اھڙيءَ طرح زمين چمي، ھليا ويندا آھن. ھيءَ کاڌو ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٿيندو آھي، ھڪ ظھر جي وقت کان اڳ ۽ ٻيو عصر جي وقت کان پوءِ.