سفرناما

ابن بطوطه جو سفر

هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
Title Cover of book ابن بطوطه جو سفر

فصل ٻيو

[b]ھندستان ۾ اناج جي پوک
[/b]ھندستان ۾ سال ۾ ٻه دفعا فصل لھندو آھي، جڏھن گرميءَ ۾ مينهن پوندو آھي تڏھن خريف جو فصل پوکيندا آھن ۽ سٺ ڏينهن کان پوءِ ان کي کڻي ڇڏيندا آھن، خريف جي اناج جي قسمن مان ڪذرو(1) ۽ شاماخ (سانئون) به ٿيندا آھن، سانئون گھڻو ڪري عابد، زاھد، فقير ۽ مسڪين ماڻھو کائيندا آھن. ھڪ ھٿ ۾ ڇڄ کڻي ٻئي ھٿ سان ھڪ ننڍيءَ لٺ سان وڻ کي ڌوڻيندا آھن ته سانئون اچي ڇڄ ۾ ڪرندو آھي، ھن جا داڻا تمام ننڍا ٿيندا آھن. اس ۾ انهن کي سڪائي، ڪاٺ جي اکرين ۾ انهن کي ڪٽي، سندن کلون الڳ ڪندا آھن ته اندران سفيد داڻا نڪري پوندا آھن. مينهن جي کير ۾ ان جي کيرڻي ٺاھيندا آھن، جيڪا ان جي پڪل ماني کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي آھي.
ماش: ھيءُ مٽر جو ھڪ قسم آھي مڱ وري ماش جو ھڪ قسم آھي، پر شڪل ۾ ڊگھو ۽ رنگ جو سائو ٿيندو آھي. مڱ ۽ چانور ملائي، ھڪ کاڌو تيار ڪندا آھن، جنهن کي ڪشري(2) ڪري سڏيندا آھن ۽ ان کي گيھه سان گڏي کائيندا آھن. ڪشري، صبح جو نيرن تي کائيندا آھن، جيئن اسان جي ملڪ ۾ حريره استعمال ٿيندو آھي.
لوبيا(1) به ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، موٺ به اناج جو قسم آھي، جيڪو ڪذرو وانگر ٿيندو آھي، پر داڻا ان جا ”ڪذرو“ کان ڪجھه ننڍا ٿيندا آھن. گھوڙن ۽ ڍڳن کي داڻو ڪري ڏنو ويندو آھي چڻا به ساڳي طرح داڻو ڪري کارايا ويندا آھن. ماڻھن جو خيال آھي ته جَوَن ۾ طاقت گھٽ آھي، تنهن ڪري چڻا ۽ موٺ ڏَري، پاڻي ۾ ڀِڄائي، گھوڙن کي کارائيندا آھن ۽ گھوڙن کي ڪڻڪ جو سائو گاھه به لڻي کارائيندا آھن، جنهنڪري ھو ٿلھا متارا ٿي پوندا آھن. پھريائين ڏهه ڏينهن انهن کي صرف گيھه پياريندا آھن، ڪي ٽي رتل(2) ۽ ڪي چار رتل، ۽ انهن ڏينهن ۾ انهن تي سواري ڪين ڪندا آھن. ان بعد ھڪ مھينو سائي ماش کارئيندا اٿن.
اھي سڀ خريف جا اناج ھئا، خريف جي فصل پوکڻ کان سٺ ڏينهن پوءِ زمين ۾ ربيع جو اناج پوکڻ شروع ڪندا آھن. جيئن ته ڪڻڪ، چڻا، مسور ۽ جَوَ وغيرھ زمين سڀ سٺي ۽ آباد آھي. اھڙي طرح سان چانور سال ۾ ٽي دفعا پوکيندا آھن، تنهن ڪري چانورن جي پيدائش سڀني اناجن جي قسمن کان وڌيڪ ٿيندي آھي تِرَ ۽ ڪمند به خريف جي فصل سان گڏ پوکيندا آھن.
ھاڻي اسين سفر جو بيان ٿا ڪريون، ابوھر جي شھر مان نڪري، اسان ھڪ بيابان مان لنگھياسين، جنهن جو سفر ھڪ ڏينهن جو ھو، ان بيابان جي پاسن کان وڏا وڏا جبل ھئا ۽ انهن ڏکين ڏونگرن ۾ ڪافر رھندا آھن، جن مان گھڻا رھزن ۽ لٽيرا آھن، ڪافرن مان ڪي بادشاھه جي رعيت آھن، جيڪي سندس مدد لاءِ ٻهراڙين ۾ رھندا آھن ۽ انهن جو حاڪم مسلمان ھوندو آھي، جن جو آفيسر وري اھو عامل يا جاگيردار ھوندو آھي، جنهن جي جاگير ۾ اھو ڳوٺ يا شھر ھوندو آھي، ڪي ڪافر نافرمان ھوندا آھن، جي بادشاھه سان وڙھندا آھن ۽ ڪي وري جبلن ۾ رھي رستن تي ڦريون ڪندا رھندا آھن.

[b]ڪافر لٽيرن سان اسان جو پھريون مقابلو
[/b]جڏھن اسين ابوھر مان ٿي ھلياسين، تڏھن ٻيا ماڻھو صبح جو سوير اُٿي ھليا، پر مان ۽ ڪي ٿورا ماڻھو ٻپھرن تائين اتي رھياسين ۽ ٻپھرن کان پوءِ ھلياسين، اسان تي اسي ڪافرن حملو ڪيو، جن مان ٻه سوار ھئا، منهنجا ھمراھه سڀئي چڱا جوان ۽ بهادر ھئا، تمام زبردست لڙائي لڳي، اسان انهن مان ٻارنهن ماڻھن ۽ ھڪ سوار کي ماري وڌو ۽ سندن گھوڙن تي قبضو ڪيوسون، مون کي ۽ منهنجي گھوڙي کي تير جو زخم ھو، پر ڇاڪاڻ ته ھنن جا تير تمام ڪمزور ٿا ٿين، تنهن ڪري اھي زخم به معمولي ھئا، اسان مان ھڪڙي ساٿي جو گھوڙو سخت زخمي ٿي پيو، تنهن کي اسان مئل ڪافر جو گھوڙو ڏنو ۽ زخمي گھوڙي کي کڻي ڪُٺوسين، جنهن کي ترڪ سوار، جيڪي اسان سان گڏ ھئا، کائي ويا، پوءِ مئل ڪافرن جا سِرَ ڪپي، اسان ابي بکر(1) جي قلعي ۾ کڻي وياسين، جتي شھر جي ديوار تي ٽنگي ڇڏياسين، ابي بکر اسان اڌ رات مھل پھتاسين ۽ اتان کان ٻن ڏينهن جي سفر بعد اجوڌن(2) ۾ پھتاسين، ھي ھڪ ننڍو شھر آھي. جو شيخ فريدالدين”بدايوني“ جي ملڪيت آھي، مون کي برھان الدين اسڪندريءَ ھلندي وقت چيو ھو ته تنهن جي ملاقات شيخ فريدالدين سان ٿيندي ۽ خدا جو شڪر آھي جو مان ان سان اچي مليس، ھو ھندستان جي بادشاھه جو مرشد آھي ۽ ان کيس ھي شھر انعام طور ڏنو آھي، شيخ انتها درجي جو وھمي آھي، ايتري قدر جو نه ڪنهن سان ھٿ ٿو ملائي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي جي ڪپڙي سان لڳي وڃي ته يڪدم ان ڪپڙي کي ڌوئي ٿو ڇڏي.
مان سندس خانقاه ۾ ويس ۽ ساڻس ملاقات ڪندي شيخ برھان الدين جا سلام پھچايامانس، جنهن تي کين گھڻو عجيب لڳو ۽ فرمايائون ته ڪنهن ٻئي لاءِ سلام ڏنا ھوندائين، پوءِ سندس ٻنهي عالم ۽ فاضل پٽن سان ملاقات ڪيم، ھڪڙي جو نالو معزالدين ۽ ٻئي جو علم الدين ھو، معزالدين وڏو ھو ۽ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو.
مون سندن ڏاڏي شيخ فريدالدين بدايوني جي قبر جي به زيارت ڪئي، بدايون سنڀل جي علائقي ۾ ھڪ شھر آھي، جتان جڏھن مان وڃي رھيو ھيس، تڏھن اتي علم الدين مون سان مليو ۽ خواھش ڏيکاريائين ته منهنجي والد بزرگوار سان ضرور ملندا وڃو، سندس والد انهيءَ وقت تمام مٿاھينءَ ڇت تي بيٺو ھو، کيس سفيد ڪپڙا پھريل ھئا ۽ مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل ھيس، جنهن جو طُرو ھڪ طرف لڙڪيل ھو، اتي ئي مون سان ڳالھايائين ۽ پوءِ مون ڏانهن مصري ۽ نباتون ڏياري موڪليائين.

________________
(1) ڪذرو: ”آئين اڪبري“ ۾ ھن اناج جو نالو ڪدرون ۽ ڪدرم لکيل آھي.”آئين اڪبري“ ۾ لکيل آھي ته ڪدرون سانئين جھڙو ٿيندو آھي. پر سندس مٿين کل ڪاراڻ ڏانهن مائل ڳاڙھي ٿيندي آھي.
(2) ڪشري؛ ابن بطوطه کچڻي کي سڏي ٿو، جيڪا گھڻو ڪري بيمار ماڻھن کي پرھيزي ۾ کارائبي آھي، عربيءَ ۾ ک، چ ۽ ڻ ڪو نه ٿين، جن جي بجاءِ ڪ، ش ۽ ر استعمال ڪئي وئي آھي، عرب رڳو اھڙا ئي اچار ڪري سگھندا آھن.
(1) لوبيا: ”لغات ڪشوري“ ۾ ھن جي معنيٰ ھيئن لکي وئي آھي- ھڪ قسم جي ڦري، جنهن جي ڀاڄي ٺاھي کائيندا آھن، ھت شايد لوبيا، ابن بطوطا چئنرن کي ٿو سڏي، ۽ ”غات ڪشوري“ به ساڳي معنيٰ ٿو لکي، ڇو ته چئنرن جون به ڦريون ٿينديون آھن.
(2) رتل؛اڌ سير جي برابر وزن.
(1) ابي بکر؛ پاڪ پٽن کان اٽڪل ھڪ منزل جي مفاصلي تي ھيءُ شھر ملتان، ضلعي (مغربي پنجاب) ۾ موجود آھي، ھتي ھڪ قديمي بزرگ ابوبڪر دقاق جي نالي سان ھڪ خانقاه موجود آھي، جتي ھر سال چيٽ جي مھيني ۾، چڱي پيماني تي ميلو لڳندو آھي.
(2) اجوڌن؛پاڪ پٽن جو قديمي نالو اجوڌن ھوندو ھو، شيخ فريدالدين گنج شڪر جي خانقاھه جي ڪري، اڪبر بادشاھه جي حڪم سان ھن کي پاڪ پٽن سڏيو ويو، تنهن کان ڪجھه اڳ ھن کي ”پٽن فريد“ پڻ ڪري چوندا ھئا. ھتي شيخ فريد گنج شڪر جي مزار تي ھڪ ميلو پڻ لڳندو آھي. جنهن ۾ ھزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن، ۽ بهشتي دريءَ مان لنگھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر کي فقط پٽن ڪري لکيو ويو آھي، ۽ ”تاريخ فرشته“ ۾ پٽن باوا فريد ڪري سڏيو ويو آھي.