فصل پھريون
[/b]اسان ناخدا ابراھيم جي جھاز ” جاگير“(1)نالي تي چڙھياسين ۽ تحفي جي گھوڙن مان ستر گھوڙا به اسان ان تي چاڙھيا. تحفي جا ٻيا رھيل گھوڙا ۽ نوڪر چاڪر، ابراھيم جي ڀاءُ جي جھاز تي، جنهن جو نالو ”منورت“ ھو، سوار ٿيا. راءِ جالينسي اسان کي ھڪ ٻيو جھاز ڏنو، جنهن ۾ ظھير الدين جا گھوڙا، سنبل ۽ ان جا نوڪر چاڪر چڙھيا، جالينسي اسان جي لاءِ پاڻي، زاد راھه ۽ گھوڙن جي چاري جو پڻ بندوبست ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي ”عڪيري“ نالي جھاز ۾ چاڙھي اسان سان گڏ موڪليائين. اھو جھاز غوراب جي شڪل جھڙو ھو، پر ان کان گھڻو ڪشادو ھو. ان ۾ مضبوط ٿنڀا ھئا. لڙائيءَ جي وقت ان تي ڇت چاڙھي ڇڏيندا ھئا ته انهيءَ ٿنڀائينءَ ڇت کي تير يا پٿر لڳي نه سگھندا ھئا.
جھاز جاگير جنهن ۾ اسان چڙھيا ھئاسين، تنهن ۾ پنجاھه تير انداز ۽ پنجاھه جنگي حبشي ھئا، جيڪي ھن سمنڊ جا امير ليکيا ويندا آھن، ۽ جيڪڏھن انهن مان رڳو ھڪ به ڪنهن جھاز تي سوار ھوندو آھي، ته ھندو چور ۽ باغي ان کي ڪجھه به نه چوندا آھن. ان سان ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ ھڪ بيرم(1) نالي ٻيٽ تي اچي لٿاسين. ھيءُ ٻيٽ بلڪل خالي لڳو پيو ھو، ۽ خشڪيءَ کان پوءِ صرف چار ميل پري ھو. اسان اتي ترسي حوض مان پاڻي کنيو.
ان جي غيرآباد ھجڻ جو سبب اھو ٿو چيو وڃي ته مسلمانن ھتي جي ھندن تي حملو ڪيو ھو. ان وقت کان پوءِ وري ھندن وڃي ان کي آباد نه ڪيو. ملڪ التجار، جنهن جو بيان ڪري آيا آھيون، ھن کي آباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو ۽ ان کي شھر پناھه ڏياري، ان جي مٿان منجينقون رکائي، مسلمانن کي ان ۾ آباد ڪيو ھئائين. پوءِ اسان اتان ھلي، ٻئي ڏينهن اچي قوقھ(1) (گھوگھا)۾ پھتاسين، ھيءُ ھڪ وڏو عاليشان شھر آھي، جنهن ۾ تمام وڏيون بازاريون آھن.اسان شھر کان چار ميل پري اچي لنگر انداز ٿيا ھئاسين، ڇو ته اھو جزر جو وقت ھو؛ تنهنڪري، پاڻي لھي ويو ھو.
پوءِ اسان نڍين ٻيڙين ۾ چڙھي شھر ڏانهن وياسين، جڏھن شھر کان اڃا ھڪ ميل پري ھئاسين ته ٻيڙيون پاڻيءَ جي نه ھئڻ سبب گپ ۾ گپي پيون. مان پنهنجي ٻن ماڻھن جي مدد سان شھر ڏانهن روانو ٿيس. ماڻھو ڊپ ڏياري رھيا ھئا ته جيڪڏھن پاڻي چڙھي ويو ته ڌاڍا مشڪل ۾ پوندو ۽ مان ته تري به ڪو نه ڄاڻندو ھوس. آخر اچي شھر ۾ پھتس ۽ بازاريون گھمي، ھڪ مسجد ۾، جيڪا حضرت خضر ۽ حضرت الياس ڏانهن منسوب ھئي، وڃي مغرب جي نماز پڙھيم. ان مسجد ۾ مون حيدري فقيرن جي ھڪ جماعت ڏٺي، جن جو شيخ به ھنن سان گڏ ھو. پوءِ مان جھاز ڏانهن واپس ھليو آيس.
[b]ھتي جو راجا
[/b]ھتي جو راجا جو نالو دنڪول آھي، ۽ رڳو نالي ۾ بادشاھه جو مطيع آھي، پر حقيقت ۾ ھو نافرمان آھي. پوءِ به اسان ھن شھر مان ھلي، ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي سنداپور(1) جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھن ٻيٽ ۾ ڇٽيھه ڳوٺ آھن، ھن جي ارد گرد سمنڊ جي ھڪ کاري آھي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي لاھھ وقت ته پاڻي مٺو ھوندو آھي، پر چاڙھه وقت لوڻ جھڙو کارو ھوندو آھي. ھن ٻيٽ جي وچ ۾ ٻه شھر آھن،جن مان ھڪ تمام پراڻو ھندن جو آباد ڪيل آھي، ۽ ٻيو مسلمانن انهيءَ وقت آباد ڪيو ھو، جڏھن ھنن ھن ٻيٽ کي پھريون دفعو فتح ڪيو ھو. ان ۾ ھڪ جامع مسجد، بغداد جي مسجدن جي نموني تي، ٺھيل آھي، جيڪا ناخذا حسن سلطان جمال الدين محمد ھنوريءَ جي والد ٺھرائي ھئي. ھن ٻيٽ کي ٻئي دفعي فتح ڪرڻ جي موقعي تي مان به موجود ھوس، جنهن جو اڳتي بيان ڪندس. ھن ٻيٽ مان ھلي، اسان ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿاسين، جيڪو خشڪيءَ جي بلڪل ويجھو ھو. ان ۾ ھڪ مندر، ھڪ باغ ۽ ھڪ حوض ھو، اتي مون ھڪ جوڳي ڏٺو ھو.
[b]ان جوڳيءَ جي ڳالھه
[/b]جڏھن اسن ھيٺ ٻيٽ تي اچي لٿاسين، تڏھن اسان ھڪ جوڳيءَ کي ڏٺو، جيڪو ھڪ بتخاني ۾ ٻن بتن جي وچ ۾ پنهنجي آسڻ تي ويٺو ھو. ان جي منهن مان معلوم پئي ٿيو ته ھن ڏاڍي رياضت ۽ جفا ڪشي ڪئي آھي. اسان ھن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن ڪوبه جواب ڪو نه ڏنو. اسان جاچ ڪئي ته ھن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪجھه آھي يا نه، پر اسان کي ڪجھه به نظر نه آيو. ان وقت ھن يڪدم وٺي دانهن ڪئي، ته ھڪدم ھڪ ناريل وڻ مان ڇڄي اچي ھن جي سامھون ڪريو. ھن اھو ناريل کڻي اسان کي ڏنو، اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ ھن کي دينار ۽ درھم ڏيڻ لڳاسين، جي ھن نه ورتا. پوءِ ھن کاڌي جون شيون آڇيوسين، پر ھن اھي به نه ورتيون.
ھن جي سامھون ھڪ اٺ جي ڏاس جو چوغو پيو ھو، جيڪو مون کڻي اٿلائي ڏٺو، ته ھن اھو مون کي ڏيئي ڇڏيو، مون وٽ زيلع جي ھڪ تسبيح ھئي، جيڪا ھن غور سان پئي ڏٺي. مون اھا تسبيح ھن کي ڏيئي ڇڏي، جنهن کي ھن ھٿ ۾ وٺي سنگھيو، ۽ پوءِ پاڻ وٽ رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪيائين. پوءِ وري قبلي ڏانهن اشارو ڪيائين. منهنجا ساٿي ڪجھه به سمجھي نه سگھيا ته ھن ڇا ٿي چاھيو، پر مان سمجھي ويس ته ھو مسلمان آھي ۽ ھن ٻيٽ جي رھاڪن جي سبب کان پنهنجي مذھب کي مخفي رکيو ٿو اچي ۽ ناريل کائي پنهنجو گذران ڪندو ٿو رھي.
جڏھن اسان ھن کان موڪلايو ٿي، تڏھن مون سندس ھٿ تي چمي ڏني، جنهن ڪري منهنجا دوست ناراض ٿيڻ لڳا. يڪدم ھو سمجھي ويو ۽ منهنجو به ھٿ وٺي چميائين. پوءِ مشڪي اسان کي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. ويندي وقت مان سڀني جي پٺيان ھوس. ھن منهنجي ڪپڙي کان جھلي ٿورو ڇڪيو. مون مڙي پٺيان ڏٺو، ته ھن مون کي ڏهه دينار ڏنا.
جڏھن اسان ٻاھر آياسين، تڏھن منهنجي ساٿين مون کان پڇيو ته ھن جوڳيءَ تنهنجي ڪپڙن کان ڇو پئي ڇڪيو! تنهن تي مون ٻڌايو مان ته ھن مون کي ڏهه دينار ڏنا آھن. انهن دينارن مان ٽي دينار مون ظھير الدين کي ڏنا ۽ ٽي دينار سنبل کي ڏنم. ۽ ان قت ٻڌايو مان ته اھوشخص (جوڳي) مسلمان آھي ڇو ته جڏھن ھن آسمان ڏانهن آڱر کنئي، تنهن مان سندس مطلب ھو ته مان خدا تعاليٰ تي ايمان رکان ٿو ۽ جڏھن قبلي ڏانهن اشارو ڪيائين ته ان مان سندس پيغمبر تي ايمان رکڻ جو مطلب ھو. ازنسواءِ ھن جو مون کان تسبيح وٺڻ ھن ڳالھه جي تصديق آھي. جڏھن مون ھنن کي اھو ٻڌايو، تڏھن ھو ٻيئي واپس موٽي ويا ته اتي جوڳيءَ کي ڪو نه ڏٺائون.
پوءِ اسان انهيءَ وقت اٿي روانا ٿياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اچي ھنور(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر سمنڊ جي ھڪ وڏيءَ کاريءَ تي، جنهن ۾ جھاز وڃي سگھن ٿا، ٻڌل آھي، ۽ سمنڊ ڏاڍو چڙھندو آھي، ۽ ان ۾ طوفان ايندو آھي. ان وقت چئن مھينن تائين مڇيءَ جي شڪار ڪندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص سمنڊ ڏانهن ڪو نه ويندو آھي.
جڏھن اسان ھنور ۾ پھتاسين، تڏھن ھڪ جوڳي اسان وٽ آيو ۽ اچي مون کي ڇھه دينار ڏيئي چيائين ته” جنهن برھمڻ کي تو تسبيح ڏني ھئي، تنهن ھي ڇھه دينار موڪليا اٿئي“ مون ھن کان اھي دينار ورتا ۽ انهن مان ھن کي ھڪ دينار ڏيڻ لڳس، پر ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھليو ويو. مون پنهنجي سائين سان اھا ڳالھه ڪئي ۽ چيو مان ته جي چاھيو ته پنهنجو حصو وٺي سگھو ٿا، پر ھنن چيو ته ”نه“ ۽ ان وقت مون کي ٻڌايائون ته جيڪي ڇھه دينار تو اسان کي ڏنا ھئا، انهن ۾ ڇھه دينار پنهنجي کيسي مان ملائي، جنهن جاءِ تي جوڳي ويٺو ھو، اتي رکي آيا ھئاسين. اھو ٻڌي مون کي اڃا به وڌيڪ حيرت ٿي ۽ اھي دينار مون پاڻ وٽ احتياط سان رکي ڇڏيا.
ھنور شھر جا باشندا شافعي مذھب جا آھن ۽ ديندار، نيڪبخت ۽ بحري طاقت کان مشھور آھن، پر سنداپور. (گوا) جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، زماني ھنن کي پست ڪري ڇڏيو، ان جو اڳتي بيان ڪندس.
شيخ محمد ناگوري ھن شھر جي عابدن مان ھڪ آھي، جنهن پنهنجي خانقاھه ۾ اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھو پنهنجي ماني پاڻ پچائيندو ھو، جيئن غلامن ۽ ٻانهين جا ناپاڪ ھٿ ان کي نه لڳن. فقير اسماعيل جيڪو پڙھائيندو آھي ۽ ھن شھر جو رھاڪو آھي، سو ڏاڍو پرھيز، خوش خلق ۽ فياض آھي. ھن شھر جي قاضي نورالدين علي آھي، ۽ خطيب جو نالو مون کي ھينئر ياد نه رھيو آھيو آھي.
ھن شھر ۽ سڄي ساحل جون عورتون سبيل ڪپڙو ڪو نه ڍڪينديون آھن، بلڪ اڻ سبيل ڪپڙو پھرينديون آھن. ڇاڪنديون آھن جو چادر جي ھڪ پلاند سان سڄو بدن ڍڪي، ٻئي پلاند سان ڇاتي ۽ مٿو ڍڪي ڇڏينديون آھن. ھي عورتون سھڻيون ۽ پارسا ٿينديون آھن ۽ نڪ ۾ سون جون نٿون پائينديون آھن.
انهن جي خاصيت اھا آھي، جو انهن مان ھر ھڪ عورت حافظ قرآن آھي. ھن شھرن ۾ تيرھن ڇوڪرين جا ۽ تيرھن ڇوڪرن جا مڪتب آھن. ھن شھر کانسواءِ اھا ڳالھه مون ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪا نه ڏٺي. ھتئي جا ماڻھو رڳو سمنڊ جي واپار تي گذران ڪندا آھن ۽ کيتي ڪو نه ڪندا آھن. مليار (مليار) جا ماڻھو ھتي جي بادشاھه جمال الدين کي سال ۾ ڪجھه مقرر ڍل ڏيندا آھن، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ زبردست بحري طاقت ۽ ڇھه ھزار پيادل ۽ سوارن جو لشڪر آھي، جنهن کان ھو ڊڄندا آھن.
[b]ھنور جي بادشاھه جو بيان
[/b]ھتي جي بادشاھه جو نالو جمال الدين محمد بن حسن آھي، ۽ ڏاڍو نيڪ بخت انسان ۽ طاقتور آھي. ھو ھڪ ھندو راجا جي ماتحت آھي، جنهن جو نالو آھي ھريب، ان جو بيان مان انشاالله تعاليٰ اڳتي ڪندس. ھي سلطان جمال الدين ھميشه جماعت سان نماز پڙھندو ھو. ھن جي عادت ھئي ته صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ مسجد ڏانهن ھليو ويندو ھو، پوءِ فجر جي نماز پڙھي، شھر کان نڪري ويندو ھو ۽ نيرن مھل واپس مسجد ۾ اچي ٻه رڪعتون نماز پڙھي، پوءِ پنهنجي محل ڏانهن ھليو ويندو ھو. ھو ايام بيض ۾ روزانو به رکندو ھو.
جڏھن مان ھن وٽ وڃي رھيو ھوس، تڏھن ھو مون کي افطار جي وقت گھرائيندو ھو، فقيه علي ۽ فقيه اسماعيل اڳيئي اتي موجود ھوندا ھئا، پوءِ زمين تي چار ننڍيون ڪرسيون رکيون وينديون ھيون، جن مان ھڪ تي ھو ويھندو ھو ۽ باقي ڪرسين تي اسان مان ھر ھڪ ويھندو.
[b]هن جي کاڌي جو نمونو
[/b]ھن جي کاڌي جو طريقو ھي ھو ته پھريائين ٽامي جو ھڪ دستر خوان جنهن کي خومچو چوندا آھن، آڻيندا آھن، جنهن تي ھڪ ٽامي جي طباق آڻي رکندا آھن. ان طباق کي ”طالم“ ڪري چوندا آھن، ان کان پوءِ خوبصورت ٻانهي ريشمي ڪپڙا پھري، پاڻ سان کاڌي جون ديڳڙيون ۽ ٽامي جا وڏا وڏا چمچا آڻيندي آھي ۽ چانور جو ھڪ ھڪ چمچو ڪري طباق ۾ وجھندي ويندي آھي. پوءِ ان جي مٿان گيھه وجھي، انهيءَ طباق ۾ ٻئي پاسي کان مرچن، ادرڪ، ليمي ۽ انب جا آچار رکندي آھي، جن کي ھر ھڪ لقمي کان پوءِ کائيندا آھن. جڏھن اھي چانور ختم ٿي ويندا آھن، تڏھن وري ٻيو چمچو چانورن مان ڀري طباق ۾ وجھي، ان جي مٿان سرڪي ۾ رڌل مرغيءَ جو گوشت رکندي آھي، جنهن سان چانور کاڌا ويندا آھن.
ھنن چانورن جي ختم ٿيڻ تي وري ٽيون چمچو ڀري وجھندي آھي، ۽ ان جي مٿان وري ٻيءَ طرح رڌل مرغيءَ جو گوشت رکندي آھي، ۽ ان کان پوءِ ھر ھڪ چمچي سان گڏ نموني نموني جي رڌل مڇي وجھندي ويندي آھي، پوءِ گيھه ۾ رڌل سائي ڀاڄي آڻيندي آھي، جا به چانور سان کاڌي ويندي آھي.
جڏھن اھي سڀ کاڌا پورا ٿي ويندا آھن، تڏھن ڪوشان(1) ايندو آھي، جنهن تي کاڌو ختم ٿيندو آھي. جڏھن ھيءَ لسي ايندي آھي، تڏھن سمجھبو آھي ته ھاڻي سڀ طعام ختم ٿي ويا. ان کان پوءِ گرم پاڻي پيئندا آھن، ڇو ته برسات جي موسم ۾ ٿڌو پاڻي نقصانڪار ٿيندو آھي.
ھن بادشاھه وٽ مان ٻيو دفعو يارھن مھينا وڃي رھيو ھوس ته ايترن ڏينهن ۾ ڪڏھن به مون ڪڻڪ جي ماني ڪا نه کاڌي، ڇو ته ھتي جي ماڻھن جو کاڌو رڳو چانور آھن، اھڙيءَ طرح سان جڏھن مان مالديپ، سيلان، ملبار ۽ معبر جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ٽن سالن تائين وڃي رھيو ھوس، ته اتي به چانور کان سواءِ ٻيو مون ڪجھه به ڪونه کاڌو، ايتري قدر جو اھي چانور مون کي نڙيءَ ۾ ڦاسي پوندا ھئا، ۽ پاڻيءَ سان انهن کي ڳھندو رھندو ھوس.
ھي بادشاھه ريشمي باريڪ ڪنان جا ڪپڙا پائيندو آھي. ۽ چيلهه تي چادر ڍڪي، ٻه لحاف ھڪ ٻئي جي مٿان ڪري ڍڪيندو آھي. ھو وارن کي ويڙھي، مٿان پٽڪو ٻڌي ڇڏيندو آھي ۽ جڏھن سوار ٿي نڪرندو آھي. تڏھن قباءُ (وڏي دستار) پھري، ان جي مٿان لحاف به وجھي ڇڏيندو آھي. ان جي اڳيان ماڻھو نغارا ۽ طبل وڄائيندا ھلندا آھن. ھن دفعي اسان ھنور ۾ ٽي ڏينهن ترسياسين ۽ ويندي وقت ھن اسان جي سفر جو سامان وغيره به ڏنو، اتان ھلي ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي مليبار (مليار) جي حد ۾ پھتاسين. ھيءُ اھو ملڪ آھي جتي ڪارا مرچ پيدا ٿيندا آھن. ان جي ڊيگھه ٻن مھينن جو رستو آھي، جيڪو درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي سنداپور (گوا) کان ڪولم تائين ھليو ٿو وڃي.
ھن رستي جي ٻنهي طرف وڻ آھن ۽ ھر ھڪ اڌ ميل کان پوءِ ھڪ ڪاٺ جي ٺھيل جاءِ آھي، جنهن ۾ دڪان ۽ چبوترا ٺھيل آھن، جتي ھر ڪو ھندو يا مسلمان مسافر آرام ڪندو آھي. ھر ڪنهن جاءِ جي ڀرسان وري ھڪ کوھه ھوندو آھي، جتي ھڪ ھندو پاڻي پياريندو رھندو آھي. ھو ھندن کي برتن ۾ پاڻي پياريندو آھي ۽ مسلمانن کي ٻڪ ۾، جيڪو ھو پنهنجي ٻنهي ھٿن سان وات تي جھلي بيھندا آھن ۽ اھو ھندو ان ۾ پاڻي وجھندو رھندو آھي، جڏھن بند ڪرڻ جو ارشاد ملندو اٿس، تڏھن پاڻي وجھڻ بند ڪندو آھي.
ملبار ۾ اھو رواج آھي ته مسلمانن کي گھر ۾ اچڻ ڪو نه ڏيندا آھن ۽ نه ئي وري انهن کي پنهنجي ڪنهن برتن ۾ کاڌو ڏيندا آھن. پر اتفاق سان جيڪڏھن ڪنهن کي کاڌو ڏين به کڻي، ته پوءِ ان کي ڀڃي ڇڏيندا آھن، يا ڪنهن مسلمان کي ڏيئي ڇڏيندا آھن، ۽ جنهن جاءِ تي ڪو مسلمان ڪو نه رھندو آھي، اتي ھو مسلمان لاءِ کاڌو تيار ڪري، اھو ڪيوڙي جي پن تي رکي، ٻوڙ به ان ۾ وجھي، کيس ڏيندا آھن ۽ جيڪي بچندو آھي، سو ڪتن ۽ پکين کي وجھي ڇڏيندا آھن.
ھن رستي جي سڀني منزلن تي مسلمانن جا گھر آھن، جن وٽ مسلمان مسافر وڃي ترسندا آھن، ۽ ھر ھڪ شي خريد ڪري انهن لاءِ کاڌو تيار ڪندا آھن. جيڪڏھن مسلمانن جا گھر نه ھجن ھا ته جيڪر مسلمانن لاءِ ھن ملڪ ۾ سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ھا. ھن ٻن مھينن جي رستي ۾ ھڪ چپي جيتري زمين به اھڙي ڪا نه آھي، جيڪا آباد نه آھي، ھت ھر ھڪ ماڻھو جو گھر الڳ الڳ آھي، جنهن جي چوڌاري باغ رکيل ھوندو آھي ۽ ان جي چوطرف ڪاٺ جي ڀت ڏنل ھوندي آھي، اھڙي طرح سان اھو سڄو رستو ھنن باغن جي وچ مان لنگھي ٿو، جڏھن ھڪ باغ پورو ٿيندو آھي، تڏھن ان جي ڀت تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل ھوندي آھي، جنهن تان چڙھي ٻئي باغ ۾ پھچبو آھي. اھڙيءَ طرح سان ٻن مھينن جو سفر آھي.
ھن ملڪ ۾ بادشاھه کان ٻيو ڪو به ماڻھو گھوڙي يا ڪنهن ٻئي جانور تي سواري ڪو نه ڪندو آھي. گھڻو ڪري ماڻھو ڏوليءَ تي چڙھندا آھن، جنهن کي مزدور يا غلام کڻي ھلندا آھن، نه ته ھر شخص پنڌ سفر ڪندو آھي، جيڪڏھن ڪنهن ماڻھوءَ وٽ واپار جو سامان وغيره يا ٻيو ڪو مال متاع وڌيڪ ھوندو آھي، ته ان کي مزدور ڀاڙي تي ڪرڻا پوندا آھن، جيڪي اھو سامان پٺيءَ تي کڻي ھلندا آھن، ڪي سوداگر اھڙا به ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جن سان سامان کڻن وارا سو سو ماڻھو به ھوندا آھن، ھر ھڪ مزدور کي ھٿ ۾ ھڪ ٿلھي لٺ ٿيندي آھي، جنهن جي ھيٺئين پاسي لوھه جي ھڪ ڪلي ۽ مٿئين پاسي ھڪ لوھه جو انگڙو ٿيندو آھي. جڏھن ھو ٿڪجي پوندو آھي ۽ ترسڻ لاءِ ويجھو ڪو به دڪان وغيره ڪو نه ھوندو اٿس، تڏھن اھا لٺ زمين ۾ کوڙي، ان تي سامان جي ڀري لڙڪائي ڇڏيندو آھي ۽ ساھي پٽي، اھو سامان کڻي وري اٿي پنڌ پوندو آھي.
مون ھن رستي جھڙو امن ۽ امان ٻئي ڪنهن به رستي تي ڪو نه ڏٺو. ھن ملڪ ۾ رڳو ھڪ ناريل جي چوريءَ تي انهيءَ چور کي ماري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو به ميوو زمين تي ڪري پوندو آھي ته ان کي ڪو به ھٿ ڪو نه لڳائيندو آھي. ۽ آخر ان جو مالڪ اچي اھو کڻي ويندو آھي. چون ٿا ته ھڪ ھندوءَ ھڪ ناريل کڻي ورتو ھو، ته حاڪم کي خبر پئجي وئي، جنهن ھڪ ڪاٺ جي ٿنڀي کي زمين ۾ کوڙائي، ان جي مٿان جيڪا لوھه جي چھنبدار سيخ ھئي، تنهن مان ھڪ تختو لنگھائي، ان تي کڻي ھن کي اونڌو ليٽايائين، ته اھا شيخ ھن جي پيٽ مان آر پار لنگھي، وڃي سندس پٺيءَ کان نڪتي، پوءِ ٻين ماڻھن کي سبق سيکارڻ لاءِ ھن کي اتي ئي اھڙي طرح ٽنگيل ڇڏي ڏنائين.
اھڙي قسم جا ٿنڀا رستي ۾ گھڻن ئي ھنڌن تي کتل آھن. جيئن مسافرن کي ان جو مطلب سمجھه م اچي سگھي. رات جي وقت اسان کي ڪيترائي ھندو رستي تي ملندا ھئا ۽ اسان جي لنگھي وڃڻ کان پوءِ ھلڻ شروع ڪندا ھئا، ھن ملڪ ۾ مسلمانن جي تمام گھڻي عزت ڪئي ويندي آھي، پر ايترو ضرور ٿيندو آھي، جو نه ھنن سان گڏ کاڌو ويندو آھي ۽ نه ھنن کي گھر ۾ اچڻ ڏنو ويندو آھي.
ملبار جي ملڪ ۾ ڪل ٻارھن راجا آھن، جن مان سڀني کان وڏي راجا جو لشڪر پندرھن ھزار آھي ۽ سڀ کان ننڍي راجا وٽ ٽي ھزار لشڪر آھي. انهن جي وچ ۾ ڪڏھن به تڪرار ڪو نه ٿيندو آھي ۽ نه وري ڪو ڏاڍو راجا پاڻ کي ضعيف راجا جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ چاھيندو آھي. جڏھن ھڪ راجا جو علائقو پورو ٿيندو آھي ۽ ٻئي راجا جو علائقو شروع ٿيندو آھي، تڏھن انهيءَ جاءِ تي ھڪ ڪاٺ جو دروازو ٺھيل ھوندو آھي، جنهن تي اڳيان ايندڙ علائقي جي راجا جو نالو لکيل ھوندو آھي، جنهن جو جو مطلب آھي ته اھو فلاڻي راجا جي امان يا پناھه جو دروازو آھي. جيڪڏھن ڪو به ھندو يا مسلمان ڪنهن علائقي ۾ ڪو ڏوھه ڪري ٻئي راجا جي دروازي ۾ داخل ٿي ويندو آھي، ته ان کي ڪنهن به قسم جو ڊپ نه رھندو آھي. پوءِ جيتوڻيڪ اھو راجا کڻي ڏاڍو يا وڏي لشڪر وارو سلطان ھجي. ته به ان ضعيف راجا کي اچي مجبور ڪري نٿو سگھي ته ڏوھي سندس حوالي ڪيو وڃي.
ھنن راجائن جي تخت جا وارث پٽ ڪو نه ٿي سگھندا آھن، پر سندن ڀاڻيجا تخت جا وارث ٿيندا آھن، ھن ملڪ جو دستور، الثلم سوڊان ملڪ جي مسوفه قوم کان سواءِ، ٻئي ھنڌ مون ڪٿي به ڪو نه ڏٺو. ھن جو بيان مان اڳتي ڪندس. جيڪڏھن ملبار جي ڪنهن راجا کي ڪنهن به دڪاندار جي خريد و فروخت بند ڪرڻي ھوندي آھي، ته سندس غلام وڻن جون ٽاريون آڻي ان دڪان تي ٽنگي ڇڏيندا آھن، پوءِ جيستائين اھي ٽاريون اتي ھونديون آھن، ان وقت تائين ڪو به ان دڪان تي خريد فروخت ڪري نه سگھندو آھي.
[b]ڪارن مرچن جو بيان
[/b]ڪارن مرچن جو ٻوٽو انگور جي ول جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنهن کي ناريل جي وڻ جي ڀرسان پوکي ڇڏيندا آھن، پوءِ اھو ٻوٽو ناريل جي وڻ تي ول وانگر چڙھي ويندو آھي، ان کي شاخون ڪو نه ٿينديون آھن، جيئن انگور کي ٿينديون آھن ۽ ان جا پن گھوڙي جي ڪنن جي شڪل جھڙا ٿيندا آھن، ڪن جا پن عليق(ھڪ قسم جي گاھه) جي پنن جھڙا ٿيندا آھن. ان جو ميوو ننڍن ننڍن ڇڳن ۾ لڳندو آھي. جنهن کي خريف جي موسم ۾ ڇني، زمين تي ڳوڻين ۾ اس تي سڪائيندا آھن، جيئن ڪشمش ٺاھڻ لاءِ انگورن کي سڪايو ويندو آھي. ان کي وقت به وقت اٿلائيندا پٿلائيندا رھندا آھن ۽ جڏھن صفا خشڪ ٿي ويندا آھن ۽ رنگ ڪارو ٿي ويندو اٿن، تڏھن سوداگرن کي وڪڻي ڇڏيندا آھن.
اسان جي ملڪ جي ماڻھن جو خيال آھي ته انهن کي باھه تي پچائيندا آھن، تڏھن انهن ۾ سختي پيدا ٿيندي آھي، پر اھو غلط آھي. ان ۾ سختي اس ۾ سڪڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آھي. قالقوط (ڪئليڪٽ) جي شھر ۾ مون ڏٺو ته انهن کي ماپي سان مئي رھيا ھئا، جيئن اسان جي ملڪ ۾ جوئر مئيندا آھن، ملبار جو سڀ کان پھريون شھر جنهن ۾ اسين داخل ٿياسين سو ھو ابي سرور(1) ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جيڪو ھڪ وڏي سمنڊ جي کاريءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھت ناريل جا وڻ تمام گھڻا آھن، ھت مسلمانن ۾ سڀ کان وڏو ماڻھو شيخ جمعو ڏاڍو سخي آھي ۽ پنهنجو سڀ ڪجھه فقيرن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري ڇڏيو اٿائين.
اتان ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي فاڪنور(2) جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر به ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھت ڪمند جي پوک تمام گھڻي عمدي ٿيندي آھي. جنهن جو مثال ھن ملڪ جي ڪنهن به ٻئي ھنڌ ملي نٿو سگھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي مسلمان موجود آھن، جن مان سڀني کان وڏو حسين سلاط ليکيو ويندو آھي، جنهن ھتي ھڪ جامع مسجد به ٺھرائي آھي. ھت قاضي ۽ خطيب به رھندا آھن.
[b]ھتي جي راجا جو بيان
[/b]ھن شھر جي ھندو راجا جو نالو باسديو آھي، جنهن وٽ ٽيھه جنگي جھاز آھن ۽ انهن سڀني جو وڏو عملدار بولا نالي ھڪ مسلمان آھي. ھو پھريائين سامونڊي لٽيرو ھوندو ھو، ۽ سوداگرن کي ڦريندو رھندو ھو، جڏھن اسان ھن شھر جي ڀرسان اچي لنگر انداز ٿياسين، تڏھن راجا اسان ڏانهن پنهنجي پٽ کي موڪليو، جيڪو اسان وٽ جھاز ۾ بطور رھينه(1) گروي اچي رھيو ھو. ان کان پوءِ اسين شھر ۾ وياسين جتي راجا ٽن ڏينهن تائين اسان جي مھماني ڪئي، ھي مھماني ھندستان جي بادشاھه جي عزت افزائي، پنهنجي مھمانوازي ۽ اسان جي جھازن سان خريد فروخت جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي ھئي.
ھن شھر جو دستور آھي ته جيڪو به جھاز ھتي پھچندو آھي، تنهن کي اتي ترسي، راجا کي ڪجھه تحفي طور ڏيڻو پوندو آھي، جنهن کي حق بندر چوندا آھن، پر جيڪڏھن ڪو جھاز ائين نه ڪندو آھي، تنهن کي راجا جا جھاز بردستيءَ بندر تي وٺي ايندا آھن ۽ جيستائين ھو اھو حق ادا نه ڪندا آھن، تيستائين ان کي وڃڻ نه ڏيندا آھن. پوءِ اتان ٽن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي، مجرور(1) (منگلور) جي شھر ۾ پھتاسين. ھي شھر تمام وڏو آھي ۽ ھڪ کاريءَ تي، جنهن کي دنب ڪري چوندا آھن. ٻڌل آھي. ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ کاري وڏي ۾ وڏي آھي. ھن شھر ۾ ”فارس“ ۽ ”يمن“ جا وڏا وڏا واپاري ايندا آھن. ھتي سنڍ ۽ ڪارا مرچ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿيندا آھن.
[b]ھتي جي بادشاھه جو بيان
[/b]ھتي جو راجا ھن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو راجا آھي، ۽ سندس نالو رامديو آھي. ھن شھر ۾ اٽڪل چار ھزار کن مسلمان رھندا ، جيڪي شھر کان ٻاھر رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن انهن مسلمانن ۽ شھر وارن جي وچ ۾ لڙائي لڳندي آھي، ته راجا وچ۾ پيئي صلح ڪرائي ڇڏيندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھو واپارين جو ھميشه محتاج رھندو آھي. ھن شھر ۾ ھڪ شافعي قاضي رھندوآھي، جنهن جو نالو بدرالدين معبري آھي،جيڪو تعليم به ڏيندو آھي.
اھو قاضي اسان جي جھاز ۾ آيو ۽ اسان کي اچي چيائين ته اسان جي شھر ۾ ھلي رھو. اسان چيس ته جيستائين راجا پنهنجو پٽ بطور ضمانت اسان وٽ نه موڪليندو، جيئن فاڪنور جي راجا موڪليو ھو، تيستئاين اسان جھاز تان نه لھنداسون. تنهن تي ھن جواب ڏنو ته فاڪنور ۾ مسلمان تمام ٿورا آھن، ۽ اتي جي مسلمانن جو ايترو زور به ڪونهي، پر ھن شھر جو راجا خود اسان کان ڊڄندو آھي، تنهنڪري ضمانت جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اسان سندس ڳالھه نه مڃي، پوءِ آخر راجا پنهنجي پٽ کي اسان جي جھاز تي موڪلي ڏنو، تڏھن اسان جھاز تان لھي شھر ڏي وياسين. ھنن اسان جي تمام گھڻي عزت ڪئي ۽ اسان ٽي ڏينهن ان شھر ۾ ترسي پياسين.
ان کان پوءِ اسان ”ھيلي“(1)ڏانهن وياسين. ۽ ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اتي پھتاسين. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن ۾ عمديون عمارتون ٺھيل آھن. ھيءُ شھر ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي، جنهن ۾ وڏا وڏا جھاز اچي سگھن ٿا. ھن شھر تائين چين جا جھاز ايندا آھن، جيڪي قالقوط (ڪئليڪٽ)، ”ڪولم“ ۽ ”ھيلي“ کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪو نه ترسندا آھن. ھن شھر کي ھندو توڙي مسلمان متبرڪ ڪري سمجھندا آھن، ڇو ته ھتي ھڪ جامع مسجد آھي، جيڪا ڏاڍي برڪت واري آھي. جھازن تي چڙھڻ وارا خير و عافيت سان واپس ورڻ لاءِ ھن جامع مسجد جون باسون باسيندا آھن ۽ وڏيون وڏيون رقمون نذر ڪندا آھن. خطيب حسين جي، جيڪو ھتي جي سڀني مسلمانن کان وڏو آھي، نگرانيءَ ۾ ھن مسجد جو خزانو رھندو آھي. ھن مسجد ۾ طالب عالمن کي تعليم به ڏني ويندي آھي، ۽ انهن کي خرچ به مسجد جي مال مان ڏنو ويندو آھي، ازانسواءِ ھن مسجد ۾ ھڪ بورچيخانو به آھي، جنهن مان مسافرن، مسڪينن ۽ مسلمانن فقيرن کي کاڌو ڏنو ويندو آھي.
ھن مسجد ۾ منهنجي ملاقات ھڪ نيڪ انسان فقيه سان ٿي، جنهن جو نالو سعيد ھو ۽ ”مقدشو“ جو رھاڪو ھو. ھو ڏاڍو نيڪ سيرت ۽ خوش خلق ماڻھو ھو، ۽ ھميشه روزا رکندو ھو. ھو چوندو ھو ته مان چوڏھن سال مڪي معظم ۽ ايترا ئي سال مديني منور ۾ رھيو آھيان، ۽ مڪي معظم ۾ امير بانمي ۽ مديني منور ۾ منصور بن جماز سان مليو آھيان، ان کان سواءِ ھندستان ۽ چين جو سفر پن ڪري آيو آھيان، پوءِ اسان ”ھيلي“ مان ھلي اچي ”جرفتن“(1)۾ پھتاسين، جيڪو ھيلي کان صرف ٽي فرسخ پري آھي. اتي ھڪ فقيه سان مليس، جيڪو بغداد جو رھاڪو ھو. ۽ ”صرصري“ ڪري سڏبو ھو. صرصري بغداد ۽ ڪوفي جي رستي تي، بغداد کان ڏھن ملين جي مفاصلي تي ھڪ شھر آھي. ھن شھر ۾ ھن جو ھڪ ڀاءُ رھندو ھو، جو ڏاڍو مالدار ھو، ۽ صغير اولاد ڇڏي مري ويو ھو، جڏھن مان اتان روانو ٿيس، تڏھن ھو به انهن کي وٺي بغداد وڃي رھيو ھو.
ھندستان جي ماڻھن جو به سوڊان جي ملڪ وارو ساڳيو دستور آھي، ته جڏھن ڪو مسافر مري ويندو آھي، تڏھن چاھي سندس ھزارن جو مال ھجي، اھو ڪنهن مسلمان وٽ امانت طور ھوندو آھي ۽ جيستائين ڪو شرعي وارث نه اچي، تيستائين ڪو به ان مان ڪجھه صرف ڪري نه سگھندو آھي.
[b]ھتي جي بادشاھه جو بيان
[/b]ھن شھر جي راجا جو نالو ڪويل آھي، جو ملبار جي وڏن راجائن مان ھڪ ليکيو ويندو آھي. ھن وٽ ڪيترائي جھاز آھن، جيڪي عمان، فارس ۽ يمن جي ملڪن ڏانهن (واپار لاءِ) ويندا آھن. دھھ فتن(2) ۽ بدفتن جن جو اسان ھينئر بيان ٿا ڪريون، پڻ ھن جا شھر آھن. ان کان پوءِ جرفتن کان دھھ فتن پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن ۾ باغ تمام گھڻا آھن، جن ۾ ناريل، ڪارا مرچ، سوپاريون ۽ پان پيدا ٿيندا آھن.
ھتي قلقاص(1) به گھڻي پيدا ٿيندي آھي، جنهن کي گوشٽ سان گڏ پچائيندا آھن. ڪيلو ته ھتي ايترو گھڻو پيدا ٿيندو آھي جيترو مون ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ نه ڏٺو. ھن شھر ۾ ھڪ وڏي بائين(حوض) آھي، جنهن جي ڊيگھه پنج سئو قدم ۽ ويڪر ٽي سو قدم ٿيندي. اھا سڄي ڳاڙھي پٿر کي تراشي ٺاھي وئي آھي. ان جي ڪنارن تي اٺاويھه وڏا وڏا قبا ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ قبي ۾ پٿر جون چار ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن. ھر ھڪ قبي تي بائين(حوض) جي ھيٺان ڏاڪڻيون ٿيون چڙھن ۽ ان جي وچ تي ھڪ وڏو قبو ٺھيل آھي، جنهن کي ٽي طبقا آھن. ھر ھڪ طبقي ۾ چار ويھڻ جون جايون آھن، چون ٿا ته راجا ڪويل جي پيءُ ھيءَ بائين ٺھرائي ھئي.
انهيءَ بائين جي سامھون وري ھڪ جامع مسجد آھي، جنهن مان ھيٺ بائين ۾ ڏاڪڻيون ٿيون وڃن. ماڻھو انهن ڏاڪڻين تان لھي ھيٺ بائين ۾ وڃي وضو ۽ غسل ڪندا آھن. فقيه حسين مون کي ٻڌايو ته ھيءَ بائين ۽ جامع مسجد،ر اجا ڪويل جي ھڪ ڏاڏي ٺھرائي ھئي، جيڪو مسلمان ٿيو ھو. ھن جي اسلام ۾ اچڻ جي متعلق به ھڪ عجيب قصو مشھور آھي، جيڪو بيان ھيٺ ٿا ڪريون.
[b]جامع مسجد جي سامھون، عيجب شان وارو وڻ
[/b]مون به ڏٺو آھي ته جامع مسجد جي سامھون ھڪ وڏو وڻ بيٺل آھي، جنهن جا پن انجير جي پتن جھڙا آھن، پر انهن کان ڪجھه قدر وڌيڪ نرم آھن. ھن وڻ جي چوڌاري ڀت ڏنل آھي. اتي ھڪ محراب به ٺھيل آھي، جنهن ۾ مون ٻه رڪعتون نفل پڙھيو ھو. ھن وڻ کي ”درخت شھادت“ سڏيندا آھن. ۽ ڳالھه ڪندا آھن ته خريف جي موسم ۾ ھن وڻ جو ھڪ پن پھريائين زرد ٿي، پوءِ ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. ان کان پوءِ اھو پن ھيٺ ڪري پوندو آھي، جنهن تي قدرت جي قلم سان ”لاالله الاالله محمد الرسول الله“ لکيل ھوندو آھي.
فقيه حسين ۽ معتبر ماڻھن جي ھڪ جماعت کان مون ٻڌو ته ھنن اھو پن ڏٺو آھي، ۽ ان تي لکل ڪلمو به پڙھيو آھي. جڏھن اھو پن ھيٺ ڪري پوندو اھي، تڏھن ان جو اڌ مسلمان کڻي ويندا آھن ۽ باقي اڌ راجا جي خزاني ۾ رکيو ويندو آھي، ۽ ان مان ڪيترن مريضن کي شفا حاصل ٿيندي آھي. ھن ئي پن جي ذريعي سان اھو ڪويل راجا مسلمان ٿيو ھو،جنهن مسجد ۽ بائين ٺھرايون ھيون. ھو عربي اکر پڙھي سگھندو ھو، تنهن ڪري جڏھن ھن پن تي لکيل ڪلمو پڙھيو، تڏھن مسلمان ٿي ويو ۽ وري مسلمان به پڪو ٿيو. ھيءَ روايت سلسليوار ھلندي ٿي اچي. فقيه حسين وڌيڪ ٻڌايو ته ان راجا کان پوءِ سندس ھڪ پٽ مرتد ٿي ويو ھو، جنهن ھن وڻ کي پاڙان پٽائي، ان جو نشان به ڪو نه ڇڏيو ھو، پر ھي وڻ وري ڄمي پيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ سرسبز ٿيو ۽ وڌيو. پر اھو راجا جلدي مري ويو.
ان کان پوءِ اسان بدفتن(1) جي شھر ۾ وياسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو پڻ ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن شھر کان ٻاھر سمنڊ جي ڀرسان ھڪ مسجد ٺھيل آھي، جنهن ۾ مسلمان مسافر اچي ترسندا آھن. ھن شھر جو بندرگاھه ڏاڍو سھڻو ۽ پاڻي به تمام مٺو اٿس. ھتي سوپاريون تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿينديون آھن، جيڪي ھندستان ۽ چين ڏانهن موڪليون وينديون آھن، ھت جا باشندا اڪثر ڪري برھمڻ آھن، جن جي ھندو تمام گھڻي عزت ڪندا آھن، پر ھو مسلمان جا سخت دشمن آھن. ٻيو ھي سبب آھي، جو ھن شھر ۾ ڪو به مسلمان ڪو نه ٿو رھي.
[b]ڳالھه[/b]
چون ٿا ته ھنن ھن مسجد کي انهيءَ لاءِ برباد ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو آھي، جو اتي جي ھڪ برھمڻ ھن مسجد جي ڇت ڪيرائي، کڻي وڃي ان مان پنهنجي گھر جي ڇت ٺاھي ھئائين، ته ھن جي گھر ۾ اھڙي ته باھه لڳي، جو ان ۾ پاڻ، سندس اھل اولاد ۽ مال متاع سڀ ڪجھه سڙي خاڪ ٿي ويو، ان حادثي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو انهي مسجد جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ڪنهن به ان جي بي ادبي نه ڪئي، بلڪ ان جي ٻاھران مسافرن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ھڪ حوض به ٺھرائي ڇڏيائون ۽ ان جي درين تي ڄاريون ھڻائي ڇڏيائون، جيئن پکي ان جي اندر نه وڃي سگھن.
پوءِ اتان ھلي، اسان اچي فندرينا جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، منجھس بازارون ۽ باغ تمام گھڻا آھن. ھن ۾ مسلمانن جا ٽي محلا آھن ۽ ھر ھڪ محلي ۾ مسجد ٺھيل آھي، سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ جامع مسجد ٺھيل آھي،جنهن ۾ سمنڊ جي طرف کان ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن، اتي عجيب نظارو لڳو پيو آھي، ان جو قاضي ۽ خطيب عمان جو رھاڪو آھي، جنهن جو ڀاءُ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل شخص آھي، پڻ ھتي ئي رھندو آھي. ھت گرميءَ ۾ چين جا جھاز اچي ترسندا آھن. ان کان پوءِ اسان قالقوط* (ڪئليڪٽ) ڏانهن روانا ٿياسين. ھي ملبار جي ملڪ ۾ تمام وڏو بندر آھي، جتي چين، جاوا، ميلان، مھل(مالديپ) يمن ۽ فارس جا سوداگر بلڪ سڄيءَ دنيا جا واپاري اچي گڏ ٿيندا آھن. ھيءُ بندرگاھه دنيا جي وڏن بندرگاھن مان ھڪ آھي.
[b]ھتي جو راجا
[/b]ھتي جو راجا ھندو آھي، جنهن کي سامري ڪري چوندا آھن. ھو عمر ۾ گھڻو وڏو آھي ۽ اھڙي طرح ڏاڙھي ڪوڙائيندو آھي، جھڙيءَ طرح سان ھتي رھندڙ روم جي ملڪ جي ھڪ جماعت جا ماڻھو ڪوڙائيندا آھن. ھتي جا امير التجار جو نالو ابراھيم شاھه بندر آھي، جيڪو بحرين جو رھاڪو آھي ۽ ھڪ وڏو عالم ۽ سخي مرد آھي. ھن وٽ ھر طرف جا سوداگر اچي گڏ ٿي سندس دستر خوان تي ماني کائيندا آھن، ھتي جو قاضي فخرالدين عثمان پڻ ھڪ وڏو سخي مرد آھي ۽ خانقاھه جو شيخ، شھاب الدين گازرونيءَ جي باس باسيندا آھن، سي ھن کي اچي اھو نذر ڏيندا آھن.
ناخدا ”مثقال“ پڻ ھن شھر ۾ رھندو آھي، جيڪو ھڪ وڏو مالدار ۽ مشھوريءَ وارو ماڻھو آھي، جنهن جا جھاز ھندستان، چين، يمن ۽ فارس ۾ واپار ڪندا آھن. جڏھن اسان ھن شھر کي ويجھو پھتاسين، تڏھن شيخ شھاب الدين، ابراھيم شاھه بندر، وڏا وڏا سوداگر ۽ بادشاھه جو نائب جنهن کي ”قلاج“ ڪري سڏيندا ھئا، اسان جي استقبال لاءِ آيا، ۽ ھنن سان گڏ جھازن ۾ نوبت، نغارا ۽ علم پڻ ھئا. ان ڪري اسان ھڪ وڏي جلوس سان بندرگاھه ۾ داخل ٿياسين.
ھيءُ بندر تمام تمام وڏو ۽ ڪشادو آھي ۽ ھن جھڙو بندر مون ھن ملڪ ۾ ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪو نه ڏٺو. اسان اچي اتي لنگر انداز ٿياسين. ان وقت چين جي ملڪ جا تيرھن جھاز اتي ترسيل ھئا. اسان جھاز تان لھي، شھر ۾ ھڪ ھڪ گھر مسواڙ تي وٺي رھياسين ۽ ٽن مھينن تائين چين ڏانهن وڃڻ لاءِ مناسب موسم جو انتظار ڪندا رھياسين، ايتري وقت تائين اسان جي مھماني راجا جي طرفان ايندي رھندي ھئي. چين جي سفر ۾ جيستائين چين جا جھاز ساڻ نه ھجن. تيستائين سفر ڪري نٿو سگھجي، جنهن جو اڳتي بيان ٿا ڪريون.
________________________________________
(1) ھت اصل مٿن ۾ جاڪر لکيل آھي، اصل ھنديءَ ۾ جاگير صحيح آھي.
(1) بيرم- ھڪ ميل کن ڊگھو ٻيٽ آھي، ھت انگريزن سنه ١٨٦٥ع کان ھڪ لائيٽ ھائوس ٺھرائي ڇڏيو آھي، جنهن تي سمنڊ جي سطح کان ھڪ سوءَ فوٽ مٿي بتيون ٻرنديون ھونديون آھن- ڏسو نقشو ھندستان ابن بطوط جو سير.
(1) ڪاٺياواڙ ۾ بمبئي کان ٩٣ ميل پري ھڪ ٻيٽ آھي، ھتي جا ماڻھو جھازن تي خلاصي يا لشڪر ۾ ڀرتي ٿيل آھن، ۽ گھڻو ڪري جھاز رانيءَ جا شوقين آھن.
(1) سنداپور – ھن کي ھاڻي گوا ڪري ٿا سڏين.
(1) ھنور- ھي شھر بمبئي جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ ٻه ميل اندر ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي، ۽ چڱو بندر آھي، سورھين صديءَ جي شروع ۾ پورچو گيزن ھت ھڪ قلعو ٺھرايو ھو. پر بيجانگر جي راجا سان لڙائيءَ وقت ان کي ساڙي ڇڏيو ھئائون. ان کان پوءِ ھن تي بيڊتور جي راجا قبضو ڪيو، جنهن کان حيدر عليءَ جي قبضي ۾ آيو ۽ ٽيپو سلطان جي آخري شڪست کان پوءِ، ھي شھر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي آيو. مترجم
(1) ڪوشان- ڄميل کير يا ڌونئري مان ٺھيل لسي.
(1) ابي سرور – ھن شھر جو ھن وقت پتو نٿو پوي ته ڪٿي آھي. – مترجم
(2) فاڪنور – ھن وقت ھن شھر کي بدڪور ڪري سڏيندا آھن، جيڪو مدراس ۾ آھي، جڏھن ابن بطوطه اتي ويو ھو، تڏھن ھن شھر کي بيجانگر جي راجائن فتح ڪيو ھو، ۽ جڏھن دکن جي مسلمانن بيجانگر جي راجا کي سن ١٥٦٥ع ۾ مغلوب ڪيو، تڏھن ھي علائقو بيدنور جي راجا جي قبضي ۾ اچي ويو، ھن نئين شھر کي جيڪو پراڻي بدڪور يا فاڪنور کان ٥ ميلن جي مفاصلي تي آھي، ھنگوڪٽھ ڪري چوندا آھن. ھي شھر سيلا نديءَ جي منهن وٽ آھي، ھت اڃا به چانور، ڪپڙي، ناريل ۽ لوڻ جو واپار ھلندو آھي. – مترجم
(1) رھينه - اڳئين وقت ۾ ھن ملڪ ۾ امن امان ڪجھه گھٽ ھو، ڇاڪاڻ ته بادشاھه به ڪڏھن شاھوڪار واپارين کي پنهنجي پالتو ڊاڪن ھٿان ڦرائيندا رھندا ھئا، تنهن ڪري واپاري ڊڄندا ھئا، ۽ انهن وٽ نه ويندا ھئا. انهن کي پڪ ڏيارڻ لاءِ راجا پنهنجن پٽن کي ھنن وٽ ڏياري موڪليندا ھئا، جيڪي وڃي ھنن جي ماڻھن وٽ ھنن جي جھازن ۾ ضامن طور رھندا ھئا ۽ ھنن جي صحيح سلامت موٽڻ تي واپس ويندا ھئا. – مترجم
(1) مجرور – ھن کي ھاڻي منگلور ڪري چوندا آھن. ھن شھر تي اھو نالو شايد، منگل ديوي جي نالي تي، جنهن جو مندر ھن شھر جي ويجھو آھي، رکيو ويو آھي. ھي شھر به مدراس ۾ آھي، ۽ تمام آباد، خوبصورت ۽ صفائيءَ وارو آھي. ”گرگ“ ۽ ميسور جي قھوه به ھن بندر تان ٻاھر ويندو آھي.- مترجم
(1) ھيلي – ھن وقت ھن نالي سان ڪو به شھر ڪو نه آھن.مترجم
(1) جرفتن – ھن وقت ملبار جي ضلعي ۾ ھي ھڪ ننڍو آھي، - مترجم
(2) دھھ دفتن – ھنٽر صاحب جي لکڻ موجب ھيءُ بندر، ”ٿيلي چري“ بندر جي ويجھو موجود ھو. ٿيلي چري ملبار جي اتر ۾ ھڪ وڏو بندر آھي. مترجم
(1) قلقاص – ھيءَ ھڪ قسم جي سائي ڀاڄي آھي. – مترجم
(1) ھن شھر جو پتو نٿو پوي ته ھاڻي ڪٿي آھي. – مترجم
* قالقوط – جو مطلب ڪئليڪٽ آھي، جيڪو مدراس ۾ ملبار ضلعي جو ھڪ شھر آھي. – مترجم