مهاڳ: هَر مّنُ هڳاءُ
دوست ”سڪندر هاڙهي“ جي هن شاعراڻي جستجو ۽ حاصلات تي (جا هن شاعريءَ جي صورت ۾ ڏني آهي) الاءِ جي ڇو ڪن به تمهيدي جملن لکڻ تي دل بنه ڪو نه پئي گهري. ڇو ته هيءَ ڳالهه ايتري قدر آشڪار ٿي چڪي آهي جو اهو ذڪر ورجاءُ لڳي ٿو. شاعريءَ جو وجود هتان پيو. هن دؤر کان شاعري لکي وئي ۽ آڳاٽا لکندڙ فلاڻا فلاڻا معتبر ۽ قد آور ماڻهو هئا. سخنوريءَ جي دنيا تمام وسيع عريض بڻجي چڪي آهي. جيئن جيئن نسل وڌندو رهيو آهي، شعور ۽ سمجهه ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. حساس هيانءُ شعوري ۽ لاءِ شعوري طور پنهنجون لکڻيون شاعري ۽ نثر جي صورت ۾ لوڪ تائين پهچائيندا رهيا آهن، خاص طور شاعريءَ جو دائرو وسيع آهي.
سنڌ سونهاريءَ به ادبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، ان ڏس ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، تنوير عباسي، اياز گل ۽ ادل سومري کان ويندي سڪندر هاڙهي تائين هر ڪويءَ سنڌي ادبي کيتر جي آبياري ڪئي آهي، منهنجا همعصر نوجوان ڳڀرو شاعر نت نين ترڪيبن، تجربن، تشبيهن ۽استعارن سان جديد نج سنڌي شاعري تخليق ڪري رهيا آهن، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ جا نوجوان قلمڪار مطالعو اڀياسي محنت به وڌيڪ ڪن ٿا، جن مان هو بهتر شاعريءَ لاءِ لاڀ حاصل ڪن ٿا ۽ لکن ٿا. اهڙي ئي حوالي سان شهدادڪوٽ شهر جو هي سهڻو ۽ سلڇڻو ڪوي سڪندر هاڙهو جنهن جو هي پهريون ڪتاب قلمي پورهيو”مينهن ڪڻيون“ جي صورت ۾ اوهان جي اکين آڏو آهي، تنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاعريءَ بابت اهي سڀ ڳڻ ملن ٿا جيڪي هڪ سيبتي شاعر ۾ هجڻ کپن. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، لوڪ واسين تي واقعي حالتن جي پوندڙ اثر جي عڪاسي به خوب ٿيل آهي. ان ڏس ۾ هي شعر پڙهڻ وٽان آهن.
سور ٿيندي زندگي آ، تون پري رهه دلڙي.
کسجي ويندي هر خوشي آ، تون پري رهه دلڙي.
هي زمانو آ وڪوڙيل، هن رسم ۽ رواج ۾،
وڙهندي سڀ جي سادگي آ، تون پري رهه دلڙي.
دانهن ڪهڙي مان ڪيان ڏس داد ڏيندو ڪير آ؟
سور، صدما، دل لڳي آ، تون پري رهه دلڙي.
¬¬¬¬
سڪندر جي شاعري مختلف انساني رويّن جي آئينادار به آهي. سندس شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور پيار آهي، پيار جي موٽ ۾ ملندڙ خوشيءَ ۽ سرور جو اظهار به ٿيل آهي ،وصل جون وارتائون به آهن، ته هجر ۽ فراق جون درد- ڪٿائون به بيان ڪيل آهن. هي شعر انهن ڪيفيتن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا.
شام ٿيندي اَڃا رات آهي،
پَري ويل رَهُه ڪا گَهڙِي وَقت کي ته وڃڻ ڏي.
نِينهُن نروار ڀِيَ يارَ پنهنجو ٿئي،
لوڪَ کي ڀل پوي هيءُ خَبَر ته پوڻ ڏي.
وري هي جدائيءَ جا حال ڏسو:
جيءُ اڄ جُهريو آهي،
دل توکي گُهريو آهي.
ڪو ٻُڌِي قِصو منهنجو،
ڪيڏو ڏُکَ ڀَريو آهي.
تو سواءِ ڪِيئن مونکان،
وقت ڏِسُ ڦِريو آهي.
سڪندر کي شاعريءَ جي مڙني لوازمات جي سُڌ آهي. هن جي شاعريءَ جو اسلوب به اڇو تو، اندازِ بيان به منفرد آهي، مونکي سندس شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌ جيڪا سلڇڻي ڳالهه نظر آئي آهي. اُها آهي هن جي ٻوليءَ جي سادهه بياني، جيڪا شروع کان آخر تائين مستقل مزاجيءَ واري آهي ۽ لهجو به پُر اَثَر ۽ دِل ڪَشا آهي. سڪندر پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ ديس جي دردن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ته تهذيبي ۽ ثقافتي جَهلَڪَ به سمائي آهي. سندس هن وائي جپن سٽون ڏسو:
دودا ڌرتيءَ جا،
توکي سنڌ سڏي پئي.
ويري هِتِڙي هِن گهڻا،
جيجل تُنهنجي ءَ جا!
توکي سنڌ سڏي پئي .
وري ثقافتي رنگ ڏسو:
شان تُنهنجو ڏٺم، نانءُ سِنڌِي ٻُڌُم،
ساههُ صدقي ڪيم، هِنَ جنم هُنَ جَنٌمَ.
ٽوپي اجرڪ ثقافت پراڻي پنهنجي،
رقص گيتن تي جو مان ڏٺم، مان ڏٺم.
سڪندر جي گهڻي شاعري غزلن تي مشتمل آهي. پر ساڳي وقت هن حمد، نعت پنجتن پاڪ جي شان ۾ قصيدا، نوحا گَهري فڪري رنگ ۾ رچيا آهن. هن شاعري جي هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- هي اردو حمد جون ڪجهه سٽون ڏسو:
التجا، التجا، التجا، التجا،
واسطے مصطفیٰ تو مدینے بلا،
تُو مقدر کامجھ کو سکندر بنا۔
اپنی قدرت سے مجھ کو تو نگر بنا،
تیرے در پے جھکا هوںسخنور بنا۔
میری سن لے تو آہ وبکا.
مولا حسين جو شان هيئن بيان ڪري ٿو
شاں تیری کيا لکھوں ابنِ علی!
تو ولی، ابنِ ولی ، ابنِ ولی
گود میں تجھ کو بٹھاتی تھی بتول
شانوں پہ تجھ کو بٹھاتی تھی نبی۔
هڪ اردو غزل جا شعر ڏسو
نظر دھیری دھیری، اٹھائو نہ سنگدل
مجھے اس طرح سے مٹائو نہ سنگدل
میری سانس تیری سوا کچھ نھیں ہے
یوں اپنی نظر سے گرائو نہ سنگدل۔
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مون ڪافي دوستن جي ڪتابن تي ٻه اکر لکيا آهن تن کي مون لڳاءُ ۽ جنون ۾ ڏٺو ۽ پرکيو، سڀ بهتر لڳا. سڪندر ۾ به لکڻ جو جذبو ۽ جنون نه ٿو ڍاپي ۽ اهو نه فقط آئون چوان ٿو پر پڙهندڙ فن ۽ فڪر جي وسيع تناظر ۾ وڃي فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا.
اچو ته هن غزل جا ڪجهه شعر هِينئين سان هَنڊايُون، جِن ۾ سماجي اَنيائن جي عڪاسي ٿيل آهي.
جيستائين وئي نظر آهي،
هر شهر ٿي ويو پَڌَر آهي.
موج تُنهنجي سِنڌُو خوشيءَ واري،
لوڙهي ويئي سَڄو هي تَرُ آهي.
ڪئين اُجڙي اجها ويا مارُن جا،
يا خدا ڪهڙو هِي قهر آهي.
ڪِينَ کائڻ لئه ڪجهه بچيو تڏهين،
پيٽ سان مون ٻَڌو پٿر آهي.
¬¬¬¬¬¬¬¬¬
حاضر حالتن کي ڏسندي بيجا بيگناهه زندگيون جيڪي موت جي ننڊ سمهاريون وڃن ٿيون، بم ٻڌي ڪيترين ئي حياتين جا ڏيئا گل ڪيا وڃن ٿا. ان مذهبي انتها پسنديءَ جي درد کي هي شاعر به محسوس ڪري ٿو. اچو ته هن غزل جي شعرن تي نظر وجهون:
ڪجي ڇا ته هاڻي عبادت کپي ٿي،
ٻه ٽيِن روپين عيوض شهادت کپي ٿي.
حقيقت نه دنيا رُڳو ڪُوڙ آهي،
سَرِ عام هر جاءِ جهالت کپي ٿِي.
پنهنجو دين ٺاهي، ٻُڌائي ٿو هر ڪو،
خدا ڀي ڏسي ٿو ملامت کپي ٿي.
وري هِي شعر ڏسو:
ماءَ ڪِيهُون ڪيون، ٻَچو جنهنجو،
موت جي ٿِي ويو نظر آهي.
ڏسجي ته عام ڳالهه ڪرڻ واري انداز ۾ سادي شاعراڻي ترتيب ڪيڏي نه پياري آهي، اها ئي سڪندر جي شاعريءَ جي سونهن آهي جيڪا اوهان پاڻ پڙهي پَسِي سگهو ٿا- ڇا ته رواني آهي سٽ سٽ ۾ اچو ته لطف وٺون:
ارمانن جي دنيا چوان مان،
گيتُ حقيقي ڪو ته لکان مان.
واجب توکي يارَ لڳي ٿو،
تُنهنجي هُوندي سُورَ سَهان مان.
جهول ڀري ڏي خوشيون مونکي،
نچندو، ڪُڏَندو يار وڃان مان.
هاڻي وري هي شعر ڏسو:
دل ربا بيوفا ٿِي ويا ڇا ڪَيُون،
اوچتو هٌو پَڪاٿي ويا ڇا ڪيون.
سور دل ۾ ستل ڄڻ صدين کان هيا،
سي شروع سلسلا ٿي ويا ڇا ڪيون.
پيار پنهنجي جا دنيا ۾ چَرچا هُيا،
ڄڻ پراڻا قِصا ٿي ويا ڇا ڪيون.
چوڻ جو مقصداهو آهي ته سڪندر جي سموري شاعريءَ ۾ رواني، رڌم ۽ تزبياني موجود آهي، عام لهجو ۽ لفظن ۾ ڪو الجهاءُ نه آهي ان جي هر ڳالهه حقيقت تي ٻڌل آهي. هن جي سٽن ۾ هرو ڀرو جو ڪو ڀراءُ ڳجهه يا خيالي بنهه نه آهي، پر زندگيءَ جا حقيقي عڪس چٽيءَ ريت سڪندر جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. غور سان مطالعي کان پوءِ هِنَ ڪتاب ۾ ڏنل شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي فنّ ۾ جهول به نظر اچن ٿا- جيڪڏهن سڪندر وزن بحر ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيندو ته سندِس ڪَوتائُون اَڃا به وڌيڪ ڪارئِتيون ثابت ٿينديون، جيڪڏهن هي دوست پنهنجي مطالعي کي وسيع تر ڪندو ته غير ضروري ورجاءَ جو شڪار نه ٿيندو. مونکي اميِد نه پر يقين آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جو هي سيبتو شاعر پهريان کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ادبي ذميواريءَ سان پنهنجو قلمي سفر جاري رکندو، پنهنجي من موهيندڙ شاعري ديس واسين کي ارپيندو رهندو. سندس پوکيل شعري گُلَنَ جو هُڳاءُ سنڌ جي ادبي حَلقي کي ضرور واسيندو.
جواد جعفري
جعفري پاڙو لاڙڪاڻو