تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه
ان هيڪاندي عرصي ۾ مان هي مورچو هڪ ڏينهن لاءِ به نه ڇڏيو آهي، اختر ايڪسري ۽ بلڊ ليبارٽري جيتوڻيڪ منهنجي اڌ زندگي جي شاهد آهي،ان سڄي عرصي گذارڻ سبب هن پاڙي ۾ منهنجا لاتعداد دوست پيدا ٿيا، ۽ ان عرصي ۾ وري ڪيترائي پراڻا دوست وڇڙي ويا، وري مليا. اهو سلسلو وقت جي رفتار سان هلندو رهيو. مختلف فيلڊن سان وابستگي سبب مختف مڪتب فڪر جا ماڻهو ملندا، جڙندا، ٽُٽندا رهيا. شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، ڪلوگار، ڊاڪٽر، پروفيسر، پورهيت، توڙي هاري مزدور طبقي جا ماڻهو منهنجي سوچن جو محور رهيا. ڇو ته مون ڪڏهن ڪنهن به وزير مشير يا ڪاموري جي پراڊو دانهن نظر کڻي نه ڏٺو هوندو پر پورهيت، مزدور، يا پيٽ بکايل مانهو جي اندر ۾ ضرور جهاتي پاتي هونديئ ڇو انهن جو درد منهنجي ذاتي وارتا جو حصو هيو.
اهو ئي سبب آهي جو سڪندر هاڙهي سان دل لڳي ٿي وئي، سڪندر مسڪين، پورهيت ماڻهو سڄو ڏينهن سال جا سڀئي مهينا، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ واري سٽ جيان پيو ڪاهي. اهڙي ماڻهو جي اندر مان اڀرندڙ هر سرير ڪنهن نه ڪنهن ماروئڙي جي حقيقي درد جو حصو هجي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو متاثر ڪندڙ معجزو هوندو.
سڪندر هاڙو پڻ هر فڪر جي ماڻهو سان ملي جُلي هوندڙ، ڪچهرين جو مور، اندر جو سچو، ڳالهائڻ جو کرو ماڻهو ۽ سُٺو تخليقڪار آهي. مون سندس شاعري ۾ فني فڪري طور تي ڪا به پرک نه ڪئي آهي، ڇو ته مان نه ڄاڻا ڪي وزن يا بحر پر مان اهو ڄاڻا ٿو ته سندس شعر جو ڪو نه ڪو بند اهڙو ضرور هجي ٿو جنهن ۾ اسان سڄي سنگت جو ڪردار نمايان نظر اچي. هر شعر ۾ شاعر جو پنهنجو ڪردار پسڻ ته بنهه چريائي آهي ڇو ته شاعر سماج جو آئينو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سندر جي شاعري ۾ منهنجي آس پاس گذرندڙ ڪردار نظر اچن ٿا. اُها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ۽ سڪندر جي ذاتي سڃاڻن انهن ڪردارن جي ويجهو رهي آهي.
سڪندر پنهنجي سڄي زندگي جي شاعري گڏ ڪندي هي پهريون ڀيرو ڇپائڻ جي آس رکي ٿو. مان ڀايان ٿو ته سندس هي پورهيو کيس سُٺو مقام عطا ڪندو.
ڊاڪٽر آر ڪي ڪي
اختر ايڪسري آصف ليبارٽي
شهدادڪوٽ