شاعري

مينهن ڪڻيون

سڪندر جي ھيءَ تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
Title Cover of book مينهن ڪڻيون

پنهنجي پاران

مون 3 جون1987ع جي ڏينهن تي معشوق علي ولد گل محمد هاڙهي جي گهر ۾ جنم ورتو، شعور سنڀاريم ته چوطرف اونداهه نظر آيو، چوويهن ڪلاڪن دوران ٻه ڀيرا گهر ۾ چلهه ٻرندي باهه جي روشني نظر پوندي هئي بس...!
بابا چوندو هيو تنهنجي ڄمڻ وقت هڙ ۾ ايترو ڪجهه نه هيو جو مان ڪنهن جو وات مٺو ڪرائي سگهان، ڏاڍ جي ڏيهه ۾ ڌڪا ٿاٻامنهنجو مقدر بڻجي ويا، مون کي اڄ به پنهنجو ماضي ڏاڍو ڀيانڪ لڳندو آهي، شهدادڪوٽ جون گهٽيون منهنجي سفر جي شاهدي ڏينديون، جتي مان ٿالهه ۾ چڻا، بسڪوٽ ۽ لاهوري گجر کڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ نڪرندو هيس،
منهنجي روزگار جو ذريعو بڻيل شيون ٻارڙن جي پسند هينو، تنهن ڪري ايندي ويندي اسڪولي ڊريس ۾ خوبصورت گلن جهڙا منهنجا هم عمر ٻار سامهون ايندا هئا، سوچيندو هيس ڪاش آئون به انهن جيئان اسڪول وڃان ها. پر ان وقت اهو ممڪن نه هيو، ايئن به نه هو ته مون هٿيار ڦٽا ڪيا هيا، پر ايئن تعليم پرائي نه سگهيس جيئن مان اسڪول ويندي شاگردن کي ڏسندو هيس. مسلسل پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ پورهيو به ڪندو رهيس ته روائتي طور تي 2003ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏئي پورو ڪيم، ان وچ ۾ 2001ع وارو سال اهڙو ڳرو ثابت ٿيو جو منهنجو آخري سهارو منهنجي ماءُ به مون کان وڇڙي وئي، پوءِ بس... منزل جي تلاش، اڻ پوري تعليم، ننڌڻڪو وجود بڻجي ڀٽڪندو رهيس.
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وجود کان پاڻ ئي سوال ڪندو رهندو هيس، اڪيلو وجود، بيروزگار، بي گهر ماڻهو _
پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيان؟
جواب ملندو هيو
توکي اڃان جيئڻو آهي.
ڪنهن لاءِ ...؟
ڪو پتو نه هو.
اڄ خبر پئي ته منهنجي جيئڻ جو مقصد خانداني پسمنظر کي زندهه رکڻ هو، ان لاءِ مون قلم جو سگهارو ورتو.
پنهنجي زندگي سان وابسطه ڪردار، سماج ۽ سنڌ منهنجي سوچن جو محور رهيا. بس جيڪو محسوس ڪيم لکندو رهيس.
منهنجي لکڻين جو گهڻو حصو شاعري هئي.
شاعري جي فن کان وافقيت نه هجڻ سبب لکڻين کي وزن بحر واري ترازو ۾ توري نه سگهيس، ڪيترو ئي عرصو پنهنجن احساسن کي شعر جو روپ ڏئي پني تي اتاريندو رهيس، ان وچ ۾ ڪيترائي ادب دوست منهنجي زندگي ۾ آيا، جن شاعري جي فن جي سکيا ڏني، ڪجهه نسخا هيئين سان هنڍايم، انهن ڪردارن منجهان عبدالله شاهه اطهر اهم نانءُ آهي، سحر غفار، رشيد مستوئي، ضمير کرل، رشيد خانواهي ۽ ٻيا ڪيترائي نانءُ آهن جيڪي وقت به وقت اتساهه ڏيندا رهيا. مان پاڻ کي شاعري ۾ ڪجهه به نه ٿو سمجهان ڇو ته شاعري جو ڪينواس وسيع آهي.
سينيئر استاد شاعر آهن پر نوجوان به تمام سُٺو لکي رهيا آهن.
پنهنجي شاعري کي ڪتابي صورت آڻڻ جو مقصد اهو نه هو ته هاڻ منهنجي شاعري ڇپجي سنڌ فتح ڪندي، پر اها خواهش هئي ته ٽُٽل ڦٽل سٽون ئي صحيح پر سهيڙجي وڃن.ان ارادي سان منهنجي شاعري جو ڪتاب ”مينهن مڻيون“ جي نانءُ سان ڇپجي آيو. ڪتاب جي نالي تي به ڪيترائي ڀيرا دوستن سان مشورو ڪندو رهيس، پر مون ڪتاب جو نالو پهريان ئي چونڊي ڇڏيو هيو ته مينهن ڪڻيون ئي رکندس، تنهن ڪري ٻي ڪنهن نالي متاثر نه ڪيو، توڙي جو ان نالي سان سنڌي ٻوليءَ جي مهان ڪوي شيخ اياز جو ڪتاب به ڇپيل آهي، پر مون اُن ڪتاب کان ئي متاثر ٿي ان نالي کي ترجيح ڏني.
شاعري جي هن ڪتاب ”مينهن ڪڻيون“ ڇپائڻ دوران ڪيترن ئي دوستن دل آزاري به ڪئي.
ڪيترن ئي سوالن ڪر کنيون، هيڪر ڪتاب ڇپرائڻ کان دل ئي کڄي وئي، مان انهن دوستن جو ذڪر ضروري نه ٿو سمجهان، پر انهن دوستن جو ذڪر ضرور ڪندس جن دلي سهڪار ڪيو،
جن ويساهه ڏنو،
انهن ۾ مرڪ پبليڪيشن جو سرواڻ دوست مرتضيٰ لغاري سري فهرست آهي، جنهن ڪراچي کان شهدادڪوٽ تائين ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ توڙي ترتيب ڏيندي راتين جي ننڊ ڦٽائي منهنجي شاعري کي ڪتابي شڪل ڏني، سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، پنهنجي محترم سائين جواد جعفري صاحب جو به ٿورائتو آهيان جنهن مهاڳ لکي ڏنو، احمد علي صابر صاحب بيڪ ٽائيٽل لکيو سندس وڏا وڙ- پنهنجي سينيئر دوست علي صفدر جا به ٿورا جنهن ڪتاب تي مضمون به لکيو ته اصلاحي نظر سان مواد ڏسي ڏنو، پياري ساٿي آر ڪي ڪي جا به لک ٿورا، سائين رشيد خانواهي، عبدالواحد سومري ۽ ٻين دوست جا قرب جن حوصلو ڏنو. مون پنهنجو ادبي پورهيو سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، دوستن جي اصلاحي تنقيد جي آجيان ڪندس.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سڪندر هاڙهو
شهدادڪوٽ
03337500696
Sikanderharho96@gmail.com