شاعري

مينهن ڪڻيون

سڪندر جي ھيءَ تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
Title Cover of book مينهن ڪڻيون

ارمانن جي دنيا چوان مان،

ارمانن جي دنيا چوان مان،
گيت حقيقي ڪو ته لکان مان.

ساٿ نڀائيندين ڪيسيتائين،
ٻيهر هڪڙو ڀيرو ڏسان مان.

واجب توکي يار لڳي ٿو،
تنهنجي هوندي سور سهان مان.

جهول ڀري ڏي خوشيون مون کي،
نچندو ڪُڏندو يار وڃان مان.

وس ۾ ناهيان دلبر پنهنجي،
دلڙي تو بن ڪيئن پليان مان.

پنهنجو ناهي ڪوئي ساٿي،
توسان ڪي پل گڏجي رهان مان.

تنهنجي هَٿَ جو هر هر پياري!
جام مٿان ٿو جام پيان مان.

قرب عنايت تنهنجي ۾ ئي،
ورهين تائين يار جيئان مان.

تنهنجو پاڇو يار جتي پئي،
سجدو اتڙي هر هر ڪيان مان.

”سڪندر“ جو ڏس مقدر اهڙو،
پينن کان وڌ يار آهيان مان.
**