سودي بازي ڪهڙي توسان،
يار ڀلي نقصان کڻي ڏي.
مان آهيان جوئاري ڀل تون،
هاريل ميدان کڻي ڏي،
توکان منهنجو پڇن جي پنهنجا،
يار چئي مهمان کڻي ڏي.
سڀ جي سامهون مون کي پنهنجي،
ٻانهي جو هي مان کڻي ڏي.
پن پن ٿي جيئن وکري وڃان مان،
اهڙو ڪو طوفان کڻي ڏي،
ڇا ڇا ڪيان ڏس ڪاڏي وڃان ڏس،
پنهنجو تون فرمان کڻي ڏي،
لوڪ رهي بس مون کي ڏسندو
عبرت جو سامان کڻي ڏي.
دردن جو هي دلبر سارو،
ويڙهي تون به جهان کڻي ڏي.
عشق جي آهي ڪيسيتائين،
سرحد جو نيشان کڻي ڏي.
هر ڪو پُڇي ٿو مون کان دلبر،
مون کي ڪو عنوان کڻي ڏي.
سال صدين جو بکيو آهيان،
يار سڪل ڪو نان کڻي ڏي.
يار ڏسي هي منهنجا ڳوڙها،
رحم سندو انسان کڻي ڏي.
مارڻ منهنجي لئه تون ڪنهن کي،
دلبر تير ڪمان کڻي ڏي.
منصور جيان چاڙهي ڦاهي،
اهڙو ڪو سلطان کڻي ڏي.
مرندي مري ويو ”سڪندر“ تنهنجو،
ان کي قبرستان کڻي ڏي.
**