ٿرٿلو ٿيندو ضرور
جنهن دؤر ۾ مان اڃا عمر جي لحاظ کان ڪچڙو ڇوڪرو هيس ته ادبي دنيا ۾ به صفا جيتامڙو! ان دؤر ۾ به شعوري وهڪرا ته هئا ئي هئا... سچ ته آنءُ ان وقت به فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوندو هُيس ته مان س ا س شاخ قمبر جو شاگرد آهيان... مان ساس قمبر جي ادبي ويهڪن ۾ پاڻ ڇلايو به آ ته ڇليو به آ، ته واهه وا به ايتري ئي ڪئي آ/ڪرائي آ، جيتري شيءَ /شعر جي اهميت/ خوبي ۽ خيالي حُسَن هجي ٿو.
ان دؤر کان هن دؤر تائين ساس شهدادڪوٽ چند نالي ماتر پروگرام ڪرائي مڙئي پاڻ جيئارڻ جي جتن ۾ هئي..... هاڻ ته اها به ناهي ڇو ته ان پروگرامن کي به ڪي کوڙ سال ٿيندا... هاڻ پيرل قمبر ادبي سنگت به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سمهي پئي آهي. رهي ڳالهه ايشيا جي اول نمبر سنڌي اداري تنظيم/ مرڪز سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کي سنڀاليندڙن جي ته سي ڪي ته پيرن جا مريد ٿي ويا ڪي الله لوڪ فقير ته اڃا به داٻو ڪري چون پيا ته اسان هر شيءِ ڪيون ٿا، پر پاڻ تائين محدود! مان اڄ تائين سوچيندو رهندو آهيان ته شهدادڪوٽ ساس جا عهديدار/ ميمبر/ والي وارث ادب جي آبياري ڇو نه ڪري سگهيا؟؟
جيئن مثال طور: ساس قمبر، ساس لاڙڪاڻو يا باراني مغيري، ساس رتورديرو، ساس دادو، حيدرآباد يا ٻيون کوڙ ساريون شاخون سرگرم ته آهن ئي آهن پر هو ادب جي آبياري به ڪن پيون، ساس شهدادڪوٽ کي منظم طور تي مضبوط ڪري، نوان چهرا نئين نئين ادبي سوچ رکندڙ، دوستن/لکيڪن کي اڳتي عهدن تي چونڊي ڪري انهن جي رهنمائي ڪري، ادبي ذوق کي برقرار رکن ٿا... سنڌي ادبي سنگت کي گهرجي ته ميمبر شپ وڌائي، رسالا، اخبارون، ادبي ڪتاب شاعري ۽ نثر جي ڀاڱي وارا ڪتاب فراهم ڪري دوستن سيکڙاٽن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي، انهن سان ادبي چٽا پيٽي ڪجي، تنقيد جي اک ايتري ته کليل رکجي جو ننڍي کان ننڍو نُقس به عيب لڳندو هجي.
اهميت ايتري ته ڏجي جيتري اوهان جي اندر ۾ سچائي آهي.... ادبي جي آبياري نه ٿيڻ سبب ئي اسان جي دوستن شاعر ”سڪندر هاڙهي“ جي شاعري ڄڻ تراشڻ لاءِ سنگتراش ڳوليندي هجي.
هڪ اهڙي تصوير ”جيڪا پئي پراڻي نه ٿئي“ وانگر آهي پر پوءِ به هڪ مصور جي انتظار ۾ آهي. پر افسوس ڪاريگر ته ڪونهن ڪي، ”جڳ مڙيوئي سپنو “ شدادڪوٽ جي نئين ٽهي جنهن ۾ راشد دايو، اڪبر کرل (مرحوم ) رحمت راهي، سرور چشتي، سعيد کوکر، ماجد سمون، برڪت ڀٽي، نادر دايو، سڪندر هاڙهو ۽ اڃا ڪي ٻيا به کوڙ سارا دوست اچيو وڃن ٿا، جن کي ادبي ادارو نه ملي سگهيو، بس هلندي رستي جنهن سيکاريو، جنهن کان سکيو، سيکاريو سمجهايو، ان بنياد تي هي نوجوان ڏاڍا نرالا شاعر ٿي اڀريا پر خد شو اهو ئي هو ته ڇاهنن دوستن جي لکڻين/ احساسن جي صحيح وقت کي صحيح نموني اصلاح يا حوصلي افزائي نه ٿي ته متان به هي:
هَڙڪ هلو هو ،
ڌيمان هلو هو
واٽ اَواٽي ڏيل ڏري هو،
پو به پرينءَ جو پنڌ ڀلو هو. شيخ اياز واري رستي کان هٽي نه وڃن....... ايئن ئي ٿيو.
پَن پَن ٿي وکري وياسي،
آيو اهڙو واڇوڙو،
سارا جُوڙَ ٽُٽُا جاني،
ڀاسين ڇو ٿي پيِرن تي،
تون ٿي روز مُٽَا جاني.
(ع ص)
انهن وکري ويل گلن مان هڪڙو گل وري به ٽاريءَ سان چنبڙيو رهيو، معاشي حالتون، سماجي حالتون ٻنهيءَ سان اڻ برابري، پوءِ به گل خوشبوءِ کنڊيڙڻ لاءِ ٽاريءَ جي دامن ۾ لڪيو پيو آهي.
”سڪندر هاڙهو“ اُهو گل آهي. ڏٺو سي ته جيڪي دوست راتين جون راتيون رولهڙا ڪري، هڪ شعر جي آمد لئه اوسيئڙو ڪندا هيا.... جڏهن الهام جو آورد ٿيندو هُئينِ ته اهڙو ته لکي وٺندا هُيا. جو ساهه نپوڙجي وڃي... جڏهن عهدن جا آستانا وسايائون، تڏهن پنهنجن پراڻن يارن جون انجمنون ڀلائي ڇڏيائون. يا ڪن دوستن سان ذاتي معاشرتي يا معاشي ٿورا ڪي گهڻا مسئلا جو پيدا ٿيا ته يارن ادبي اوطاقن تان ٽپڙ گول ڪيا.. يا ڪي دوست عاشقي ءَ جي اوج تان ٿِڙِي ادبي اوطاق تي آيا ۽ وري جو معاشي حالتون/عاشقاڻيون رَوَشون بهتر بڻيون ته يارڙا تمام گهڻا سياڻا ۽ سماج سَڀا جا ممبر بڻجي ويا. يعنى چهرا، ماڻهو، دوست ، اديب، ليکڪ، شاعر، ادب جي آبياري ڪندڙ فرد حضرات رڳو بس آيا ۽ ويا... ادارو/ ساس ايئن ئي بند ئي بند رهي، نه رهيو ادب نه رهي آبياري
دوست سڪندر هاڙهي يزيدي دؤر ۾ حسينيت جي هامي ڀري ان ويساهه کي جيئاريو ته:
ٿرٿلو ٿيندو ضرور
تون رڳو آزاد ڪر،
اي ماءُ پنهنجي ٿڃ مان،
ٿرٿلو ٿيندو ضرور_ (ع ص)
سڪندر هاڙهي پنهنجي سينيئرس کان جيڪو ڪجهه سکيو، سمجهيو، ٻڌو/ٻڌايو سو توهان سامهون، ”منهن ڪڻيون“ نالي سان پيو آهي يا اوهان جي هٿن ۾ آهي... سڪندر هاڙهي جي شاعري مختلف صنفن تي پڌاريل آهي غزل، گيت، وايون، نوحا، اردو غزل، سرائڪي نوحا، گيت، سرائڪي غزل اچيو وڃن ٿا.
سڪندر هاڙهي جا نوحا.... فقط نوحا آهن.... انهن کي مرثيو يا مسدس يا منقبت نٿو چئي سگهجي، ڇو ته فني فارميٽ ۾ سڀن صنفن کي پنهنجي پنهنجي فني نَٿَ پيل آهي ته فڪري اسلوب اسٽائيل، موضوعاتي پوراءُ به هجڻ ضروري آهي، نوحن ۾ ڪافي سارو درد آهي، سوز آهي،
”آ تون به بڻ حيدر دا “
سڪندر مومنن جو مزاج رکندڙ ڪوي آهي، شاعريءَ ۾ ڪافي هنڌن تا پاڻ وڻايو به اٿائين، اها خوبي به وٽس آهي.....
ڪو ٻڌي قصو منهنجو،
ڪيڏو ڏک ڀريو آهي.
ڳالهه اڄ ٻڌي تنهنجي
ڏک ٿي پيو آهي
غم سڄي حياتيءَ جو،
مون پلئه پيو آهي.
سڪندر هاڙهي ننڍن ننڍن وزنن ۾ غزل کي ”غزل رنگ “ ڏيڻ جي خوب ڪوشش ڪئي آهي.
هوش پنهنجا پرين وياَ اُلجهي،
پو به آ باخبر اڪيلائي.
.............
ڏيئا ٽِم ٽِم ٻَرندا وِسندا،
اونداهو منظر ٿي ويندو.
تنهنجي هَٿِ جو پَٿر ايندو،
سوئي سنگِ مرمر ٿي ويندو.
.............
مون سان تنهائي ڪمري ۾، ۽ گڏ بسترو،
تيل، سرما، ڦڻي، سوچ جو آئينو.
سڪندر هاڙهي جي شاعري/غزلن ۾ ڪي ڪي ته اهڙا بند ”مصرائون “ آهن، جيڪي پنهنجي فني بيهڪ ۾ زلفِ_ ڪُمندَ آهن... شهدادڪوٽ شهر ۾ پيرل کان پوءِ ضمير کرل غزل جو ڀلوڙ شاعر رهيو آهي. پر وقت جي وياڪلتا رشتن جو اُجڙي وڃڻ ۽ ٻين ڍير سارن مامرن ضمير سائينءَ کي شاعريءَ جي دنيا کان پري ڪري ڇڏيو، راشد دايي يا اڪبر کرل جا غزل به پاڻ وڻائيندڙ هيا.
پر سڪندر يار ڪري به ڇا!!؟ دوستن ۾ تفاوتون وڌي ويون، ٽولا ٽولا ٺهي ويا... هڪٻئي تي ذاتي نجي تنقيد جا راڪيٽ لانچر کولي ڇڏيائون پر ان ڌمچر هوندي به ٿورو ٿورو ان ڳالهه جو احساس ضرور ٿيندو هيو ته شهدادڪوٽ ساس يا ٻيون ادبي اوطاقون مڙئي سرگرم ته آهن، سبحان الله... ۽ پوءِ آهستي آهستي ٽولا به ٽٽي ويا....هاڻ بس فرد
بس واحد فرد جي حثيت ۾ ادارو به آهي ته ممبر به
دوستن جا رويا تبديل ٿي ويا_ ادبي سرگرميون ماٺ پئجي ويون افسوس پيرل کي ڳوٺ ۾ ادبي جي آبياري جو سلسلو ايئن ختم ٿيندو ٿو وڃي، ڄڻ اها روش جي تبديلي کارو سمنڊ هجي... ۽ ادب /ادبي دوست ٺٽي جي زمين هجن، جن کي کارو سمنڊ روز ڪوريندو ٿو رهي.
سڪندر هاڙهي جي شاعري ڪٿي ڪٿي سچيت احساسن جو عڪس لڳندي آهي،
هڪڙي عنوان لئه ٿا واجهايون،
پاڻ، خالي شهر، اڪيلائي.
جديد سنڌي ادبي ڪهڙي وارئٽيءَ واري شاعري جي ضرورت آهي يا ڪيترو تڪڙو، سٺو سهڻو ۽ جديد کان جديد خيال لکجي ان مامري ۾ هن خطي کي بد نصيبي سان پيرل پڄاڻان.... ڪو به مڪمل ليکڪ نه مليو آهي.. سڪندر بظاهر ته گهڻو تڻو ڪئسٽ جي دنيا جو شاعر آهي،
تڏهن ان جي شاعريءَ ۾ اهي اثر به نمايا آهن.
ان ڪئسٽ ڪلچرل ڀاڱي واري شاعريءَ کان علاؤه به سڪندر غزل ۾ ملوڪڙا موضوع چونڊيا آهن.. پر سڪندر جاغزل لفظ غزلهاٰ“ قرآن پاڪ جي صورت ”النحل“ مان ورتل لفظ غزلهاٰ”يعنى ٽڪرا ٽڪرا واري هر فتائي يا چتر ڪاري کان هٽيل، اڳوڻي گذري ويل ڪن شاعرن جي شاعري/”غزلن “ جيان مسلسل هڪ ئي موضوعاتي تسلسل ۾ گهڻو تڻو لکيل آهن... ڪيرُ هُو سونارو، جيڪو سڪندر کي سمجهائي ها. سڀ سونارا بظاهر ته سونارا هُيا پر حقيقت ۾ اوندروني طور اُهي ”ڀَڳَ“ جو ڪاروبار ڪندڙ هيا/آهن.
توکي ته پسند ناهي ٻنهي جو اي رب ستار!
انسان جو غرور يا شيطان جو غرور.
(ع ص )
ماڻهو ڄائي ڄم کان مذهبي پوئلڳ ناهي هوندو.. ان کي مذهبي پوئلڳي معاشري مان ئي سکڻي ٿي پوي يا معاشري/ سماج جو فرار ماڻهو آخري پناهه گاهه مذهبي پوئلڳي يا ذوق کي سمجهندو آهي. ڪافي سارا دوست، دوستن جي معتبراڻي/ وزيراڻي روش کي ڏسي ڪِن ادب جي آبياريءَ جي پَچر ئي ڇڏي ڏني، ڪن يارن مسجدن، مندرن امام بارگاهن جو رخ ڪيو سڪندر هاڙهي جي شاعريءَ جو رخ مُڙي وڄڻ يعنى صحيح جائزو وقت تي صحيح جائز ادبي اصطلاح نه ٿيڻ نه صحتمند تنقيد ڪرڻ.. سبب ئي هن فرقيواريت ۽ مذهبي شاعريءَ کي اوليت ڏني. (نه ته شاعريءَ جو ڪم لاحد ۾ ٽٻيون هڻڻ آ) وري ان ئي شاعريءَ کي لکي ترت کان ترت ڪنهن راڳي/نوحا خوان کان ڳارائي. پنهنجي جهريل جذبن کي هٿ ڦيريندو آهي... يا ايئن به هوندو آ ته ڪِن ڪِن آفاقي ارواحن /ليکارن جي شاعري (يا ٻي صنف جنهن جو هو لکندڙ آهي) جا رخ پاڻ مرادو مٽجيو ويندا آهن.، پر انهن جي ان مذهبي شاعريءَ ۾ پوري اسلامي تاريخ جا واقعا، لقاءَ حادثا، منظر حالتون سڀ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملندو آهي . پر يار سڪندر جي نوحن جي بندن ۾ اهڙو اٽريڪشن (Atrection) ناهي جو هانءُ ڇهيون ڇهيون ٿي پوي. مذهبي شاعري هجي يا ادبي، روايتي خيالن جي چونڊ ڪرڻ سان غزل، گيت يا ڪهڙي به صنف جو توارزن ٽٽي پوندو آهي. تخليق کوکلي لڳندي آهي. ڪنهن خوبصورت نوحا لکندڙ شاعر جو نوحو آهي،
عباسی شام تون پر دیدار آئے نی،
بڑی اداسی بڑی سوگوار آئے نی.
هِن نوحي جا جيڪي ٻيا بند آهن اُهي غزل جي بندن وانگي ٽڪرا ٽڪرا به آهي ته انهن هر هڪ بند ۾ هر نئون، واقعو، درد ڌاڙ گهوڙا جي ڪيفيت به آهي يا هڪ ٻيو نوحو:
مجھ پرکیو بند کرتے ہو پانی
کیا محمّد کا پیارا نہیں ہوں !!
کیا مین زھرھ کا جایا نہیں ہوں!!
کیا نبی کا نواسہ نہیں ہوں
اهڙا درد ناڪ ڪيفيت پيدا ڪرائيندڙ روئاريندڙ کوڙ سارا نوحا/ مرثيا/ منقبت ملن ٿا جن ۾ ٽڪرا ٽڪرا وارو ڌارڻپو به آهي، ته نديءَ ۽ درياهه جهڙو ميلاپ به وري اهو نوحو يا مرثيو ٻدندي دل ڄڻ ڪربلا جي پِڙ ۾ بيٺي ياحسين ياحسين چوندي هجي.
اچو ته پڙهون سڪندر هاڙهي جا نوحا/قصيدا:
جنهن دا مولا مولا علي هي
تنهن دي قسمت هوندي ڀلي هي
آ تون به بڻ حيدر دا
تیری سوا ای بابا کسیے رہے سکینہ
زخمون سے بھرا دل کسیے سهے سکینہ
حشر تکُ کرتے رھین گے تیرا ماتم یاحسین
تیرے نوحہ خواں ہیں ہم تیرے ہی ہیں ماتمی
غم کھائی جا رہا ہے گھر سے کبھی نہ نکلی،
پھر آگئی میں در در زینب کا تھا نوحا
سڪندر جي نوحن م سوزوگداز جو رنگ ته چڙهيل آهي، پر ان جي ٽڪرن ٽڪرن، بندن، مصراعن ۾ ٻيا ٻيا واقعا/ منظر گهٽ آهن۔
چوندا آهن جتي اوندهه انڌو ڪار رات جو ساءُ ڏيندڙ خدائي هجي اُتي کيتن ۾ اُڏامندڙ جيتا مڙي ٽانڊاڻي جي جهيڻي روشني به ان ڳالهه جو احساس جڳائيندي آهي ته سفر روان دوان آهي. ڪي اڻ ڳڻيا هليا ويا، ڪن پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڳڻايو، ڪنهن ڪيترو ڳڻايو روشني ءَ جو احساس فنا ۾ بقا جو احساس آهي. پيرل جي پنڌ تي پيادي مسافر دوست سڪندر هاڙهو به پنهنجو نالو ادبي کيتر ۾ ضرور لکرائي چڪو آ ته هو روشنيءَ جو ساکي آ.
علي صفدر
شهداد ڪوٽ
8 جون 2017ع