شاعري

مينهن ڪڻيون

سڪندر جي ھيءَ تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
Title Cover of book مينهن ڪڻيون

هن سان منهنجو چاهه هيو ڪو،

هن سان منهنجو چاهه هيو ڪو،
صدين جو ويساهه هيو ڪو.

ڪعبي ڏي ڪيئن پير ڪيان ها،
مون لئه ڄڻ الله هيو ڪو.

منهنجو درد نه هن پئي سمجهو،
ماڻهو بي پرواهه هيو ڪو.

دين ڌرم بس هن کي سمجهيم،
ٻي نه ڪهين سان ٺاهه هيو ڪو.

جيون تڙپيو هن لاءِ ڏاڍو،
هن ۾ منهنجو ساهه هيو ڪو.

دل جي چئي تي جهاڳي نڪتس،
سامهون ڄڻ درياهه هيو ڪو.

خواب ٽٽڻ کان ”سڪندر“ پوءِ،
سوچيم گڏ همراهه هيو ڪو.
**