مصر هڪ ٻي آمريت ۽ انارڪي جي ور چڙهي ويندو؟ : نيوز ويڪ
اڄوڪي مصر ۾ ڪيترائي ماڻهو حسني مبارڪ کان عبدالفاتح وانگر بيزاري ڏيکارين ٿا ته ڪي وري ان کي پنهنجو حڪمران ۽ محافظ ٿا تسليم ڪن، ڪجهه وري اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته هو ساڻن گذريل 25 ورهين کان هڪ جيلر وارو سلوڪ روا رکيو پيو اچي، پر هاڻي ته سوال اهو به آهي ته کانئس پوءِ کين ڪا آزادي نصيب ٿيندي يا اهي اڳ کان وڌيڪ ڪنهن جيل ۾ واڙيا ويندا؟ ڇا مصر جو اقتدار پيءُ کان پٽ ڏانهن يعني 42 ساله جمال مبارڪ ڏانهن منتقل ٿيندو؟ گهڻو تڻو سمجهيو ايئن ئي پيو وڃي. اهي به امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته آيا حسني مبارڪ کان پوءِ مصر جو اقتدار فوج يا مذهبي گروهن مان ڪنهن هڪ جي هٿ ۾ هليو ويندو. يا وري مورڳوئي انارڪي ڦهلجي ويندي. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي پاليسي ڇا هوندي اهو به اڃا تائين واضح ناهي.
پر ان کان پوءِ عراقي بحران لاڳيتو وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ سياستدان قتل ٿيڻ کان پوءِ باقي رهيل کهيل سياستدان به خوف ۾ مبتلا زندگي گذاري رهيا آهن. حسني مبارڪ جو گذريل سال صدارتي چونڊن ۾ مد مقابل مخالف ڌر جو اميدوار ايمن نور جيل ۾ آهي ۽ کيس هاڻي اپيل جو به حق ناهي بچيو، مصر جي پارلياماني چونڊن ۾ به ڌانڌليون ڪري نتيجا پنهنجي حق ۾ ڪيا ويا، ۽ مسلم بر در هُڊ کي محدود ڪيو ويو. ميونسپل جون چونڊون ملتوي ٿي چڪيون آهن. اهي جج جن پارلياماني اليڪشن ۾ ٿيل فراڊ تي حڪومت جو ساٿ نه ڏنو تن کي هٽايو ويو يا وري جيل ۾ وڌو ويو آهي. مخالف ڌر به اهڙن معاملن تي خاموش نه آهي ۽ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن. قاهره ۾ حڪومت خلاف جيڪڏهن ڪو مظاهرو ٿئي ٿو ته ان مٿان پوليس ڪڙڪي پوي ٿي ۽ ماڻهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. محمود حمزه، جيڪو هڪ جج پڻ آهي. هن جڏهن گذريل اپريل ۾ ماڻهن مٿان ٿيندڙ پوليس تشدد کي ڪئميرا جي اک ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کيس به تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن ۾ هو نه رڳو رتو رت ٿي ويو، بلڪه سندس ٻانهن به ڀڄي پئي. ”آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته منهنجي ڪڙي نگراني ڪئي پئي وڃي، منهنجا فون ٽيپ ڪيا پيا وڃن.“ هو چوي ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”مون کان موبائل فون به کسيو ويو، جنهن تان منهنجو فون رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو.“ سوين ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ اڪثريت مسلم بردر هُڊ جي ڪارڪنن جي آهي. بردر هُڊ حڪومت جي ملڪ ۾ واحد مضبوط مخالف سياسي جماعت ۽ متبادل آهي. هن وقت اها پارليامينٽ اندر ڪل سيٽن جو 20 سيڪڙو شيئر رکندڙ ٻي وڏي پارٽي آهي. هن وقت مصر ۾ پڙهيل لکيل، دانشور ۽ واپاري طبقو انهن بحثن ۾ الجهيل ٿو نظر اچي ته آمراڻي طور مصر کي هلائيندڙ حسني مبارڪ کان پوءِ مصر جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ اهي مصر جي مستقبل بابت ڪا واٽ ڳولڻ لاءِ ڳوڙهي سوچ ويچار ۾ آهن. اهي چين وارو ماڊل، ترڪي ماڊل، الجيريا ماڊل، ميڪسيڪو ماڊل، مطلب ته هر آپشن تي ويچارين پيا، انهن جي حالت انڌي ۽ هاٿي واري قصي جهڙي آهي، جنهن ۾ اهي ان جون الڳ الڳ تشريحون ۽ تاويلون ڪن ٿا. هونئن ته مصر عرب دنيا لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ به بڻجي سگهي ٿو. مصري حڪومت ان سلسلي ۾ چين سان به بهتر لاڳاپن جي شروعات ڪئي. آمريڪا ۽ يورپ مصر کي پنهنجي اک ۽ انداز سان ڏسن پيا، اهي اتي سياسي ڌرين تي هروڀرو بندش به نٿا چاهين. مصري حڪومت جا ڪافي ڪارندا اهو سوچين ٿا بلڪه دعا ڪن ٿا ته حسني مبارڪ کان پوءِ جيڪڏهن صورتحال ڪو پاسو بدلائي ٿي ته فوج ئي ملڪ کي مستحڪم رکي سگهي ٿي. ڇو ته حسني جي موت کان پوءِ انتها پسند مذهبي ڌريون ميدان تي اچي سگهن ٿيون ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجي سگهي ٿي. خاص طور تي تڏهن جڏهن جمال مبارڪ اقتدار جون واڳون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان ۾ ناڪام ٿي وڃي، ”جمال مبارڪ ڪمزور آهي، هن جي ڪا گهڻي ساک به سٺي نه آهي.“ هڪ مصري اخبار جو ايڊيٽر هشام قاسم چوي ٿو. هن جو خيال آهي ته ”هاڻي مصر کي هلائڻ ڪنهن سويلين ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي.“
ترڪي ماڊل، مصر لاءِ ان ڪري قابل قبول ناهي جو ترڪي جا جنرل سيڪيولر نظريو رکن ٿا. جڏهن ته مصر جي فوج ۾ انتها پسند خيال رکندڙن جي گهڻائي آهي. مصر ته اهو ملڪ آهي جتي آڪٽوبر 1981ع ۾ حسني مبارڪ جي اڳوڻي هم منصب انور سادات کي هڪ فوجي سلامي دوران ماريو ويو هو. ساڳي طرح الجيريا، توڙي ميڪسيڪو جا ماڊل به ڪافي حوالن سان مصر لاءِ قابل عمل نه پيا سمجهيا وڃن. مصر بهرحال مصر آهي، جتي ڊگهي حڪمراني ڪندڙن جو پنهنجو رڪارڊ آهي، انڪري حسني مبارڪ جي وڃڻ جي صورت ۾ جمال کي اقتدار منتقل ڪرڻ جا پورا انتظام ڪيا ويا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته جمال مبارڪ نه ته عوام ۾ مقبول آهي. نه وري سندس نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جون عوام ۾ پاڙون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ مسلم بردر هُڊ عوام ۾ ڪافي حد تائين مقبوليت رکي ٿي. جيتوڻيڪ جمال مبارڪ عالمي ڪميونٽي وٽ پنهنجو اميج بزنس فرينڊلي ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ آهي، پر سندس مخالفن به هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا . ڊگهن وارن وارو کاٻي ڌرجو بلاگر عبدالفاتح ويجهڙ ۾ جڏهن 22 جون تي جيل مان ٻاهر آيو تڏهن هن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مسلم بردرس سان سٺا لاڳاپا جڙي چڪا آهن، ”اسان سڀ گڏ هڪ ئي مقصد لاءِ وڙهندي ڪاٺ ۾ وڌا وياسين.“ هو چوي ٿو. مصر جو عوام جيڪو هاڻوڪي سڄي صورتحال مان خوش ناهي، نه وري حسني مبارڪ تي ڀاڙي ٿو. اهو يقيناً پنهنجي مستقبل جي ماڊل جي پاڻ چونڊ ڪندو، بس ان لاءِ کپي ٿورو انتظار!.
(3 جولاءِ 2006)