اسامه بن لادن سان ڪچهري: رابرٽ فسڪ
19 مارچ 1997ع جي ڳالهه آهي، جڏهن جلال آباد جي گلابي گلن ۾ باغ سان واسيل اسپنگهار هوٽل ٻاهران ڪلاشنڪوف سان مسلح هڪ افغاني همراهه، مون کي ڪار ۾ شهر کان ٻاهر هلڻ لاءِ چيو، تنهن شام پوءِ ڪابل پنڌ پياسين، روڊ ڇا هيو؟، پهاڙ ئي پهاڙ هئا، ڪابل ندي جي گجگوڙ ڪندڙ پاڻي مٿان هلندي پهاڙ به گڏوگڏ پئي هليا. افغاني همراهه رکي رکي مون تي کليو ٿي پر ڳالهايائين نه پئي. مون سندس کل جو مطلب سمجهيو به ٿي، يقين ڪريو ته مون کيس ان انداز سان جواب نه پئي ڏنو، بس مان به ساڻس کوٽي سنگت طور کلي پئي پيس.
رستو انتهائي پيچيده ۽ ڏکيو هو. ڪار جي ونڊ اسڪرين ڌوڙ ۾ لٽجي وئي هئي. مون سوچيو پئي ته اڄ کان 150 ورهيه اڳ برطانوي فوج جو، ميجر جنرل وليم ايلفسٽون فوجون وٺي تباهڪاري کي ڪيئن منهن ڏنو هوندو؟ افغانستان جا پوڙها، جن اها پهرين افغان جنگ ڏٺي اهي ٻڌائن ٿا ته 1842ع ۾ هتي هزارين انگريز مارجي ويا، کين شڪست ملي، ايئن پهاڙن جا ڀورا پٿر انگريزن جي رت سان ڪارا ٿي ويا هئا. جيتوڻيڪ اسان اها جنگ وساري چڪا آهيون، پر افغانين ان جنگ کي اڃا ناهي وساريو. اهي کين اڃا به فرنگي سڏين ٿا.
ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان هڪ پٿريلي جابلو ٽڪري وٽ بيهي ٿا رهون. ايتري ۾ افغاني لباس پهريل هڪ عرب اڳيان وڌي اچي ٿو. مون کيس سڃاتو، اسان جي وچ ۾ آخري ملاقات هڪ تباهه ٿيل ڳوٺڙي ۾ ٿي هئي. ”معذرت سان مسٽر رابرٽ! آءٌ اوهان جي تلاشي وٺندس.“ ايئن چئي هن منهنجي ڪئمرا، بيگ ۽ اخبارن کي ٽٽولڻ شروع ڪيو. پوءِ اسان ان ئي رستي تي هلڻ لڳاسين. جيڪو اسامه بن لادن 1980ع ڌاري روسين خلاف جهاد دوران تعمير ڪيو هو. هڪ ڪلاڪ سفر کان پوءِ جبل جي پٺئين پاسي کان ٻُٽون ٻڌل، پنهنجي ڪلهن تي اينٽي ٽئنڪ راڪيٽ لانچر کنيل ٻه عرب اسان جي سامهون آيا. ”روڪيو روڪيو،“ اوچتو بريڪ لڳڻ سبب منهنجو مٿو وڃي ونڊ اسڪرين سان لڳو. جنهن لاءِ هن ٻه ڀيرا ”سوري سوري“ چيو. ان کان پوءِ هن پنهنجو راڪيٽ لانچر زمين تي رکيو ۽ جيڪٽ مان هڪ اوزار ڪڍيو، جنهن سان هن منهنجي ٻئي ڀيري تلاشي ورتي. اسان جيئن اڳتي وڌندا وياسين، رستو اوترو ئي خراب هيو. ”ٽويوٽا جهاد لاءِ سٺي سواري آهي.“ منهنجي ڊرائيور چيو، مون وٽ ان سان اتفاق ڪرڻ جي ٻيو چارو نه هيو.
هاڻي چانڊوڪي هئي، ڪڪر مٿي به ڏٺا ٿي ته هيٺ چنڊ جو عڪس برف سان ڍڪيل پهاڙن ۾ به ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اهي پهاڙي رستا جيڪي اسامه بن لادن روس خلاف ويڙهه دوران ٺاهيا هئا، ان بابت هو ڀلي ڀت ڄاڻي پيو ته اهي ڪيئن ٺاهڻ گهرجن. ماسڪو خلاف گوريلا ويڙهه جي اڳواڻي ڪندڙ، پهريون عرب ويڙهاڪ هاڻي انهن ئي پهاڙن ۾ آهي. هتي هنڌ هنڌ تي عربن جون چيڪ پوسٽون هيون. ايئن پوءِ اسامه بن لادن مخصوص لباس ۾ پاڻ منهنجي اڳيان آيو، مون کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ ”اسلام عليڪم“ چيائين ۽ مون “وعليڪم السلام“ وراڻيو، جيڪو آءٌ هر عرب سان ملاقات ۾ چوندو آهيان. اسامه بن لادن مون کي افغانستان ۾ ملڻ جي دعوت ته ڏني هئي، پر اهو ڪنهن وچ واري ماڻهو کان سواءِ ممڪن نه هو. ٻيو ته ساڻس ملڻ لاءِ تلاشي جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو ٿي پيو.
آءٌ اسامه بن لادن سان پهرئين ڀيري مليو هيس. ساڻس ملڻ ايترو سولو نه هو. هي ڊسمبر 1993ع جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ اسلامي ڪانفرنس جي رپوٽنگ ڪري رهيو هئس، تڏهن هڪ سعودي صحافي ۽ منهنجو دوست جمال ڪشوغي، مون وٽ منهنجي هوٽل ۾ لنگهي آيو. ”هتي هڪ اهڙو شخص موجود آهي. جنهن سان تون ملڻ چاهيندين.“ هن چيو. ڪشوغي بن لادن جو سچو پيروڪار آهي، ان ڪري مون سمجهي ورتو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو چوي. ڪشوغي، اسامه سان روس خلاف جنگ دوران افغانستان ۾ ملي چڪو هو، ”هو اڳ ۾ ڪنهن به مغربي صحافي سان ناهي مليو.“ هن ٻڌايو:
1979ع ۾ جڏهن سوويت فوجن افغانستان تي چڙهائي ڪئي. تڏهن آمريڪي سي آءِ اي، سعودي عرب جي شاهي گهراڻي کي روس خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ لاءِ افغانين جي مدد ڪرڻ تي همٿايو، تڏهن اسامه بن لادن اهو سمجهندي به سعودي حڪومت ڪرپٽ آهي. باوجود ان جي هن مسلم امت جو بچاءُ ڪرڻ واري نقطي تحت پنهنجي سعودي تعميراتي ڪمپني ذريعي افغان جهادين جي مدد ڪئي، ايئن هو عرب دنيا جو هيرو ٿي اڀريو. پوءِ سوين مصري، سعودي، يمني، ڪويتي، الجيريائي، شامي ۽ فلسطيني به سندس پوئلڳ بڻجي ويا ۽ انهن روس خلاف ويڙهه لاءِ پاڪستان جي شهر پشاور ڏانهن رخ ڪيو، جڏهن هن جا عرب ويڙهاڪ ۽ افغان مجاهد روس کي افغانستان مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته ان کان پوءِ افغانين پاڻ ۾ قبائلي ويڙهه شروع ڪري ڏني، جنهن ڪري اسامه بن لادن هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي عرب موٽي ويو، ليڪن سندس سفر اتي پورو نٿو ٿئي. 1990ع ۾ جڏهن صدام حسين ڪويت تي حملو ڪيو تڏهن هن هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي حڪومت کي پنهنجون خدمتون آڇيون. هن کين چيو ته اوهان کي مڪي ۽ مديني جي تحفظ لاءِ آمريڪين کي گهرائڻ جي ضرورت ناهي. اسامه پاڻ پنهنجي افغان ۽ عرب مجاهدن جي مدد سان عراقي فوج کي ڪويت مان ڌڪي ٻاهر ڪندو. ليڪن شاهه فهد آمريڪين تي اعتماد ڪيو. ايئن پوءِ آمريڪي يو ايس 82 ۽ ايئربون ڊويزن جون فوجون سعودي شهر دهران ۾ لاٿيون ويون. جيڪو مديني جي مقدس شهر کان 400 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهڙي حڪومت سان تعلق ختم ڪري هڪ ٻئي اسلامي ملڪ سوڊان جو رخ ڪيو.
اسان خرطوم جي اترئين پاسي کان ريگستاني علائقي مان سفر شروع ڪيو. ”اسامه بن لادن جهڙا ماڻهو هتي رهن ٿا،“ ڪشوغي ٻڌايو. ”هن جو هتي تعميراتي بزنس آهي، حڪومت کيس پسند ڪري ٿي. هو غريبن جو مددگار آهي.“ آءٌ اهو سمجهي پئي سگهيس. ڇو ته هن تازو ئي خرطوم پورٽ، سوڊان هاءِ وي اتر سوڊان جي هڪ ريگستاني ڳوٺڙي المتيغ تائين مڪمل ڪيو هو، جنهن جي تعمير ۾ پڻ اهي ئي بلڊوز استعمال ڪيا ويا هئا، جيڪي روس خلاف جنگ دوران افغان گوريلن لاءِ رستا ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. مزدور به اهي ئي هئا جيڪي روس خلاف ويڙهاڪ طور وڙهي چڪا هئا. آمريڪي حڪومت بن لادن جي فلاحي ڪمن کي ڏسڻ کان سواءِ سوڊان تي اهو الزام مڙهيو ته اهو ”عالمي دهشتگردي “ پيو ڦهلائي ۽ اسامه بن لادن سوڊان ۾ دهشتگردي جون ڪئمپون هلائي رهيو آهي.
جڏهن ڪشوغي ۽ آءٌ المتيغ پهتاسين ته اتي اسامه پنهنجي سونهري جبي سان پنهنجي خيمي ۾ ڳوٺاڻن جي ميڙ ۾ ويٺو هو، سندس چوڌاري سندس وفادار مجاهد هئا، جيڪي ساڻس گڏ افغانستان ۾ ويڙهه وڙهي چڪا هئا. ڏاڙهيءَ سان، خاموش شخص، جنهن جو سوڊاني، سعودي بزنس مين طور ٿورو مڃڻ آيا هئا ته: ”هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن ڏورانهين آبادين کي روڊ ٺاهي خرطوم سان ملائي ڇڏيو آهي.
ڪشوغي پنهنجا هٿيار پنهوار بن لادن جي ڀرسان رکي ڇڏيا ۽ اسامه کيس ٻنهي ڳلن تي چمي ڏني. اڃا اسامه بن لادن اهو سوچي ئي رهيو هو ته، ”جمال ڪشوغي ڪنهن پرڏيهي کي ضرور ڪنهن مقصد لاءِ وٺي آيو هوندو،“ ايتري دير ۾ ڪشوغي چيو: ”رابرٽ، مان توکي شيخ اسامه بن لادن سان متعارف ڪرائڻ چاهيان ٿو.“ بن لادن هڪ قد آور شخص هو، جنهن هٿ ملائڻ شرط ”اسلام عليڪم“ چيو. هن جا هٿ نرم هئا، پر هو جبل جهڙو ماڻهو ٿي لڳو. هن جون اکيون اوهان کي هر وقت جائزو وٺندي محسوس ٿينديون. ڊگهين آڱرين ۽ مرڪ وارو شخص، جنهن جي مرڪ جي ڪا به وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
دنيا ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ، سوڊان ۾ دهشتگردن لاءِ ٽريننگ ڪئمپون هلائڻ بابت اسامه بن لادن چيو ته، ”اهو سڀ ڪجهه ميڊيا ۽ سفارتخانن جي گندگي ۽ اختراع آهي. آءٌ هڪ تعميراتي انجنيئر ۽ آبادگار آهيان. جيڪڏهن منهنجون سوڊان ۾ اهڙي قسم جون ڪئمپون هجن ته پوءِ آءٌ پنهنجو ڪم ڪيئن ڪري سگهندس.“ اهو ڪم واقعي لاجواب هيو. ڇو ته خرطوم کان سوڊان پورٽ تائين 1200 ڪلوميٽرن جو رستو هاڻي اسامه بن لادن جي تعميراتي ڪمپني طرفان ٺاهيل روڊ کان پوءِ گهٽجي 800 ڪلوميٽر ٿي ويو آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو 1990ع ۾ صدام حسين جي ڪويت تي چڙهائي جي حمايت سبب سعودي عرب ۽ آمريڪا جي عتاب جو شڪار ۽ تباهه حال هجي اتي اسامه بن لادن جنگي هٿيار هڪ پاسي رکي ان ملڪ جي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مون کي حيرت ٿي ته تعمير جو اهڙو ڪم هن افغانستان لاءِ ڇو نه ڪيو. پهرين ته هن مذڪوره جنگ بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ خيمي جي پٺيان ڏندن کي ڏندڻ ڏيندو رهيو. هو افغانستان جي ان جنگ بابت ڳالهائڻ کان لنوائي ٿو، جيڪا کٽڻ ۾ هن سندن مدد ڪئي ۽ ان جنگ ۾ روسين خلاف آمريڪي، سعودي عرب توڙي پاڪستان به افغانين جا حمايتي هئا. باوجود ان جي هو پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو: آءٌ افغانستان ۾ فقط ٻه سال رهيو هئس، نه ڪي سئو سال، جڏهن افغانستان تي حملو ٿي هو، تڏهن آءٌ ويو هئس ۽ ان بعد نون سالن کان پوءِ ويس، ۽ مون ڏٺو ته افغانستان جي ماڻهن سان نا انصافي ٿي رهي هئي. ان ڳالهه مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته دنيا ۾ مختلف نالن سان حڪومت ڪندڙ قوتون ماڻهن سان ڏاڍ ڪري رهيون آهن ۽ جبر جي ذريعي کين دٻايو پيو وڃي.“
اسامه بن لادن، افغانستان ۾ روسين سان ويڙهه دوران پنج ڀيرا زخمي ٿيو ۽ روسي فوجن سان ويڙهه ۾ سندس 500 عرب ويڙهاڪ مارجي به ويا، جن جون قبرون افغان بارڊر طورخم وٽ موجود آهن. بن لادن اڄ به جيئرو آهي. ”آءٌ موت کان ڪڏهن به ناهيان ڊنو،“ هن وراڻيو: ”هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي اسان جو اهو ايمان آهي ته جڏهن به مرنداسين جنت ۾ وينداسين.“ هاڻي هن وڌيڪ ڏندڻ نه پئي ڪيو ۽ هوريان هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ”جنگ کان پهرين خدا تعاليٰ اسان جي غيبي مدد ڪندو آهي. هڪ ڀيري آءٌ روسين کان فقط 30 ميٽرن جي مفاصلي تي هئس، اُهي مون کي پڪڙڻ جي ڪوششن ۾ هئا. بمباري ٿي رهي هئي پر مان دلي طور مطمئن هئس ۽ سڪون سان ننڊ پئي ڪيم، اسان سوويت يونين کي شڪست ڏني، روسي ڀڄي ويا.... افغانستان ۾ گذاريل وقت منهنجي زندگي جو اثاثو آهي.“
پر انهن عرب مجاهدن بابت ڇا چئجي جن کي اسامه افغانستان ۾ روسين سان ويڙهه ۾ ميدان ۾ لاٿو. جيڪي دراصل آمريڪا جي حمايت يافته گوريلا آرمي جو حصو هئا ۽ کين روس خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جي پٺڀرائي به حاصل هئي، پوءِ جڏهن جنگ ختم ٿي ته انهن پنهنجن مددگارن کي وساري ڇڏيو. بن لادن ان سوال جي جواب ۾ چوي ٿو: ”مون توڙي منهنجن ڀائرن کي آمريڪي مدد بابت ڪا به شهادت نظر نه آئي... جڏهن منهنجن مجاهدن فتح حاصل ڪئي ۽ روسي ڀڄي ويا، تڏهن اختلاف پيدا ٿيا، ان ڪري آءٌ طيف ۽ اڀا (سعودي عرب) ۾ تعميراتي ڪم ڪرڻ لاءِ موٽي آيس. مون افغانستان ۾ مجاهدن لاءِ سرنگهون ۽ روڊ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيل سامان واپس گهرايو. باقي اهو ضرور آهي ته مون پنهنجن ڪجهه ڪامريڊن جي جنگ کان پوءِ مدد ڪئي.“ ڪيترن جي مدد ڪئي اٿوَ؟ انجي جواب ۾ ٻئي هٿ مٿي تي رکندي چوي ٿو ته، ”آءٌ انگ ٻڌائڻ نٿو چاهيان، پر هاڻي اهي هتي مون سان گڏ آهن ۽ اهي پورٽ سوڊان تائين روڊ ٺاهڻ ۾ جُنبيل آهن.“
توهان الجيريا جي جنگ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ مون سوال ڪيو. ايتري ۾ ساوا ڪپڙا پهريل هڪ شخص، جنهن پنهنجي سڃاڻپ محمد موسيٰ ڪرائي ۽ پاڻ کي نائجيريائي چئي رهيو هو، حقيقت ۾ هو سوڊاني حڪومت جو سيڪيورٽي ايجنٽ هو. هن مون کي ٻانهن کان جهليو. ”تو حد کان وڌيڪ سوال ڪيا آهن،“ هن زوردار نموني چيو. تصوير ڀلا ڪيئن رهندي؟ بن لادن گهٻرائجي ويو. ڇو ته هن تصويرون تمام گهٽ ڪڍرايون آهن. آخر ۾ هو پنهنجي سونهري جُبي سان نئين روڊ تي اُٿي بيٺو ۽ مُرڪي ٻه تصويرون ڪڍرايائين. ان کان پوءِ هن ڪنهن صدا وانگر پنهنجو کاٻو هٿ مٿي ڪري ڄڻ وقت پوري ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، ان بعد هو روڊ جو معائنو ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
منهنجي اسامه بن لادن سان ملاقات کان ٻه مهينا پوءِ سندس خرطوم واري گهر تي مٿس حملي جي ڪوشش دوران سندس گن مين مارجي ويو، سوڊاني حڪومت شڪ ظاهر ڪيو ته قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي آمريڪي سي آءِ اي جي پٺڀرائي حاصل هئي. ان ئي سال سعودي عرب کيس سعودي شهري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. 1996ع جي شروع ۾ ئي کيس پنهنجي پسند جي ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
اها جون 1996ع جي گرم شام هئي، تڏهن بيروت ۾ منهنجي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، پرڏيهي نمائندي طور سڀ اهم پيغام مون کي ئي ملندا هئا. ”مسٽر رابرٽ، توهان جو هڪ دوست، جنهن سان توهان سوڊان ۾ مليا هئا، اهو اوها سان ملڻ ٿو چاهي.“ انگريزي ۾ عربي لهجي سان هڪ آواز ٻڌم. مون سمجهيو ته اهو ڪشوغي هوندو، جنهن سان آءٌ خرطوم وڃڻ کان اڳ 1990ع ۾ مليو هئس،. ”نه، نه، مسٽر رابرٽ، منهنجو مطلب آهي اهو شخص جنهن سان اوهان انٽرويو ڪيو هو، توهان منهنجي ڳالهه سمجهي ويا؟“ هائو، مون سمجهي ورتو، ۽ آءٌ ان شخص سان ڪٿي ملي سگهان ٿو؟ هو هينئر ڪهڙي هنڌ آهي؟ ۽ آءٌ هن تائين ڪيئن پهچي سگهان ٿو؟ جواب آيو: جلال آباد وڃو، توهان سان رابطو ڪيو ويندو.“
اهڙي ريت آءٌ جولاءِ 1996ع تي اسپنگهار هوٽل جلال آباد پهتس، جتي محمد نالي، هڪ عرب افغاني لباس ۾ مون سان اچي مليو. ان بعد رستي ۾ ڪيترائي هٿياربند عرب مليا، ڏکيا پيچرا ۽ گهڻا مرحلا طئي ڪرڻ کان پوءِ گُهپ اونداهيءَ ۾ هڪ اهڙي جابلو هنڌ پهتاسين جتي چِمني ٻري رهي هئي، ان جي ڀرسان هڪ قدآور، باريش، عربن جي جُبي ۾ ملبوس شخص ويٺو هو. اسامه بن لادن پنهنجي ٻن معصوم پٽن عمر ۽ سعد سان گڏ اٿي بيٺو. ”افغانستان اچڻ تي خوش آمديد“ هن چيو.
هاڻي هو چاليهن سالن جو آهي. ليڪن 1993ع ۾ اسان جي سوڊان ۾ ٿيل ملاقات جي ڀيٽ ۾ ڪافي عمر رسيده پئي لڳو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ساڳيو رعبدار پر ڪافي ٿڪل لڳي رهيو هو. جڏهن هن مون کان منهنجي صحت بابت پڇيو، تڏهن مون کيس ٻڌايو ته، ”آءٌ ساڻس ملڻ لاءِ وڏو ڪشالو ڪاٽي پهتو آهيان.“ ان وقت ڪجهه هٿياربند رائونڊ تي هئا ته ڪجهه وري اسان جي گفتگو ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا.
اسامه بن لادن چئي رهيو هو ته ”مون آمريڪا کي ڪجهه عرصو اڳ اها تجويز ڏني هئي ته اهو سعودي عرب مان پنهنجون فوجون ڪڍي وڃي. هاڻ اسان کي ساڳي تجويز برطانيه ۾ فرانس کي ڏيڻي پوندي ته اهي پنهنجا فوجي دستا واپس گهرائين. ڇو ته رياض ۽ الجنور ۾ جيڪو ٿيو. ان مان اهو واضح ٿي ويو ته اهو جن ماڻهن به ڪيو انهن کي پنهنجي ٽارگيٽ جي خبر آهي. اهي پنهنجي وڏي دشمن کي نشانو بڻائن ٿا، جيڪي آمريڪي آهن. اهي ثانوي دشمن کي نٿا مارين نه وري سعودي فوج ۽ پوليس ۾ پنهنجي ڀائرن کي مارين ٿا. آءٌ ساڳي تجويز برطانوي حڪومت کي به ڏيان ٿو.“
”آمريڪين کي سعودي عرب ۽ نار جا علائقا ضروري طرح خالي ڪرڻ گهرجن. وچ اوڀر تي قبضي خاطر شيطاني قوتون آمريڪا ۽ اسرائيل جي مدد ڪري رهيون آهن. سعودي عرب آمريڪا جي بيٺڪيت ۾ اچي چڪو آهي.“ بن لادن آهستگي سان ڳالهائي رهيو هو ۽ هڪ مصري چمني جي روشني ۾ نوٽس وٺي رهيو هو. ”انهيءَ جي معنيٰ اولهه ۽ اولهه جي ماڻهن سان جنگ نه پر آمريڪا جي جبر خلاف جنگ آهي ۽ اهو جبر هر آمرجي حق ۾ به ناهي.“ هن چيو پئي. مون وچ ۾ ڳالهائيندي اسامه بن لادن کي چيو ته، ”عرب ملڪن جي ابتڙ، آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي حڪومت چونڊين ٿا. اهي چون ٿا ته سندن حڪومت انهنجي نمائندگي ڪري ٿي.“ هن منهنجي ڳالهه کي ڪا اهميت نه ڏني. ” الغبار ۾ ڌماڪا آمريڪا جي سعودي تي قبضي جو سڌو ردِ عمل نه هئا پر اهي مسلمانن خلاف آمريڪا جي اختيار ڪيل رويي جو ردِ عمل هئا. ڇو ته آمريڪا فلسطين ۾ يهودين جي حمايت ڪري ٿو. لبنان ۽ فلسطين ۾ مسلمانن جي قتلام ۾ ملوث آهي.“ هن وضاحت ڪئي.
بن لادن مون کي چيو ته، ”هن وقت هر فلسطيني والاريل آهي، ٻي مهاڀاري جنگ دوران يورپين پڻ قبضا گيري جي مزاحمت ڪئي هئي.“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪو به يورپي سندس سعودي عرب جي حوالي سان دليل قبول نه ڪندو.ڇاڪاڻ جو نازين لکين يورپي قتل ڪيا هئا ۽ هينئر تائين آمريڪين هڪ به سعودي واسي قتل ناهي ڪيو. ان ڪري اها ڀيٽ ڪرڻ تاريخي ۽ اخلاقي طرح غلط آهي.“ بن لادن منهنجي خيال سان سهمت نه ٿيو.
”جڏهن فلسطين ۾ 60 يهودي قتل ٿين ٿا ته سڄي دنيا ٿرٿلي ۾ اچي وڃي ٿي، پر عراق ۾ 6 لک ٻارڙا مري ٿا وڃن، ته ڪنهن کي جُنبش به نٿي اچي.“ اهو بن لادن طرفان عراق بابت ڏنل پهريون بيان هو، جنهن ۾گڏيل قومن جي پابندي سبب لکين ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا. ”اهي عراقي ٻار مارڻ اسلام تي حملو آهي.“ اسامه بن لادن چئي رهيو هو. ”اسان هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي عراق ۾ آمريت جا مخالف آهيون ليڪن عراقي عوام ۽ سندن ٻارڙا اسان جا ڀائر آهن ۽ سندن مستقبل جو اسان تحفظ ڪنداسين.“ هن چيو:
19 مارچ 1997ع تي جيئن پهرين به ذڪر ڪري آيو آهيان ته آءٌ افغانستان پنڌ پيس، اهو طالبان جو دور هو. جتي پڻ منهنجي اسامه بن لادن سان ملاقات ٿي.هو نهايت ڪمزور ۽ منجهيل نظر آيو. هن مون تي ۽ خيمي ۾ موجود ماڻهن تي نظر وڌي ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”منهنجي ڀائرن مان ڪنهن خواب ڏٺو آهي ته توهان هڪ ڏينهن اسان وٽ گهوڙي تي چڙهي ايندا. توهان باريش هوندا، ۽ توهان روحاني شخص هوندا، توهان اسان وانگر جُبو پائيندا، جنهن جي معنيٰ اوهان حقيقي مسلمان آهيو.“ اهو مون لاءِ نهايت ڀيانڪ هيو، بلڪه منهنجي زندگي جي نهايت خطرناڪ گهڙي هئي، مون اسامه بن لادن جو مطلب سمجهيو پئي، خيمي ۾ موجود ماڻهو مون ڏانهن ڏسي کلي رهيا هئاته ڪي خاموش هئا. اها مون کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت هئي، سا به دنيا جي وڏي گهربل خطرناڪ شخص جي وچ ۾، مان خواب کي رد نٿي ڪري سگهيس، پر مان ڊڄي ويس ته ڪٿي هي شخص مون جهڙي گوري انگريز کي پاڻ وٽ رکڻ ته نٿو چاهي؟ پوءِ آخرڪار مون ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”شيخ اسامه آءٌ مسلمان ناهيان،“ خيمي ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. ”آءٌ صحافي آهيان، ڪنهن کي به ان تي شڪ نه هجڻ گهرجي، ”۽ هڪ صحافي جو ڪم سچ ٻڌائڻ آهي،“ بن لادن مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ”جيڪڏهن تون سچ ٻڌائين ٿو ته پوءِ تون سٺو مسلمان آهين.“ اسامه وراڻيو، خيمي ۾ موجود ماڻهو اها ڳالهه غور سان ٻڌن ٿا، ايئن اسامه هلڪو مُرڪيو ۽ مون ٻيهر ساهه کنيو.
اسامه بن لادن جي ڪئمپ ڇڏڻ وقت مون کي ياد آهي ته گهگهه اونداهي هئي، اسان جبلن وچان ٽويوٽا تي واپس ورياسين، اسان رستي تي آسمان تي ٻرندڙ تارو ڏٺوسين، هڪ انگريز ۽ القاعده جي ماڻهو گڏجي ان جو نظارو ڏٺو، منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ الجيريائي چيو ته ”مسٽر رابرٽ، توکي خبر آهي اهو تارو ڇو ٻرندو آهي؟ انهي جو مطلب اهو آهي ته اسان مٿان هڪ وڏي جنگ مڙهجڻ واري آهي.“
(15 نومبر 2005)