وري ٻيهر ملنداسين: امروز
اها فيبروري 2002ع جي ڳالهه آهي. ان وقت امرتا سان هڪ حادثو پيش آيو هو، باٿ روم ۾ سندس پير ترڪي پيو هو جنهن ڪري سندس ڍاڪ نڪري پئي. اسان کيس تڙتڪڙ ۾ اسپتال کڻي وياسين وڏي ڄمار هجڻ سبب کيس ڀڳل هڏ ۾ سخت سور پئي ٿيو. ڊاڪٽرن چيو ٿي ته آپريشن ٻن ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو پرپوءِ ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود کين پنج ڪلاڪ لڳي ويا. امرتا گهر موٽي آئي، اسان به پر اميد هئاسين ته هوءَ پاڻ به پر اميد هئي ته هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر هلي ڦري سگهندي پر جڏهن هڪ ٻه وکون کنيائين ته کيس وري شديد سور پئجي ويو. ان ڏينهن کان وٺي هوءَ بستري تي ئي پيل رهي.
هاڻي هوءَ 85 ورهين جي آهي ۽ انهي حالت ۾ سندس ٻيو آپريشن نٿو ٿي سگهي. ڊاڪٽر جواب ڏئي چڪا آهن. ڪمزور جسامت سبب هوءَ بيهي ۽ ويهي سگهڻ جي قابل ناهي، نه وري واڪ ڪرڻ جي، اهو سڀ ڪجهه هجڻ باوجود هن هار ناهي مڃي، هن جي اندر زندگي آهي. هوءَ زنده سلامت آهي، سُجي، گلوڪوز وٺڻ ۽ ڪنهن ڪنهن وقت بلهي شاهه ۽ شاهه حسين جون صوفي لکڻيون پڙهڻ سندس روزمرهه جي زندگيءَ جو حصو آهن.
مون امرتا سان زندگي جا سڄا سارا چاليهه ورهيه گڏ گهاريا پر مون ڪڏهن به ايئن محسوس نه ڪيو ته هن ڪڏهن ڪجهه پنهنجي لاءِ لکيو هجي. هن فقط تڏهن ئي ٿي لکيو جڏهن سندس دل کيس لکڻ تي مجبور ٿي ڪيو، هن کي ڪڏهن به گهڻو لکڻ توڙي ڇپجڻ جي لوڙ نه رهي. هن گذريل ٻن ورهين کان هڪ سٽ به ناهي لکي، خراب صحت کيس لکڻ جي قابل ئي ناهي ڇڏيو. امرتا ۽ مون گڏجي پنجابيءَ ۾ هڪ رسالو ”ناگ مني“ شايع ڪيو. اهو 1966ع کان شايع ٿيندو رهيو، پر سندس ناچاڪيءَ سبب اهو اپريل 2002ع کان شايع ناهي ٿي سگهيو. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ان عرصي دوران ڪنهن به همعصر ليکڪ لڙي اچي کانئس حال نه پڇيو نه وري سندس مزاج پرسي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ڪي ٿورا نوجوان ساڻس ملڻ ضرور ايندا هئا. پر اسان ان روئي ۽ بي رخيءَ کي دل تي نه ورتو ڇو ته پڙهندڙ اسان جي لاءِ وڌيڪ اهم آهن. هن جا پڙهندڙ اڄ به کيس وڏي چاهه سان پڙهن ٿا. منهنجي خيال ۾ امرتا واحد پنجابي خاتون ليکڪا هئي، جنهن جو گذرسفر سندس لکڻين مان ملندڙ معاوضي تي ٿيندو هو.
مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته امرتا کي سندس لکڻين تي ساهتيه اڪيڊمي طرفان ايوارڊ ڏيڻ جو جڏهن اعلان ٿيو هو، تڏهن ڪنهن کيس فون ڪري اها خوشخبري ٻڌائي هئي. تڏهن هن خوش ٿيڻ بجاءِ فون رسيور رکڻ کان پوءِ روئي ڏنو هو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته هن اهو نظم ساحر لڌيانوي لاءِ لکيو هو ۽ ساحر گرمُکي ڪو نه ڄاڻندو هو. امرتا جي خيال ۾ هن جنهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه لکيو، جيڪڏهن اهو ئي ان کي نه پڙهي سگهيو ته پوءِ ايوارڊ به مون لاءِ بي معنيٰ ٿيو. اها سندس هڪ اهم خوبي هئي، جيڪا کيس پنهنجي همعصر اديبن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿي. هن کي ايوارڊن جي ڪڏهن به لونجهه نه رهي، نه وري پنهنجي همعصر اديبن وانگر ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪيائين. ويجهڙ ۾ ئي امرتا کي پدما وڀوشن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو پر ناچاڪيءَ سبب هوءَ ايوارڊ وٺڻ لاءِ وڃڻ جي قابل نه هئي. مذڪوره ايوارڊ جي تقريب به منعقد ٿي. ماڻهن کي اعزاز به ڏنا ويا، پر ڪنهن به امرتا کي ياد نه ڪيو، نه وري سندس نالي تي ڪا شيءِ ڏني وئي، چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ ڪجهه اخبارن ان مسئلي کي اٿاريو ۽ پوءِ حڪومت به جاڳي پئي، سرڪار جو سيڪريٽري امرتا جي گهر تي آيو کيس اعزاز وارو سرٽيفڪيٽ به ڏنائين ته ٻه پدما وڀوشن ايوارڊ جا ٻلا پڻ. وزيراعظم ذاتي طور کيس گلدستو اماڻيو. وزيراعظم، امرتا کي ذاتي طور تي سڃاڻي پيو ڇو ته هو راجيه سڀا لاءِ به نامزد ميمبر هئي. وزيراعظم جي آفيس مان کيس وزيراعظم سان ملاقات لاءِ به دعوت ڏني وئي هئي. پر هوءَ خراب صحت جي ڪري ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هئي. ان کان پوءِ انهن ڪنهن شيءِ جي ڪا ضرورت هجڻ بابت پڇيو. پر اسان ڪا به گهر نه ڪئي، اسان کي ڪجهه نه پيو کپي. اسان جو خرچ پکو پنهنجي حيثيت مطابق هوندو هو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻيا اديب ڪمائيندا ٻه رپيا آهن ته خرچ 10 رپيا ڪندا آهن. ان ڪري ئي اهي خوش ناهن هوندا.
ايوارڊ يا اعزار امرتا لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندا هئا هن لاءِ سندس تخليق کي ماڻهن طرفان ڀرپور موٽ ڏيڻ ئي سندس لاءِ وڏو اعزاز هوندو هو. امرتا ڪڏهن به ڪو ايوارڊ ماڻڻ لاءِ نه لکيو. ايوارڊن لاءِ لکڻ ۽ دل جي دانهن کي قلمبند ڪرڻ ٻه الڳ زاويا آهن. هن پنهنجي پوياڙي جي نظمن مان هڪ نظم مون لاءِ لکيو جنهن جو عنوان هو، ”آءٌ توسان ٻيهر ملنديس“ منهنجا برش ۽ منهنجو ڪينواس سڪي ٺوٺ ٿي چڪا آهن ، گذريل ٻن سالن ۾ ڪا خاص پينٽنگ نه ڪئي اٿم. مان پينٽنگ وڪڻڻ لاءِ ناهيان ڪندو. بس دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪندو آهيان، ۽ اڄڪلهه امرتا ئي منهنجو آرٽ آهي ۽ آءٌ ان جي نوڪ پلڪ درست ڪري رهيو آهيان.
(16 نومبر 2005)