فلسطين ۾ ظلم جي ڪاري رات اڃا به جاري: جمي ڪارٽر
فلسطين ۾ هن وقت اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد هجن، اسپتال جون نرسون، سماجي ڪارڪن، پوليس آفيسر، هاري ناري توڙي دڪانن تي مزدوري ڪندڙ ماڻهو، اهي سڀ جو سڀ خوشحال زندگي جي اميد تي زندهه آهن. جنوري 2006ع ۾ ٿيل چونڊن کان پوءِ راءِ عامه جاچڻ لاءِ جيڪا سروي ڪئي وئي، ان جي نتيجن موجب 80 سيڪڙو فلسطيني هاڻي به اسرائيل سان اهڙو معاهدو چاهين ٿا، جنهن جو بنياد عالمي روڊ ميپ وارن واعدن تي رکيل هجي. جيتوڻيڪ الفتح پارٽي جي ميمبرن حماس سان گڏيل حڪومت ٺاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان هوندي به الفتح جي اڳواڻ محمود عباس کي صدر طور اڄ به 70 سيڪڙو فلسطيني عوام جي حمايت حاصل آهي.
اها حقيقت ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ته گذريل ڏهن ورهين دوران فلسطيني عوام ٽن چونڊن جو اهتمام ڪيو، جيڪي شفاف پڻ هيون، هر سيٽ تي مقابلو سخت هو پوءِ به ڪٿي تشدد جو واقعو پيش نه آيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته چونڊ نتيجن کي کٽيندڙ توڙي هارائيندڙ ٻنهي ڌرين کليل دل سان قبول ڪيو.
ڪارٽر سينٽر هينئر تائين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل 62 عام چونڊن کي مانيٽر ڪري چڪو آهي. اسان جو اندازو آهي ته عوامي خواهشن جي بهترين عڪاسي ويجهڙ ۾ ٿيل فلسطيني چونڊن ۾ سامهون آئي. حماس، قانون ساز اسيمبلي جي سيٽن تي جيڪا واضح سوڀ حاصل ڪئي آهي ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته ووٽ ڏيندڙ يعني عوام امن جي قيام بابت مايوس ٿي چڪو آهي. اسرائيل، جو آمريڪا سان اتحاد آهي ۽ گذريل پنجن ورهين کان امن بابت ٺوس ڳالهه ٻولهه کان نٽ نٽاءُ ڪندو رهيو آهي. فلسطين طرفان جنهن جي به ڳالهه ٻولهه لاءِ چونڊ ڪئي وئي اسرائيل ان کي تسليم نه ڪيو، جنهن ڏينهن محمود عباس جي پارٽي کي ويجهڙ ۾ ٿيل فلسطيني عام چونڊن ۾ شڪست ملي، مونکي هن پاڻ ٻڌايو ته سندس پنهنجي حڪومت پڻ جيئاپي جي جنگ وڙهي رهي آهي. روزمره جي خرچن لاءِ رقمون گهربل آهن. معاشي بحران چوٽ تي آهي. فلسطين اسرائيل سميت سڄي دنيا کان ڪٽجي چڪو آهي. فلسطيني حڪومت اڳ ۾ ئي 90 ڪروڙ ڊالرز قرض جي بار هيٺ دٻيل آهي ۽ ايندڙ مهيني ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ ٽڪو به ناهي. اسرائيل والاريل علائقن جي عوام لاءِ هڪ قسم جو اضافي بار آهي. اسرائيل ۽ آمريڪا اهو ٿا سمجهن ته اقتصادي دٻاءُ جي اڳيان حماس حڪومت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي. اهو نه وسارڻ گهرجي ته حماس جا اڳواڻ گذريل 18 مهينن کان عارضي فائربندي تي عمل پيرا آهن. مون کي حماس جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته جيڪڏهن اسرائيل به موٽ ۾ سهڪار ڪري ته ان جنگبندي جو مدو ٻن کان ڏهن ورهين بلڪه 50 ورهين تائين به وڌي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ حماس جي اڳواڻ اسرائيلي رياست کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته اسرئيل فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن تي قابض آهي. ان هوندي به فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هانيه، صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعظم ايهود المرت وچ ۾ امن ڳالهين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسماعيل هانيه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڄاڻايل امن ڳالهيون ڪنهن اهڙي معاهدي تي ٻڌل هونديون، جيڪو فلسطيني عوام لاءِ به قابل قبول هجي ته پوءِ حماس اسرائيل بابت پنهنجو موقف تبديل ڪري سگهي ٿي. پيچيده ۽ ڊگهي مدي وارن سياسي لاڳاپن کان هٽي ڪري ڏٺو وڃي ته پيڙهيل مظلوم ۽ بي گناهه فلسطيني عوام کي وڌيڪ سزا ڏيڻ آمريڪا، اسرائيل ۽ سندن اتحادي ملڪن لاءِ هڪ طرح سان ضمير جي آواز جي نفي آهي.
ياد رهي ته فلسطيني عوام جيڪو ساليانو پنج ڪروڙ ڊالر ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مَد ۾ ادا ڪري ٿو. اسرائيل اها رقم به روڪي ڇڏي آهي. حالانڪه اها رقم غير متنازعه طور فلسطينين جي آهي. ڪجهه عرب ملڪن انساني بنيادن تي ٿورا ٿڪا فنڊ فلسطين لاءِ مخصوص ڪيا آهن، تنهن هوندي به آمريڪي حڪومت اردن ۽ ٻين ملڪن جي بئنڪن کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به بئنڪ اها مالي امداد فلسطين حڪومت کي منتقل ڪرڻ جي جرئت ڪئي ته پوءِ اها پنهنجو وجود قائم نه رکي سگهندي.
ڏٺو وڃي ته هن مرحلي تي اها اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي ته فلسطين ۾ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ ليڪن عالمي برادري لاءِ اهو تمام وڏو صدمو هوندو ته سرزمين جي ٻن رياستن جي پر امن بقا جي اميد ختم ٿي وڃي. 1978ع ۾ ڪئمپ ڊيوڊ معاهدي کان اڳ مصر ۽ ٻين عرب ملڪن ۽ 1993ع ۾ ٿيندڙ اوسلو معاهدي کان پهرين پي ايل او وانگر حماس به هينئر تائين اسرائيل کي هڪ جائز ۽ اقتدار اعليٰ جي مالڪ رياست طور مڃڻ کان انڪاري آهي. جڏهن ته اسرائيل وري ان کي پر امن طور زندهه رهڻ جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اها ڳالهه اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته ان جو ڪو قابل قبول حل ڳولي لهي.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ پائيدار ۽ مستقل ”ٻه رياستي حل“ فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي ضرورت آهي. ليڪن فلسطين جي چونڊيل اڳواڻن کي سزا ڏيڻ لاءِ عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏڻ تمام وڏي زيادتي آهي ۽ اهڙو گس قطعي طور امن طرف نٿو وڃي.
(15 جون 2006)
ليکڪ اڳوڻو آمريڪي صدر ۽ عالمي امن ۽ صحت لاءِ ٺاهيل پنهنجي تنظيم ”ڪارٽر سينٽر“ جو سربراهه آهي.